نيٺ بهار ايندو
”هي ڪهڙو وئل وهيو! باغ جي سونهن ۽ سوڀيا کي ڪهڙي سرءُ ساڙي ڇڏيو! هتي سهڻا سٻاجهڙا پکي رهندا هوندا... ڪويل جون ڪوڪون، مورن جا ناچ، هنجن جون هيجون، اهي سڀ ڪيڏانهن ويون؟“ پر افسوس وڻن کي زبان ڪانهي، هوا هنن سان ٽڪرائجي ٿڌا شوڪارا ڀريندي لنگهي ويندي آهي. منهنجن سوالن جو جواب فقط ڪانون جي ڪان ڪان آهي، ڳجهن جون مردار رڙيون آهن، ۽ چٻرن جون ڀوائتيون چيخون آهن. مان جڏهن به باغ ۾ ايندو آهيان ته هڪ جهور پوڙهي وڻ وٽ وڃي ويهندو آهيان. هن جي ويڪري ٿڙ سان ٽيڪ ڏيئي، ليٽي، پنهنجي باغ تي سوچيندو رهندو آهيان. ڪڏهن ڪڏهن ننڊ کڄي ويندي آهي ته عجيب عجيب سپنا ڏسندو آهيان. هڪڙي عجيب ڳالهه آهي: اونهاري جي مند ۾ سخت گرمين ۽ ڪاڙهن ۾ به جڏهن ماڻهو هن ويران باغ ۾ ايندو آهي ته فرحت وٺي ويندي آهي. مان ته سخت گهٽن ٻوساٽن ۾ ڏينهن جا ڏينهن هن وڏي ۽ جهوني وڻ سان ٽيڪ ڏيئي ويٺو هوندو آهيان. منهنجو هن پوڙهي وڻ سان عجيب دلي لڳاءُ ٿي ويو آهي.
هڪ ڏينهن ائين اکيون پوري، خيالن ئي خيالن ۾ باغ کي سرسبز ۽ آباد ٿيندو ڏسي رهيو هوس. حد نظر تاءِ چهچ سائي ڇٻر پکڙيل هئي، جنهن تي مور ٽلي ۽ نچي رها هئا. سڪل وڻ ساوا ٿي ڦولارجي ويا هئا. ڪويل جا مٺا مٺا گيت مون کي لوليون ڏيڻ لڳا.
تڏهن اوچتو اتر کان هڪ طوفان ڌوڪيندو آيو. رڳو جهڙ ۽ انڌڪار ئي نظر ٿي آيو. ويجهو آيو ته مون ڏٺو: ڪانون ۽ ڳجهن جو هڪ ڪٽڪ هو، جيڪو اک ڇنڀ ۾ سهڻي سرسبز باغ تي ماڪڙ وانگر ڇانئجي ويو. ڪويل جا گيت ڪانون جي ڪان ڪان جي شور ۾ دٻجي بند ٿي ويا. مور ڊڄي ڀڄي وڃي ڪٿي لڪا، ۽ هنج ته هميشہ جي لاءِ اڏامي ويا. ڏسندي ڏسندي باغ جي سموري سونهن ۽ سوڀيا برباد ٿي ويئي. مان ان پوڙهي وڻ وٽ حيران ۽ پريشان بيٺو هوس. تڏهن اوچتو ڪٿان ڪنهن مور رڙ ڪئي. هن جي رڙ ۾ اهڙي سورهيائي ۽ جوش هو جو منهنجي لونءَ لونءَ ڪانڊارجي ويئي. ڪانون جي ڪان ڪان، ڳجهن جا رڙاٽ گهڙي کن جي لاءِ بند ٿي ويا، ڪير هو اهو مور!
”اڃا سورهيه مور جيئرا آهن، اڃا رڃ مان رڙ اچي ٿي...“
مون ڇرڪي پٺيان نهاريو. هي ته اهو ئي جهوني وڻ ڳالهائي رهيو هو. مون ڍوڙي هن جي ويڪري ٿڙ کي ڀاڪر پاتو. هن ٻاجهه ۽ پيار سان ڀريل آواز ۾ چيو”گهٻراءِ نه پٽ! همت نه هار، تنهنجي لاءِ برابر هيءَ هڪ نئين آفت آهي. مون ته باغ تي ڪئين وڏيون وڏيون آفتون ڪڙڪندي ڏٺيون آهن، پر اهي سڀ نيٺ فنا ٿي ويون. هي باغ لازوال آهي پٽ....“
مون چيو، ”مون کي هن باغ جي باري ۾ ڪجهه ٻڌاءِ، بابا. هن تي ڪهڙا وئل وهيا.....“
هن وراڻيو، ” مان تو کي ضرور ٻڌائيندس، پٽ. هيءَ ڪهاڻي هڪ سٻاجھي ۽ تمام مظلوم قوم جي بيحد غمناڪ ڪهاڻي آهي. دنيا جو ڪوبه ظلم ستم، ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ اهڙو نه آهي جيڪو هن ۾ نه هجي، ان هوندي به هن جي پڄاڻي ڪا نه ٿي آهي. هيءَ ڪڏهن نه کٽندڙ ڪهاڻي آهي....
