ڪتاب جو نالو: سنڌ جي سينڌ ميري نه ٿئي
مصنف: نور احمد جنجهي
ڇپائيندڙ: سنڌيا پبليڪيشنس
ڪيٽيگري: ڪالم / مضمون
شايع ٿيڻ جو سال: 2017
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 19 مئي 2020 ع
پڙهيو ويو: 319 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 97 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ھن ڪتاب ۾ سنڌ جا سياسي، سماجي، تحقيقي ۽ تاريخي مضمون شامل آھن. سنڌ شناسي بابت ھن ڪتاب ۾ سنڌ جي ڳوٺاڻي سماج، سنڌ جي عورت ۽ عورتاڻي سماج، سنڌ جي تعليم، سنڌ جي ميلن، انساني ترقيءَ جي ارتقا ۾ سنڌ جي ڪردار، ڳوٺن ۾ اليڪشن، سنڌ جي بجيٽ، سنڌ جي ڪوٽ قلعن سنڌ جي سُرن، سنڌ جي موسيقيءَ سميت مختلف موضوعن تي 28 مضمون شامل آھن.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سڀ حق ۽ واسطا محفوظ
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • توکي ڏسندي ويساهه وڌيو. . . . !!
  • پنهنجي پاران: پلي آس ٿر مان نه آ ٿوهرن. . . . !!
  • سنڌ جي سينڌ ميري نه ٿئي
  • سنڌ سُڪار ۽ عالم جي آبادي
  • انساني ترقيءَ جي ارتقا ۽ اُن ۾ سنڌ جو حصو
  • سنهي سُئيءَ سبيو، مون ماروءَ سين منُ
  • سنڌي سماج ۽ اُن جا مختلف رُخ
  • سنڌي سماج، ان جا مامرا ۽ مسئلا
  • ڳوٺاڻو سماج
  • وقت جي وير ۾ لُڙهندڙ سنڌي سماج
  • عورتن جا حق، سنڌ جي عورت ۽ ترقيءَ جو عمل
  • سنڌي سماج جا مامرا ۽ سنڌي نوجوان
  • ڳوٺن جي ڳالهه
  • ڳوٺاڻو سماج. . . سماجي جوڙجڪ ۽ سماجي سرشتو
  • ڳوليان ۽ ڳنڍيان
  • ڳوٺن ۾ وندر ورونهن
  • ڳوٺ وڻن جون ڳالهيون.. . . . . . ڳوٺاڻا ميلا
  • ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون. . . . . . ذات پات جو سرشتو
  • درگاهون. . . سماجي ارتڪاز جا هنڌ
  • ڳوٺن ۾ اليڪشن
  • چونڊن کان پُڄاڻان
  • لڳي بازاربنگلي سان
  • بکين ڪهڙي بجيٽ جي. . . . . . !!
  • روح کي ڇُهندڙ سُرن جي راڻي. . . عابده پروين
  • سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا ۽ اشتياق انصاري جي تحقيق
  • سنڌ جي تاريخ جا مامرا ۽ مسئلا
  • اشتياق انصاريءَ جو تحقيقي ڪم ۽ُ ڪتاب ڪوٽ ۽ قلعا
  • موسيقي، سنڌي موسيقي ۽هالُوچالُو هنگامه خيز موسيقي!
  • سنڌ جو تعليمي منظرنامو؛ بگاڙ جا سبب ۽ ان جا حل
  • تعليم ؛ موجوده صورتحال ۽ بهتري لاءِ ڪجهه تجويزون
  • سنڌ جي تعليم جي ٻُڏندڙ ٻيڙيءَ کي اُڪارڻ لاءِ ڪجهه تجويزون

  • سڀ حق ۽ واسطا محفوظ

    ڪتاب : سنڌ جي سينڌ ميري نه ٿئي
    ليکڪ: نوراحمد جنجهي
    سال : 2017
    ڇپيندڙ: امجد پرنٽرس ڪراچي
    ڇپائيندڙ: عقيل عباس سومرو
    قيمت: 300 رپيا
    ڊجيٽل ايڊيشن: 2020ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    books. sindhsalamat. com



    All Rights Reserved

    Book : Sindh ji Seendh Meri Na Thiyay
    Author : Noor Ahmed Janjhi
    Edition : 2017
    Published by: Aqeel Abbas Soomro
    Price: 300/-

    سنڌيا پبليڪيشنس
    ● پنج پير اسٽريٽ هاٿي در، شڪارپور
    ● ايم 14 هلال پريس مارڪيٽ اڪبر روڊ رتن تلاءُ، صدر ڪراچي

    ھيءُ ڪتاب ڊجيٽل ايڊيشن جي صورت ۾ محمد سليمان وساڻ، سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام ڪراچيءَ پاران پڌرو ڪيو


    ارپنا

    پنهنجي مٺڙي امان سانئڻ (صحت) بابا سائين (غلام محمد جنجهي)
    ۽ پنهنجي پياري ڌيءَ (مهرالنساء ) جي نالي
    جيڪي اوڏاهن هليا ويا آهن جتان نه ڪوئي موٽيو آهي نه ئي ڪنهن احوال آندو آهي


    سڪن ڪهڙي سار ته اُٺا مينهن ملير تي


    سنڌ جي سينڌ ميري نه ٿئي
    موڙ تنهنجا نه مرجهائجن
    وسي ڀٽ تنهنجي ڀلاراسدا
    سدا ديس پرديس ساراوسن
    (اياز)


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”سنڌ جي سينڌ ميري نہ ٿئي“ اوهان اڳيان پيش آهي. ھي ڪتاب نامياري ليکڪ نور احمد جنجهي جي لکيل مضمونن جو مجموعو آھي.
    ھن ڪتاب ۾ سنڌ جا سياسي، سماجي، تحقيقي ۽ تاريخي مضمون شامل آھن. سنڌ شناسي بابت ھن ڪتاب ۾ سنڌ جي ڳوٺاڻي سماج، سنڌ جي عورت ۽ عورتاڻي سماج، سنڌ جي تعليم، سنڌ جي ميلن، انساني ترقيءَ جي ارتقا ۾ سنڌ جي ڪردار، ڳوٺن ۾ اليڪشن، سنڌ جي بجيٽ، سنڌ جي ڪوٽ قلعن سنڌ جي سُرن، سنڌ جي موسيقيءَ سميت مختلف موضوعن تي 28 مضمون شامل آھن.
    هي ڪتاب 2017ع ۾ سنڌيا پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سائين نور احمد جنجهي صاحب جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail. com
    www. sindhsalamat. com
    books. sindhsalamat. com


    توکي ڏسندي ويساهه وڌيو. . . . !!

    اها ڌرتي، اها سرزمين جنهن کي سنتن، صوفين بزرگن، درويشن اوليائن جي نانءُ سان ڄاتو سڃاتو ويندو آهي تنهن جو جيڏو نالو مقدس، اوتري ئي ان جي مهڪ ماءُ جي گود جهڙي ممتا ڏيندڙ آهي، ان ماتر ڀوميءَ کي ”سنڌ“ چئي پڪاريندا آهيون جنهن جي پڪار لوحِ ازل ۾ ئي لکيل هئي. ڪيترا ئي الميا ڪيتريون ئي دشواريون هن ڌرتي ۽ ڌرتي ڌڻين سان ٿيون آهن ۽ ٿينديون اچن پيون پر تواريخ شاهد آهي ته جيڪا قوم گهڻا ڏاڍ ۽ جبر سهندي آهي ان جو مسقبل هڪ خوشحال ۽ آزادي جي منڙي ۾ گذرندو آهي اسين جنهن دور ۽ حالتن مان گذرون پيا اهيو شايد اڃان ئي جوهر ۾ هلندو؟ پر انهي اميد ۽ آس سان اهي سپنا سجائي ويٺا آهيون ته ايندڙ نسل هڪ خوشگوار ۽ خوشحال سنڌ جو تعين ڪندو ڇو ته هن لاءِ اهي مستقبل جا روشناس ڪرڻا هوندا انهن ئي روشنائين تي گهري ۽ پُراسرار نظر وجهندي اسان جي هن سادي ۽ سٻاجهي يار سائين نور احمد جي قلم جو تخيل به انهن ئي لاڙن ڏانهن وٺي وڃي ٿو، اوهان ساڻيهه واسين جي هٿن ۾ هي ڪتاب “ سنڌ جي سينڌ مَيري نه ٿيئي“ سو انهي يار جي قلم جو پورهيو آهي. محبوب شخصيت سائين نور احمد، جنهن جي پُرڪيف اکين ۾ ازل کان خوشحالي جا خواب پنهنجي آشنا اڏي تي بيٺا هئا تنهن آشرم کي هن تخيل جو روپ ڏئي اهي لفظ چئي ڇڏيا “لکندي لکندي پاڻ تان فرض لٿل محسوس ڪندا آهيون. ياد اچي ٿو مون کي ته سائينءَ جي ڪنهن هجائتي سنگتيءَ وٽ وياسين ان سائينءَ کي ڀاڪر ۾ ڀريندي طنز مان چيو هو ته ”اوهان رڳو بس ٿر تي ئي ڇو ٿا لکو“ ان تي پوءِ ڪافي بحث مباحثو هلندو رهيو پر اڄ جڏهن هي ڪتاب مون پڙهيو ته مون کان ان هجائتي يار جا لفظ اکين اڳيان چٽجي ويا ان لاءِ هيءَ وڏي ۾ وڏي شاهدي آهي ته سائين جي ازلي روح ۾ مهراڻ جي موجن لاءِ ڪيڏا نه سندر سپنا سهيڙيل آهن، هن ڪتاب ۾ هڪ هنڌ سائين جون لکيل سٽون آهن ته، ”سروپ سرجڻهارن سنڌ لاءِ دعائون گهريون آهن ته اها سدائين سکي ستابي هجي ۽ عالم سمورو به آباد هجي. امن هن وقت به دنيا جي سڀ کان اهم ترجيحن مان هڪ آهي. امن جي انهي اوک ڊوک کي جڏهن سنڌ جي سماج جي تناظر۾ ڏسجي ٿو ته حالت ڪا گهڻو ٺيڪ نظر نٿي اچي. سنڌ جنهن کي اوليائن جي ڌرتي چيو ويندو آهي. سنڌ جنهن کي مهن جي دڙي جهڙي جڳاندر جهوني سنڌو سڀيتا جو شاهوڪار پس منظر آهي. سنڌ جنهن جي ڀون مٿاڇري جي ٻهڳڻائپ هن وقت به پرلوڪ پڌري آهي. انهي ۾ جتي جاڏا جبل آهن تتي ٿر بر به آهن ته سنڌو جي آب جي پيچ وارو مٽيهاڻو مها ملوڪ سنئون سنواٽو ميدان به آهي. اهي سموريون وصفون گڏجي ان جو دنيا ۾ خوشحاليءَ وارو تعارف جوڙين ٿيون. جنهن لاءِ ڀٽائي ”سائين سدائين، ڪرين مٿي سنڌ سُڪار“ جهڙي دعا گهري هئي. سائين جي گذريل ٽن ڪتابن (ساڌ ڪهاوڻ ڪٺن هِي، ٿر کي ڀانيون ٿوڪ، ڪارونجهر تي باهڙي) جي شايع ٿيڻ سان گڏوگڏ سٺا رايا به آيا ۽ مُنجهيل موٽ به ملي، سائينءَ جي خلوص وند دوست ڊاڪٽر پرڌان سوٽهڙ جيئن انهن ڪتابن ۾ هٿ وڌو ته ڪنهن پوِتر ڪلام جيئان انهن کي چمڻ لڳو. اي ڪاش! اهي گهڙيون اسٽاپ فريم ڪري رکي سگهجن ها. اها ڪيفيت محسوس ڪندي مون کان ڪي ئي گهڙيون نيرَ وهندا رهيا ڊاڪٽر پرڌان جو اهو خلوص ڏسندي اهو يقين پختو ٿيو ته روءِ زمين ايڏي پياري ۽ وڻندڙ به صرف اهڙن ئي ماڻهن جي ڪري آهي، سائين جي انهن ڪتابن مان ٻن ڪتابن جا مهاڳ لکڻ جو اعزاز ۽ شرف به منهنجي نصيب ۾ آيو . اڄ جڏهن هي ٽيون مهاڳ لکي رهيو آهيان ته جيڪا سرهائي محسوس ٿيئي پئي تنهن لاءِ اي! ڪاش اهو پڪاسو وارو پکي اڏامي اچي جيڪر هنن اکرن تي پوي ۽ منهنجي لفظن کان وڌيڪ احساسن کي محسوس ڪري سگهي. هي يار، نوجوانن توڙي هر طبقي لاءِ اتساهه جو اعليٰ مثال آهي، سائين نور احمد جا جيڪي به دوست مليا سي به سندس نماڻي طبيعت وانگي حساس، زندهه دل ۽ فطرت پسند. سائينءَ جي دل ۾ هڪ ننڍڙو ٻار ويٺل آهي جيڪو کيس بار بار دنياداري کان بچائيندو اچي ۽ سندس چهري کي تبسم بخشيندو اچي، سنجيدهه ڪچهري ۾ هوندو ته بلڪل منهن جا گهنج ڇڪيل پر جڏهن ابهم ٻارن سان ويهندو ته انهن وانگي زمين تي ويهي ٽهڪن جا پڙلاءُ ٻُرائيندو.
    سائينءَ جي ڪافي اڻ ڇپيل شاعري به جڏهن منهنجي اڳيان گذري ته ان مان سندس حساسيت وڌيڪ نروار نظر آئي ۽ مونکان بي اختيار اهي لفظ نڪري ويا ته واقعي ”ڏات ناهي ذات تي، جو وهي سو لهي“. سندس خوبصورت غزل جا بند زبان تي تري ٿا اچن؛

    توکي ساري رات رنوسين
    ڏيئا ٻاري رات رنوسين
    ٽيڙو ٽڙڪيا، لوڌي لڙيو
    سج اُڀاري رات رنوسين
    تارو تارو رات رنو هئو
    چنڊ سمهاري رات رنوسين

    شاعري ڪڏهن به ڪبي ناهي، پر ٿي ويندي آ هي اها ئي ان ڪلا جي وڏي خوبي آهي ۽ سائينءَ جي نظم ۾ به مونکي ايئن ئي نظر آيو ته کليل آسمان هيٺان سمهڻ جا هو جڏهن جتن ڪري ٿو تڏهن هن جي نظر جيئن تارن تي پوي ٿي ته پنهنجون روئندڙ اکيون ۽ تارا هڪجهڙا لڳڻ لڳنس ٿا، جڏهن به جيڪا صنف به لکي اٿس سدائين ان کي ”قضا جي ڪريم“ اڳيان سِيس نمائي شڪر بجا آندا اٿس. انهن ئي شڪرن جي هي هڪ شاهاڻي وِک سائينءَ سنڌ ۽ ماروئڙن لاءِ اڳتي وڌائي آهي جنهن ۾ سندس اظهار جو محور نوجوان طبقو آهي ۽ گڏوگڏ اهي ڪارائتيون ڳالهيون جن سان بهتري کان بهتري اچي سگهي ٿي سي به لکيون اٿس جيڪي هن ماتر ڀومي جي مان ۽ مريادا کي وڌائينديون ۽ سپنن جو ڏيهه ننڊن مان اٿي جاڳ جي جزيري ۾ اچي قيام پذير ٿيندو.
    مهراڻ ماٿريءَ جي سمورن ماڻڪن کي شال هيءَ نماڻي وِک پسند اچي ۽ سائينءَ جو قلم سدا ايئن ئي خوبصورت خيالن جي سنگتراشي ڪندي ڪلا جا سمورا مرحلا پار ڪري ۽ ڪُل جي ڪَلا جي قوت سان جهرجهنگ تائين سچ جو سنيهو پهچائيندو رهي.

    مير منصور مڱريو
    اسلام آباد
    26 فيبروري 2017
    -


    پنهنجي پاران: پلي آس ٿر مان نه آ ٿوهرن. . . . !!

