سمنڊ ۽ هيڪلو روح
’مان وڌيڪ ڪجهه به نه، فقط ڌرتيءَ تي پير رکڻ ٿو چاهيان‘ ڌرتيءَ تي پير رکڻ جي لاءِ هن جي خواهش ڪيڏي ڪيڏيءَ مهل تمام زور وٺي ٿي ويئي. تڏهن هن خدا کان مدد جي لاءِ دعا ٿي گهري. هن سمجهيو ٿي ته فقط ڪو معجزو ئي کيس بچائي ٿي سگهيو.
’مان ڪٿي ٻئي هنڌ به پيدا ٿي سگهيس ٿي.‘
هو هڪ ٽٽل جهاز جو مسافر هو. پاڻ به ٽٽل، ۽ سهارو فقط هڪ تختي جو.
’جيڪر جهاز صحيح سالم ۽ مضبوط هجي ها.‘
رکي رکي گگهه اوندهه هن جي اکين ۾ گهڙيو ٿي آئي. هن زور ڪري اکيون ڦاڙي پاڻ کي هوش ۾ رکڻ ٿي چاهيو... يا شايد سمنڊ جو رنگ ئي اهڙو هو. ذهن ڪنهن ڌارئي شخص جو ٿي لڳو- اهڙو ڌاريون، جنهن کي ماڻهو پاڻ به سمجهي نه سگهي. ’هيءَ عجيب صورتحال آهي. مون اڳي ڪڏهن به ائين محسوس نه ڪيو آهي. مان تمام گهڻو ٿڪل آهيان. اصل سنڌ سنڌ ٿڪجي ساڻو ٿي پيو آهي. ۽ جڏهن ڪا شيءِ پنهنجي هوندي به ڌارين محسوس ٿئي....‘ گگهه اوندهه وري به هن جي اکين ۾ گهڙي آئي. هن زور- مس ڪري اکيون کوليون ۽ پاسي بدلائڻ جي ڪوشش ڪئي.
’مان به هڪ عام انسان ٿي سگهيس ٿي....‘
’جيڪڏهن مان سوچيان نه ته اُڦٽ مري پوان. جسم ساڻو ٿي ساهه ڇڏي چڪو آهي. فقط لڳاتار سوچيندڙ ذهن اهو يقين ٿو ڏياري ته آءٌ اڃا جيئرو آهيان. ڪيڏيءَ ڪيڏيءَ مهل مون کان اهو به وسريو وڃي ته مان هينئر ڪٿي آهيان. آخر هي سفر ڪڏهن وڃي کٽندو؟ ڪٿي کٽندو؟ مان سخت بيزار ٿي پيو آهيان. آخر ڪا حد هوندي آهي. سڀ وسيلا ختم ٿي چڪا آهن. زندهه رهڻ جي لاءِ انهيءَ اڻکٽ خواهش ۽ ٿڪائيندڙ جدوجهد مون کي وڌيڪ ٽوڙي ڇڏيو آهي. مان ڌرتيءَ تي ڪنهن مضبوط هنڌ تي پير رکڻ ٿو چاهيان. تختي جي سهاري لڳاتار لڙهندو رهڻ، ڏينهون ڏينهن منهنجي سهپ کان ٻاهر ٿيندو وڃي. ڪٿي مان......‘ آسمان سانڊي وانگر رنگ بدلائيندو رهيو ۽ تختو لڙهندو ويو.
