خوف جو موت
”جاڳين پيو ڇا؟“ زينب سرٻاٽ ۾ چيو.
” ها. توکي به ننڊ نٿي اچي ڇا؟“
”موت جي منهن ۾ ڪنهن کي ننڊ ايندي،“زينب سرٻاٽ ۾ چيو. هوءَ ڊني پئي ته ڪٿي سندس آواز ڪمري مان، گهر مان ٻاهر نه نڪري وڃي ۽ گولي ان آواز کي جهٽي اندر نه هلي اچي.
”ويليم جو آڻي ڏنيون هيون مانءِ. اهي ڪونه کاڌئي؟“ ڪامل پڇيو.
”ٻه کاڌيون اٿم. مٿو ڳرو ٿي پيو آهي، پر ننڊ نٿي اچي.“
ڪامل ڪجهه نه چيو. موت جو خوف ننڊ جي گورين کان وڌيڪ طاقتور آهي.سڄي شيشي ڦڪڻ سان به ڪجهه نه ٿيندو، هن سوچيو.
”پاڙي ۾ جيڪي ٻه ٽي سنڌين جا گهر هئا، سي سڀ لڏي ويا آهن، باقي پاڻ وڃي بچيا آهيون. اڄ پاڙي وارن مهاجرن جي ڇوڪري آئي هئي. هن چيو ته خطرو آهي. اوهين به لڏي وڃو،“ زينب چيو.
”تنهنجو ڇا خيال آهي ته هوءَ همدرديءَ طور توکي ٻڌائڻ آئي هئي. هن کي هاسيڪار موڪليو ويو هوندو توکي ڊيڄارڻ لاءِ،“ ڪامل ڪاوڙ ۾ کٽ تي اٿي ويٺو.
”نه نه، ائين ڪيئن هوندو،“ زينب بي اعتباريءَ مان چيو.“ آءٌ ته هن گهر ۾ هاڻ آئي آهيان. پر اهي چاليهن سالن کان اوهان سان گڏ پاڙي ۾ ٿا رهن. مائٽن وانگر هڪ ٻئي سان اٿڻ ويهڻ آهي. ائين ڪيئن ڪندا.....“
”پاڻ کڻي ڪجهه نه ڪن، باقي ٻين کي بڇيندا،“ ڪامل چيو. ” هنن جي اک اسان جي گهر تي آهي.“
”توکي ڪيئن خبر پئي؟“ زينب حيرت مان پڇيو.
”ڇوڪريءَ جي پيءَ مون سان ڳالهايو آهي. هن به ساڳي ڌيڻس واري ڳالهه ڪئي ته هتي رهڻ اسان جي لاءِ خطري کان خالي ناهي. هن اهو به چيو ته جيڪڏهن آءٌ گهر وڪڻان ته هو وٺڻ لاءِ تيار آهي.“
”پوءِ؟ تو ڇا چيو؟“
” مون چيومانس ته منهنجي گهر جي قيمت هن وقت چار لک رپيا آهي. پر هو ڏيڍ لک رپين کان وڌيڪ ڏيڻ لاءِ تيار ناهي.“
”هون.....“ زينب سوچ ۾ پئجي وئي. ٺ ٺ ٺ ٺا ٺا... ڪٿان ويجهو فائرنگ جو آواز آيو. زينب اٿي ڪامل جي کٽ تي اچي ويٺي. ڪامل هن جو هٿ پنهنجي هٿ ۾ ورتو. زينب جو هٿ برف جيان ٿڌو هو. ڪامل هن جي نرڙ تي هٿ رکيو. زينب جي نرڙ تي پگهر جي آلاڻ هئي.