    سکڻ جي سُک جو جن مزو ماڻيو هوندو تن کي ئي ان مزي جي سواد جي سمڪ هوندي. سکڻ اهڙو عمل آهي جيڪو سموري زندگي جاري رهي ٿو. ڇاڪاڻ ته انساني حياتيءَ جي ابتدا سکڻ جي عمل سان ٿي آهي. روح کي به جسم ۾ داخل ٿيڻ سيکاريو ويو ته وري جسم کي روح سنڀالڻ لائق بنايو ويو. سکڻ جي انهي ابتدائي عمل مان ئي اڳتي هلي ڪائنات ۾ پڙهڻ جي پچار ٿيڻي هئي ۽ آدم کي اها سوکڙي نالن جي صورت ۾ عطا ٿي جنهن کي سکڻ جي سونهاري حڪمت عمليءَ سان هو سکندو رهي ٿو. اهو عمل ازل کان جاري آهي تا ابد جاري رهندو. اهائي ارتقا آهي. اهائي اوسر آهي. اها ئي ترقي آهي. سکڻ جي سُتي مان پرت جي پڪ پيئندي، اسان ساجن کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ساجن کي سُڃاڻڻ جو اهو پنٿ ۽ پنڌ پرت جو پيچرو آهي جيڪو ماڻهن سان پيار جي ”پاٺ“ کي پڪو ڪرائي ٿو. سنڌ جي ماڻهن ۽ سنڌ سان نينهن جو اهو ناتو نج سندن محبت تي ٻڌل آهي جنهن جي هيڪائي هيڪ کي ڪنهن به ٻيائي جو ٻک ناهي. سنڌ جنهن جو تصور به نرالو آهي، سنڌ جيڪا ڪنهن دور ۾ سنڌو ماٿريءَ جي سڀيتا هئي جنهن جون هن وقت به 2500 کان وڌيڪ سائيٽس ملن ٿيون. دنيا جي شايد ئي ڪا تهذيب هجي جنهن جا ايترا تاريخي ماڳ مڪان هجن. سنڌ جو هڪڙو تصور ”ثقافتي سنڌ“ جو تصور آهي جنهن جي پکيڙ به ڪافي وسيع آهي. سمورن ڪلاسيڪي شاعرن ان سنڌ جو ذڪر ڪيو آهي ۽ ڀٽائي سائين ته ان کي پنهنجي شاعريءَ ۾ ڳائي وڄائي نروار ڪيوآهي. سنڌ ميرن جي دور تائين ڪهڙي صورت اختيار ڪئي هئي ۽ چارلس نيپيئر جي چڙهائي وقت جيڪا سنڌ جي صورتحال نروار ٿي هئي ۽ ليڪو نڪتو هو. ان بابت به سڀني کي سُڌ آهي. سنڌ ۾ سونهن، سٻاجهائي، سخا ۽ سورويرتا به ججهي رهي آهي ته سنڌ پنهنجي ڇاتيءَ تي تاريخ جا ڪيئي ڪُوپ ۽ ڪُروپ به ڏٺا آهن. سنڌ ۾ ڪيئي ڦورو۽ لٽيرا ايندا رهيا آهن ۽ سنڌ جي وسيلن توڙي ماڻهن کي لُٽيندا رهيا آهن. انهن مان ڌارين جي اڪثريت جي باوجود پنهنجا به ان ڦرلٽ جا سهوليتڪاري رهيا آهن. ان ڦرلٽ ۽ ظلم ڪيئي نوان نوان ظلم اٻوجهه ۽ سادن سٻاجهن تي ڪيرايا. اهو سلسلو اڃا تائين جاري آهي. تاريخ وٽ ليکي چوکي جي پنهنجي جدول آهي. سنڌ سڀني سورن، ستمن، دوکن ۽ دولابن باوجود پنهنجو وجود قائم رکيو آهي، اها ئي پنهنجي پر ۾ وڏي ڳالهه آهي. مهين جي دڙي وارن آڳاٽن آثارن کان موجوده دور تائين ڪيئي واريون آيون ۽ وارو وڄائي تاريخ جي تهه خانن ۾ گم ٿي ويون. ان سموريءَ ڳڻ ڳوت لاءِ ڪيئي دفتر گهرجن ڇوته اها املهه ڪهاڻي طويل به آهي ته المناڪ به آهي، جنهن اڳيان يوناني ديومالاجي ”هيلن آف ٽراءِ“ هڪڙي ننڍڙي آکاڻي آهي. سنڌي ديومالاجي قصي ” دودي چنيسر“ جي ڳاهن واري ڳالهه تي جيڪڏهن فلم ٺاهي وڃي ته يوناني ڪهاڻيءَ واري فلم کي مقابلي ۾ مات ڏيندي. اهي سڀئي ڳالهيون ان ڳالهه جي ڳنڍ کولين ٿيون ته سنڌ سمورين آزمائشن مان گذرڻ باوجود پنهنجي وجود کي باقي رکيو آهي، اها بقا انساني دل ۾ هڪڙي دُعا کي مٺي پاڻيءَ جي چشمي جيان اڀاري ٿي ته سنڌ شال آباد هجي. ڪڏهن به سنڌ جي سينڌ ميري نه ٿئي. سينڌ عزت، حرمت ۽ ست جو اهڙو اهڃاڻ آهي جنهن جي حفاظت به ڪبي آهي ته ان جي سلامتيءَ لاءِ دعا گهربي آهي. سينڌ جا وار جهلي جيڪو وچن ڪبو آهي ان وچن کي ڪڏهن به نه ٽوڙبو آهي، جيڪو واعدو ڪيو ويندو آهي ان واعدي کي هرحال ۾ پاڻي ڏبو آهي ۽ قول پاڙبو آهي. اهڙو واعدو عورت ئي ڪري سگهندي آهي جنهن وٽ سينڌ آهي مرد اهڙي واعدي جي نعمت کان محروم آهي ڇو ته وٽس سينڌ ناهي. ” سنڌ جي سينڌ ميري نه ٿئي“ جي عنوان سان سندم پورهيو توهان جي هٿن ۾ آهي. هن کان اڳ گذريل ڪجهه مهينن ۾ پنهنجي پڙهندڙن کي ٽن ڪتابن 1. ”ساڌ ڪهاوڻ ڪٺن هي“ (تصوف)، 2. ”ٿر کي ڀانيون ٿوڪ (ٿر شناسي)“ ۽ 3. ”ڪارونجهر تي باهڙي (اياز شناسي)“ جي صورت ۾ پنهنجو پورهيو ارپيم. اميد ته پسند آيو هوندو. وري سنڌ شناسي بابت لکڻين جو هي مجموعو حاضر آهي. ڪا وڏي دعوى ناهي. بس محبت مان ڪيل رنڍا روڙ آهي. چت ۾ چائت رکي اسان سنهو ڪتڻ سکيو ئي ناهي. اسان جي اندر۾ ساجن جي سار ۽ سنڀار هر ويلي هردم هڪي آهي. سڄڻ جو چِت ۾ چڻڪڻ گهنڊيءَ جي لار وانگيان آهي ۽ اها سارئي زندگيءَ جي لار آهي. زندگيءَ جي گهنڊي سار جي لار کانسواءِ بي معنى ۽ بيساهي آهي. سنڌ ي ماڻهو سڀني لاهن چاڙهن ۽ ويساه گهاتين جي باوجود هرڪنهن کي اڻ ميو ۽ اٿاهه پيار ڏنو آهي ڇوته هو پنهنجي سرشت ۾ عاشق مزاج آهي، تڏهن ته کين ”بازار جي ڀيڙ“ به ليکو چوکو سيکاري نه سگهي آهي. اهڙن ماڻهن جي من جي پاتال تائين پهچڻ ڏکيو آهي. سنڌي ماڻهوءَ جي سماجي تحرڪ کي اڃا تائين پورو سمجهيو ئي نه ويو آهي. جيڪو به کين محبت مان سڏي ٿو ته اهي سهڻيءَ جيان آڌيءَ جو ڪاهي ڪُنن ۾ به گهڙي پوندا آهن . سندن دل جي وسعت کي ڪيرئي ڪڇي نه سگهيو آهي. اها ڪڇ ويئٽ هرڪنهن جي وس جي ڳالهه به ناهي. ڀٽائي به سنڌ سُڪار جي دعا گهري هئي ته شيخ اياز به سندس دعائي تسلسل کي نباهيندي هن ريت چئي ڏنو ؛

    نه جهانگي جهڄن ڪنهن به جهوري هتي،
    نه سانگي ڪنهن کي به سُنگي ڏين
    سدا مامتا جي رکين لاج تون
    سدا چڻنگ ٻارين وساڻل چلهن
    ڳڀي لاءِ ڳولا کُٽي ديس جي
    نه لولالُڇائن نه لوليون لُڇن
    جڏهن رات ٿئي ننڊ جي گود ۾
    سڄو وقت ماروستابا سمهن
    ڪڏهن سنڌ جي سينڌ ميري نه ٿئي
    ڪڏهن موڙ تنهنجا نه مرجهائجن
    لکڻ پڙهڻ جي ڪرت کي ڏسجي ٿو ته هر ماڻهو جيڪي ڄاڻي ٿو اهو ان کي ٻين تائين پهچائڻ فرض آهي. منتقليءَ جي اهڙي عمل ۾ نوجوان طبقي جو ساٿ ڀلي ڳالهه آهي. نوجوان قوم جو مستقبل آهن ۽ جنهن قوم جي نوجوانن ۾ سماجي جاڳرتا هجي ته اها قوم يقينن سڀاڳ واري آهي. سنڌ جو نوجوان به جاڳرتا جي ميدان ۾ تمام اڳتي آهي تنهنڪري سنڌ جو آئندو به روشن آهي. منهنجي لکڻين کي پڙهندڙن جي اڪثريت به نوجوانن جي آهي ۽ مون ڪوشش ڪئي آهي ته جنهن به نوجوان ۾ ڪلاجي چڻنگ نظراچي ان کي مناسب واٽ ڏيکارجي، همٿائجي جيئن اسان جو نوجوان به اتساهه حاصل ڪري ۽ ساهس ساهي ۽ اڳتي وڌي. منهنجي ڪتابن تي به ٻه اکر منهنجي انتهائي ويجهي، همروح ۽ سنڌ جي باشعور نوجوان ڪهاڻيڪار مير منصور مڱرئي لکيا آهن جيڪي مون لاءِ موتين کان گهٽ ناهن. منهنجي لکتن تي منهنجي پياري شاعر ۽ ليکڪ پٽ منظور احمد به هڪ نظر وڌي آهي. عقيل عباس سومري جي گوهر شناسي ۽ قدردانيءَ جو به معترف ٿيڻ ضروري آهي جنهن سنڌيا پبليڪيشن پاران منهنجي لکتن کي مان ڏيندي، سندم چوٿون ڪتاب ”سنڌ جي سينڌ ميري نه ٿئي“ ڇپائڻ جو ڪم پنهنجي ذمي کنيو ۽ ڪتاب توهان جي هٿن تائين پهچايو. سندس وڏا وڙ. . . سڀ کان وڌيڪ پڙهندڙن جا لک لائق جن محبت واري موٽ ڏيندي، سندم لکڻين کي مان ڏنو. ڀٽائي جي سنڌ سڪار واري دعا ۽ اياز جي ڀٽ وسڻ واري دعا سان، اميد ته هي پورهيو به قبول پوندو.

    وسي ڀٽ تنهنجي ڀلارا سدا
    ڀلي ديس پرديس سارا وسن
    اسان سنڌ وارن ازل کان ”اياز“!
    ڪنهن لاءِ مدي سمائي نه من


    نوراحمد جنجهي
    مٺي، ٿرپارڪر
    سنڌ


    سنڌ جي سينڌ ميري نه ٿئي

    شاعري، مصوري، موسيقي ۽ نرت ڪلا توڙي ٻيا لطيف فن، انسان ذات جي اندر جي اڌمن خوابن خيالن ۽ تصورن جي اظهار جو اهڙو وچ وسيلو رهيا آهن جنهن سان انسان نه رڳو پنهنجي حال جي احوال کي اورڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پر ماضيءَ جي جڳاندر جهوني نه تبديل ٿي سگهندڙ مظهر جي مانڊاڻ کي بيان ڪرڻ سان گڏوگڏ ايندڙ وقت جا من ورتيءَ جا سندر سپنا پڻ اڻيا آهن ۽ انهن خوابن ۾ اهڙي اُميري پاتي آهي جو اهي ڪٿان به ٽٽل نظر نٿا اچن، اها الڳ ڳالهه آهي ته جتي اسان جي ڄاڻ جا ذريعا بيهي ٿا رهن اتي اسان انهن کي ٽٽل ٿا سمجهون. جڏهن ته وقت اهڙي وٿ آهي جيڪا ڪٿي به ڇڄي نٿي ۽ اکٽ تسلسل سان هلندي رهي ٿي. هڪڙي گهڙي ٻيءَ گهڙيءَ کي جنم ڏئي ٿي پر ڪا گهڙي ٻيءَ گهڙيءَ کان ڌار ناهي. سڀڪجهه سلسلي جي هڪڙي مالها ۾ پوتل آهي جنهن کي اسين زمانو چئون ٿا ۽ پنهنجي سهوليت ۽ ڳڻپ خاطر زمانن جي زاوين ۽ ڪالمن ۾ ورهايون ٿا. زماني جو قسم ته الله سائين قرآن شريف ۾ به کنيو آهي. زماني جي ضمن ۾ ڪيئي ڪتاب به لکيا ويا آهن پر زماني جي ڳوڙهي ڳنڍ اڃا به اُتي جي اُتي آهي. اسٽيفن هاڪنگ جهڙي جڳ مشهور طبيعاتدان ”وقت جي مختصر تواريخ“ لکي سادي نموني وقت جي سمجهاڻي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته ڪاڪي ڀيرومل آڏواڻي جهڙن ليکڪن پنهنجي شاعري ۾ ”وقت چوي آئون بادشاه “ جهڙا نظم لکي وقت جي ڪڇ ويئٽ کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ٻاراڻي نظم ”واه ڙي تارا“ جي سٽ ”رات لنگهي يا باقي ڇا؟“ به وقت جو تصور ٻارن جي ذهنن ۾ وهارڻ جو ڀلوڙ مثال آهي. ڀٽائيءَ کان وٺي شيخ اياز تائين سمورن شاعرن وقت جي ڪنهن نه ڪنهن پهلوءِ تي خيال جي خمار کي پلٽيو آهي. شاعرن ۽ ٻين تخليقڪارن جي اهڙي سرجڻهار سگهه بابت راءِ ڏيندي، شيخ اياز هن ريت چيو آهي؛
    پهريون پهريون،
    لفظ خدا جو ڪُن فيڪون!
    شاعر، موسيقار، مصور
    سڀ ۾ ساڳيو جوش جنون. . . . .
    ڪُن فيڪون!
    ڏات خزانو آهي،
    ڀل ته وراهي
    موتي هيرا
    نيلم نيرا!
    ڀل ته ڪري سينگار صدين جا!
    روڪ نه تن کي،
    ٽوڪ نه تن کي،
    هي جي سرجڻهار صدين جا. . .
    تن کي تون پنهنجي ساڃهه جي،
    ڄاڻي واڻي،
    بُک نه ڏي اي ڌرتي!
    ڏک نه ڏي اي ڌرتي!
    انهن سروپ سرجڻهارن سنڌ لاءِ به دعائون گهريون آهن ته اها سدائين سکي ستابي هجي ۽ عالم سمورو به آباد هجي. امن هن وقت به دنيا جي سڀ کان اهم ترجيحن مان هڪ آهي. امن جي انهي اوک ڊوک کي جڏهن سنڌ جي سماج جي تناظر۾ ڏسجي ٿو ته حالت ڪا گهڻو ٺيڪ نظر نٿي اچي. سنڌ جنهن کي اوليائن جي ڌرتي چيو ويندو آهي. سنڌ جنهن کي مهن جي دڙي جهڙي جڳاندر جهوني سنڌو سڀيتا جو شاهوڪار پس منظرآهي. سنڌ جنهن جي ڀون مٿاڇري جي ٻهڳڻائپ هن وقت به پرلوڪ پڌري آهي. انهي ۾ جتي جاڏا جبل آهن تتي ٿر بر به آهن ته سنڌو جي آب جي پيچ وارو مٽيهاڻو مهاملوڪ سنئون سنواٽو ميدان به آهي. اهي سموريون وصفون گڏجي ان جو دنيا ۾ خوشحاليءَ وارو تعارف جوڙين ٿيون. جنهن لاءِ ڀٽائي ”سائين سدائين، ڪرين مٿي سنڌ سُڪار“ جهڙي دعا گهري هئي ۽ شيخ اياز هن ريت اظهاريو آهي؛
    سدا هير تن جي هندورو ٿئي،
    سدا امن آزادگيءَ ۾ اُٿن،
    ڪڏهن سنڌ جي سينڌ ميري نه ٿئي،
    ڪڏهن موڙ تنهنجا نه مُرجهائجن
    وسي ڀٽ تنهنجي ڀلارا سدا،
    ڀلي ديس پرديس سارا وسن