هن جون اکيون ڦاٽي ويون. اهي ڌنڌ جون عجيب شڪليون هيون، يا واقعي ٽڪريون هيون. هن پوريءَ ڪوشش سان جاچي ڏٺو- واقعي ٽڪريون هيون. ڌنڌليل...... ائين لڳو، ڄڻ نظرن کي اوچتو گگهه اوندهه ۾ هڪ چمڪندڙ تارو نظر آيو هو، جيڪو ترت گم ٿي ويو. ’مون ته سنئينءَ سڌيءَ ڌرتيءَ تي پير رکڻ لاءِ دعا گهري هئي. ماڻهو چاهي ڇا ٿو، ۽ کيس ملي ڇا ٿو. هنن پهاڙن تائين پهچڻ منهنجي لاءِ ممڪن ڪونهي- مون ته ڪڏهن اهو چاهيو ئي ڪونه هو.‘ سمنڊ جي ڪناري بيٺل پهاڙن جي هن پار ڄڻ ته زندگيءَ جون راهون ختم پئي ٿيون. ’سچ ته اهو آهي ته مان سمنڊ کان ڌار ٿيڻ نٿو چاهيان.‘ هن کي خيال آيو، پر هڪ تختي جي معمولي سهاري، هوا جي ٿپيڙن تي، ڪو ڪيستائين لهرن ۾ لڙهندو رهندو. سمنڊ ۾ رهڻ جي لاءِ هڪ مضبوط جهاز جي ضرورت آهي. اها به قسمت جي ڳالهه آهي.‘
هو هاڻي ٽڪرين جي ويجهو اچي پهتو هو. اتي سمنڊ ۾ ڏاڍو شور هو. سطح کان وٺي تري تائين هڪ زبردست ولوڙ هئي. سڄو بنياد اٿلي رهيو هو. هو تختي کي زور سان چهٽي پيو.
’نه نه، مان هن تختي کي نه ڇڏيندس.‘
سمنڊ جون وڏيون وڏيون لهرون ٽڪرين جي چوٽيءَ تائين زور سان ٽڪرائجي گجنديون وري موٽي ٿي آيون. هن تي هيبت ڇانئجي ويئي. زوردار لهرن ۾ هن جو تختو ڪک وانگر اُڇلجڻ لڳو. اوچتو هڪ وڏي وير اٿي، ۽ هن اکيون پوري ڇڏيون.
شايد معجزو ئي ٿيو هو. هو اڃا جيئرو هو. ڳچ وقت تائين ڊپ ۾ اکيون پوري، پنهنجي جيئري هجڻ تي عجب کائي رهيو هو. ڊڄندي ڊڄندي اکيون کوليائين، ۽ اکيون کولي ڊڄي ويو. هن پاڻ کي هڪ ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي موجود ڏٺو. مٿان تيز هوا لڳي رهي هئي، ۽ هيٺ سمنڊ گجي رهيو هو.هن پنهنجي بت کي ڪوئڻ جي ڪوشش ڪئي. ڊپ ڪوهيڙي وانگر هن جي من تي ڇانئجي ويو. ’بچڻ جي ڪا به واهه ڪانهي، ڇا، مان هيئن اڪيلو پنهنجي منهن مري ويندس؟ انسان جو روح ايڏي اڪيلائي ڇو ٿو محسوس ڪري‘ موت ۽ ڊپ سڀ ان اڪيلائيءَ جي پيدائش آهن.‘ هن جي اڳيان وسيع، بي انتها ۽ لا محدود سمنڊ هو- ۽ سندس اڪيلو روح. سمنڊ ۾ کيس ڄڻ پنهنجي اڪيلائيءَ جو پاڇو نظر آيو... هڪ هيبتناڪ راڪاس جهڙو. هن هڪدم ڊڄي نظرون ڦيرائي ڇڏيون. هن چوڌاري چتائي نهاريو. ٽڪريءَ جي پٺيان گهاٽو ڌنڌ هو. ڌنڌ ۾ کيس ڪجهه نظر ئي نه آيو. هن محسوس ڪرڻ چاهيو، اهو ڇا ٿي سگهي ٿو! ڪو به اندازو لڳائڻ مشڪل هو. شايد ڪا بي انت اونداهي گهري کاهي هوندي، گهاٽي ڌنڌ سان ڍڪيل. ’مان سمنڊ ڏانهن موٽي وڃڻ ٿو چاهيان.