”ڇا ڳالهه آهي؟“ ڪامل هٿ سان زينب جي نرڙ تان پگهر اگهندي چيو، ”ڊني آهين؟ ليٽي پئو.“
”توکي ڊپ ڪونه ٿو ٿئي؟“زينب هن جي پاسي ۾ ليٽي پئي. ڪامل ڪو جواب نه ڏنو، پر هن دل ۾ چيو: هائو، آءٌ به ڊڄان ٿو..... هو زينب جي وارن ۾ آڱريون ڦيرائڻ لڳو.
”الاجي ڪيترين راتين کان ننڊ ڪانه آئي آهي. ڪرفيو ۾ به ڊپ هو. ڪرفيو هوندي به مهاجرن سنڌين جي گهرن تي حملا پئي ڪيا. هاڻي ته ڪرفيو به لهي ويو آهي. ويتر وڌيڪ ڊپ آهي. سڄي رات فائرنگ ٻڌي ائين ٿو لڳي ته ڄڻ پنهنجي گهر تي حملو ٿيو آهي.“
”پوءِ ڇا ڪريون؟ ٻي ڪا واهه به ته ڪانهي. جن سنڌين جا گهر پنهنجن ڳوٺن ۾ به آهن، سي ته فساد شروع ٿيندي ئي پنهنجن ڳوٺن ڏانهن هليا ويندا آهن. اسان جو ته ڪنهن ڳوٺ سان واسطو ڪونهي. ڏاڏا پڙ ڏاڏا حيدرآباد جا هئا. ڪهڙي خبر هئي ته پنهنجن ابن ڏاڏن جي شهر ۾، پنهنجي ئي گهر ۾ جان جي امان ڪانه هوندي.“
”منهنجي صلاح آهي، گهر وڪڻي ڪٿي سنڌين جي پاڙي ۾ هلي رهون.“
”ڀڳڙن جي مٺ تي پنهنجو اباڻو گهر وڪڻي ڇڏيان؟“ ڪامل چڙ مان چيو.
”ساهه کان وڌيڪ گهر آهي ڇا! خدا خير ڪري، سڀاڻي گهر ۾ گهڙي اچي ماري وڃن ته پوءِ گهر ڪهڙي ڪم ايندو.“ زينب اوندهه ۾ ڪامل جي منهن کي ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي.
ڪامل هڪ ڊگهو ساهه کنيو. هن کي لڳو ته زينب جي ڳالهه سچي هئي. ٻنهي ڄڻن جنهن ڳالهه کي چپن تائين آڻڻ کان لنوايو پئي، ان کان ڪامل اڻ ڄاڻ ڪونه هو. کين پنهنجي حياتيءَ کان وڌيڪ ننڍڙي پٽ جو فڪر هو.
”ٺيڪ آهي ڀلا، سڀاڻي قاسم آباد واري پاسي وڃي ٿو جانچ ڪريان. جاءِ وٺي پوءِ پاڙي وارن کي ئي گهر وڪڻي هلنداسين. ٻيا ته ايترا پئسا به هينئر ڪونه ڏيندا.“
زينب سک جو ساهه کنيو ۽ ڪامل جي ڀاڪرن ۾ سمائجي وئي.
قاسم آباد ۾ پراپرٽي ڊيلرن کان پڇا ڪرڻ تي ڪامل کي معلوم ٿيو ته جاين جا اگهه چوٽ چڙهي ويا هئا. لطيف آباد توڙي حيدرآباد ۾ مهاجرن جي اڪثرتي پاڙن ۾ رهندڙ سنڌي لڏي هن پاسي اچڻ لڳا هئا. ان ڪري پلاٽ ۽ جايون مهانگيون ٿي ويون هيون. مسواڙن جا اگهه به وڌي ويا هئا. ڪامل جو ڪٽنب وڏو ڪونه هو. ان ڪري هن جو ڪم ننڍي گهر مان به هلي وڃي ها. هڪڙي دوست ڪامل کي ٻڌايو ته سنڌي مسلم هائوسنگ سوسائٽي ۾ هڪ رٽائرڊ تپيدار حاجي صاحب جو گهر آهي. هن جو پٽ سعودي عرب ۾ ڊاڪٽر آهي. پاڻ رڳو پنهنجي زال سان گڏ هيٺئين حصي ۾ رهي ٿو. گهر جو مٿيون حصو خالي آهي، جنهن ۾ ٻه بيڊروم آهن. مسواڙ پندرهن سؤ رپيا ماهوار ۽ هڪ سال جي ائڊوانس وٺندو. مسواڙ وڌيڪ هئي، پر ڪامل سوچيو ته ڳالهائڻ ۾ ڪو حرج نه هو. ٿي سگهيو ٿي سندس مجبوري ڏسي هڪ سنڌي جي حيثيت سان حاجي صاحب مڃي وڃي.