    سنڌ جو سماج جنهن جو وڏو حصو ڳوٺن تي مشتمل آهي. ڳوٺن ۾ رهندڙ لکين ماڻهون ڪهڙي حالت ۾ زندگي گهارين ٿا اها ڪا اهڙي لڪل ڳالهه ناهي. روزمره جي اخبارن ۾ خبرون لڳن ٿيون ته فلاڻي هنڌ هيترا ماڻهو قتل ٿيا، فلاڻي ڳوٺ ۾ ڪنهن اٻلا مائيءَ آپگهات ڪئي. ڪٿي قبيلائي جهڳڙن ۾ ڪيئي گهراجڙي وڃن ٿا، ڪٿي ڌاڙيل اٿي پنهنجي ئي ڀائرن کي ڦرين ٿا ته ڪٿي وري ٻئي ڪنهن نالي ۾ ڦرلٽ جو بندوبست ٿيل آهي. اهڙي ڦرلٽ جا ڪيئي روپ آهن. ڪٿي وري قدرتي آفتون منهن ڪڍن ٿيون انهن وگهي ماڻهو موت جا مهمان بنجي وڃن ٿا. ڪٿي ڪا ابهم نياڻي اغوا ڪئي وڃي ٿي ته ڪٿي ڪا وري ٻي مصيبت. ڳوٺن جي انهي صورتحال کي جڏهن ڏسجي ٿو ته عام ماڻهوءَ جي حالت زار نظراچي ٿي. عام ماڻهوءَ کي نه سٺي تعليم ميسر آهي نه ڪو صحت جو جوڳو انتظام آهي. امن امان جي صورتحال خاص ڪري سريلي سنڌ ۾ ڪا سُٺي ناهي. انهن سڀني ڳالهين کان وڌيڪ اها ڳالهه آهي ته لکين ڳوٺاڻا ماڻهو جيڪو پيئڻ جو پاڻي واپرائين ٿا اهو صاف ۽ پيئڻ لائق پاڻيءَ جي دائري ۾ نٿو اچي، نتيجي ۾ ڪيتريون ئي بيماريون پيدا ٿين ٿيون جن جي علاج ڪرائڻ ۾ اڌ آبادي قرض ۾ ڳهبي پيئي وڃي. حڪومتي ترقياتي ڪمن ڪارن توڙي غيرسرڪاري ادارن جي ڪم ڪار جو محور شهر آهن ڇاڪاڻ ته اتي شيون نظراچن ٿيون. ميڊيا جي زينت بنجن ٿيون ۽ لڳي ٿو ته ترقي جو عمل زور شور سان جاري آهي. اها ابتري هڪ طرف سماج کي کائي رهي آهي ته ٻئي طرف اسان جي سماج جي هر شعبي جا اڳواڻ پاڻ ۾ ڄُنڊا پٽ ۾ پورا آهن يا وري مال ميڙڻ ۽ انهي ميڙيل مال کي عياشي ۾ اُڏائڻ جا نت نوان رڪارڊ قائم ڪري رهيا آهن. ماڻهو اڃ بک ۾ مري رهيا آهن ته يار هڪٻئي کي نيچو نوائڻ لاءِ ناڪاري ۽ اڻ پيداواري سرگرمين ۾ سسيءَ تائين گتل آهن. انهي وچ ۾ وري ٽئين صورتحال جو ڏيک اهو آهي ته سماج تي ڪيپ رکي سوڙهو ڪندڙ طبقا پنهنجي دائري ۽ اثر کي وڌيڪ مضبوط ڪري رهيا آهن. اهڙي پيچيدي سماجي منظرنامي ۾ حڪمراني جي حالت به ڪنهن کان ڳجهي ناهي. ادارا ابتريءَ جو شڪار آهن ويندي جو هاڻي ته علمي ادبي ادارن جي حالت به پنهنجا نوازي يا وسيلن جي ونڊ واري وڃي بيٺي آهي ۽ اهي ادارابه شديد انحطاط جو شڪار آهن. اهليت نالي ڪو معيار نه رهيو آهي انهن ادارن جي ڪم ڪار۾. يونيورسٽيون به انهي ميدان ۾ ڪو اهڙو صالح ڪردار ادا نه ڪري رهيون آهن خاص ڪري اهي پبلڪ سيڪٽر جون يونيورسٽيون جو اهي تحقيق، تعليم ۽ تربيت ذريعي سماج جي اڀرندڙ توڙي وس وارن طبقن کي ڪا اهڙي واٽ ڏسين جيڪا سماج جي مجموعي ڀلائيءَ بابت ڪا ٺوس رٿابندي ۽ ان تي عمل ڪرائڻ بابت ڪو جامع لائحه عمل پيش ڪري سگهي. انهي سموري قيامت خيزيءَ ۾ عام ماڻهو ته هونئن ئي ويچارو پيڙهجي رهيو آهي پر نوجوان طبقو ٻنهي پُڙن يعني متاثر ماڻهن ۽ نوازيل طبقن جي وچ ۾ پيڙهجي رهيو ته اهو ڪهڙي واٽ وٺي. سندن صاف سُٿرن ذهنن ۾ عوام جي ڀلائي لاءِ انيڪ سپنا هوندا آهن پر جڏهن اهي انهي ڦرلٽ وسيلي ٽيڪيل طبقي ڏانهن ڏسن ٿا ته سندن ڪچي راءِ لُڏي پوي ٿي ۽ پوءِ هو جنهن ماحول جي اچي ور چڙهن ٿا ان جي وير ۾ لڙهي ٿا وڃن ۽ سماج بنا ڪنهن مثبت تبديليءَ جي اهڙوئي لڳي ٿو جهڙو اڳي هو. جيتوڻيڪ سماج ۾ مادي ترقي ٿوري گهڻي ٿئي ٿي پرسماج جا پيداواري ذريعا جنهن شئي جي نشاندهي ڪن ٿا اهو لاڙو ڪو هاڪاري رُخ نٿو ڏيکاري. اهڙي طرح سماج انڌي گهوڙي ڪل ۾ وانگر ايئن ڦيرا کائي رهيو آهي جيئن رڻ ۾ سڀئي اسونهان ڊرائيور منجهي پوندا آهن ۽ پنهنجي سوارين کي چڪر ڏياري ڏياري وري اچي ساڳي هنڌ تي بيهي رهندا آهن. اچو ته ڏسو ن انهي سموري ماجرا جا ڪهڙا سبب آهن ۽ اسين انهي ڌُٻڻ مان ڪيئن نڪري سگهون ٿا؟
    ● سنڌ جي آبادي جي اڪثريت ڳوٺن ۾ رهي ٿي. شهرجڻ جو عمل لڏپلاڻ کي جنم ڏئي ٿو. ڇاڪاڻ ته سرمائيواد جي ثقافت پنهنجي منافعي خوريءَ لاءِ ماحول جوڙي ٿي. شهرن ۾ صحت، تعليم ۽ روزگار جي سهوليتن جو هجڻ ۽ ڳوٺن ۾ انهن سهولتن جي عدم موجودگي يا ابتر صورتحال اتان جي آباديءَ کي انهي ڪڙي ڪم تي مجبور ٿي ڪري ته اهي الهه تلهه کپائي، اباڻا اجها ڇڏي، اچي شهرجڻ جي شينهن جي وات ۾ پون ٿا ۽ پوءِ پنهنجي ڳوٺن کي پوئتي مڙي به نٿا نهارين. نتيجي ۾ ڳوٺاڻا ويچارا جيڪا زندگي گهارين ٿا سا ڪا اهڙي سُٺي ناهي. سرڪاري رٿابندي پڻ انهي ماڊل تي فوڪس ڪري ٿي ڇاڪاڻ ته رٿابندي ڪندڙ ۽ ڪرائيندڙ ن جي اڪثريت شهري بابو لوڪن تي مشتمل هوندي آهي جن کي ڳوٺن جي ماحول يا مسئلن جي ڪا سرپر جهڙي سمڪ به نه هوندي آهي پر سموري ڪم جوڙي ڪري ماڻهن تي ٿوپيو ويندو آهي. غيرسرڪاري ادارن ۾ رٿابنديءَ جي ته حالت ويتر خراب آهي سڀئي تنظيمون داتا ادارن جي مقصدن کي سامهون رکي پنهنجا منصوبا جوڙين ٿيون. اهي منصوبا ڊونر فوڪسڊ هوندا آهن نه ئي ڪميونٽي فوڪسڊ. اهڙي ابتريءَ جون خبرون چارون به روزانو اينديون رهن ٿيون ته عوامي جي حقن جا چئمپيئن ڪيئن ٿا ڳجهن وانگر پئسن تي پالها ٿين.
    ● سماج ۾ ڪجهه اهڙا طبقا آهن جن جي ڏور ٻئي ڪنهن جي هٿ ۾ آهي ۽ اهي طبقا سماج جي شعور تي هڪڙي شاه دولهي جي ڪوئن واري ٽوپي آهن. سماج جي اڀرندڙ شعور کي موڙي مروڙي غلط رُخ ڏانهن وٺي ٿا وڃن. وڏيري کي هرڪو نندي ٿو پر اسان وٽ ته اڳواڻيءَ جا اهڙا بدتر روپ آهن جيڪي پاڻ کي فرشتا سڏائي شيطان کان به بدتر حرڪتون ڪن ٿا. وڏيرن جي خلاف تقريرون ڪري وڏيرن وانگر هڪڙيون زالون ڇڏيون وري نيون مايون پهرين وهارين ٿا ۽ پوءِ زماني جي ڀيڙ ڀيڙان جي ڪري شاديون ڪن ٿا. ڪي همراه وسيلن جي ڦرلٽ کي وڏيري وانگر جائز سمجهن ٿا ۽ پوءِ اهڙي مال مان وڏي عياشي به ڪن ٿا جنهن ۾ ڪيئي ڪريل اخلاقي ڪرتوت به شامل آهن. نوجوان ويچارو جڏهن اهڙي ڳالهيار طبقي جي ڳالهين ۾ اچي ٿو يا انهن جي پيروري ڪري ٿو ته سمجهي ٿو ته هو ڪنهن چاڙهيءَ وڃي چڙهندو پر جڏهن اهڙن ماڻهن جي منافقي ظاهر ٿي پوي ٿي ته پوءِ مايوسي پکڙجي ٿي. اڳواڻي جي اهڙي ماڊل به سماج کي مجموعي طور ڪافي پٺتي ڌڪيو آهي يا وري اڳتي وڌڻ کان ٿيڙهيو آهي.
    ● تعليم ۽ تربيت جي سماجي ادارن جو ڪو سُٺو جوڙجڪي سرشتو موجود ناهي جنهن ڪري به ماڻهو انهي ڌٻڻ ۾ وڃي ڦاسي ٿو. اڳتي هلي ساڳي ڪلچر جو حصو بنجي وڃي ٿو.
    انهي سموري پيچيدي پاپ نگر مان مٿي چاڙهي لاءِ ڪجهه تجويزون هي آهن
    ● ترقيءَ جو ماڊل جيڪو ٽاپ ٽو باٽم آهي سو عوام دوست ماڊل ناهي ان کي عوام دوست ماڊل ڪرڻ لاءِ ترقيءَ جي ونڊ ورڇ کي باٽم ٽو ٽاپ بنايو وڃي. سرمائيوادي ترقي شهرجڻ تي آڌارڪ آهي جڏهن ته امن آشتي ننڍڙين ننڍڙين وسندين ۾ آهي. هاڻي دنيا به جڏهن انهي ماڊل مان بيزار آهي ته اسان جي سرڪاري توڙي غيرسرڪاري ادارن کي اها واٽ مٽائڻ گهرجي ۽ ترقيءَ جو عوام فوڪسڊ ماڊل اپنائڻ گهرجي
    ● اڳواڻيءَ کي قربانيون ڏيندڙ ۽ باڪردار هئڻ گهرجي. سندن قول ۽ فعل هڪٻئي سان ٽڪراءَ ۾ نه هئڻ گهرجن. سندن ايمان سماج جي مجموعي ڀلي ۾ هئڻ گهرجي نه ئي ذاتي مفادن ۽ مال ميڙڻ ۾. اڳواڻي جي صلاحيت به اُتم هئڻ گهرجي جو اها همعصر تقاضائن کي پروڙي سگهي ۽ ننڍڙن ننڍڙن تڇ مفادن مان اڳتي وڌي سماج جي مجموعي ڀلي لاءِ پاڻ پتوڙڻ لاءِ قربانيءَ وارو جذبو رکندڙ هجي.
    ● سماج ۾ اهڙن ادارن جي شديد ضرورت آهي جيڪي مجموعي طور ماڻهوءَ جي صلاحيت جوڙڻ جي تربيت ۽ تعليم جو بندوبست ڪن، جنهن مان ماڻهن ۾ ڀلي ڏانهن وڌڻ ۽ بُري کان بچڻ جو شعور اجاڳر ٿئي جيئن سماج پنهنجي ڪنهن هاڪاري رُخ ۾ پنهنجي منزل طئي ڪري ۽ اڳتي وڌي. هن دور جو نوجوان ڪافي باشعور آهي ۽ هو يقينن اسان جي سماج کي مثبت رخ ۾ وٺي ويندو ۽ سنڌ جي سينڌ سدائين سندور ڀريل ۽ سهاڳي رهندي.


    سنڌ سُڪار ۽ عالم جي آبادي

    سنڌ سُڪار ۽ عالم جي آبادي

    سائين سدائين ڪرين مٿي سنڌ سُڪار جي ٻي سٽ ۾ عالم سڀ آباد ڪرين لکي ڀٽائي ڀلاري دنيا کي اهو سنيهو ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته سنڌ جا ماڻهو امن جا امين ۽ جڳ جهان جا گهڻگهرا آهن. اهي جتي سنڌ لاءِ سُڪار مڱن ٿا تتي عالم جي امن لاءِ به ٻاڏائين ٿا. عالمي امن جو اهو تصور جيترو ان وقت اهم هو هن وقت ان کان به وڌيڪ اهم آهي ڇاڪاڻ ته هن وقت جي دنيا جي مجموعي مانڊاڻ تي نظر وجهجي ٿي حالتن جي سنگيني جو اندازو ٿي وڃي ٿو. دنيا ڪٿي بيٺي آهي ۽ ڪيڏاهن ڪرهو ڪاهي وڇي رهي آهي؟ دنيا کي ڪاهي هلڻ وارا وري ان کي ڪيڏاهن وٺي وڃڻ جي سڌ رکن ٿا. دنيا جي ادارن پاران جيڪي به انگ اکر پڌرا ٿين ٿا انهن انگن اکرن مان دنيا جي صورتحال جو هڪڙو روپ جهلڪي ٿو. هڪڙو روپ ان جي ڪري جو اهي انگ اکر به ڪو ايترا ٽامي اکر نه هوندا آهن جو مٽجي نه سگهن. ادارا پنهنجي سهولت خاطر انهن انگن اکرن سان کيڏندا رهن ٿا. انگن اکرن جي اها راند يونين ڪائونسل جهڙي ننڍڙي يونٽ کان وٺي جڳ جهان کي هلائيندڙ ادارن تائين هڪجهڙي آهي. گلوءَ جو کوڙو سڄي دنيا جو پسنديده کوڙو آهي. گلوءَ جي کوڙي دنيا ۾ جيڪا گڙٻڙ پکيڙي آهي، اها به ڪنهن کان ڳجهي ڪانهي. انهي جي باوجود انگن اکرن کي ڏسجي ٿو ته اهي انگ اکر دنيا جي ابتريءَ جي جيڪا تصوير پيش ڪن ٿا سا ڏاڍي ڀيانڪ آهي. ان تصوير جا چار وڏا رخ آهن. غربت، جنگڪاري، آفت زدگي، ۽ ڪلائيميٽ چينج. غربت جو وڏو روپ بُک ۽ بدحالي آهن. انٽرنيٽ جي انگن اکرن جي روشني ۾ 2016ع جي غربت ۽ بُک جو منظرنامو هن طرح چٽيل آهي؛

    The United Nations Food and Agriculture Organization estimates that about 795 million people of the 7. 3 billion people in the world, or one in nine, were suffering from chronic undernourishment in 2014-2016. Almost all the hungry people, 780 million, live in developing countries, representing 12. 9 percent, or one in eight, of the population of developing counties. There are 11 million people undernourished in developed countries