” هن لافاني باغ جي ڪهاڻي ان وقت کان شروع ٿي ٿئي جڏهن کان دنيا وجود ۾ آئي. وڏا چون ٿا، ته هتي هڪ سهڻي ۽ سرسبز ماٿري هئي، جنهن ۾ وڏا گهاٽا جهنگ، ساوڪ ڀريا ميدان ۽ هڪ خوبصورت ندي هئي، جنهن جو پاڻي امرت هو. هيءَ ماٿري ان وقت به اهڙي ئي آباد هئي جڏهن سڄي دنيا تي اونده انڌڪار ڇانيل هو. ان وقت جي ڳالهه آهي: ڪي پکين جا ولر وڙڪندا وڙڪندا هتان اچي لنگهيا. هنن کي اها ماٿري اهڙي وڻي جو اڳتي وڃڻ جو ارادو لاهي، ان کي پنهنجو ديس بنائي رهي پيا. هي پکي تمام سياڻا ۽ محنتي هئا. هنن پاڻ ۾ صلاح ڪئي ته جڏهن اسين هن ماٿريءَ کي پنهنجو ديس بنائي چڪا آهيون ته اسان تي فرض آهي ته ان کي سهڻو ٺاهيون جو دنيا ڏسي ته حيرت ۾ پئجي وڃي. پوءِ هنن کلئي ميدان تي هڪ تمام عجيب باغ لڳائڻ جو فيصلو ڪيو. پکين ڪٿان ڪٿان جاکوڙ ڪري گلن ڦلن ۽ وڻن ٽڻن جا ٻج آڻي ڪٺا ڪيا. ڏسندي ڏسندي هنن جي ان لاڳيتي اُدم ۽ اتساه سان هن ماٿريءَ تي هڪ نهايت ئي سهڻو ۽ حيرت جهڙو باغ پيدا ٿي پيو. وري باغ جي هڪ حصي ۾ هنن هڪ اهڙو خوبصورت چمن ٺاهيو جنهن جو اڄ تائين دنيا ۾ ڪو مثال ڪونهي. سڄي دنيا ۾ ان لاثاني چمن جي هاڪ هُلي ويئي. ڪٿان ڪٿان جا پکي هاسيڪار ان کي ڏسڻ، گل ڦل، ماکي ميوا وٺڻ، ۽ ڀونر واس وٺڻ جي لاءِ ايندا هئا. اهو وقت هن ماٿريءَ جي سهاڳ جو سمون هو. تڏهن سج هتان ئي اڀرندو هو، ۽ اتان ئي روشني سڄي دنيا ۾ پکڙبي هئي. دنيا جا پکي پري پري کان ڪهي هتي جي پکين کان سکڻ ۽ پرائڻ ايندا هئا. هو سندن عقل ۽ ڏاهپ جي ساراه مان ڍاپندائي ڪونه هئا. اڄ دنيا ۾ جيڪا ڏاهپ، عقل ۽ علم، ۽ سونهن ڏسين ٿو سو سڀ پهرين هتي ئي پيدا ٿيو ۽ هتان ئي سٺي دنيا ۾ پکڙيو. ٻين هنرن ۽ حرفتن سان گڏ لاتيون لنوڻ، نچڻ ڳائڻ ۽ جشن ملهائڻ ۾ به ٻيا هتي جي پکين جهڙا ڪونه هئا. پر هو جهيڙي جهٽي ۽ لڙائي جهڳڙي کان اهڙا اڻڄاڻ هئا جو ٻيا پکي کين سڏيندا ئي هئا سٻاجهڙا پکي! هنن وٽ پيار کان سواءِ ٻي ڪا وائي ڪانه هئي. جيڪر سڄي دنيا جا پکي اهڙا هجن ها!
دنيا ۾ ڪي پکي اهڙا به هئا جيڪي پيار محبت جا دشمن هئا، سواءِ رلڻ ۽ وڙهڻ جي ٻي ڪنهن ڳالهه سان سندن پوندي ڪانه هئي. ٺاهڻ ۽ سڌارڻ بدران ڊاهڻ ۽ ڦٽائڻ گهڻو وڻندو هوئن. هڪ دفعي، پري کان ڪي اهڙا ئي ڀٽڪندڙ، بي گهر ۽ ويڙهاڪ پکي رلندا رلندا هن باغ مٿان اچي ڪڙڪيا. باغ جي سانت ۽ سڪون، پيار ۽ محبت واري وايو منڊل ۾ مارا ماري ۽ تباهي مچي ويئي. سٻاجھڙن پکين به ڪا لڙائي ڪانه ڏٺي هئي. نه وري کين خبر ئي هئي ته لڙائي ڪيئن لڙبي آهي. رولو پکين جو ته جهيڙي جهٽي ۽ مارا ماريءَ ۾ ڪو مٽ ڪونه هو. هنن اچڻ شرط باغ جي بي مثال ۽ سهڻي چمن کي تباه ڪري ڇڏيو. سٻاجھڙن پکين سالن جا سال جنهن اَدم ۽ اتساه سان هي مانڊاڻ منڊيو هو سو سڀ هنن رولو پکين ڊاهي ناس ڪري ڇڏيو، ويتر سٻاجهڙن پکين کي اڻ سڌريل ڪري ڪوٺيائون!
خوشيءَ جا سمورا خزانا لٽجي ويا. ماٿريءَ جو سهاڳ اجڙي ويو. جيڪا روشني پهرين پهرين هتان ڦٽي هئي، سا الائجي ڪيڏانهن گم ٿي ويئي. باغ جي عظمت جو سج هيڪر لٿو ته پوءِ الائجي ڪٿان ٻي هنڌان وڃي اڀرڻ لڳو. ڪڏهن ڪڏهن واٽ ڀلجي سج هتان گذريو ٿي ته سٻاجهڙا پکي خوشيءَ وچان نچندي ٽپندي ٿڪائي نٿي. پر سندن خوشيءَ پل کن مس ٿي جٽاءُ ڪيو. اوچتو ئي اوچتو سج کي الائجي ڪهڙن خوفناڪ ڪڪرن ڍڪي ٿي ڇڏيو. پوءِ اهائي اونده انڌڪار.....