شام جو وقت هو. گهر جي ٻاهران ٺهيل ننڍڙي لان ۾ ڪجهه ڪرسيون رکيون هيون، جن تي وڏي عمر وارا رٽائرڊ قسم جا ڪامورا ويٺا هئا. حاجي صاحب ڪامل کي ويهاري کانئس حال احوال ورتو.
”هاڻي ڏسو سائين، ويچارن سنڌين کي پنهنجن اباڻن ڏاڏاڻن گهرن مان لڏڻ تي ڪيئن مجبور ڪيو پيو وڃي. ڄڻ هيءَ حيدرآباد دکن آهي. سندن بابي جو شهر آهي، جتي سنڌين کي رهڻ جو ڪو حق ڪونهي!“ حاجي صاحب جي ڳالهه ڪامل جي هانءُ تي ٿڌا ڇنڊا وجهي ڇڏيا. هاڻي هر سنڌيءَ کي پنهنجي نڌڻڪائيءَ جو احساس ٿيڻ لڳو هو.
”اهي ئي سور ته اسين روئون ويٺا. تنهنجي اچڻ کان اڳ به اها ڳالهه پئي هلي،“ رٽائرڊ استاد ڪامل کي چيو. ”دنيا جي تاريخ ۾ اهڙا ڪئين مثال آهن ته ٻاهران آيل ماڻهن اصلي ويٺل ماڻهن کي ڪيئن نيست نابود ڪري ڇڏيو. آمريڪا ۾ ريڊ انڊين جو مثال آهي.“
”اهي ڪالونائيزيشن جا پراڻا مثال آهن. اوهان موجوده دؤر جي سياسي چالبازين کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريو،“ ٻئي دانشور قسم جي رٽائرڊ ڪاموري چيو. ”ايم ڪيو ايم جي دهشت گردي ان ساڳي لائين تي پئي وڃي جنهن لائين تي هٽلر جي نازي تحريڪ اُڀري هئي. هٽلر جرمنن ۾ مظلوميت جو احساس پيدا ڪري، نسل پرستيءَ جا جذباتي نعرا ڏئي کين ڇتو ڪري ڇڏيو. اهي ساڳيا نازين جي دهشت گرديءَ وارا طريقا هتي آزمايا پيا وڃن. اتي نازين يهودين جون ملڪيتون لٽي، گهر ۽ دوڪان ساڙي، قتل خون ڪري کين ملڪ مان ئي ڪڍي ڦٽو ڪيو. اها ساڳي ويڌن سنڌين سان ڪئي پئي وڃي.“
”اسان کي ڌڪي ڪيڏانهن ڪڍندا،“ حاجي صاحب پڇيو.”اسان کي ته نه هندستان قبول ڪندو نه افغانستان ۽ نه ايران.“
”اوهين ڇا ٿا ڀانيو ته مهاجر سنڌ جي وڏن شهرن ۾ اهي فساد اجايو ڪري رهيا آهن؟ واٽ ويندل بيگناهه سنڌي ماڻهن کي هرو ڀرو ماري رهيا آهن؟“ دانشور ٽائپ ڪامورو حاجي صاحب جي ڳالهه اڻٻڌي ڪري ڳالهائيندو رهيو.“ اهو سڀ سوچيل سمجهيل سازش هيٺ ٿي رهيو آهي. ايم ڪيو ايم وارن جي پلاننگ اها آهي ته سنڌين کي وڏن شهرن مان ڦري لٽي، ماري ڀڄائي ڪڍجي. اهڙي ريت رد عمل ۾ ننڍن شهرن مان مهاجر ڀڄڻ تي مجبور ٿيندا. اهو جهيڙو جيترو وڌندو اوترو ايم ڪيو ايم وارن جي رٿا کي هٿي ملندي. نيٺ هڪ ڏينهن هو باقاعدي نعرو هڻي. مهاجرستان ٺاهڻ جو مطالبو ڪندا ۽ سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ جي ڪوشش ڪندا.“
”هائو ٻيلي، اڙجي وياسين هنن مصيبتن مان،“حاجي صاحب شوڪارو ڀريندي چيو.