    گڏيل قومن جي کاڌخوراڪ واري کاڌي جي انهن انگن اکرن مان کاڌي جي محتاج ماڻهن جو پتو پوي ٿو. غربت جي اها هڪڙي جهلڪ آهي. هونئن ته غربت گهڻ منهين بلا آهي جيڪا ماڻهوءَ جي صحت کي به متاثر ڪري ٿي ته ان جي تعليم کي به متاثر ڪري ٿي. سلامتي نالي ڪا شئي غريب وٽ ناهي. سماجي غربت ته اڃا به غربت جو اهو نيارو روپ آهي جنهن جي اڄ تائين ڪٿ نه ڪئي ويئي آهي. غربت جي هيستائين جيڪا به تورتڪ ڪئي وڇي ٿي اها اقتصادي لحاظ کان ئي هوندي آهي. سماجي طور ڏسجي ته ٽئين دنيا جي غريب ملڪن ۾ ماڻهن جي حالت جانورن کان به بدتر آهي. کين پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جو گلاس به ميسر ناهي. کين گهر ٺاهڻ لاءَ ڪا زمين ناهي. سندن عزت نفس محفوظ ناهي. اهي هڪڙي غلاميءَ جي زندگي گذاري رهيا آهن. غلامي جو اهو گانگهو جڏهن گهڻو وقت ماڻهوءَ جي ڳچيءَ جو ڳٽ بنجي ٿو ته پوءِ اها غلامي وڻندڙ وٿ ٿي پوي ٿي ۽ غلام ماڻهو پنهنجي غلاميءَ سان کي قبوليندي رضاڪاراڻي غلامي جي لباس ۾ ويڙهجي وڃن ٿا. اهو لباس سندن اولادن کي به ورثي ۾ ملي ٿو. انساني ستاب جو اهو سلسلو نه ڄاڻ ڪيتري عرصي کان جاري آهي.
    غربت کانپوءِ ٻيو ڪُوپ جيڪو سنسار۾ هلي پيو سو آهي جنگڪاري جو جنون. انسان جي انهي ماليخوليا جيڪي ڪيس ۽ ڪلور ڪيا آهن سي ڌرتيءَ جي سيني تي ۽ تواريخ جي ورقن ۾ پکڙيا پيا آهن. . اهي انسانيت سوز واقعا انساني ضمير کي سدائين للڪاريندا رهندا پر اڃا تائين دنيا جو اجتماعي ضمير ايترو نه جاڳيو آهي جو ماڻهو طاقت جي ان انڌ جي گهوڙي تان لهي اچي ۽ دنيا تي ديرو دمائڻ جي نفسياتي بيماريءَ مان نڪري اچي ۽ دنيا ۾ امن جون ڪوششون ڪري. ليگ آف نيشنس ٺهي جنهن گڏيل قومن جي اداري کي جنم ڏنو جيڪو به هاڻي پنهنجي اثر پذيري وڃائي چڪو آهي. ايئن ادارا ته نون نالن سان ٺهندا رهندا پر دنيا ۾ جنگڪاري جو جنون گهٽجڻ بدران ڏينهون ڏينهن وڌنڌو پيو وڃي. جنگڪاريءَ مان مراد اها آهي ته نه رڳو جنگيون سرگرم نموني وڙهيون پيون وڃن پر جنگي عمل هڪڙو مهانگو مارڪيٽ ٺاهي ورتو آهي ۽ ان مارڪيٽ جي منافعي خوري دنيا ۾ اهڙي تباهي مچائي آهي جو هاڻي ڪير کٿي کي ڇڏڻ چاهي پر کٿو ان کي ڇڏڻ لاءِ تيار ناهي. جنگڪاريءَ مان دهشتگرديءَ سسي ڪڍي ۽ اها هاڻي ڳورپٽ بنجي دنيا جي پرامن ۽ معصوم ماڻهن کي ڊيڄاري رهي آهي. دهشتگردي تي ايترو خرچ ٿو اچي جو اهو جيڪڏهن سجائي طرف ڪيو وڃي ته شايد دنيا ۾ غربت ڪافي حد تائين گهٽجي وڃي.
    جنگڪاريءَ جي جنون جيان آفت زدگي به اهڙو اهنج آهي جنهن ۾ دنيا ڏينهون ڏينهن وڪوڙجندي پيئي وڃي. آفت زدگيءَ جا ٻه قسم آهن هڪڙي قدرتي آفت زدگي ۽ ٻيو انساني هٿن جي وڌل آفت زدگي. قدرتي افت زدگي ۾ ڏڪار، ٻوڏون، ماڪڙ، جهنگ باهيون، وبائون وغيره اچي وڃن ٿيون. انساني آفت زدگين ۾ آبادين ۾ باه لڳڻ، جنگيون جهيڙا، ٽريفڪ جا حادثا، بجليءَ جا حادثا وغيره. ان کان به وڌيڪ جيڪا انساني آفت زدگي محسوس ٿئي ٿي اهو سائبر دنيا ۾ انسان جي هٿ چراند آهي. دنيا ۾ هيڪنگ هن وقت جنهن نموني سان وڌي رهي آهي سا اڃا به ترقي ڪندي ۽ دنيا جي سمورن ڳرن هٿيارن جو ضابطو ڊجيٽائيز ٿيل آهي، اهو ايڏو وڏو جوکو آهي جنهن جي تباهي جو ڪاٿو ئي نٿو لڳائي سگهجي. آفت زدگين کي ختم ته نٿو ڪري سگهجي پر انهن جي جوکم کي گهٽائي سگهجي ٿو. ڪلائيميٽ چينج يا آبهوا جو ڦرڪو ڦرڻ به اهڙو اچي دنيا جي ڳچيءَ ۾ پيو آهي جو ڳچي ڪڍائي به نٿي سگهجي. سڄي دنيا ۾ ان ٻول جو ٻڙڌڪ آهي. هرهنڌ ڪلائيميٽ چينج بابت ڪا نه ڪا سرگرمي هلي رهي آهي. انهن سڀني ڪوششن جي باوجود دنيا ۾ ماحول جو بگاڙ وڌنڌو وڃي. غربت وڌنڌي وڃي. آفت زدگي به ڏينهون ڏينهن سرس ۽ سوائي ٿيندي وڃي. دنيا جو جتي اهڙو منظرنامو آهي ته سنڌ به ان جو حصو آهي. هتي به غربت آهي ته آفت زدگي به متاثر ڪري ٿي ماڻهن کي. قدرتي وسيلن سان مالامال سنڌ ۾ انيڪ سماجي ۽ سياسي مسئلا آهن جن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي ته انهن کي حل ڪرڻ جي به ضرورت آهي. سنڌ جي سماج کي ڏسبو ته ان ۾ آباديءَ جي اڪثريت ڳوٺن ۾ رهي ٿي. ڳوٺن ۾ رهندڙ آباديءَ جي اڪثريت غربت جي ليڪ کان هيٺ زندگي گذاري ٿي. انهي آباديءَ کي ٻيو ته ٺهيو پر پيئڻ جو صاف سُٿرو پاڻي به نصيب ناهي. تعليم جو خواب به سندن خواب ۾ ناهي. صحت لاءِ اهي پيرن، ڀوپن ۽ سرڙين جي رح م ڪرم تي آهن. غربت جي چڪيءَ ۾ پيڙهجندڙ اهي لکين ماڻهو ابتريءَ واري زندگي گذارين ٿا. بئراجي علائقي ۾ ته وڏيرپ ۽ جاگيرداريءَ وارو اهڙو منجهيل سُٽ آهي جنهن ڪري غريب هاري جي زندگي ڪا سُکي نٿي گذري. هاري ماڻهن کي پنهنجي زمين جي چموٺي به ناهي جنهن تي اهي پنهنجو اجهو اڏي سگهن. ڀلي وٽن پئسا اچي وڃن پر اهي پنهنجو گهر تعمير نٿا ڪري سگهن ڇاڪاڻ جو وٽن پنهنجي زمين ناهي ۽ اهي وڏيري جي رحم ڪرم تي آهن. وڻي جنهن کي رهڻ ڏي وڻي جنهن کي لڏائي. سنڌي سماج ۾ جتي به قبائليت آهي اتي ماڻهو قبائلي جهيڙن جي هاويءَ ۾ جيئرا جلي رهيا آهن. سردارن انهي ڪم کي وينچر ڪري ورتو آهي ۽ جهڳڙي جي ڪري سندن پنج ئي گيهه ۾ هونديون آهن. پيري مريديءَ جي نالي ۾ ماڻهوءَ سان جيڪو اقتصادي ۽ سماجي ڪاروهنوار جاري آهي ان جي قصي ڪٽڻ لاءِ الڳ مضمون جي ضرورت آهي. درگاهن تي جيڪا اُٿ ويهه رائج آهي ان جا اثرات به ڪي چڱا نٿا نڪرن. ٿر۾ قدرتي آفتون هڪٻئي پٺيان اينديون رهن ٿيون. بنيادي سهوليتن جو سرڪاري ڍانچو انتهائي ابتريءَ جي ور چڙهيل آهي. صحت ۽ تعليم ٻن خانن ۾ ورهايل آهي. هون وارن لاءِ صحت ۽ تعليم جون سهوليتون الڳ آهن ته اڻ هوند وارن کي ننڌڻڪن سرڪاري ادارن ۾ پنهنجا ٻار موڪلڻا ٿا پون. معياري تعليم غريب ماڻهوءَ لاءِ آڌيءَ جو سپنو آهي. جنهن کي ڏسندي به هو پڇتائي ٿو ته جاڳي به پڇتائي ٿو. سرڪاري کاتن ۾ ته رشوت جو واهپو نظراچي ٿو پر هاڻي غيرسرڪاري ادارن ۾ به بدعنواني جا بند ڀڄي پيا آهن. سياسي قيادت به پنهنجي پنهنجي منهن لڳي پيئي آهي پر متفق هئڻ جي باوجود ان جو هڪ پليٽفارم تي گڏجڻ خواب محسوس ٿئي ٿو. اهڙين حالتن ۾ سنڌي ماڻهو آخر ڪيڏاهن وڃي. انهن سڀني معاملن کي نظر ۾ رکندي جيڪڏهن غور ويچار ڪجي ٿو ته سڀ کان اول ذهن ۾ اهو اچي ٿو ته سنڌي سماج جو سماجي تحرڪ انتهائي پيچيدو آهي. اهڙي سماج کي جيڪڏهن ڪو هاڪاري دڳ ڏسڻو آهي ته سماجي تحرڪ کي چڱي ريت سمجهڻو پوندو. وڻ وڻ جي گڏ ٿيل ڪاٺي، سنڌ جي پاڪ پاڻي پيئڻ سان هڪ ته ٿي ويئي پر هاڻي هڪ ٿي ڪيئن هلندي، اهوئي اهم سوال آهي، جنهن کي سمجهڻ لاءِ، سنڌي ماڻهوءَ جي سوين سالن جي تاريخ کي سمجهڻو پوندو. ثقافت جي تاريخ کي سمجهڻو پوندو. ان جي ئي روشنيءَ ۾ ڪو ٻوٽو ٻارڻو پوندو تڏهن وڃي سنڌي سماج جو اٺ ڪنهن سولي چئونڪ جهڪندو. اها اميد سنڌ جي نوجوان ۾ نظراچي ٿي جيڪو سُجاڳ به آهي ته شعور به رکي ٿو. ان نسل ۾ اڳتي وڌڻ جو اتساه به آهي. رڳو ان ڳالهه جي ضرورت آهي ته ان کي هاڪاري دڳ ڏيکاريو وڃي باقي ڪم هن کي ڪرڻا آهن ۽ هو چڱيءَ ريت سمورا فرض، فرضن جيان نباهيندو. نتيجي ۾ سنڌ ڀٽائي جي خواب وار سُڪاري ڌرتي ٿي اڀرندي. سنڌ تي سُڪار هوندو ته ئي عالم سمورو به امن سان آباد هوندو.


    انساني ترقيءَ جي ارتقا ۽ اُن ۾ سنڌ جو حصو

    انساني ترقيءَ جي ارتقا ۽ اُن ۾ سنڌ جو حصو

    انسان جو روپ سروپ ۽ اُن جون طئه ڪيل منزلون ۽ ماڳ، چاڙهيون ۽ چاڙهيڪا ۽ لاهيون ۽ لوڙهون ڏسي عقل چرخ ٿئي ٿو ته ڪائنات جي هِن مرڪزي مظهر ڪيترو نه پنڌ پٽيو ۽ رائو ريليو آهي ۽ ڪٿي به ويٺو ناهي جتي به ويٺو آهي ته مٿانئس واري وري ويئي آهي. انساني سفر جي تاريخ جي اوک ڊوک ڏسي خيال اُن هستي ڏانهن وڃي ٿو جنهن اِها تخليق ڪئي ۽ پنهنجي خيال تي ڪئي ۽ ٻنهي جي تعلق جي اونهائي کي فلاسافرن، شاعرن، عالمن ۽ فنڪارن هر ڪلا ۽ فن ۾ بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ڀٽائي سائين ڀُڻ اِنهيءَ سٻنڌ کي سون سريکين سٽن ۾ هن طرح نباهيو آهي:

    پڙاڏو سو سڏ، وَرُ وائيءَ جو جي لهين،
    هُئا اڳهين گڏ، پر ٻُڌڻ ۾ ٻه ٿيا.

    ٻُڌڻ ۾ ٻه ٿيڻ جو سبب به انساني ادراڪ جي حسي ذريعن جي بناوٽ آهي نه ته ٻڌڻ ۾ به ٻه شايد نه محسوس ٿين. جيڪڏهن انسان پنهنجي حواسن کي رندو هڻي سنواري ۽ سُڌاري ته کيس سُپريان جي ڳالهڙي جيڪا هڪ نقطي ۾ سمايل آهي، سا سولي سمجهه ۾ اچي وڃي، جيئن شاهه ڪريم فرمايو آهي:
    هِي ڪن گاڏهان وڪڻي، ڪن ڪي ٻيا ڳنهيج،
    سندي سُپريان ڳالهڙي، تني سين سڻيج.

    اهڙي طرح اهو سُرساز، تند تار ۽ اندر جو آواز انسان جي اندروني تجسس کي صدين کان گهليو کنيو اچي ۽ انسان شعور، علم ۽ انساني حاصلات ڪائنات جي ڪروڙين روپن ڀري ڪينواسن تي اِهڙا ڪوڪا هنيا آهن، جيڪي ٻي ڪا به مخلوق اُکيڙي ڪڍي نه سگهي آهي. انسان جو اِهو سفر جنهن جو بُنياد خيال جي خوشنما عمارت تي بيٺل آهي ۽ اُن جي شڪل وري تصور جي اظهاري صورت يعني عمل جي ڪارڻ ٿيندي رهي آهي. علم ۽ عمل جي اِها انوکي وٿ ڌرتيءَ جي گولي توڙي سموري ڪائنات ۾ اڻ ڳڻين ۽ جٽادار تبديلين جو سبب بڻي آهي. اهڙي طرح اِن سموري آکاڻيءَ جو وستار وڏو آهي ۽ وقت جي انڌي وانئر ڪافي شين کي پنهنجي ڌنڌ ۾ ڌنڌاٽي ڇڏيو آهي پوءِ به اڻ لکا اُهڃاڻ سهي، پرين جي پنڌ جو پار پتو ٻُڌائين ٿا.
    انسان جيڪو جانور ۽ پوءِ ڏاڪا چڙهي سماجي جانور جي پد تي پُهتو، تنهن پٿر مان هٿ ڪهاڙيون گهڙي ٺاهڻ کان وٺي، پٿر تي گسائي باهه ڪڍڻ جهڙو عظم ڪم ڪرڻ کان وٺي، مائيڪرو سافٽ چپ ٺاهڻ تائين انيڪ ميل پٿر انساني شاهراه تي هنيا آهن، ڪير شين کي تصورائي ٿو؟ ڪير اُن تي هينين کي هنڍائي ٿو؟ ڪير ان کي اظهاري ٿو؟ يعني عملي صورت ڏئي ٿو. سڄو عمل هڪڙي دلچسپ ۽ پُر پيچ زنجير آهي.