وقت گذرندو رهيو. باغ اهو ئي هو، پر وري ڪڏهن اڳوڻي اوج کي نه پهتو. باغ جون واڳون هنجن وٽ هيون. اهي ڏاڍا سورهيه ۽ سچار هئا. آزادي، جرئت ۽ بهادري، ننگ، ناموس ۽ غيرت سان سندن رت رنڱيل هو. باغ جي محبت ۽ آزاديءَ جو جذبو ته سڀني پکين جي لنئون لنئون ۾ سمايل هو. هنن ڪڏهن به ڌارين لوڪن جي غلاميءَ کي نه سٺو. جيستائين سندن سرير ۾ ساه هوندو هو ديس جي ويرين جو مقابلو ڪندا رهندا هئا. ڪئين تيز هوائون، لڪون ۽ جهولا سهندا رهيا. سخت پارا پيا، سرءُ آيو ته باغ جا سمورا پن سڙي ويا، پر ساڳئي اتساه سان بهار جي مند ۾ سڀ پکي گڏجي جشن ملهائيندا هئا. ڪويلون مٺن سرن ۾ راڳ ڳائينديون هيون ۽ ٻيا ننڍڙا ننڍڙا پکي جهمريون پائيندا هئا. سندن مٺي رسيلي ٻولي ٻڌي ٻين هنڌن جا پکي ساڻن ريسون پيا ڪندا هئا. ڪي ته وري سندن باغ تي قبضي ڪرڻ لاءِ گهاٽ گهڙيندا رهندا هئا. ڪيترائي ڌاريان باغ جي شادابي ڏسي هتي اچڻ تي حرصيا، پوءِ ڪي ان کي ڦري لٽي موٽي ويا ٿي ته ڪي وري رهي پيا ٿي ۽ موٽي وڃڻ تي دل نٿي ٿين.
هتان کان گهڻو پري باز رهندا هئا. هنن کي ٻين پکين جي ديسن تي قبضي ڪرڻ جو ڏاڍو حرص اچي پيدا ٿيو هو. بهانا ٺاهي پراين ديسن تي ڪاهي وڃي قبصو ڪندا هئا. هنن جي نظر جڏهن هن باغ تي پيئي ته ان کي به هٿ ڪرڻ لاءِ سٽاءُ سٽڻ لڳا. پوءِ هڪڙو ڪو بهانو ٺاهي ٻه ٽي ڀيرا ڪاهي آيا. پر بهادر سٻاجهڙن پکين اڳيان ڦٻي ڪونه سگهيا. تڏهن وري هڪ زبردست لشڪر سنڀاري چاڙهي آيا. رولو پکين جي ڪاه کان پوءِ سٻاجهڙن پکين اهڙي ٻي خوفناڪ ڪاه ڏٺي هئي. ائين ٿي لڳو ڄڻ سڄو باغ ڪڪرن سان ڇانئجي ويو آهي. باز خوفناڪ رڙيون ۽ واڪا ڪندا آيا. سٻاجھڙن پکين اڳيان وڌي مقابلو ڪيو. وار مٿان وار ڪيو، ڳچين ڳچ اڏاڻا، ڌڙ ڌڌڙ ۾ ڦٿڪڻ لڳا. ڏينهن گذريو، اچي شام ٿي. تڏهن ڄڻ غلاميءَ جي رات اچي ويئي. باغ تي بازن جو قبضو ٿي ويو.
پوءِ به وقت گذرندو ئي رهيو. ڪئين مندون آيون، پر بهار جي اچڻ تي ڄڻ بندش پئجي ويئي هئي. بهار ته رڳو آزاد فضائن ۾ ئي ايندو آهي. باغ اهو ئي اجڙيل ۽ ويران ويران رهيو. هاڻي ته هر ڪو ورهيه واگهه بڻجي ٿي آيو. هيڪر ڦرڻ لٽڻ جو سلسلو شروع ٿيو ته لاڳيتو هلندو ئي رهيو. هڪڙا ڦورو ڪمزور ٿي ويا ٿي ته انهن جي جاءِ وري ٻين ٿي اچي والاري، ڄڻ ته نڌڻڪو باغ هو، جنهن کي جتان اچي سو تتان ڀيلاڙ ڪري وڃي! باغ انهن جي بي رحم قبضي هيٺ اچي ويو جيڪي ڌاريان ئي ڌاريان هئا، باغ سان هنن جو واسطو رڳو ڦرڻ لٽڻ تائين هو. جڳن جا جڳ سٻاجهڙا پکي غلاميءَ جو ڳٽ پنهنجي ڳچيءَ مان ڪڍي ڪونه سگهيا. جن جي وات ۾ رڳو قرب ۽ پيار جي وائي هوندي هئي، جيڪي ٻاهران آيل هر مهمان جو دل کولي آڌرڀاءُ ڪندا هئا سي سواءِ ڪنهن ڏوهه جي صديون عذاب ۽ پيڙا ۾ مبتلا رهيا.