”پر سائين معاف ڪجو، اهي مصيبتون اسان جي وڏن ئي اسان جي گلي ۾ وڌيون آهن. هندن کي سنڌ مان ڪڍي ڌارين کي دعوت ڏئي هتي ڪنهن گهرايو؟ چي: اسان جا مسلمان ڀائر آهن. ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٻيا وڏا شهر اسان پاڻ هنن کي نذرانو ڪري پيش ڪيا. اهو ڪيتو سنڌ جو موجوده نسل پيو لوڙهي،”ڪامل چيو.
”ميان صاحب، اوهان جي عمر گهڻي آهي؟” رٽائرڊ استاد ڪامل کان پڇيو.
”ٽيهه سال،“ ڪامل وراڻيو.
”پوءِ توکي ان زماني جي ڪهڙي خبر. هندو جيڪڏهن پاڻ اسان سان ڏاڍايون ۽ زيادتيون نه ڪن ها، ته اسان کي ڇتي ڪتي کاڌو هو جو هنن مان بيزار ٿيون ها. اهي پاڻ کي سڌريل ۽ مٿانهون ڪري سمجهندا هئا. هنن جيڪي عقوبتون ڪيون، تن جي اوهان اڄ جي نوجوانن کي خبر ئي ڪانهي،“ رٽائرڊ استاد ڪاوڙ مان چيو.
”اوهان جي ڳالهه صحيح هوندي، پر هندن دهشتگرد ٽولا ٺاهي سنڌي مسلمانن جي گهرن ۾ گهڙي انهن کي بيعزت ڪري ڦريو لٽيو ۽ ماريو ڪونه هو. انهن رستي تي هلندڙ بيگناهه ماڻهن کي گوليون ڪونه هنيون هونديون... جيڪڏهن سنڌي هندن جي نظر ۾ سنڌي مسلمان ڄٽ هئا ته هينئر مهاجرن جي نظر ۾ اسين جهنگلي، غير مهذب ۽ جاهل آهيون. اسان لاءِ ڪهڙو فرق پيو. ويتر هڪ ڌارين ٻولي ۽ ڌارين ثقافت اسان تي مڙهجي وئي....“ ڪامل کي جوش اچي ويو هو.
”هائو جوان، چئين سچ ٿو. اکين تي پٽيون ٻڌي اوڙاهه ۾ وڃي ڪرياسين. مهاجرن ته جهڙو ڪر اسان کي فتح ڪيو آهي. بس يار، سنڌي مسلمانن جي قسمت ئي ڦٽل آهي،“ حاجي صاحب ڪامل جي ڳالهه جي تائيد ڪندي چيو.