    مين خيال هون ڪسي اور ڪا،
    مجهي سوچتا ڪوئي اور هي

    ائين خيال جو انساني تصور وارو چشمو ٺوٺ سُڪل سنگلاخ جيلن ۾ به ڦٽي نڪتو آهي ته ريگزارن ۾ به، سڌن سنواٽن ميدانن ۾ به خيال پنهنجا واهڙ وهايا آهن ته ڀٽن جي ڀر ۾ پنهنجا ڪونتل ڪڏايا آهن. اچو ته هڪ نظر وجهون ته انسان ڪهڙو پنڌ ڪيو آهي، ڪيترو پنڌ ڪيو آهي ۽ ڪيئن ڪيو آهي، سنڌ ۾ اُن جو ڪو حصو پتي يا ڪردار به ڪا تهذيب رهي آهي يا وري اسان جي ناميارن عالمن نه ڄاڻ ڪهڙن اثرن هيٺ هر شئي کي سامي ۽ سُميري سري سان ملايو آهي! ڇا موهن جي دڙي جي عورت واري پُتلي جنهن کي ناچڻي سڏيو وڃي ٿو، تنهن کي پاتل کنج اونها اسرار ٿي کولي؟ ڇا ڪنگ پريسٽ جي خط کنيل ڏاڙهي ۽ ڦولدار ويس اُن جي تهذيب يافته هجڻ کي ظاهر نٿو ڪري، . انهي اوک ڊوک لاءِ تاريخ جي ورقن تي نظر وجهڻ ضروري آهي.
    40000-60,000 ورهيه اڳ تخليقي ڌماڪو ٿيو جنهن جي نشاني طور غارن ۾ ملندڙ چٽ ۽ پٿر تي اُڪر جا نشان ملن ٿا 14000 کان 6000 ورهيه اڳ انسان کي ٻوٽن ۽ جانورن کي تاتيو ۽ هُن پنهنجي فطرت فتح ڪرڻ واري سگهه جو اظهار ڪيو. 1000 ق م پهريون دفعو مٽيءَ جو استعمال ڪيو ويو. 5500 ق م ۾ لکت جي پهرين صورت هندستان ۾ ملي ٿي. 2900 ق م کانپوءِ گل گاميش جو قصو ملي ٿو جيڪو پهريون تصور اتي رزميو آهي جنهن ۾ به انسان پنهنجي فنا کان بقا ڏانهن وڌڻ واري جنگ لڙندي نظر اچي ٿو. 2100 ق م ۾ پهريون قانوني ضابطو جوڙيو ويو. 2000 ق م ۾ ڦيٿي جي ايجاد ٿي 1200 ق م کان اڳ پهرين الفا-بي جوڙي ويئي. 640 ق م ۾ پئسو رائج ڪيو ويو. 600 ق م پهريون دفعو لاطيني جي لکتي صورت ۾ ثابتي ملي ٿي 585 ق م ۾ ٿيلس سج گرهڻ جي اڳڪٿي ڪئي ۽ ارسطو مطابق اها اُها گهڙي هئي جنهن سائنس ۽ فلسفي کي جنم ڏنو.
    538 ق م ٻُڌ گوتم پنهنجي سفر کي شروع ڪيو 507 ق م ۾ اٿينز ۾ جمهوريت کي متعارف ڪرايو ويو 336 ق م کانپوءِ ارسطو دُنيا کي ڪلاسيفاءِ ڪيو. 3 صديءَ ق م جي وچ ڌاري اها تجويز آئي ته ڌرتي سج جي چوڌاري گردش ڪري ٿي. ٻين صدي ق م ۾ چين ۾ ڪاغذ جو واهپو شروع ٿيو. پهرين صديءَ عسيويءَ ۾ چين ۾ Wheelbarrow ايجاد ڪيو ويو. ساڳي وقت پارڪر ۾ پاري ننگر جهڙو نام ڪٺو شهر آباد ٿي چُڪو هو. 80 عيسوي ۾ چين ۾ Compass جو استعمال ڪيو ويو. 242ع کان اڳ اسڪندريه ۾ نئين افلاطونيت وڌي ويجهي. 570ع ۾ حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم جي پئدائش ٿي 633ع ۾ قرآن شريف جي تدوين ٿي. 751ع ۾ ڪاغذ چين مان پنڌ ڪندو مغرب پُهتو 904-906ع دوران پهريون دفعو چين ۾ ڪاوڙ ۾ بارود جو استعمال ڪيو ويو 1087ع ۾ ارينريئس بولوگنا يونيورسٽيءَ ۾ قانون پڙهايو. 1094/1117ع دوران آڪسفورڊ ۾ اُستادن کي نالا ڏنا ويا. تيرهين صديءَ جي آخر ۾ چوڏهين صديءَ جي اوائل ۾ اٽليءَ ۾ سرمايي واد ۽ بئنڪاري جو بُنياد پيو. چوڏهين صديءَ عيسوي جي اوائل ۾ يورپ ۾ يونيورسٽين جي ججهائي ٿي. چوڏهين صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ کاتا بندين ۾ ٻٽي داخلا جو واهپو ٿيو. 1403ع ۾ ڪوريا ۾ هڪ هنڌان پئي هنڌ کڄي سگهندڙ ٽائيپ جو استعمال ڪيو ويو. 1440ع ۾ ڇپائي ايجاد ٿي پهريون ڀيرو 1560ع ڪنهن ڇاپيل نقشي ۾ آمريڪا کي ڏيکاريو ويو 1517ع ۾ مارٽن لوٿر پنهنجا 95 اُصول/نظريا وٽن برگ چرچ جي دروازي تي ميخن سان هنيا. سُڌاري جي تحريڪ شروع ٿي. 1519ع ۾ ميگلان پئسفڪ مهاساگر ڏانهن ويندڙ ڏاکڻيون رستو دريافت ڪيو ۽ سندس ٻيلي Sebastian delcano ڌرتيءَ جي چوڌاري چڪر لڳايو. 1525ع ۾ Anabaptist جي سرواڻيءَ ۾ جرمنيءَ ۾ هارين جو انقلاب برپا ٿيو. 1543 ۾ مشهور سائنسدان ڪوپرنيڪس آسماني جسمن جي چُرپر ۾ انساني جسم جي جوڙجڪ متعلق ڪم ڪيو 1605ع فرانس بئڪن علم جي اڳڀرائيءَ ۾ پنهنجو ڪردار نڀايو. وليم شيڪسپيئر شاهه ايليا ۽ مئڪبيٿ ڊراما تخليق ڪيا ته سروانٽيز جڳ مشهور ناول Don Quixote جو پهريون باب سرجيو. 1619ع ۾ مشهور فلسفي Descartes شڪ جي اهميت جو نظريو تصورايو ۽ جسم۽ ذهن جي ٻٽي هجڻ جو تصور پيش ڪيو 1625ع کانپوءِ ۽ ناول ادب جي صنف طور اُڀريو 1669ع ۾ پهريون دفعو پنڊيهڻن fossils کي زنده شين جي باقيات طور مڃتا ڏني ويئي 1670ع ۾ اسپينوزا Tractus theologico politicus جهڙو دستاويز ڏنو 1675ع کان 1683ع ڌاري مشهور سائنسدان Van Leeuvenhock پروٽوزوئا، اسپر ميٽوزوئا ۽ بئڪٽريا کي دريافت ڪيو. ارڙهين صديءَ جي شروعات ۾ اخبارون عام جام ٿيون، رسالا جاري ٿيا، راڳداريءَ جا سُنگ هال وڌيا، عوامي پهلوءَ کي هٿي ملي ۽ اُن جو اُڀار ٿيو. چين ۾ ممنوع ڪتابن جي اگهوتري شايع ڪئي ويئي 1721ع ۾ ڊربي ۾ پهرين فيڪٽري قائم ٿي 1729ع ۾ بجليءَ کي فاصلو طئه ڪري ٻئي هنڌ پهچايو ويو 1750ع ۾ آمريڪا ۾ عظيم جاڳرتا ٿي ۽ 1760ع ۾ صنعتي انقلاب جي شروعات ٿي 1789ع ۾ وڏو ڦيرو آيو ۽ فرانسيسي انقلاب ظهور پذير ٿيو، ماڻهوءَ جي حقن جو فرانس ۾ پڌرنامو جاري ٿيو 1790ع ۾ پهريون دفعو ”وچئين طبقي“ جو اصطلاح استعمال ڪيو ويو. ارڙهين صديءَ جي آخر ۾ انجيل جي مواد تي تنقيد جي شروعات ٿي ۽ ڌرتي بابت هڪٻئي جا ساٿي نظريا Vulcanism ۽ Neptunism نظر عام تي آيا 1805 ۾ بيٿوون جهڙي نامور موسيقار پنهنجي سيمفني ترتيب ڏني. 1816ع ۾ پهريون ڀيرو ٽيليگراف ڪم ڪرڻ شروع ڪيو 1831ع ۾ برٽش ايسوسي ايشن فارائڊوانسمينٽ آف سائنس جوڙي ويئي 1833ع کان پوءِPsychosis ۽ Psychiatric جا اصطلاح استعمال ڪيا ويا 1838ع ۾ مشهور ماهر عمرانيات ڪومٽ sociology جو اصطلاح جوڙيو ۽ Paleontologyجو اصطلاح پڻ پهريون ڀيرو استعمال ڪيو ويو 1840ع ۾ لوئي آگاسي برفافي دور جي نشاندهي ڪئي 1848ع ۾ يورپ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ انقلابي تبديليون آيون ۽ رابرٽ اوون ڏيکاريو ته سڀني ڪرنگهيدار جانورن جو ڍانچو هڪجهڙو آهي 1856ع ۾ اوائلي يا جهنگلي انسان Neanderthal انسان جي ڪيپراٽي جرمنيءَ ۾ لڌي ويئي 1859ع ۾ حياتياتي سائنس جي دُنيا ۾ وڏو انقلاب آيو ۽ چارلس ڊارون Origin of Species ۾ ارتقا جو نظريو ڏيئي دُنيا جي شعور جي ٽين اک کولي ڇڏي ته انسان ڪيئن ارتقا جا مرحلا طئه ڪيا آهن انهيءَ نظريئي جديديت جي تصور جو پايو وڏو ۽ انساني ذهن جي اکين تي جڙهيل کوپا لاهي اُڇلايا انهيءَ جي رد عمل ۾ 1864ع، 1879ع، 1893ع ۽ 1899ع جديديت، انجيل تي تنقيد ۽ سائنس خلاف پاپائي فرمان جاري ڪيا ويا 1874ع ۾ ڪيمبرج۾ ڪيوينڊش ليباريٽري کولي ويئي 1885ع ۾ پاسچر ڇتي ڪتي جي چڪ لاءِ ويڪسين ايجاد ڪئي 1897ع ۾ طبيعات جي بُنيادي ذرڙي اليڪٽران جي دريافت ٿي. 1899-1900ع سگهنڊ فرائڊ پنهنجي نفسيات وارن نظرين سان سامهون اچي ٿو ۽ ”خوابن جي تشريح“ ذريعي نفسياتي ڇيد جو بُنياد پيو. اهڙي طرح يورپ ۽ ايشيا ۾ ٿيندڙ انهن اڳڀرائين انساني خيال کي اڳتي اندو ۽ اُن کانپوءِ خيال جي ڪافي ترقي ٿي پينسلين جهڙي اينٽي بائيوٽڪ دوا ايجاد ٿي. ڪمپيوٽر جي دُنيا ۾ انقلاب آيو ۽ لهر ترقي ڪندي دُنيا ۾ ڪميونيڪشن جو اهڙو انقلاب آڻي ڇڏيو جو دُنيا ڳوٺ بڻجي ويئي آهي ۽ دُنيا انهي تصور واري سفر سان گڏوگڏ تاريخ جي ميدان ۾به سفر ڪيو آهي جنهن ڌرتي جي تختي تي سنڌ ماٿريءَ اسيريا، بابل ۽ سُمير جهڙيون تهذيبون اُڀريون. تاريخ کي سمجهڻ لاءِ وري ماهرن اُن کي تاريخ کان اڳ واري جُڳ ۽ پوءِ تاريخ جي مختلف دورن ۾ ورهايو آهي جيئن شروعاتي هٿ ڪهاڙين وارو اوائلي پٿر وارو دور Eolithic يا اُن کانپوءِ ۽ جُڳاندر پٿري دور يا Paleolithic Epoch جيڪو 5 هزار کان 10 هزار ق م جو زمانو آهي ان زماني جا پٿر، هڏن ۽ سڱن مان ٺاهيل اوزار شڪاري قومن جي ڄُگاندر جهونن ڪُورن (Caves) مان لڌا ويا آهن. تنهن کانپوءِ پٿر جو نئون جڳ Neolithic Epoch اچي ٿو جنهن ۾ انساني تهذيب جلد ترقي ڪئي. مصر جي حاڪم گهرائڻ جي انجنيئرنگ جي ڪارنامن يعني اهرامن کي ڏسجي ٿو ته حيرت ٿئي ٿي، اهڙي طرح موهن جي دڙي جي بيمثالي اڏاوت جي تهذيبي ڏيک ويک به اُن کي دُنيا تهذيبن ۾ مٿي ۽ مانائتو ڪري بيهاري ٿو. انسان جي انهيءَ سفر جي قلمبنديءَ ۾ جيڪا رُنگ رهجي وڃي ٿي اُها آهي ته اڪثر ليکڪن تهذيبن جو مرڪز دجله ۽ فرات جي دوآيي يا Mesopotamia کي ڄاڻايو آهي ۽ اُر جي شهر کي قديم شهر ڪري ڪوٺيو آهي جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اُهو حضرت ابراهيم جي جنم ڀومي آهي. نامور تاريخدان آرنلڊ ٽوائن بي ”تاريخ جي مطالعي“ ۾ ڄاڻائي ٿو ته سنڌ ماٿري جا رهواسي ئي پهريان ماڻهو هئا جن ٻوٽن ۽ جانورن کي گهيرو ٿيو بنايو ۽ اها پهرين وڏي سائنسي وک هئي. اُن کانسواءِ سنڌو ماٿر جا جيڪي ماڳ مڪان مليا آهن سي بقول محترم عطا محمد ڀنڀري جي 13 ملين ڪلوميٽرن ۾ پکڙيل آهن جيڪي سُميري ڊيلٽائي خطي کان ستوڻا وڏا آهن ۽ دجله فرات هر هڪ نديءَ ۾ وهندڙ پاڻي لڳ ڀڳ روهڙي ڪئنال جيترو آهي. محقق عطا محمد ڀنڀري جي لفظن ۾، “ڪُجهه سنڌي مُهرون” اُر “شهر مان پُڻ لڏيون ويون آهن. ” “سنڌو ماٿر جا ماڻهو جا نشان اُر شهر ۾ حضرت ابراهيم جي جنم (1800-1700) ق م کان اڳ ملن ٿا. سنڌ ماٿر جي ماڻهن نه رڳو وڻج واپار جو ڪم شروع ڪيو پر اُن کي وڌايو ۽ Dockyards ايجاد ڪيو ۽ وٽ تراڙا ۽ ماپا متعارف ڪرايا. ڦيٿو ايجاد ڪيو ۽ ڍڳي گاڏي جي صورت ۾ پهرين لاري متعارف ڪرائي. سڀ کان وڏو ڪم جيڪو سنڌو ماٿرجي ماڻهن ڪيو سو سندن جوڙيل لکت آهي جيڪا دُنيا جي قديم ترين لکت چئي سگهجي ٿي. آمريءَ جي کوٽائي دوران اُن لکت جا اُهڃاڻ مليا هئا (3800-3000 ق م) ۽ ائين عطا محمد ڀنڀري مطابق اُنهي لکت ٻي هزاري ق م جي وچ ڌاري سامي ٻوليون ڳالهائيندڙن کي الف بي ريت رسم لاءِ هڪڙو بُنيادي ڍانچو مُهيا ڪيو هو. جڏهن سميري ۽ سامي تهذيبن جي ماڻهن ۾ وار لاهڻ جو رواج ئي نه هو تڏهن به سنڌ ماٿري جو ڪنگ پريسٽ وارو مجسمو مهذب هجڻ کي ظاهر ڪري ٿو، جنهنجي سيرب ايئن ٿيل آهي جهڙي ريت موجوده وقت جي ماڻهوءَ جي سنوارت ٺهيل هوندي آهي.
    تنهنڪري چئي سگهجي ٿو ته سنڌو ماٿرجي تهذيب جنهن جا بُنيادي گڻ. . . . . وڻج واپار، تهذيبي ترقي ۽ علم هُئا. . . . . . . . سا دُنيا جي جڳاندر جهوني تهذيب آهي، سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب اُنهن سڀني ماڳن مڪانن تائين ڦهليل هئي جيڪي هاڻي کوٽائي ۾ ظاهر ٿي چُڪا آهن ۽ مڃجي چُڪا آهن ته اُهي سنڌو تهذيب جو تسلسل آهن. نه ئي سنڌو تهذيب اُن ٽڪري جي تهذيب آهي جيڪو گوري غاصب چارلس نيپيئر نروار ڪري انتظاميا ليڪو ڪڍيو هو. تهذيبي طور انهي شاهوڪار تهذيب جي وارثن کي گهرجي ته اُهي پنهنجي وڃاڻل ورثي يعني وڻج واپار، تهذيبي ترقي ۽ علم جي ميدان ۾ ترقي ڏانهن وک وڌائين ۽ دُنيا کي پنهنجي علم ۽ عمل وسيلي ثابت ڪري ڏيکارين تي آهي دُنيا جي قدم ۽ شاهوڪار تهذيب جا وارث آهن ۽ جديد دور ۾ به ڪا تهذيبي سرواڻي ۽ اڳڀرائي جي دُنيا کي ضرورت آهي ته سندن علم ۽ عمل اُن لاءِ موجود آهي؟ اهو ئي سنڌي ماڻهن لاءِ وڏو چئلينج آهي ۽ ان چئلينج کي للڪار سمجهي کڻڻ ۽ نباهڻ لاءِ نوجوان طبقي کي اڳتي اچڻو پوندو ۽ جهالت جي سمورن ادارن، ريتن رسمن کي ڊاهي ڍير ڪري، علم ۽ ساجهه واري پنهنجي نئين واٽ جوڙئي پوندي جنهن ۾ شعور جي لاٽ روشن ڪرڻي پوندي جيئن هر هڪ اُن روشنيءَ مان فيضياب ٿي سگهي.