هنجن جي طاقت ته بنهه ختم ٿي چڪي هئي. اهي ٿورائي ۾ اچي ويا، هاڻي باغ جي پکين مان مور ئي اهڙا هئا جن ۾ آسون هيون. ڌارين کان آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ، خود مختياري ۽ خود داريءَ کي قائم رکڻ لاءِ هو پاڻ پتوڙيندا رهيا. مورن مان ڪئين اهڙا سورهيه ۽ سورما پيدا ٿيا جن سرن جا سانگا لاهي، ننگ ۽ آزاديءَ جي لاءِ ويرين سان جنگ جوٽي ۽ سر ڏيئي سرها ٿيا. جڏهن به ڪنهن سورهيه مور ديس تان سر صدقو ڪري آزادي ٿي آندي ته ٿوري وقت لاءِ ئي سهي، آزادي پنهنجي جهوليءَ ۾ خوشيءَ ۽ سونهن جا خزانا ڀري ٿي آئي. ڪيڏو نه خوشيءَ ۽ اُتساهه ڀريو سمون هوندو هو اهو! اهڙي ڪا دل ڪا نه هوندي هئي جيڪا اکٽ خوشيءَ وچان جهومندي نه هجي. پر افسوس، انهن سورهيه مورن جي پوين ڀيري ڀيري سان تخت ۽ تاج تان پاڻ ۾ وڙهندي، هٿ وٺي ٻاهرين دشمنن کي باغ تي قبضي ڪرڻ جو هڪيو تڪيو وجهه کڻي ٿي ڏنو. پوءِ ته وري ٻيهر غيرن جي غلاميءَ لاءِ باغ جو رستو کلي ٿي ويو.
رکي رکي باغ تي هڪ ٻئي پٺيان وڏيون وڏيون آفتون اينديون رهيون. انهن لڳاتار ڌڪن سٽن سببان بدنصيب باغ اهڙين آفتن ۾ گهيرجي ويو جو رڳو جيئرو رهڻ به هڪ ڪارنامو، هڪ معجزو هو. مان توکي ڇا ٻڌايان ته هن باغ ڇا ڇا سٺو آهي! هن ئي باغ جي افق تي ابدال جو شڪرو نامراد ۽ مردار خان شڪرو، باه ۽ خون جون نديون وهائيندا ڇانئجي ويا هئا. سندن خوفناڪ چهنبون ۽ خوني چنبا معصوم سٻاجهڙن پکين جي رت ۾ ٻڏي ويا هئا. مردار خان ته جتان به ٿي لنگهيو اتي قيامت جا ڪوڪرا مچي ٿي ويا. هن آکيرن جا آکيرا ويران ڪري ٿي ڇڏيا. اهڙي تباهي ته اڳي ڪڏهن به ڪانه ٿي هئي. پوءِ ته باغ ۾ اهڙو خوفناڪ ڏڪار پيو جو وڏن پوڙهن، ڇا پکين، ڇا وڻن به پنهنجي ڄمار ۾نه ڏٺو هو نه ٻڌو هو. جيڪو باغ ساري دنيا جي لاءِ امن ۽ سلامتي جي جاءِ هو ان جو آکيرو آکيرو لٽجي ويران ٿي ويو. سٻاجهڙن پکين سان اڳي ئي گهٽ ڪلور ڪونه ٿيا هئا، پر هينئر باغ تي جيڪا وڄ ڪري هئي تنهن جي آهيءَ ۾ هو ڪڏهن به سنئين لڱين ڪونه ٿيا...“
رات جي سنساهٽ ۽ خاموشيءَ ۾ اوچتو ڪنهن ڳجهه خوفناڪ رڙ ڪئي. موٽ ۾ ڪٿان ڪنهن چٻري رڙ ڪري ڄڻ ڳجهه جي خوشامد ڪندي ها سان ها ملائي. ٻڍڙو وڻ خاموش ٿي ويو هو. هوا هن وٽان سون سون ڪندي، ٿڌا شوڪارا ڀريندي لنگهي ٿي ويئي. منهنجي دل ڀرجي آئي. چوڻ چاهيم، ’پوءِ ڇا ٿيو بابا!‘ پر نڙيءَ ۾ ڪو ڳوڙهو اٽڪي پيو هو، آواز نڪري نه سگهيو. هن هڪ ڊگهو ساهه کنيو، پوءِ پاڻهي چيائين، ”اڄ انهن ئي سٻاجهڙن پکين کي چيو وڃي ٿو ته اوهان سست ۽ ستل آهيو، بي همت ۽ جاهل آهيو، اوهان جو رت ٿڌو آهي.... پر ڪنهن هنن جي ماضيءَ ۾ جهاتي پائي ڏٺو آهي! لڳاتار وسندڙ برسات وانگر هنن تي جيڪي قهر ڪريا، جيڪي هاڃا ٿيا تن تي ڪنهن ويچاريو آهي! ڪنهن اهو به سوچيو آهي ته آخر هنن ۾ اها ڪهڙي قوت آهي جنهن جي ڪري ايڏن قهرن ۽ هاڃن کان پوءِ به هو زنده رهيا آهن! هن ڌرتيءَ جي مٽي ڪا اهڙي مضبوط ڄميل آهي جو هزارين طوفانن ۽ زلزلن کان پوءِ به اکڙي ڪانهي. شايد انهن ئي ’سست ۽ ستل‘ سٻاجهڙن پکين جي اتساه، اورچائي ۽ جاکوڙ جي ڪري باغ جي عظمت جون پاڙون ايتريون اونهيون هليون ويون آهن جو انهن کي دنيا جي ڪابه هستي پٽي نٿي سگهي...“ هن ٻاجهه ڀري آواز ۾ چيو، ” تون ٿڪي ته نه پيو آهين، پٽ!“