‘ هن وري سمنڊ ڏانهن ڏٺو، جنهن جون ڇوليون ان ٽڪريءَ جي چوٽيءَ سان لڳي وري واپس موٽي ٿي ويون. پر بنا سهاري جي سمنڊ ۾ گهڙڻ مشڪل آهي. هن کي تختو ياد آيو، پر اهو ٽڪريءَ تي ڪونه هو. هڪ معمولي تختي جو سهارو هو، پر اهو به هاڻي ڪونه رهيو. ’اها مون کي اڳ ۾ ئي خبر هئي ته ڪو به سهارو هميشه جي لاءِ نه هوندو آهي. ڪو به ماڻهو ڪنهن سهاري کي خوشيءَ سان ڇڏڻ نه چاهيندو آهي، پر اهو ڄڻ ڪٿي نه ڪٿي وڃائجي ويندو آهي. انسان آخر انسان آهي، ڪک آخر هڪ ڪک، پر ٻنهي ۾ هڪڙي ڳالهه ساڳي آهي، ٻنهي جو هڪڙي هنڌ ٽڪاءُ تمام مشڪل آهي. هڪ ازلي طوفان ٻنهي کي پنهنجن بنيادن مان اکوڙي ڪڏهن ڪٿي ڪڏهن ڪٿي اڏائيندو رهندو آهي، ۽ نيٺ وڃي ڪنهن گهريءَ کاهيءَ ۾ اُڇلائيندو آهي.‘ هن اکيون پوري ڇڏيون. ’مون کي اها خبر پوءِ پئي ته جهاز تباهه ٿيل هو. مان ڄاڻي واڻي ٽٽل جهاز ۾ ڪونه چڙهيو هوس. طوفان جي لڳاتار ڌڪن جهاز کي ٽوڙي ڇڏيو هو. بچاءَ جو هرڪو طريقو ڪتب آندو ويو- پاڻ کي بچائڻ لاءِ، ۽ پنهنجيءَ دنيا کي بچائڻ لاءِ. جهاز به هڪڙي ننڍڙي دنيا هئي. اسين سڀ خوش هئاسين، ۽ بيپرواهه هئاسين، مگن، پنهنجن ننڍڙين ننڍڙين خوشين ۾ وندريل. جهاز جا بنياد آهستي آهستي اکڙجڻ شروع ٿيا. اسين سڀ ڳڻتيءَ ۾ پئجي وياسين. ٽٽڻ جو سلسلو تمام ڍرو هو، ۽ اهو سڀڪجهه اسان جي اکين اڳيان ٿيندو رهيو. پنهنجي وسان ڪير ٿو گهٽائي، پر جتي بنياد ڪمزور ٿي اکڙجڻ لڳن، اتي ڪو ڇا ٿو ڪري سگهي. اسان کي هڪ ٻئي کان جدا ٿيڻ جو غير شعوري طور انتظار هو. اسين سڀ دکي هئاسين، پنهنجي باري ۾ ڪجهه وڌيڪ، هاڻي اها ڳالهه چٽيءَ طرح اڳيان آئي ته اسان کي نيٺ ڌار ٿيڻو آهي. هر ڪنهن کي پنهنجي اڪيلائيءَ جو ڊپ هو. وقت بيرحم آهي، يا حالتون ظالم آهن، ٽٽندڙ پن لاءِ اهو سوچڻ اجايو ۽ بي معنيٰ آهي. ڪرڻ وقت فقط ڪرڻ جي ڳالهه ذهن ۾ هوندي آهي. هٿ لوڏي جدا ٿيڻ ۽ اوچتو ئي اوچتو جدا ٿيڻ ۾ فرق آهي، پر ماڻهو جدا ٻنهي حالتن ۾ ٿئي ٿو. پوءِ به هن نموني ۾ جدا ٿيڻ، پنهنجي اکين اڳيان پنهنجن کي ۽ پاڻ کي ٻڏندو ڏسڻ- ان وقت ڪنهن جي به دل ۾ اها خواهش نٿي اُڀري ته هٿ لوڏي هڪٻئي کان جدا ٿيون. جهاز مڪمل طرح ٽٽي چڪو هو، ۽ سڀني