    سنهي سُئيءَ سبيو، مون ماروءَ سين منُ

    سنهي سُئيءَ سبيو، مون ماروءَ سين منُ

    بازار جو بَکُ بنيل، قدرتي وسيلن سان مالامال هن دنيا ۾ اسان جي ڌرتيءَ جو به هڪڙو وجود آهي جتي منافعي ڪارڻ هر شئي ايئن وڪامي ٿي جيئن جيري ڪارڻ ٻڪري ڪسجي. اهڙي ڪُڌي ڪم هڻي دنيا کي دوزخ بنائي ڇڏيو آهي. دنيا ۾ امن جي نالي ۾، دهشتگرديءَ سان جنگ جي نالي ۾ الائي ڇا ڇا ٿي رهيو تنهن کان سموري دنيا ڀليءَ ڀت باخبر آهي. دنيا داري انسان کان الائي ڇا کسيو آهي؟ ان جو کيس ادراڪ ئي ناهي تڏهن ته هو اڃا انهي انڌ جي گهوڙي تي سوار آهي ۽ دنيا کي رڳو پنهنجي هٿ وس رکڻ خاطر وتائي واري عيد جي سيوين گڏ ڪرڻ جي خفي ۾ لڳو پيو آهي. دنيا هڪ طرف جنگين جي جوت ۾ جلي رهي آهي ته ٻي طرف فضا ۽ ماحول به انساني چُرپر جي ڪري پنهنجو روپ بدلائيندا پيا وڃن ۽ ان جي نتيجي ۾ جيڪو آبهوائي ٻڙڌڪ دنيا ۾ متو آهي ان جو واڄٽ به جتي ڪٿي ”ڪلائيميٽ چينج“ جي نالي سان دنيا جي ڪنڊ ڪُڙڇ ۾ وڄي رهيو آهي ۽ سموري دنيا انهي بانسريءَ تي نچي رهي آهي. اهڙي رون ڪانڊاريندڙ دور ۾ ڀٽائيءَ جي ڪلام جي ڪهڙي اهميت آهي؟ ڀٽائي جو ڪلام ڪهڙو منظرنامو پيش ڪري ٿو؟ ۽ انهي ڏس ۾ ڪهڙا حل آڇي ٿو؟ اچو ان تي ڳالهه ٻولهه ڪجي ڇاڪاڻ ته ڀٽائيءَ جو ميلو جاري آهي ۽ اڄ ادبي ڪانفرنس آهي. مٿئين تناظر۾ ڀٽائي جو سمورو ڪلام واضح اهڃاڻ ڏي ٿو پر اسين پنهنجي ڳالهه جو موضوع سُر مارئي جي معنى دارموتين مان چنڊڻ جي ڪوشش ٿا ڪريون ڇاڪاڻ ته ڀٽائي سنڌ جو ناڙي ويڄ ڏاهو آهي جنهن سنڌ جي سماج ۾ ايترو اونهو پيهي ڏٺو آهي جو اڄ تائين ڪوئي سندس جُتي کي ويجهو به نه وڃي سگهيو آهي. شاعرن جي ته کوٽ ناهي پر ڀٽائي واحد اهڙو شاعر آهي جنهن سنڌي سماج جي پاتار ۾ پيهي جيڪي موتي سوجهي آندا آهن تن جي مڻيا جڳ جڳ نئين رڱ روپ سان نروار ٿيندي رهندي. ڀٽائي پنهنجي شاعريءَ ۾ سماج جي سڀني پاسن کي سُهڻي نموني بحث هيٺ آڻي، ڇيد ڪري، نتيجن جو اهڙو مکڻ پيش ڪيو آهي جنهن جي منڌ ۽ ماکي مٺاڻ جي ڇا ڳالهه ڪجي.
    سُر مارئي به سندس سُرن مان هڪڙو ڀلوڙ سُر آهي جنهن ۾ مارئي جي ڪهاڻي کي بنياد بنائي شاه عبدللطيف ڀٽائي اهڙا نڪتا بحث هيٺ آندا آهن جن جي اثر پذيري ڪائناتي نيمن جي روشنيءَ ۾ اڄ سوڌو اوتري ئي اهم آهي جيتري ڀٽائيءَ جي پنهنجي دور ۾ اهم هُئي. هن سُر کي ڏسڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته هن سر جا ٻهڳڻ پاسا آهن جيڪي روحانيت جي رازن جو به سير ڪرائين ٿا ته سماج جي گهٽين مان به گهمائين ٿا ۽ انسان جي هيڻي ۽ ڏاڍي واري تاڃي پيٽ جو تاتپرج به پيش ڪن ٿا.
    انسان جي پيدائش واري عمل ۾ آدم جو سرجڻ ۽ ان ۾ روح جو داخل ٿيڻ اهڙو موضوع آهي جنهن کي انهن سڀني شاعرن ڳايو آهي جن جي شاعريءَ تي تصوف جو اثرآهي. روحانيت جي ان ڳالهه جو ڳارو ازل جي اها محبتي ميخ آهي جيڪا جانب جان ۾ ارواحن خلقڻ کان اڳ هنئي هئي، جڏهن سنهيءَ سُئيءَ مارن سان ساه ٽانڪجي ويو هو. اهو پريت جو کڻ ڪڏهن به نڪرڻو ناهي ڪنهن نه ڪنهن صورت م هلندو رهندو. انهي املهه رشتي کي ڀٽائي مارئي جي واتان هن ريت چورائي ٿو؛
    سنهي سُئيءَ سبيو، مون ماروءَ سين ساه
    ويٺي ساريان سومرا، گولاڙا ۽ گاهه
    هينئيون منهنجو هت ٿيو، هت مٽي ۽ ماه
    پکن منجهه پساه، نه ته قالب آهي ڪوٽ ۾
    انهي سنهي سُئيءَ جي سيبي، ازلي انگ جي رشتي جي رنگ کي اهڙو سگهارو ڪيو آهي جو اهو سڱ نه ڇني سگهجي ٿو نه ڇڄي سگهي ٿو. سڪ ڀريو اهو سڱ ساه ۾ سُرندو ۽ هينئين ۾ هُرندو رهي ٿو. انهي الستي انگ بابت وري مارئي هن ريت چوي ٿي؛
    سنهي سُئيءَ سبيو، مون ماروءَ سين من
    هڻي کڻ حلم جا، تهه وڌائون تن
    ڪيئن ٽوپايان ڪن، اباڻي ابر ري
    اباڻي ابر يعني سُئي کانسواءِ ڪن ٽوپائڻ عين گناه آهي. ڪن ٽوپائڻ هڪڙو اهڃاڻ آهي جيڪو سنجوڳي علامت کي ظاهر ڪري ٿو. ڪن ٽوپائڻ جو عمل اڳتي هلي سُهاڳ جي سهڻي روپ ۾ منتقل ٿي وڃي ٿو. ازل کان جيڪو ويڙهيچن سان وچن ڪيل آهي، حبيب جو هيڪار ڪيل اهو سڏ ورور ڏيئي ورنائڻو آهي. الستي انگڙو ان ڳالهه جو گهرجائو آهي. اهو انگڙو ويڙهيچن سان وچن ڪرڻ جي وقت شروع ٿيڻ کان به اڳ جو آهي ڇاڪاڻ جو ازل جو مطلب اهڙي اڳاڙي آهي وقت جي، جنهن جي ڪا اڳاڙي نه آهي. اهڙي طرح ابد وري اهڙي پڄاڻي آهي جنهن جي ڪا پڄاڻي نه آهي. پرار جي پڪار ته ٻُڌڻ ۾ اچي ٿي پر اُڪار جو ڪو پهي پتو نه آهي.
    الست بربڪم جڏهن ڪن پيوم،
    قالوبلى قلب سين، تڏهن تت چيوم،
    تنهن وير ڪيوم، وچن ويڙهيچن سان
    اهو ويڙهيچاڻو وچن ئي هو جنهن انسان کي دنيا جو اڳواڻ ڪيو، جنهن کيس ملائڪن جو مسجود ڪيو. سُر مارئي ۾ آدم جي تخليق ۽ روح جو جسم جي جامي قيد ٿيڻ جو قصو اظهاريل آهي ته هڪڙي آزاد وٿ ٻي معروضيت ۾ ڪيئن اچي قابو ٿي آهي ۽ ان قيد کي محسوس ڪندي اها مسلسل تڙپ ۽ تانگهه ۾ آهي. سندس اها تڙپ ۽ تانگهه کيس هرڻ ۽ هماءَ پکي واري همت عطا ڪري ٿي. قيد جي انهي ڪڙجڻ کي ڀٽائي هن ريت بيان ڪيو آهي؛
    قسمت قيد قوي، نه ته ڪير وهي هن ڪوٽ ۾
    لکي آڻي لوح جي، هنڌ ڏيکاريم هي
    پرچي ڪين پنهوارن ڏي، جان جُثو ۽ جي
    راجا راضي ٿي، ته مارن ملي مارئي
    اهو قيد قضا جو قيد آهي، رضا جي راند ناهي جنهن سان ڪير پنهنجي مرضيءَ سان ڪوئي هٿ چُراند ڪري. روح لطيف آهي. جسم ڪثيف آهي پر هڪٻئي لاءِ ٻئي لازم ملزوم آهن. جسم ۾ جيستائين روح جي رواني آهي تيستائين جيون جي جاوداني آهي. جڏهن ميا ماڳ ٿين ٿا ته پوءِ ڪوئي ڌڻي ڌوري ناهي هرڪو ڪڪ ٿي پورڻ، ساڙڻ، هوا۾ ٽنگڻ يا پاڻيءَ ۾ لوڙهڻ جي تيارين ۾ لڳي وڃي ٿو. جسم پنهنجي ايتريءَ بي بقائي جي باوجود روح جو ميزبان آهي. روح جڏهن ان ۾ اچي پڙلاءُ ڪري ٿو تڏهن ئي کيس اظهار ملي ٿو. مارئي جي واتان ڀٽائي انهي روحاني رمز کي تمام گهڻي ڳوڙهائي سان ڳاتو آهي.
    سُرمارئي جو ٻيو تهه اٿلائجي ٿو ته ان ۾ فطرت جا ويءَ ۽ ولهارنظر اچن ٿا جتي اٺي وراڻ ٿيندي آهي ته کينءَ واڌايون اينديون آهن ۽ ڪيئي اوڀڙ موريل ۽ نسريل نظر ايندا جن ۾ رتا رڱتو ڦل به هوندا ته ساه کي سُرور ڏيندڙ خوشبو به محسوس ٿيندي. مارئي جي وطن جي نسبت سان ڀٽائي ٿرجي طبعي ڀاڱن جو به ذڪر ڪيو آهي، جيئن : پائر، کائڙ، ڍٽ وغيره. پائر ٿر جو اهو ڀاڱو آهي جيڪو ڪنٺي کان شروع ٿي پارڪر سان لڳي ٿو. مارئي جو ماڳ به انهي ڀاڱي ۾ آهي؛
    نڪو اير نه ڀير، نه ڪو اوٺي آئيو،
    مون وٽ آيو ڪونه ڪو، پائران ڀري پير،
    ڪتابتون ڪير، آڻي ڏيندم ان جون
    ڍٽ ٿر جو اڀرنديون ڀاڱو آهي جنهن جي اتر۾ کائڙ آهي. اولهه ۾ ڪنٺو ۽ مهراڻو آهن ته ڏکڻ ۾ پائر جو پلراڻو پٽ آهي. ڍٽ، ڍاٽ بنجي اڳتي هليو وڃي. قدرتي طبعي چرپر کي ڪا شئي روڪي نٿي سگهي. مليرجي انهن مڙني پٽن ۾ جيڪو ڀون مٿاڇرو آهي تنهن تي ڪهڙا وڻ ٻُوٽا ٿين ٿا. مارو مال چارو ڪيئن پنهنجو جيون گهارين ٿا، ان بابت ڀٽائي وڏي وچور سان ذڪر ڪيو آهي. پپن، ڪونڊيرن، کهه، مکڻي، مانڌاڻي، کٻڙ، گولاڙن، لنب، ڪوريءَ، چيهي، ساڏوهين، ڦوڳ، ڪرڙ ۽ سڱرجو ذڪر ڪيو آهي. مارو ماڻهو جن جو گذران ٿڻ تي آهي يعني مالوند ماڻهو آهن سي ڪيئن حياتي گهارين ٿا. ڪهڙا ڀونگا ۽ ڀيڻيون سندن آستان آهن جي هو ڪوڪڙ ۽ ڪونڊير، سڱر ۽ سائون ۽ ٻيا ڏٿ کائي گذران ڪن ٿا پر ڪنهن آڏو هٿ نٿا ٽنگين. وطن جي ولين ۾ هو ويڙهيل آهن تنهنڪري سندن ڀرم ايئن بچيل آهي جيئن مارئي جي واتان ڀاروڙي جي ڀرم بچڻ جي دعا گهريل آهي. سندن واريءَ منجهه وٿاڻ آهن جيڪي ڀريا تُريا ڀاڻ آهن. انهن جي آبادي ۾ ويتر سرهائي اچي ٿي جڏهن پلر جي پالوٽ سان سمورا نواڻ ڀرجي تار ٿي پون ٿا. پنهنجي مال جي ان ۽ ٻي اپت مان اهي پنهنجي روزمره جي کاپي جو به پورائو ڪن ٿا. سندن کوه ڪٿي کارا آهن ته ڪٿي مٺا آهن. انهن کوهن ۾ جڏهن پاتار جو پاڻي سُڪي وڃي ٿو ته مارو پنهنجو مال ڪاهي ٻين ويرن ۽ ويرين تي هليا وڃن ٿا. اتي ڀوڻ جو ڀڻڪو به ٻُڌڻ ۾ نٿو اچي. تڙجي ٻنهي ڪنڌين وٽان پيل ستا سيٽ ڪاڙهي بٺ ۾ سڙندي نظراچن ٿا. اها ويراني به مارئي کي اداس ڪري ٿي پر هوءَ تڏهن سرهي ٿئي ٿي جڏهن ميگهه ملاري ٿيڻ کان پوءَ، سائين جي صورت جي مورت ۽ منڊ سان سڀ جڳ موهجي پوندو آهي ته مارو موٽي ايندا آهن. اها موٽ دنيا جي ڏکين ڀاکن مان رڳو ٿر ۾ آهي. اهڙي طرح انيڪ ورلاپ آهن جيڪي مارئي جي واتان، سچ، سونهن ۽ وطن سان وچن نباهه جا اهڃاڻ آهن. دنيا مان وطن جي تصور کي گلوبلائيزيشن جي تصور سان تڙي ڪڍيو ويو آهي ۽ ماڻهن ۾ هرهنڌ قبضي گيري جي هڪڙي نه پوري ٿيندڙ هٻڇ پيدا ٿي پيئي آهي ءَ دنيا مارڪيٽ جي ڇتي ڪتي جي وات ۾ ڏينهون ڏينهن ڳيتجندي ۽ ڳڙڪندي پيئي وڃي. روحانيت جي رمزن ۽ فطرت جي منظرڪشيءَ مان ڀٽائي جو هڪڙو اهڙو تصور اُڀري ٿو جنهن ۾ هيڻي ۽ هاڻو طبقن جي ڳالهه آهي. مارئي هيڻي طبقي جي نمائندگي ڪري ٿي ۽ عمر انهي هاڻو ذهنيت جو ڪارندو آهي جنهن سدائين دنيا کي پنهنجي ذاتي مفادن لاءِ پيرن هيٺ لتاڙيو ۽ لوئيو آهي. اڄ به دنيا اهڙن عمرن سان ڀري پيئي آهي ۽ مارئي جو ڪردار دنيا ڀر ۾ هيڻائي جو ڏيک ڏئي ٿو. دنيا جا ڇٽ پٽ، پٽ کوه ۽ هڻ هڻان وارو ڏين ٿا. دنيا جو امن دمڙيءَ تي وڪامي رهيو آهي. هاڻو به همدرد هجڻ جو ڍونگ وارو ڍنگ ڪن پيا تڏهن ته جبلن ۾ وڃي جوت لڳي ۽ ڏونگر ٻري ڏنءُ لڳو. بلاول نوراني جي درگاه تي بيگناه رت جي راند کيڏي ويئي آهي. ناني جي اسرار جا راز ۽ لاهوت لامڪان جون رمزون به اتي ئي آهن. اهڙا اڻ ڳڻيا تيرٿ تڪيا ساري سنڌ ۾ پرينءَ جي پاڇي جيان، هيڻن لوڪن کي پنهنجي هنج جي هيج ۾ سمائين ٿا. ڀٽائي به اهڙو لقاءُ آهي جتي سموري سنڌ اچي گڏجي ٿي. سنڌ جي فڪري، ثقافتي، روحاني سڃاڻپ جو هي اهڃاڻ شل سندس بيتن، واين ۽ گهريل دعا وانگر آباد رهي. آمين.
    جه سي لوڙائو ٿيا، جني ڀررهن،
    مارو منجهه ٿرن، رهي رهندا ڪيترو