مون يڪدم وراڻيو، ”نه بابا، ننڊ ته منهنجي اکين کان ايترو پري آهي جيترو هن باغ کان بهار.....“
هن ڳالهه شروع ڪندي چيو، ” مردار شڪري جي تباهي کان پوءِ ائين ٿي لڳو باغ ۾ ست سريو راڪاس ڦري ويو آهي. چوڌاري رڳو سڃ ۽ ويراني هئي. دنيا آهي ساوڪ ۽ سرهائي جي، ويرانيءَ ۽ سڃ سان هن جو ڇا! پر سٻاجهڙن پکين جو ته باغ سان ازلي نينهن هو. هنن چيو، ’جنهن ڌرتيءَ تي اسين ڄايا ۽ نپنا آهيون، جتي اسان جا مٽ ۽ سنگتي ههڙن سڪل وڻن ۾ به آکيرا اڏيو ويٺا هجن، جنهن جي لاءِ اسان جي سورهيه وڏڙن سرن جا سودا ڪيا آهن، جنهن مان اسان کي چوڻو پاڻي ملندو هجي، ان جي لاءِ فقط جاهل، بي ايمان ۽ بيغيرتن کي محبت ڪانه هوندي.... اسين جيءَ کان وڌ مٺڙي باغ ۾ وري ساوڪ ۽ سرهائي آڻينداسين ۽ سندس آزاديءَ جي تاڪائن جون اسين اکيون ڪڍي ڇڏينداسين. پوءِ هو ويرانيءَ سان ڀريل آزاديءَ کي گلي لڳائي باغ کي سنوارڻ ۾ لڳي ويا. باغ اجڙيل، ويران ۽ لڳاتار لڙاين جو ماريل هو، پر آزاد ته هو....!
”دنيا ۾ آزاديءَ جهڙي ڪا ٻي نعمت آهي ئي ڪونه. غلاميءَ جي ڍئو کان آزاديءَ جي بک ڀلي. آزادي روشن ڏينهن آهي ته غلامي ههڙي اونداهي رات. ويچارا سٻاجهڙا پکي چار ڏينهن آزاد ٿي رهيا ٿي ته وري غلاميءَ جي رات اچيو ٿي ويئي. پر هنن چئن ڏينهن جي آزادي به وئرٿ ڪانه ٿي وڃائي. هنن غلاميءَ جي سمورن نشانن کي مٽائي آزاديءَ جي ساوڪ ۽ سرهائي آڻي ٿي ڇڏي. هينئر به جڏهن کين وجهه مليون ته هرڪو پکي پنهنجي آزاد باغ کي سنوارڻ ۽ سينگارڻ ۾ لڳي ويو. ان وقت تمام پري کان سمنڊن جي ديس جا پکي، سڄي دنيا گهمندا ڦرندا باغ ۾ اچي پهتا. هنن کي اڇا سامونڊي پکي سڏيندا هئا. هو وڻج واپار ڪندا هئا. ڪٿي جون شيون ڪٿي کڻي ويندا هئا. هو جڏهن باغ ۾ آيا ته باغ جون شيون شڪليون ڏسي اميرن کان اتي رهي وڻج واپار ڪرڻ جي اجازت گهريائون. اميرن باغ جي ڀلائي ڏسي هنن کي رهڻ جي موڪل ڏني. پوءِ ته هو ويا وڌندا. هو نه رڳو باغ ۾ پر آسپاس جي ٻين ٻاهرين پکين جي ديسن ۾ به پکڙجي ويا. اڇا پکي ڏاڍا حرفتي، چالاڪ ۽ چالباز ۽ نيت جا خراب هئا. پوءِ پنهنجي چالبازيءَ کان ڪم وٺي چوڌاري نفاق ۽ فتني جو ڄار پکيڙڻ شروع ڪيائون. ان نموني ڪن پکين جي ديس تي قبضو پڻ ڪري ويهي رهيا. باغ جي اميرن کي اها خبر پئي ته سندن ڪن کڙا ٿيا، پر اڇن پکين هنن سان سنهن قسم کڻي ۽ انجام اقرار ڪري کين چپ ڪرائي ڇڏيو. هو ڏينهون ڏينهن ويا زور وٺندا ۽ آسپاس جا ديس قبضي ۾ ڪندا. نيٺ اچي باغ جي پکين سان به کئونسي. تڏهن باغ جي اميرن پشيمان ٿي چيو ته پاڻهي نانگ پنهنجي ڳچي ۾ وڌوسين. باغ جي پکين وڏن سورن ۽ سهمن کان پوءِ آزاديءَ جا چار ڏينهن سک سانت سان گذاريا هئا. غلامي ته ڄؤنر وانگر هنن جو سمورو رت پي چڪي هئي. پر تڏهن به هنن چيو، ” هيءَ ڌرتي اسان جي ماءُ آهي، هن ڌرتيءَ مان اسان جو باغ ڦُٽو آهي. هن مان سوين رنگين ۽ خوشبودار گل اسريا آهن،انهيءَ ماءُ کي اسين ڌارين جي حوالي ڪيئن ڪري ڇڏيون!“هو پنهنجي رهيل کهيل طاقت سان اچي هڪ هنڌ گڏ ٿيا. دنيا ۾ احسان جو بدلو ڪيڏو نه برو ٿو ڏنو وڃي. سٻاجهڙن پکين کي ڪهڙي خبر ته اسين نانگن کي کير پياري وه ٿا پاليون. اڄ اهي ئي کانئن سندن مٺڙو باغ کسڻ جي لاءِ ڪاهي آيا هئا.