”نه حاجي صاحب، قسمت جي ڳالهه ڪانهي. اسان جون پنهنجون ڪمزوريون آهن،“ دانشور قسم جي رٽائرڊ ڪاموري چيو.”اسان سنڌين ۾ قومي شعور پورِيءَ طرح پيدا نه ٿي سگهيو آهي. اسان ۾ اجتماعي سوچ جي کوٽ آهي. هر سنڌيءَ جي انفرادي سوچ ۽ عمل آهي. اخبارون کڻي پڙهو. سنڌي هڪ ٻئي جا ڪيترا خون ٿا ڪن. ذاتي دشمنين ۾ گهرن جا گهر ناس ڪريو ڇڏين. معمولي تڪرار تي، پاڻيءَ جي واري تي سسيون لاهيو ڇڏين. سنڌي ڌاڙيل روزانو ڪيترن سنڌين کي ٿا کڻن. ٻئي طرف سنڌ جي سياست کي ڏسو. الطاف چند سالن اندر سڀني مهاجرن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪري تمام مضبوط تنظيم ٺاهي ورتي آهي. سنڌي اڳواڻ ڪئين سالن کان رڳو ڳالهيون ڪندا رهيا آهن. ڪم ڪهڙو ڪيو اٿن؟ هر ڪو ڏيڍ سر جي مسجد ڌار ٺاهيو ويٺو آهي. سؤ کن ته تنظيمون ۽ پارٽيون آهن. جيستائين سنڌي ليڊر پنهنجي ’مان‘ کي ماري ۽ انا کي ڇڏي هڪڙي پليٽ فارم تي گڏ نه ٿيندا، تيستائين ڪجهه نه ٿيندو. سنڌي ماڻهو ائين ماربو رهندو ۽ سنڌين کي شهرن مان ڌڪي ڪڍڻ جو عمل ڪامياب ٿي ويندو.“
وايو منڊل تي مايوسي ڇانئجي وئي. لڳو ٿي ته ڪنهن کي به ڳالهائڻ تي دل نه پئي ٿي.
”چڱو يار، هاڻي هلون ٿا،“ رٽائرڊ استاد ۽ ڪامورو اٿي بيٺا. ٻنهي کان موڪلائي حاجي صاحب ويهندي ڪامل کان پڇيو، ” اوهان ڇا ڪندا آهيو؟“
”ڪاليج ۾ ليڪچرر آهيان.“
”ٺيڪ آهي جوان، تنهنجو پنهنجو گهر آهي. ڀلي اچي رهو. ههڙي ڏکئي وقت ۾ اسين سنڌي هڪ ٻئي کي ڪم نه اينداسين ته ٻيو ڪير ايندو.“
”مهرباني سائين،“ ڪامل انتهائي شڪر گذاري وچان چيو.” پر هڪ عرض آهي. مسواڙ ڪجهه وڌيڪ آهي. منهنجو پگهار ٽي هزار رپيا آهي. جيڪڏهن اڌ پگهار مسواڙ تي هليو آيو ته پوءِ گذر سفر ڏکيو ٿيندو. ٻي اوهان کي سچي ڳالهه ٻڌايان ته مون وٽ هن وقت ڪل رقم ايتري آهي جو ان مان ائڊوانس جا اڌ پئسا ڏئي سگهندس. ها، باقي جيئن ئي منهنجي جاءِ وڪامي ته باقي پئسا حاضر ڪندس.“
حاجي صاحب سوچ ۾ پئجي ويو.”پوءِ ڀلا، تون ٻڌائي، ڪيتري مسواڙ ڏئي سگهندين؟“
”سائين، اٺ سؤ رپيا وٺو ته مهرباني ٿيندي،“ ڪامل نماڻو بنجي چيو.
”اٺ سؤ رپيا!“ حاجي صاحب کان ٽهڪ نڪري ويو.