    سنڌي سماج ۽ اُن جا مختلف رُخ

    سنڌي سماج ۽ اُن جا مختلف رُخ

    سنڌ، ڌرتيءَ جي سيني تي هڪ تهذيب، ثقافت ۽ ٻهڳڻ ڌرتيءَ جي روپ ۾ موجود آهي ۽ اهو وجود ڪڏهن گهٽجندو ته ڪڏهن وڌندو رهي ٿو ۽ سنڌ جي هر جڳ جٽادار حُسناڪي ٻاهرين ۽ ڌارين حڪمرانن توڙي ڦورن ۽ لُٽيرن کي ڇِڪيندي رهي آهي. ڪيئي ڪلنگيدار هتي ڪهي آيا، ڪوس ۽ ڪيس ڪري راڄ قائم ڪيائون پر سندن راڄ جو قائم ڪيل ڪاڄ وقت جي وير جي سٽ سهي نه سگهيو ۽ وقت جي اُن وير ۾ اُڏامي واءُ ٿي ويو ۽ تاريخ جي ورقن جي سونهن ٿي، حڪمرانن لاءِ عبرت جو سامان بنجي سندن اکين ۾ اڄ به گهوري رهيو آهي ۽ کين ياد ڏياري رهيو آهي ته حڪومتون ۽ حڪمرانيون اچڻيون وڃڻيون آهن. حاڪميت جو هوڪو ۽ زور جو ڌوڪو وقت جو ڌڪ جهلي نه سگهندو آهي ۽ سڪندر مقدوني جهڙا حڪمران جن دُنيا جا 3 حصا فتح ڪيا هُئا، پر اڄڪلهه سندن قبر جي تلاشي ۾ آرڪيالاجيءَ جا ڪيئي آهيڙي سرگردان آهن، پر ڪٿي به اُن جو پڪو ٺڪو پتو نٿو لڳي. اهڙي صورتحال کي محسوس ڪندي سنڌيءَ جي ڀلوڙ شاعر شيخ اياز ڪجهه هن ريت فرمايو آهي:
    جي تو اڃا نه ڄاتو، ته آ ڪير ديس واسي،
    تنهنجو جنم اجايو، تنهنجي مٽي اڻاسي،
    آيا ويا سڪندر، سيوهڻ اڃا اُتي آ،
    هو ڏس کيرٿر کڙو آ، ويندا رهيا وناسي.
    سڪندرن ۽ دارائن جو اچڻ جٽادار ناهي، سيوهڻ اُن کان وڌيڪ جٽادار آهي. سيوهڻ واسي وڌيڪ جٽادار آهن چرٻٽ کي چريو چرٻٽ چئي ”چرٻٽ راجا، ٽڪي سير ڀاڄي ٽڪي سير کاڄا“ جهڙا پهاڪا گهڙي اُن تي ٺٺوليون ڪيون ويون ۽ اسان جي اهڙن چرٻٽن جي حڪومتن جا به تختا ڪڍيا ويا ڇو ته اُنهن عوام جي ڀلي لاءِ هر شئي کي ”ٽڪي ڌڙي“ يا ”ٽڪي سير“ بنائي ڇڏيو هو. ڪاهي ايندڙ ڪنهن به نالي وارن همراهن کي اسان جا چرٻٽ به نه وڻيا ۽ ويچارن کي ٽپڙ ٻڌايا ويا.
    سنڌ جي ڌرتي. . . . . . . . ڏونگرن، سنون سنواٽن سرسبز ميدانن ۽ ٿرن تي مشتمل. . . . . . . اهڙو خطو آهي جنهن ۾ جتي سنڌو نديءَ جهڙي هاڪاري ندي هزارين سالن کان وهندي رهندي آئي آهي، درياهه پار ڪري ٻيڙين تي چڙهي به هتي ڪيترائي ڌاريا آيا ڦرلٽ ۽ قبضا ڪيائون ته ڪي ٽولا ۽ قبيلا جبلن جي ڪنڌي ڪُڏي هتي آيا ۽ امن جي هن هندوري کي پنهنجي مجرماڻي ثقافت سان اچي ميرو ڪيائون ۽ اُن ميراڻ سنڌ Body Politic کي اهڙو داغدار بڻايو جو اسين اڄ به اُن جا ناسور چٽي رهيا آهيون ۽ اُن ثقافت جي ڪري سنڌ جي ڏيهان ڏيهه بدنامي به ٿي آهي. جيتوڻيڪ سموري دُنيا ۾ اوڻايون ۽ خاميون ۽ سماجي برايون بڇڙايون موجود آهن، جن کي اُتان جا ماڻهو ۽ سرواڻ سُڌارڻ جي ڪوشش ڪندا آيا آهن، جيئن ڌرتي امن جي نڪور نيري نرواڻ واري ماحول ڏانهن منطقي پنڌ ڪري پنهنجو ماڳ تي پهچي ۽ دُنيا جي اڳڀرين قومن جي قطار ۾ بيهي سگهي.
    جڳن کان وٺي اهڙين ڪاهن ۽ هلائن جي اثرن جي ڪري سنڌي سماج جيڪو سفر طئه ڪيو آهي، تنهنجي نتيجي ۾ جتي سماج اچي پهتو آهي ۽ موجوده شڪل ۾ نروار ٿيو آهي تنهنجي ڇنڊ ڇاڻ ۽ ڇيد ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيئن اسان جي سماج جا مختلف رُخ ۽ پهلو نروار ٿين اُنهن تي بحث مباحثو ٿئي، سنڌي سماج جي مسئلن ۽ مامرن جي اوک ڊوک ڪئي ڪئي وڃي سنڌي سماج ۾ موجود ناڪاري لاڙن کي ختم ڪيو وڃي يا گهٽايو وڃي ۽ انهيءَ سموري بحث مباحثي مان متان ڪا اهڙي راهه نڪري اچي جيڪا سنڌ جي سماج ۾ مثبت تبديلي آڻي ۽ سماج ۾ سَرهائي پيدا ٿئي. باقي ”نيٺ ڇا ٿيندو؟“ ”نيٺ ڇا ڪجي؟“ جهڙا مايوس ڪندڙ سوال اُڇلائي مايوس ٿي، وڏي عمر جي طبقي ۾ وڌيڪ مايوسي پيدا ڪرڻ ۽ نوجوان طبقي ۽ مايوسين جو ٻج ڇٽڻ ڪو سُٺو ڪم ناهي. تبديليءَ ۾ ڪڏهن ڪڏهن تعداد جي ڪا ايتري گهڻي اهميت نه هوندي آهي، نوجوانن ۾ ان ڪري به اُتساهه ڀرڻ گهرجي ۽ سندن سوچ کي همٿائجي جو اُهي معاشري ۽ مثبت تبديلي جا سرخيل ۽ سرواڻ ٿين ڇاڪاڻ ته اُهي ايندڙ وقت جا اڏيندڙ آهن ۽ منجهائن وڏيون اُميدون رکڻ جي ڳالهه ڪندي شيخ اياز ڪجهه هن طرح چيو آهي:
    ڳاڙها ڳڀرو سنڌ جا، تون ئي آن منهنجو خواب،
    تون ئي آن جواب، صدين جي سوال جو.
    سو صدين جي سوال جو ڇيد به ضروري آهي ته صدين جي سوال جي پس منظر کي پيش منظر ۾ آڻڻ به ضروري آهي جيئن صدين جي سوال کي موٽ ڏيندڙ مانجهي ڪنهن منزل جي ميل پٿر کي ماڻي سگهن. انهيءَ سموري سوچ ويچار کان پوءِ اسان کي محسوس ٿيندو ۽ پروڙ پوندي ته سنڌي سماج جا بُنياد ڪهڙا آهن؟ اُنهن بُنيادن کي ڪهڙن اندروني يا بيروني عنصرن ڌوڏيو آهي؟ ڪهڙين حالتن ۽ هاڃن اسان کي موجوده حالتن ۾ پهچايو آهي؟ ان لاءِ اسان کي هڪ هڪ نقطي کي الڳ الڳ کڻي ڪري ڏسڻو پوندو ۽ سمورن زهني مغالطن کي علم جي تحقيق جي اک سان ڏسڻو پوندو جيئن اسان جي راهه روشن ٿئي.
    (1) سنڌي سماج گهڻ نسلي ۽ گهڻ ذاتي آهي. هتي وسندڙ ماڻهو مختلف نسلن ۽ ذاتين جا آهن. سنڌ جا باشندا هئڻ ۽ صديون هتي رهڻ جي باوجود اڃا تائين مختلف تضادن جو شڪار آهن ڪٿي سماٽ ٻروچ جو ٽڪراءُ آهي ته ڪٿي مختلف قبيلن جو مکاميلو آهي. ڪٿي شهري پاڻ کي سوايو شهري سمجهي ٿو ته ڪٿي ٻهراڙيءَ جي ماڻهوءَ کي اڻ پڙهيو عجمي ڀانيو وڃي ٿو. ڪي شهري طبقا صفا نياري ۽ الڳ ٿلڳ مخلوق وانگر ڪاروهنوار ڪندي شهري کي پنهنجي اڪيلي جاگير سمجهن ٿا جيتوڻيڪ آهي زباني ڪلامي ”جاگيرداري“ جي مخالفت ڪن ٿا. اهڙن سمورن تضادن ۽ ٽڪراتن جي ميڙ ۾ هتي سدائين تبديلي لاءِ اهڙا پرڏيهي ماڊل آزمايا ويا آهن جيڪي هڪ (Homogenous) رُخن سماجن ۾ آزمايا ويا يا ڪامياب ويا. سنڌي سماج جي هِن گهڻ رخي صورتحال ۾ اهڙا سمورا نسخا اجايا ۽ اڪارٿ آهن. هتي تبديلي يا ڦيرو معروضي ۽ مقامي حالتن پٽاندر ايندو. صدين کان جيڪي ٽڪراءَ ۽ تضادات موجود آهن تن جو ڪوشافي حل ڳولي لهڻو پوندو ۽ اُنهن ٽڪرائن کي گهٽائڻ جو روڊ ميپ تيار ڪرڻو پوندو، جيئن سماج هم آهنگي ڏانهن وڌي. ماڻهوءَ ڪوڙن ۽ هٿ ٺوڪين پراون جهيڙن جهٽن جو بک نه بڻجي. سندن ذهن ۾ وهاريل صديون پُراڻن تضادن کي ڪوري ڪڍڻ لاءِ ڪجهه ڪرڻو پوندو. معاشرتي تضادات جو هئڻ فطري آهي پر اُنهن ٽڪرائن کي مثبت رُخ ڏئي چڱائيءَ ۽ ترقي جي منزل ڏانهن وٺي وڃڻ شعوري ڪاروهنوار آهي جيڪو سڀني ساڃهه وند طبقن جي ڌيان جو منتظر آهي.
    (2) سنڌي سماج جي معيشيت جو بُنياد زراعتي ۽ مالداري سرشتي تي آهي. تنهنڪري اُن ۾ زرعي چراگاهي سماج جون چڱايون مدايون شامل آهن. زمين جي هٿ ٺوڪي مالڪي ڪيترن ئي سادن سودن ۽ ويچارن کي پنهنجي حقيقي حق کان محروم ڪري ٿي ڇڏي. اهڙي ريت ڪن ماڻهن وٽ هزارين ايڪڙ زمينن جا ڏيهن جا ڏيهه پيا آهن ته ڪن وٽ ’ٻه ايڪڙ ٻني‘ به ناهي جو اُهي پنهنجي ۽ پنهنجي ڪُٽنب جو پيٽ گذر ڪن. وسيلن جي انهيءَ اڻ برابريءَ، سماج کي ٻن قطبي ڇيڙن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي. لينڊ هولڊنگ طبقي جا مفادات ۽ اڀرن ۽ هيڻن طبقن جا مفادات الڳ آهن انهيءَ ورهاست سڄي سماج جي خدمتن ۽ چاڪرين کي ٻن حصن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي. هتي امير جي ٻارن جي پڙهڻ لاءِ الڳ اسڪول آهن ته غريب جي وڃڻ لاءِ پيلا سرڪاري اسڪول. جيڪي ڪنهن وقت ۾ تمام بهترين تعليم ڏيندڙ اداري طور ڄاتا سُڃاتا ويندا هئا. غريب ماڻهو بيمار ٿي بُنيادي صحت مرڪز، تعلقي اسپتال يا سول اسپتال وڃي ٿو ۽ شاهوڪار ماڻهو ميوزيم نما ۽ ڳري في وٺندڙ اسپتالن ۾ وڃي علاج ڪرائين ٿا اهڙي صورتحال سڀني خدمتن جي آهي انهي قطبي ڌِڪ ۽ ڌڪار سماج کي ڦٽي ڦارون ڪري ڇڏيو آهي ۽ حساس ماڻهوءَ جو اهڙي صورتحال کي ڏسي هينئڙو ڦارون ڦارون ٿي پوي ٿو. زرعي سماج ۾ اُپت تي سمورو وس ۽ اختيار هولڊنگ واري جو هوندو آهي ۽ صنعتي سماج به اُن کي ڪو گهڻو تبديل نه ڪيو آهي. زمين، اُن جي مالڪي، اُن جي اُپت، اُن تي ٿيندڙ پورهيو ۽ پورهئي جي مِٽا سِتا ۾ اهڙو توازن هُجي جو وسيلن جي ورڇ برابري واري ۽ منصفاڻي هُجي. اسان پنهنجي اقتصادي رسورس بيس کي صدين کان زرعي رکيو آهي ۽ اُن کي Diversify ڪري نه سگهيا آهيون ۽ اُن جو ڪفارو سڀئي ادا ڪن ٿا. جڏهن گُذريل ٻوڏ آئي هُئي ته سنڌ جي اڪثر زمين رکندڙن وٽ شهرن ۾ گهر به نه هو جنهن ۾ ڀڄي وڃي مٿو لڪائين ۽ پوءِ اُهي نه چاهيندي به تنبن ۾ اُنهن ماڻهن سان گڏ رهيا جن کان سندن نسلن صدين کان نفرت ڪئي آهي ۽ هڪ مخصوص وڇوٽي رکي آهي. ڪٿي ڪٿي ته هڪ تنبوءَ ۾ زمين رکندڙ ۽ سندن پاڪ هئا ته ٻئي تنبوءَ ۾ وري ڪروڙن جي لاڳت سان خريديل سندن گاڏي بيٺل نظر اچي ٿي. اها ٻي ڳالهه هئي ته اُن ۾ وجهڻ لاءِ ڦڙو تيل جو به نه هو. اها معاشي ابتري اسان جي سماج جي ڪمزوريءَ کي ظاهر ڪري ٿي. ڪنهن به سماج ۾ اُپت جي ذريعن جو اُن سماج جي تبديليءَ ۾ تمام اهم ڪردار هوندو آهي سو اسان کي پنهنجي وسيلن جي ڳيجهي Resource Base کي ٻهڳڻ Diversified بنائڻ گهرجي. زرعي معيشيت ۾ مال جي حصيداري اڌواڌ آهي پر اسان وٽ مال ڌارڻ، مال چارڻ ۽ مال سنڀالڻ جي ريت رسم صدين پُراڻي آهي، جيڪا اسان جا ابا ڏاڏا ڪندا آيا آهن. اسان وٽ مال جي سنڀاليداري جا ڪي به سائنسي طريقا نه آهن نه ئي اسان پنهنجي روايتي طريقن کي بهتر نموني سنڀاليو آهي، جنهن ڪري اسان جي مالداري وارو اقتصادي رُخ به سدائين جوکي هيٺ آهي. مُنهن کُرجي بيماري يا سمهاڙو اچي پوندو آهي مال ۾ ته ولرن جا ولر وٺجي ويندا آهن يا ٿڌي (ماتا) اچي پوندي آهي ته ولرن جا ولر مري اُگهرٽ ٿي ويندا آهن، اتي ٻڪري رڍ جي ٻيڪ به نه ٻُڌبي آهي جتي سڄو ڏينهن بهاري لڳي پئي هوندي هئي.
    (3) سنڌي سماج ۾ مذهبي هم آهنگي، عقيديداري جي سهپ ۽ هڪٻئي جو احترام تمام اعليٰ قسم جو رهندو آيو آهي جنهن جو سبب سنڌ ۾ صوفين جي تعليم جو اثر آهي. صوفين، بُزرگن هتان جي ماڻهن ۾ اِها هم آهنگي ان حد تائين پيدا ڪئي جو ماڻهن پنهنجا عقيدائي ويڇا وساري پاڻ کي حق جي هيڪڙائي سان ڳنڍيو ۽ همه اوست جو هوڪو ڏئي صلح ڪل جو مظاهرو ڪيو، جنهن جو دُنيا ۾ مثال نٿو ملي. سنڌ جي ڪلاسيڪي شعر تي همه اوست جي گهري ڇاپ آهي. همه کي حق چوڻ جي ڳالهه انهن شاعرن ايئن سمجهائي آهي جو اُن جي مسيحائيءَ جو تاثير خلق خدا جيءَ جي روح جي اونهائين ۾ لهي ويو آهي ۽ انهن شاعرن جي شاعريءَ جي پيغام جو سڏ سڻي ڪيترائي وانگي، ونگي واٽ ڇڏي، سُتڙ پئي سالم ٿيا جن جي پرت پڙاڏو اڄ به هر هنڌ موجود آهي. ڀٽائي، ڪريم سائين خواجه محمد زمان، قاضي قادن، لطف الله قادري سچل سرمست، سامي، صوفي صديق فقير صادق، خليفو نبي بخش قاسم، روحل فقير ۽ ٻين شاعرن پنهنجي پيام سان ائين جڳ موهيو آهي جو سندن ڪلام شناسيَ صرف پڙهيل طبقي تائين محدود ناهي ۽ پڙهيلن کان وڌيڪ سندن محبتي اڻ پڙهيل طبقو آهي. اها نيارپ دُنيا ۾ گهٽ آهي. ڀٽائي صاحب ان رمز کي ڪُجهه هن ريت سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي:
    سي اڻ پڙهيائي پڙهيا ٿيا، جن کي پڙهائي پاڻ،
    ٻيا ڪوڙين ڪتابن ساڻ، هونئن ئي وتن هلندا.
    انهن صوفي شاعرن جي پيغام سنڌ جي عام ماڻهوءَ تي پنهنجو تمام گهڻو اثر ڇڏيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ مذهبي هم آهنگي رواداري ۽ سيڪيولر ۽ پليورل سماج جو ماحول وڌيو ويجهيو. ماڻهن جي انهي آوت جاوت کي ڏسي مارڪيٽ جي قوتن اُن کي سرمايائيندي Capitalizing واپارڪو Commercial بنائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اهڙي طرح درگاهن سان طرحين طرحين جون بدعتون چُهٽي ويون. انهن بزرگن ۽ شاعرن کي شاعر گهٽ ۽ ولي طور بيان ڪندي سندن پيغام جا پسند موجب روحاني راز بيان ڪيا ويا انهيءَ عمل سنڌي ڪلاسيڪي شاعرن جي پيغام جي اصل روح کي ڇيهو رسايو ۽ صوفين جي ڍال جي اوٽ ۾لکين غريبن، هيڻن ۽ مسڪينن کي ذهني باندي بڻايو ويو ۽ سوين سالن کان اهو عمل جاري آهي. شاعري ۽ صوفي بزرگ سڀني جي گڏيل ميراث آهن ۽ سندن پرچار چڱائي، نيڪي ۽ صلح ڪُل آهي جيڪو ان جي اُبتڙ ڪري ٿو سو اُنهن منجهان ناهي باقي اُنهن هٿ ٺوڪين ”عيسن ۽ موسن“ تي نه ميار آهي نه اُنهن جي ڳالهه آهي، جن ويرين کي واٽ ڏسي ۽ اُنهن جي مفادات لاءِ ڪم ڪيو. سندن ڪارڪردگي تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ آهي. اهڙي بگڙيل ماحول نيڪ ۽ صالح تبديلي لاءِ پاڻ پتوڙڻ ۽ ڪوشش جي ضرورت آهي جيئن ماحول ۾ ڪا صحتمند تبديلي اچي.
    (4) سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ سرواڻي جي اڪثريت جو رول ماڊل اُهو روايتي وڏيرو آهي جنهن کان نفرت جو اظهار ڪيو پيو وڃي پر نفرت ڪندڙ ۽ اُن جو کلم کليو اظهار ڪندڙ خود جيئن مچي متارا ٿين ٿا تيئن اُهي به ”وڏيرو“ ٿيو وڃن. جيڪڏهن اهڙوئي روايتي وڏيرو ٿيڻو آهي ته پوءِ ڪنهن ميڊيڪل يا انجنيئرنگ يونيورسٽي جي ڪنهن سيٽ کي خراب ڪرڻ جي ضرورت ناهي. وڏيرپ جي درسگاهه کلي پئي آهي روز انو نت نوان چهرا هِن ميدان ۾ داخل ٿي پنهنجي واري جو واهول وڄائي رهيا آهن ۽ سماج کي ڏينهون ڏينهن پُٺتي وٺي وڃي رهيا آهن. ڪلف لڳائي ڪاٽن ڪپڙا پائي ڪنهن وزير جي آفيس ۾ ويهي چاپلوس ڪرڻ جو نالو وڏپ يا وڏيرپ ناهي، وڏيرپ ڪنهن اُچي گاڏيءَ ۾ چڙهڻ جو نالو ناهي؟ وڏيرپ اُستاد جي پگهار کائي، ڊيوٽي تان گسائي پٽيلي ڪرڻ جو نالو ناهي؟ وڏيرپ ڪنهن مسڪين کي ستائڻ نالو ناهي؟ وڏيرپ نشي ۾ ڌت ٿي دڙڪا دهمان ڏيڻ يا بڙ بڙ ڪرڻ جو نالو ناهي؟ وڏيرپ اُن رويي ۽ ڪاروهنوار جو نالو آهي جنهن سان ماڻهوءَ جو اعليٰ اخلاق کيس سماج ۾ جتي هيڏو وڏو رُبتو ڏئي ٿو اُتي سندس ڪُلهن تي وڏو بار وجهي ٿو ۽ هُو معاشرو جو امان ۽ ابو بڻجي غريبن يتيمن، مسڪينن، رنن زال جو اجهو ۽ آڌار ٿئي ٿو. مٿانئن ڇپر ڇانوَ ٿي بيهي ٿو ۽ ڏکيءَ سکيءَ ۾ سندن سار لهي ٿو. هيڻن طبقن جو حامي ٿئي ٿو. اهڙي گڻ کي ساراهيندي ڀٽائي صاحب هن ريت فرمايو آهي:
    ککيءَ هاڻيون کاريون، ڇڇيءَ هاڻا ڇڄ،
    پانڌ جني جي پانڌ سان، لڳو ٿئي لڄ،
    سمو ڄام سهڄ، اُڀو ڪري اُن سين.
    ( 5) سنڌي سماج ۾ عورت جي حيثيت مانائتي رهي آهي. عورت ماءُ، ڀيڻ، زال يا ڌيءَ جي روپ ۾ احترام لائق رهي آهي ۽ عورت مردن سان گڏوگڏ ڪار حڪومت ۾ ڪلهو ۾ ڪلهو ملائي بيٺي آهي يا مردن کان به ٻه قدم اڳتي نڪري وئي آهي. همون ٻائي سومري، تارا ٻائي سومري، ٻاگهل ٻائي سومري، بختاور لاشاري، بينظر ڀُٽي جا نالا ان ڏس ۾ کڻي سگهجن ٿا پر مرداڻي سرسي Male dominated واري معاشري ۾ عام عورت جي حالت ڏکوئيندڙ به رهي آهي. هُوءَ مرد سان گهر جي ذميوارين ۾ وڏو حصو نباهڻ کانپوءِ به معاشي ڪم ڪار کي به ڪلهو ڏئي ٿي. سڄي گهر داري سنڀالڻ کانپوءِ کيس مُناسب کاڌو ۽ آرام به نصيب نٿو ٿئي ويتر سنڌ جي ڪن علائقن ۾ ته اُها ”ڪاريءَ“ جي نالي هيٺ قتل ٿيندي رهي ٿي. سڄي سنڌ جي ڳوٺن ۾ وڃي ڏسبو ته هر گهٽ گهيڙ کان ايندڙ عورت جي مٿي تي يا پاڻيءَ جو دِلو هوندو يا ڏلهو کنيل هوندو. ڏلهو قيدين کي کڻايو ويندو هو جيڪي قيدي وڏ ا سنگين ڏوهه ڪري، ايندا هئا تن کان تمام ڳرو بار مٿي تي کڻايو ويندو هو ۽ کين ڏلهن وسيلي بندن ٻڌڻ ۽ روڊ رستن ٺاهڻ جي ڪم ۾ لڳايو ويندو هو. ائين عورت جو اهو روپ سڄيءَ سنڌ ۾ هر هنڌ نظر ايندو. غير سرڪاري اداري توڙي سرڪار نامدار ڪيتريون به دعوائون ڪري، پر جيستائين عورت جي مٿي تان دِلو ۽ ڏلهو نٿو لهي تيستائين عورت جي ترقيءَ جون سموريون دعوائون ڪوڙيون آهن. عورت تان ڪاريءَ جي نالي ۾ لٽڪندڙ ڪهاڙي نٿي لهي تيستائين سُڌرڻ جون سموريون دعوائون کوکليون آهن. سنڌي عورت سماج جو اهڙو سٻاجهو ۽ امن پرور طبقو آهي جنهن جي حالت بهتر ٿيڻ ۽ اڳتي اچڻ سان اسان جي سماج ۾ تمام وڏي تبديلي ايندي اڳتي اچڻ مان مُراد سماجي ترقي ۾ آزاديءَ سان ڪردار نڀاهڻ آهي، نه ئي اڌ اگهاڙو ويس پائي، سُڌريل ۽ فارورڊ جو نعرو هڻڻ آهي. اسان جي عورت جي لوئيءَ جي لڄ مُلڪان ملڪ مشهور ۽ پرکنڊين پڌري رهي آهي. اهڙي طرح سنڌي سماج جا مختلف رُخ يا ڌارائون آهن جن وسيلي اُهو اڳتي وڌنڌو، پُٺتي هٽندو رهيو آهي يا ائين کڻي چئجي ته ترقيءَ جون منزلون به طئه ڪيون آهن ته ڪيترن ئي لوڏن لمن اُن کي تنرل جي تحت الثريٰ ۾ پُڻ ڌِڪيو آهي. ايندڙ نشستن ۾ وڌيڪ رُخن جو جائزو ورتو ويندو ۽ تنهن کان پوءِ سنڌي سماج جي اُنهن مونجهارن جا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي، جيڪي پيچيدگيون اسان جي ترقيءَ جي راهه ۾ وڏي رُڪاوٽ آهي.