”هڪڙي سورهيه مور زور سان نعرو هنيو: ’مري وينداسين باغ نه ڏينداسين.‘ پوءِ ڇتي جنگ ڇڙي پيئي. اڇن پکين جي وڙهڻ جا طريقا اهڙا ته حرفت ۽ چالبازيءَ وارا هئا جو سٻاجهڙن پکين کي انهن جي ڪل ئي ڪانه هئي. پوءِ به هو سرن تان آهو لاهي ائين وڙهيا جو خود اڇن پکين کي چوڻ پيو، ’هي ته ائين ٿا وڙهن ڄڻ کين پنهنجين حياتين کان به وڌيڪ پياري شئي ڪا ٻي آهي، جنهن جو بچائڻ زندگيءَ کان وڌيڪ اهميت وارو آهي. اڇن پکين جڏهن ڏٺو ته هنن جي جذبي ۽جوش اڳيان اسين پڪ هارائينداسين، تڏهن هنن دغا ۽ فريب کان ڪم ورتو. مکر ڪري پوئتي هٽڻ لڳا. سٻاجهڙن پکين جو لشڪر ان چالبازيءَ ۾ اچي ويو ۽ نيٺ ويرين جو شڪار ٿي ويو. ان سان گڏ باغ جي آزادي به هميشہ هميشہ جي لاءِ ختم ٿي ويئي.....“
ان وقت رڃ مان مور جي ازغيبي وڏين رڙين جو آواز آيو. ڄڻ چئي رهيو هو:”غلط آهي... باغ جي آزادي ڪير به هميشہ جي لاءِ ختم نٿو ڪري سگهي...“
ٻڍو وڻ جيڪو مور جي رڙين تي خاموش ٿي ويو هو، تنهن چيو، ”مان هاڻي ڪرڻ جي ڪنڌيءَ تي آهيان، پر هن مور جون رڙيون ئي مون کي رڻ کان روڪي بيٺيون آهن. سوچيندو آهيان: ڇا سچ پچ اسان کان آزاديءَ هميشه جي لاءِ کسجي ويئي آهي. پوءِ زنده رهڻ مان ڪهڙو فائدو! ان وقت هن مور جون رڙيون منهنجن ڪمزور پاڙن جي لاءِ وڏو آٿت بنجي اينديون آهن.
”اڇن پکين جو هاڻي چوڌاري راڄ هو. زمانن جا زمانا سندن راڄ هليو ۽ اٻوجهه پکين کي گهڻو ئي ڦريائون لٽيائون. هنن جو وڇايل فتني ۽ نفاق جو ڄار مضبوط ٿي ويو هو. پوءِ اهڙو ڪو واءُ اچي وريو جو ڇا مان ڇا ٿي ويو. زمانو ئي ڦري ويو، پکي ئي مٽجي ويا. قرب، پيار ۽آزاديءَ جو جذبو آهستي آهستي ويو فنا ٿيندو. اُهي سٻاجهڙا پکي، جيڪي ڪنهن به شئي کان ايڏي نفرت ڪانه ڪندا هئا جيترو غلاميءَ کان، تن مان گهڻن غلاميءَ جي پڃري کي خوشيءَ سان قبول ڪري ورتو! شايد اهو ٿيڻو ئي هو. هنن تي صدين کان جيڪي وهيو واپريو هو تنهن جو نتيجو اهو ئي نڪرڻو هو.
هنن غلاميءَ ۾ جيڪي سالن جا سال گذاريا تن سندن ذهنن کي به آهستي آهستي زنگي ڇڏيو. منجهائن ڪئين اهڙا غدار پيدا ٿي پيا جن پاڻ کي نئين غلاميءَ ۾ پختو ڪري نون حاڪمن سان خوشامد ۽ صلح سازيءَ ۾ رهي وڏا وڏا فائدا حاصل ڪيا. هنن ۾ ديس سان محبت ۽ غيرت جو ڪو به لڇڻ ڪونه هو. منجهن لنڊي خوشامد ۽ پڇ لوڏ گهر ڪري ويئي هئي. هو پنهنجن آقائن کي خوش ڪرڻ جي لاءِ غريب، اٻوجهه پکين جو رت ۽ ماس پيش ڪندا هئا. افسوس! غريبن جي محنت تي مارو ڪندڙ ۽ پنهنجن آقائن جي اڳيان مطلب خاطر پڇ لوڏ ۽ لنڊي خوشامد ڪندڙ پکين جي انهيءَ طبقي ٽڪر ڀور تي پنهنجي سموري غيرت، عزت ۽ آزادي هميشه جي لاءِ وڪڻي ڇڏي... اڄ معصوم سٻاجهڙن پکين جا اهي رت پياڪ به اهڙا ويري آهن جهڙا ٻاهريان.