”اهي ته تمام گهٽ آهن، ٻيلي ايڏو نقصان ته نه ڏي.“
”نه حاجي صاحب، خدا نه ڪري، آءٌ اوهان کي نقصان ڇو ڏيندس. مون پنهنجي مجبوري اوهان جي اڳيان رکي آهي. جي مهرباني ڪري سگهو ته.....“
”هونهه.....“ حاجي صاحب وري سوچ ۾ پئجي ويو. ”ٻار گهڻا اٿئي؟“
”اڃا هڪڙو پٽ آهي ٻن سالن جو. سچ پڇو ته اسان کي پاڻ کان وڌيڪ هن جو فڪر آهي. منهنجي زال الاجي ڪيترين راتين کان ڊپ وچان ستي ناهي.“
”چڱو ڀلا، آءٌ وڌ ۾ وڌ ٽي سؤ رپيا ڇڏي سگهان ٿو. آخري ڳالهه ٻارنهن سؤ رپيا. باقي اڌ ائڊوانس ڏئي ڀلي سڀاڻي چاٻي وٺي وڃ. توتي اعتبار آهي.“
ڪامل سوچيو ته وڌيڪ چوڻ اجايو هو.
”ٺيڪ آهي سائين اوهان جو فيصلو اکين تي، ڀلا جاءِ ڏيکارڻ جي مهرباني ڪندؤ.“
حاجي صاحب ڏاڪڻ جو در کولي ڪامل کي مٿي وٺي ويو. جاءِ ٺيڪ هئي ۽ ڪامل جي ضرورتن لاءِ مناسب هئي.
”پوءِ سائين، آءٌ سڀاڻي ائڊوانس جي رقم ڏئي چاٻي وٺي ويندس،“ ڪامل حاجي صاحب کان موڪلائيندي چيو.
ڪامل جڏهن گهر اچي زينب کي اها خوشخبري ٻڌائي، ته هن کي ائين لڳو زينب جي منهن تي مڙي آيل پريشانين ۽ ڊپن جا ڪارا ڪڪر ٽڙي پکڙي ويا. زينب جي هيسيل اکين ۾ چمڪ اچي وئي. انسان اميد جي آسري ۾ به جيئو اٿي، اها ڳالهه پهريون ڀيرو ڪامل کي محسوس ٿي.
” گهر ڪيئن آهي ڀلا؟“ زينب پڇيو.
”سٺو آهي. پنهنجو گذر سفر آسانيءَ سان ٿي ويندو.“
”مسواڙ گهڻي ته ڪانهي؟“
”آهي ته گهڻي. پهرين هنن 1500 رپيا گهريا هئا، پر پوءِ نيٺ 1200 رپين تي راضي ٿي ويا. حاجي صاحب ماڻهو ڀلو آهي. ڏاڍي همدردي ڏيکاريائين. هاڻي سنڌين کي هڪ ٻئي جو احساس ٿيو آهي.“
”خدا سنڌين کي ساڃهه ڏئي ته پاڻ ۾ ٻڌي ڪن، نه ته هي مئا اسان کي جيئڻ ئي ڪونه ڏيندا،“ زينب چيو.
ٻئي ڏينهن ڪامل مسواڙ جا پئسا کڻي حاجي صاحب جي گهر آيو. پنجاهه سالن جي هڪ عورت ٻاهر نڪري آئي.
”امان، حاجي صاحب گهر ۾ آهي؟“ ڪامل پڇيو.
”حاجي صاحب جي طبيعت ٺيڪ ڪانهي. ستو پيو آهي. ڪم هجي ته ٻڌائي،“ عورت هن کي چتائي ڏسندي چيو.