زندهه رهڻ ٿي چاهيو. ڪي ٻڏي ويا ۽ ڪن کي تختن جو سهارو ملي ويو. آءٌ جن حالتن ۾ هيستائين پهتو آهيان، اهو فيصلو ڪرڻ مون لاءِ مشڪل آهي ته آءٌ خوشنصيب آهيان يا بدنصيب. هاڻي ته ڪو ڳوڙهو به نه رهيو آهي، جيڪو گذريل وقت کي ياد ڪري وهائجي. پر مون کي ته گذريل وقت به ياد ڪونهي. ڄڻ ته گذريل وقت جو ڪو وجود ئي ڪونه هو. وقت جي اهميت تيستائين رهندي، جيستائين آءٌ جيئرو آهيان. مرڻ کان پوءِ مون لاءِ ڪنهن به شيءِ جي اهميت نه هوندي.‘
هن هڪ عجيب بيچيني محسوس ڪئي. هن جي من ۾ آيو ته ان اڻڏٺل، ڌنڌ ۾ گم ٿيل، کاهيءَ ۾ ٽپو ڏئي. ٽڪرين سان ٽڪرائيندڙ ڇولين جو زوردار آواز ان خيال تي ڇانئجي ويو. ’مون کي اهڙيون ڳالهيون نه سوچڻ کپن. مون ۾ اڃا ساهه آهي، ۽ ساهه جي سگهه آهي. شايد مان خوفناڪ ٽڪريءَ تان سلامتيءَ سان لهي وڃان. پر سمنڊ ۾ گهڙڻ جو ڪو وسيلو ته هئڻ کپي. مان هيئن خالي، ٽٽل سگهه سان هن ويران ٽڪريءَ تي بيهي ڇا ٿو ڪري سگهان! آءٌ ڪڏهن هوس، پر هاڻي ڪجهه به نه رهيو آهيان، هاڻي به اهو مان ئي آهيان، پر اهو ساڳيو نه آهيان. ائين ڇو ٿو ٿئي؟ مان ڪجهه ٿي سگهيس ٿي. مون ته فقط ڌرتيءَ تي پير رکڻ جي دعا گهري هئي- ڪيڏي نه معمولي ۽ سادي سودي دعا. ان ۾ ڪنهن کي ڪهڙو نقصان هو؟ مان ڀليل هوس، مون کي خبر ڪانه هئي ته معمولي دعائون ڪڏهن به پوريون ڪونه ٿينديون آهن. مون سان ويساهه گهاتي ٿي آهي. پر اعتراض ڪرڻ فضول آهي. هتي چونڊ جو حق ڪنهن کي ڏنو ئي نٿو وڃي. مان گهڻو ٿو سوچيان ته نيٺ نصيب جهڙي واهيات ۽ مهمل شيءِ تي اعتبار ڪرڻ جي لاءِ مجبور ٿيو پوان. سمنڊ مون کي ٽوڙي ڇڏيو. مون کي چونڊ جو ڪوبه حق نه ڏنو ويو. جيڪڏهن ڪو حق ڏنو ويو آهي ته فقط ڌنڌ ۾ گم ٿيل گهريءَ کاهيءَ ۾ ۽ بنا ڪنهن سهاري جي وسيع ترين سمنڊ مان ڪنهن هڪ کي چونڊڻ جو. مان موجوده صورتحال ۾ وڌيڪ وقت رهي نٿو سگهان. مون کي ڪونه ڪو فيصلو ڪرڻو ئي آهي. ايڏي ساري سفر کان پوءِ به هڪ مهمل منزل تي ئي پهچي سگهيو آهيان، جتي ٿڪ ڀڃڻ جي به اجازت ڪانهي، ۽ سڀڪجهه غير يقيني آهي، سڀ ڪجهه بڪواس آهي... فريب آهي، بڪواس آهي، بڪواس آهي.... بڪواس، بڪواس.... او! بند ڪر.... بند ڪر...... بند ڪر.... هي ذهن به بڪواس آهي- سڀ بڪواس آهي‘....... هو رڙيون ڪرڻ لڳو. پوءِ اُبتي مٺ پوري زور سان هنيائين پنهنجي نراڙ تي.