ان وقت باغ ۽ ٻاهرين آسپاس جي پکين جا چار قسم گهڻائي ۾ هئا: باغ جا خاص پکي ته مور ۽ هنج هئا. پاسي وارن ديسن ۾ ڪانءُ، ڳجهون ۽ ٻيا پکي رهندا هئا. باغ کان سواءِ هڪ ٻيو ديس به اهڙو هو جتي هڪ تمام وڏي ڍنڍ هئي، ۽ اتي باغ کان به گهڻا هنج رهندا هئا. پر باغ جي هنجن جو هنن سان ڪو به تعلق ڪونه هو. هو باغ جي وجود ۾ اچڻ کان وٺي اتي رهندا آيا هئا. باغ ئي هنن جي ماءُ هئي ۽ باغ جا پکي سندن ڀائر. باغ جي طاقت مور هئا، ته ان جو دماغ ۽ عقل هنج هئا. مورن ۽ هنجن جو رشتو اهڙو مضبوط ۽ گهرو هو جو ٽٽڻ جوئي ڪين هو. پر اڇن پکين جي چالبازيءَ ۽ فتني هنن ۾ نفاق پيدا ڪري ڇڏيو. اڇن پکين کي ڊپ هو ته جي هو گڏجي اسان جي خلاف اٿي کڙا ٿيا ته پوءِ اسان کي هڪالي ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا. هنن مورن کي چوريو ته اوهان جا اصلي مائٽ ۽ خيالن وارا ڪانو ۽ ڳجهون آهن، هنج اوهان جا دشمن آهن! اڇا پکي ان ڳالهه ۾ ڪامياب ٿي ويا، هنن صدين جي ميلاپ کي ٽوڙي ڇڏيو؛ پر پوءِ سندن راڄ به گهڻو وقت جٽاءُ ڪونه ڪيو. پکين ۾ هنن جي لاءِ نفرت ۽ ڌڪار ويئي ڏينهون ڏينهن وڌندي. هنن جڏهن ٻيو ڪو چارو نه ڏٺو ته نيٺ آزادي ڏيڻ قبول ڪيائون. پر پڇاڙيءَ ۾ وڃڻ وقت به ساڙ ۽ ڪاوڙ وچان آسپاس جي سڀني ديسن جي پکين کي پاڻ ۾ هميشه جي لاءِ وڙهائي، هڪ ٻئي جا دشمن بنائي ويا. پوءِ ته جيڪو هو ڏاڍو سو گابو.... جنهن جي هٿ ۾ لٺ هئي تنهن آزادي جي نالي ۾ ڪمزور ۽ معصوم پکين تي لٺ سان راڄ ڪيو....“
جهوني وڻ جو آواز ڍرو ٿيندو ويو. هوا صفا بند ٿي ويئي هئي. مون هن جي خاموشيءَ کان ڊڄي يڪدم پڇيو، ”بابا، ڇا پوءِ سٻاجهڙن پکين کي به آزادي ملي ويئي؟“
ڪيتري دير تائين هن جو آواز مون کي سمجهه ۾ نٿي آيو. هن جي آواز ۾ ايترو درد ۽ پيڙا ڀريل هئي جو لفظ ٽٽي ٿي پيا. مون ڪن لائي، پورو ڌيان ڏيئي ٻڌو. هو چئي رهيو هو:
”اهڙي آزادي آئي جيڪا غلاميءَ کان به بدتر هئي. ڳجهن ۽ ڪانون مورن کي چيو ته اسين هڪ ٻئي جا مائٽ ۽ هڪڙي ئي خيال وارا آهيون! اسان کي گڏ رهڻ گهرجي. هنج ٻي قوم جا آهن، هنن کي باغ مان ڪڍي ڇڏيو ته وڃي پنهنجن ڀائرن سان گڏ رهن. سنوان سادا مور هنن جي ڳالهه تي ڀنڀلجي ويا. ڪنهن ڪنهن نڀاڳيءَ گهڙيءَ، عقل تي ۽ دلين تي پردا پئجي ويندا آهن. جنهن باغ کي هنجن رت ست ڏنو هو، تاتيو سانڍيو هو، ان کي ڇڏڻ وقت سندن دلين جي ڪهڙي حالت هوندي! هو رت روئندا. پنهنجو مٺڙو باغ، پنهنجا آکيرا پنهنجي سدا سهڻي ندي ڇڏي ويا. هنن جي جاءِ ڪوڙن ڪانيرن اچي والاري، ۽ اک ڇنڀ ۾ باغ جو وايو منڊل ئي ڦري ويو. جتي مٺڙيون لاتيون لنونديون هيون، اتي ڪانون جي ڪان ڪان جو گوڙ مچي ويو. سٻاجهڙن پکين آيلن جو آڌرڀاءُ ڪندي کين پنهنجا ٺهيل جڙيل آکيرا رهڻ جي لاءِ ڏنا، ۽ جيڪي ڪجهه کانئن پنو سو ڪيائون. سندن سهڻو صاف باغ سڄو گندو ٿي ويو تڏهن به ڪي ڪين ڪڇيا. هڪ ڏينهن ڳجهن ۽ ڪانون پاڻ ۾ ڪا سٽاءُ سٽي مورن کي چيو،“ اسين پاڻ ۾ ڀائر آهيون، ان ڪري اسان جي هر ڪا شئي گڏ هئڻ گهرجي. اسين هڪ آهيون ان ڪري اسان کي هڪ ٿي رهڻ گهرجي...“ ايئن ڪندي هو مورن کان سڀ ڪجهه کسيندا ويا. ڪجهه وقت گذريو ته وري چيائون. ” اوهين جاهل، سست ۽ ڪمزور آهيو، راڄ اوهان کان هلي ڪونه سگهندو. ڪانءُ تمام سياڻا ۽ هوشيار آهن، ڳجهون تمام طاقت واريون آهن ان ڪري راڄ هنن کي ئي هلائڻ کپي.“پوءِ ڳجهن باغ کي پنهنجي سڄي ۽ ويران برپٽ ۾ ملائي ڇڏيو.