”آءٌ ڪالهه حاجي صاحب سان مليو هوس. مٿيان ڪمرا مسواڙ تي وٺڻ لاءِ ڳالهايو هومانس. مسواڙ جا پئسا کڻي آيو آهيان. اوهان کي حاجي صاحب ٻڌايو هوندو. حاجي صاحب کي تڪليف نه ڏيو، ڀلي آرام ڪري. جي اوهان مون کي چاٻي ڏيو ته آءٌ سڀاڻي سامان کڻي اچان. اسان کي اُتان جلدي شفٽ ٿيڻو آهي.“
”مان حاجي صاحب جي گهر واري آهيان،“ مائي پهريون ڀيرو پنهنجي واقفيت ڪرائي.“ هن مون سان ڳالهه ڪئي آهي. اڄ صبح جو هڪڙا ٻيا گراهڪ آيا هئا. اهي 1500 رپيا مسواڙ ۽ سال جي ائڊوانس ڏيڻ لاءِ تيار آهن. پر حاجي صاحب في الحال هنن کي جواب ڏئي ڇڏيو جو تو سان وعدو ڪري ويٺو آهي. هاڻي تنهنجي مرضي آهي، جيڪڏهن 1500 رپيا ڏئي سگهين ته چاٻي وٺي وڃ...“ مائي حاجي صاحب کان وڌيڪ پڪي هئي.
” پر امان، حاجي صاحب ته مون سان 1200 رپين تي ڳالهه پڪي ڪري چڪو آهي ۽ ان کان وڌيڪ مسواڙ ڀرڻ جي مون ۾ پڄت به ڪانهي،“ ڪامل نيزاري وچان چيو.
” اها تنهنجي مرضي آهي، ڪا زبردستي ڪانهي...“ هن انڪار ڪندي پير در اندر رکيو.
”منهنجي ڳالهه ته ٻڌو. حاجي صاحب کي خبر آهي ته آءٌ سخت مجبور آهيان. وري به پاڻ ۾ سنڌي آهيون، اوهان کي احساس نه ٿيندو ته ٻيو ڪنهن کي ٿيندو. مهرباني ڪريو....“
ڪامل ليلائيندي مائي کي اندر وڃڻ کان روڪيو.
”سنڌي آهيون تنهن ڪري اسين پاڻ کي نقصان ڏيون!“ مائي اندر گهڙي در بند ڪري ڇڏيو.
ڪامل وائڙو ٿي بند در کي تڪيندو رهيو. هن ۾ هلڻ جي سگهه ڪانه رهي هئي، پوءِ به هو پاڻ کي گهليندو اتان روانو ٿيو. هو هلندو وحدت ڪالوني لنگهي، چوڪ تي اچي ويهي رهيو. هن جون ٽنگون جواب ڏيئي بيٺيون هيون.
اُهي منهنجن ابن ڏاڏن جو شهر آهي، جتان جان بچائي ڀڄي نڪرڻ لاءِ آءٌ جاکوڙ پيو ڪريان ۽ پناهه جي لاءِ در در پيو واجهايان.‘ هن کي خيال آيو. هو اوچتو اٿي بيٺو. ’مون کي پنهنجي گهر وڃڻ گهرجي، زينب انتظار ڪندي هوندي ۽ پريشان هوندي.‘ هو شهر ويندڙ سوزوڪي ۾ چڙهي پيو.
ڪامل جڏهن گهر پهتو ته زينب واقعي پريشان هئي. ”ڇا ٿيو؟ ايتري دير ڇو ٿي؟“
”ڪا خاص ڳالهه ڪانهي. تون پريشان نه ٿي، خير آهي.“ هو کٽ تي ويهي بوٽ لاهڻ لڳو.
”گهر جي چاٻي وٺي آئين؟“
”نه. پاڻ کي ڪيڏانهن به ناهي هلڻو. پاڻ هتي ئي رهنداسين پنهنجي گهر ۾. جنهن گهر ۾ منهنجا سمورا وڏا، بابو ۽ امان مري ويا، ان گهر ۾ پاڻ مرڻ کان ڇو ٿا ڊڄون! اڄ کان ڊپ ذهن مان ڪڍي ڇڏ، ڪو الڪو نه ڪر.“ ڪامل کٽ تي ليٽي پيو ۽ سگريٽ دکائي آرام سان سوٽا هڻڻ لڳو.