هن وڏيءَ مشڪل سان پاڻ تي ضابطو آندو.’جيڪڏهن ٿڪل ٽٽل ذهن ضابطي مان نڪري ويو ته پوءِ خاتمو يقيني آهي. پر ههڙيءَ حالت ۾ ته ذهن کي ضابطي ۾ رکي ئي نٿو سگهجي. اهو ته پاڻمرادو سوچيندو رهي ٿو. مون کي ڪونه ڪو حيلو هلائڻ کپي.‘ پر جنهن ڳالهه هن کي ڊيڄاريو ٿي، سا هئي تيز هوا، هو ڪنهن به وقت ڌنڌ ۾ گم ٿيل کاهيءَ ۾ ڪري سگهيو ٿي. هن مهمل خيالن کي روڪڻ جي لاءِ هتان نڪرڻ جا طريقا سوچڻ چاهيا، پر ذهن قبضي ۾ نه هو. اهو آٽوميٽڪ مشين وانگر پئي هليو. هن کي خار آيو ته ذهن کي زور سان پٿرن تي اُڇلائي چپ ڪرائي ڇڏي... سندس ذهن ۾ تيز واچوڙو اُٿيو. هن کي لڳو- هو ويو... ويو..... هن پنهنجيءَ ٽٽل سگهه کي ميڙي پاڻ کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي. ’مان پاڻ پنهنجي ذهن کي ڇيڙي سندس تباهي آڻي رهيو آهيان.‘ هن ڪاوڙ وچان سوچيو. پوءِ هن ذهن کي پنهنجي مرضيءَ تي ڇڏي ڏنو، ۽ پاڻ لا تعلق ٿي ويهي رهيو. خيالن جون لهرون ۽ ويرون هيون، ۽ هن اکيون بند ڪري ڇڏيون هيون.
وقت گذريو پئي يا هڪ هنڌ بيٺل هو، ان ڳالهه جو هن کي سماءُ ڪونه هو. ’ڇا ڪرڻ گهرجي؟ ڌنڌ ۾ گم ٿيل کاهيءَ کي پنهنجي آخري منزل سمجهان؟‘ پر اڻڏٺل لاءِ اهو فيصلو کيس نه آئڙيو. ’وڻڻ ۽ نه وڻڻ جو احساس اڃا به ٿئي ٿو!‘ هن پاڻ تي کلڻ چاهيو- ’جيڪڏهن کلڻ بند نه ٿئي ته پوءِ... جي مان هتي چريو ٿي پوان؟ هن کي اهو خيال ڏاڍو دلچسپ لڳو. وري کيس ٻيو خيال آيو، ’مان پنهنجي مرضيءَ تي کلي به نه ٿو سگهان! شايد ڪنهن به شيءِ ۾ منهنجي مرضيءَ جو دخل نه رهيو آهي. اهڙيءَ حالت ۾ چونڊ ۽ فيصلو ڪرڻ، مون کي فقط بيجان لفظ ٿا لڳن. منهنجو اندر خالي آهي، خال وانگر، ۽ لفظ بيجان آهن. ڪٿان گرمي ملڻ جو امڪان ئي ناهي.‘
’ڇا مان ائين چپ چاپ مري وڃان؟‘ هن سوچيو.
ان وقت هن پنهنجي اندر ۾ هڪ تبديلي محسوس ڪئي. هن جي دل مايوسيءَ جو پاتال مان نڪري، مٿي سطح تي آئي.’مان جيئڻ چاهيان ٿو. مون اڃا ڪيو ئي ڇا آهي. اڃا به موقعو آهي، شايد مان ڪجهه ٿي سگهان... گهٽ ۾ گهٽ هڪ رواجي انسان.’جيئڻ جي خواهش هن جي ٿڪل ٽٽل ذهن کي ڪجهه تازگي ڏني. هو هاڻي اڳي کان بهتر محسوس ڪرڻ لڳو. ’هڪ ٽٽل ماڻهوءَ جي لاءِ جدوجهد ڪيڏي ڪٺن آهي. پر نه، مون کي هڪ ڀيرو وري ٻيهر شروعات ڪرڻ کپي. هڪ ڀيرو وري آزمائڻ کپي. ٿي سگهي ٿو... ٿي سگهي ٿو ته‘.... ٻڏندڙ آس وري اُڀري آئي. هو هاڻي ٻيهر شروعات ڪرڻ جا گهاٽ گهڙڻ لڳو.