”مور اهڙا ويچارا ٿي ويا هئا جو ٻڙڪ به ٻاڦي نه سگهيا. ڪانون ۽ ڳجهن کي جيئن ٿي من ۾ آيو تيئن ڪندا ويا. هڪ ڏينهن ڪانون حڪم ڪيو، ’ته اسان جي ڪان ڪان تمام سولي ۽ هر ڪنهن جي سمجهه ۾ ايندڙ آهي، تنهنڪري هاڻي باغ ۾ ڪان ڪان کان سواءِ ٻي ڪنهن به ٻوليءَ جي ضرورت ڪانهي.... اڄ کان وٺي مور پنهنجي ٻولي ختم ڪري ڪان ڪان ۾ ڳالهائين!‘
”هنج ته اڳي ئي هليا ويا هئا، پر مور پنهنجي ئي باغ ۾ بي گهر ٿي ويا. هنن کان ٻيو ته سڀ ڪجهه کسجي چڪو هو، پر هاڻي سندن ٻولي به بند ٿي ويئي. بيغيرت ۽ خوشامدڙيا مور، جيڪي اڇن پکين جي اڳيان پڇ لوڏ ڪري هري ويا هئا تن ته پنهنجي فائدي جي لاءِ ساڳيءَ ريت ڪنڌ جهڪائي جي حضور ڪيو، باقي غيرت وارن جي لاءِ عزت سان گڏ جان بچائڻ به مشڪل ٿي پيئي.
”اهو اڳوڻو باغ ڄڻ اکين کان ئي گم ٿي ويو. ان کي ڏسڻ جي لاءِ اکيون سڪن ٿيون، روح رڙيون ڪري ٿو، پر ڪنهن کي چئون؟ ڪنهن کي دانهن ڏيون؟ ڳجهون سڄو ڏينهن پيون باغ جي مٿان لامارا ڏينديون آهن ته ڪو مور هٿ اچي ته ان کي کائي کپائي ڇڏيون. ڳجهن جي خوني چيخن ۽ ڪانون جي شور ۾ مورن جي لاءِ جيئڻ ئي وهه ٿي پيو. مور ڀڄي وڃي جهنگن جهرن ۾ لڪا. اسان جا روح مورن جي مٺڙين رڙين جي لاءِ سڪندا ٿا رهن... سوچيون ٿا: ته جي روح ائين سڪندي سڪندي مري ويا ته پاڙون ڪيئن بچنديون! اهي به سڙي خاڪ ٿي وينديون، ۽ اسين سڀ ڪري پونداسين. پر ڪڏهن رات جي سناٽي ۾ رڃ مان هڪ ديواني مور جون رڙيون اسان جي پياسي ۽ سڪندل روحن جي لاءِ امرت بنجي اينديون آهن. خبر ناهي هي ديوانو مور ڪير آهي؟ هن رڃ ۾ ڇو رهيو پيو آهي؟ شايد باغيچو روح آهي. هن جون سورهيائي ۽ جوش سان ڀريل رڙيون ٻڌي اسين هوا جي سرگوشين ۾ هڪ ٻئي کي چوندا آهيون: ’اڃا رڃ مان رڙ اچي ٿي.... اڃا سڀ مور ڪونه مئا آهن....‘ اهو سوچي هڪ ٻئي کي ڏڍ ڏيندا آهيون ته قدرت هن باغ جو ماضي نهايت شاندار ڪيو هو، ڪڏهن نه ڪڏهن هن جو آئيندو به اهڙو ئي روشن ٿيندو...“
اوچتو ان وقت ڪانون جي ڪان ڪان جو زوردار شور اٿيو ۽ پوڙهي وڻ جو آواز ان ڪان ڪان ۾ دٻجي ويو.
مان ڇرڪ ڀري اٿي ويهي رهيس. مون کي ڪيتري دير تائين هوش ئي ڪونه آيو. ذهن تي ان عجيب خواب جو اڃا اهڙو ئي اثر هو. مون ٻڏل رڙيون ڪري چيو، ” پوءِ ڇا ٿيو بابا! تون چپ ڇو ٿي وئين.... مون کي ٻڌاءِ نه! پوءِ ڇا ٿيو؟ ... تون خاموش ڇو آهين...“ ڪانون جي ڪان ڪان منهنجن ڪنن جا پردا ڦاڙي رهي هئي. مون چوڌاري چتائي ڏٺو. سج جو سمورو تيج ختم ٿي چڪو هو، اونداهي رات اچڻ واري هئي. مون کي ستي تمام گهڻي دير ٿي ويئي هئي. منهنجي مٿان جهوني سڪل وڻ تي ڪانون جو هڪ ڪٽڪ ڪان ڪان جو شور مچائي رهيو هو. پريان الائي ڇو ڳجهن جو ميڙ لڳيو پيو هو. هو اڏنديون، خوفناڪ چيخون ڪري رهيون هيون. مون وڻن ڏانهن نظر ڪئي: هر وڻ تي ٽي ٽي چار چار ڳجهون ويٺيون هيون! ان وقت منهنجن ڪنن ۾ مور جون ازغيبي رڙيون گونجڻ لڳيون: ’آسمان گجي گجي نيٺ وسندو.... ڌرتي تپي تپي نيٺ ڦاٽندي..... ۽ اي لافاني باغ! تون نيٺ آباد ۽ سائو ٿيندين.