هو ٿڪل، خالي ۽ ويران نظرن سان سمنڊ کي ڏسندو رهيو، ۽ بچاءَ جا طريقا سوچيندو رهيو. اوچتو هن کي پري کان هڪ نقطو اُڀرندو نظر آيو. هو ان نقطي کي چتائي ڏسڻ لڳو. ’اهو ڇا ٿو ٿي سگهي؟‘ نقطو ويو وڌيڪ اُڀرندو- اهو هڪ جهاز هو. هو خوشيءَ ۾ اٿي بيهي رهيو. ’مان بچي سگهان ٿو!.... مان بچي سگهان ٿو!‘.... جهاز ويجهو ايندو ويو. هو هڪدم پنهنجي قميص لاهي، زور زور سان ڦيرائڻ ۽ لوڏڻ لڳو. ’من مون تي نظر پئجي وڃين ۽ هن اوڙاهه مان بچائين.‘ جهاز اڳيان وڌي ويو. هو قميص کي جهنڊو بنائي هوا ۾ لوڏيندو رهيو، ۽ جهاز ويو پري ٿيندو. ڦنڊيل دل سسي ويئي. هن جون اکيون جهاز تي ڄميل هيون، ۽ ٻانهون مٿي قميص کي جهليو بيٺيون هيون. هن کي ياد آيو ته هو هڪ ڀيرو ڍوڙندو ڍوڙندو پليٽفارم تي آيو هو، ۽ گاڏي هن جي اڳيان ڇٽي وڃي رهي هئي. ساڪت ٻانهون ٽٽل ٽاريءَ وانگر هيٺ اچي ڪريون. نقطو هن جي اکين اڳيان نچڻ لڳو. هاڻي ڪنهن جو به آسرو نه رهيو هو.’جيڪڏهن ڪجهه ٿي سگهي ٿو ته اهو فقط مان ئي ڪري سگهان ٿو. ٻيا آسرا بيڪار آهن.‘
هن ترهي ٺاهڻ جو سوچيو، ۽ هتان هُتان ڪاٺيون ميڙڻ شروع ڪيون. ڏاڍي مشڪل سان ايتريون ڪاٺيون هٿ ڪري سگهيو، جن مان هڪ معمولي ترهو ٺاهي سگهجي. هن ڪپڙا ڦاڙي، نوڙيون ٺاهي، ترهي کي ٻڌو. ترهو مضبوط نه ٺهي سگهيو، پر هن زندهه رهڻ ٿي چاهيو. ’مان چپ چاپ مري وڃڻ نٿو چاهيان. هن معمولي ترهي جي سهاري حالتن سان ٽڪر کائيندس. زندهه رهڻ جي جدوجهد ڪرڻ جي لاءِ اڃا ڪجهه همٿ آهي.‘ سوچ سان گڏ هن جا هٿ به ڪم ڪندا رهيا. هاڻي ترهو بلڪل تيار هو. هو ترهي کي ڇولين کان بچائڻ جي لاءِ سڻائي مهل جو انتظار ڪرڻ لڳو.
هو وري سمنڊ ۾ هو.
’ڪيڏي عجيب ڳالهه آهي،‘ هن سوچيو، ’مان وري نئين سر شروعات ڪري رهيو آهيان، سڀڪجهه نئين سر حاصل ڪرڻ جي لاءِ. اهو مان نٿو ڄاڻان ته ڪجهه حاصل به ٿيندو يا نه. جيڪڏهن ڪو ڄاڻي، ته پوءِ ايڏي مٿاڪٽ ڇو ڪري. ممڪن آهي ته مون کي ڪجهه به حاصل نه ٿئي. ممڪن آهي ته منهنجو ترهو ٽٽي پئي. پر پوءِ به سمجهان ٿو ته آءٌ جو ڪجهه ڪري رهيو آهيان، بهتر ڪري رهيو آهيان. مان وجود جي بار کان ڀڄڻ نٿو چاهيان. جيستائين ٿي سگهيو، اهو بار کڻندس. اها به ڄڻ سزا آهي، جيڪا هر حالت ۾ ڀوڳڻي آهي.‘
آسمان کي ڄڻ ڪنهن ڌوئي صاف ڪري ڇڏيو هو. هيٺ وسيع ۽ لامحدود سمنڊ تي ترهو ڪک وانگر ترندو پئي ويو. هن کي خبر هئي ته ترهو ڪمزور هو. اهو معمولي سٽ به نٿي سگهيو. سامهون هر ڪا لهر ڏسي هو ڊڄي ٿي ويو. ان کان تختو وڌيڪ مضبوط هو. ’خبر ناهي ڇو، جيئن پوءِ تيئن سهارا ويندا آهن ٽٽندا ۽ ڪمزور ٿيندا.‘ٽڪرين جا سلسلا ختم ٿي چڪا هئا، ۽ هو پري نڪري ويو هو. ’مان سنئينءَ سڌيءَ ڌرتيءَ تي پير رکڻ ٿو چاهيان.‘ هن پنهنجيءَ خواهش کي دل ۾ ورجايو. ڪمزوريءَ ۽ هيڻائيءَ هن جي جسم کي ڳاري ٺانٺو ڪري ڇڏيو هو. هن چڱيءَ طرح ڄاتو ٿي ته هن پنهنجيءَ ٽٽل سگهه کي ميڙي اها آخري ڪوشش ڪئي هئي. ترهو لهرون تي لڙهندو ويو- ڪٿي تکو، ڪٿي ڍرو. وقت جو ڪو احساس ڪونه هو، هڪ هنڌ ساڪت هو يا نظرن کان به وڌيڪ تيزيءَ سان گذرندو پئي ويو. ڪا ڳالهه چٽي ڪانه هئي.مستقبل تي پردا چڙهيل هئا، جن کي ترهو هڪ هڪ ڪري لاهيندو پئي ويو... پر اهي پردا کٽا ئي ڪونه ٿي. مستقبل جا پردا به شايد بصر وانگر هوندا آهن. کلون وينديون هڪٻئي پٺيان لهنديون، تان جو باقي ڪجهه به نه بچندو. مستقبل جي آخري پردي کان پوءِ رڳو خال آهي، جنهن جي بي انت اوندهه ۾ ڪجهه به نظر نه ٿو اچي.‘
ڏسندي ڏسندي، آسمان تي الائي ڪٿان ڪڪر گڏ ٿيڻ شروع ٿيا. صاف آسمان ڪارن ڪڪرن سان گدلو ٿي ويو ۽ سمنڊ جو رنگ وڌيڪ گهرو ڪارو ٿي ويو. هن کي وايو منڊل عجيب ۽ دهشتناڪ لڳو. کيس سخت بيچئني محسوس ٿيڻ لڳي. هوا ۾ تيزي ايندي ويئي، جيڪا ويئي وڌندي. لهرون هوا جي تيز مرليءَ تي نانگڻ جيان ڪر کنيو نچنديون آيون. هو ڪنبي ويو، ۽ ترهي کي مضبوطيءَ سان چنبڙي پيو، جيڪو لهرن جا ڏنگ کائي هيڏانهن هوڏانهن ڀڄڻ لڳو.هن جي دل ٻڏي ويئي. مرڻينگ حالت ۾ ترهي کي چنبڙيو پيو هو. لهرن ترهي کي هڪڙي هنڌان کڻي ٻئي هنڌ اڇلائي ٿي ڇڏيو. اوچتو هن کي محسوس ٿيو ته ترهو ڪاٺي ڪاٺي ٿي رهيو هو. اهو نيٺ ٿيڻو ئي هو! پر اهو ڄاڻندي به، هو ان لاءِ تيار نه هو. هو ڌار ٿيندڙ ڪاٺين کي مضبوطيءَ سان چنبڙي پيو. پر ترهو مڪمل طرح ٽٽي چڪو هو- ۽ ان سان گڏ هو پاڻ به.
.... ’جهاز هلندي هلندي بند ٿي ويو آهي. ڪو به آواز ڪونهي. آخر ڳالهه ڇا آهي! ماڻهو ڪيڏا نه خوش هئا، پر سندن کل، ٽهڪ، هل ۽ گوڙ بند ڇو ٿي ويا آهن. ڪو به آواز ڪونهي. ڪا به روشني ڪانهي. مون کي ڪجهه سور پيو محسوس ٿئي. هانءَ ۾ ولوڙ آهي، ڄڻ ان کي ڪو نپوڙي پيو. ڪيڏي عجيب ڳالهه آهي! سڀ مون کي اڪيلو ڇڏي هليا ويا آهن. مان به وڃڻ ٿو چاهيان. ڏسڻ ٿو چاهيان ته سڀ ويا ڪيڏانهن آهن. مون کي ڪا به خبر نٿي پئي. جهاز ايڏو ڇو لڏي رهيو آهي- ڄڻ ڪا تيز لڏندڙ پينگهه آهي. مان اٿڻ ٿو چاهيان، پر اٿي بيهي نٿو سگهان. منهنجا خدا! مان ڏسڻ ٿو چاهيان... هيءَ هيڏي اوندهه ڇو آهي؟‘-
”ڪو آهي؟ روشني ڪريو.. ٿوري روشني ڪريو!“
”اڃا جيئرو آهي. شايد ڪجهه چوڻ چاهي ٿو.“
هن کي مکين جي ڀون ڀون ٻڌڻ ۾ آئي. هو واريءَ تي ليٽيل هو، ۽ ڪيڏي عجيب ڳالهه هئي ته هو وري به بچي ويو هو. هن جي چوڌاري ماڻهو بيٺا هئا، گول ٺاهيو. ماڻهو چئي رهيا هئا ته هو ڀاڳن وارو هو جو ڪناري کي ويجهو اچي پهتو هو ته طوفان شروع ٿيو. جيڪڏهن ڪناري کان پري هجي ها..... پر ڪنهن ٻڌايو ته هو سڪرات ۾ آهي. ماڻهو هن تي افسوس ڪرڻ لڳا، ۽ همدردي ظاهر ڪيائون. هو هاڻي مڪمل طرح ٽٽي چڪو هو. ذهن ڦٽل گهڙيال وانگر هلي هلي بيهي ٿي ويو. هن زور ڪري اکيون کولي ڏسڻ چاهيو. آسمان جو رنگ ڪارو هو، يا آسمان پنهنجيءَ جاءِ تي هو ئي ڪونه؟ رڳي ڪاراڻ هئي، چوطرف. فيصلي ڪرڻ واري ڪا شيءِ نه رهي هئي هن جي اندر ۾. هن وري به ڏاڍي ڪوشش ڪري پنهنجي آسپاس ڏٺو. هن کي ڪاراڻ ڪجهه جهڪي نظر آئي. شايد ڪنهن روشني ڪئي هئي- هن سمجهيو. پر سندس چوطرف ڪهڙي عجيب مخلوق بيٺي هئي: هئا ته ماڻهو، پر صفا پتڪڙا پتڪڙا، جهڙا لليپٽ جا ڄامڙا. هن کي ڏاڍو عجب لڳو. رکي رکي اهي پتڪڙا ماڻهو به اکين کان غائب ٿي ٿي ويا. هن زوردار ڪوشش ڪري وري اکيون کوليون. پري پري تائين ڌنڌ هئو، جيڪو وري آسمان جي رنگ سان گڏجي ڪارو ٿي ويو ھو. اهو گھرو ڪارو ڌنڌ وڌندو آيو، ۽ نظر ايندڙ پتڪڙا پتڪڙا ماڻهو ان ۾ گم ٿيندا ويا. پوءِ اهو ڌنڌ تمام ويجهي اچي پهتو، ۽ هن جي کليل اکين ۾ گهڙي آيو.