    سنڌي سماج، ان جا مامرا ۽ مسئلا

    سنڌي سماج، ان جا مامرا ۽ مسئلا

    سنڌ جنهن کي ڪڏهن سونهاري سنڌ سڏيو وڃي ٿو ته ڪڏهن سڳوري سنڌ. ڪڏهن سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب ته ڪڏهن وري سپت سنڌو. ڪڏهن سنڌ پيرن فقيرن جي سڏي ويئي آهي ته ڪڏهن ڪن ٻين مقتدر حلقن جي ڪيٽي ڪوٺيو آهي. سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب ته انتهائي وسيع هئي. محققن مطابق جنهن جا اڄ به اٽڪل 25000 ماڳ موجود آهن. ڀٽائيءَ جنهن سنڌ کي پنهنجي شاعريءَ جو موضوع بنايو آهي اها به ڪافي وسيع خطي تي پکڙيل هئي. موجوده سنڌ پاڪستان جو صوبو آهي جنهن جي وسعت ۽ ثقافتي گهڻا گهڻي به ملڪان ملڪ مشهور آهي. هن ڀاڱي جي جاگرافي به ٻهڳڻ آهي يعني ان ۾ جبل، ميدان ۽ ٿر موجود آهن. آبهوا جا ڦيرا گهيرا به الڳ آهن. سنڌ جي تاريخ به جُڳاندر جهوني آهي، ڪيئي بادشاه آيا، راڄ ڪري هليا ويا، اڄ سندن نالو نشان به ناهي ائين ڌرتيءَ تان غائب ٿي ويا آهن جيئن ڍ ڳين جا مٿيان ڏند. هتي مختلف ذاتين، قبيلن ۽ نسلن جا ماڻهو رهن ٿا. هتي تبديليءَ لاءِ ٻاهر جي حڪيمن پاران عطا ٿيل ڪيترائي نسخا آزمايا ويا آهن پر اهي سڀئي هيستائين ڪارگر ثابت نه ٿي سگهيا آهن. آخر انهن سڀني لقائن جو ڪهڙو سبب آهي جو هتي ڪا هاڪاري تبديلي نٿي اچي. سماج ساڳي بحرانن مان پچي رچي وري ساڳي اوڙاه ۾ وڃي ڌو ڪري، ڪري ٿو. سڀني سڄاڻ ۽ ساڃهه وند ماڻهن لاءِ اهو سوال هروقت للڪار آهي. کين ان جو جواب ڳولهي، سنڌي سماج جي مونجهارن، مسئلن ۽ مامرن جو حل ڪڍ ڻ گهرجي جيئن ايندڙ نسل ڪا بهتر زندگي گذاري سگهن ۽ پنهنجي ايندڙ پيڙهيءَ لاءِ وڌيڪ موچارو سماج جوڙي سگهن. شاه عبداللطيف ڀٽائيءَ شايد سنڌ جي سدامندي سورن واري حالت ڏسي، چيو هو. . .
    سرڄي تان سور، سامائي ته سُک ويا،
    اهي ٻئي پُور، مون نماڻيءَ نصيب ٿيا.
    سرڄڻ (Conception)کان وٺي سامائجڻ تائين جڏهن رڳو سور ئي سور هجن ته پوءِ ان شئي جي واڌ ويجهه ۽ ترقي ڪهڙي ٿيندي. سماج ۾ به جڏهن ان قسم جي ماجرا درپيش هجي ته پوءِ ته پوءِ اتي خوشحاليءَ جو خواب ئي ڏسي سگهجي ٿو ۽ سڀئي خواب تعبير نه ٿيندا آهن. ڪيترائي خواب اهڙا به هوندا آهن جيڪي ساڀيان ٿيڻ ۾ صديون لڳائي ڇڏيندا آهن. ڪي خواب وري نسل در نسل قرباني گهرندا آهن. انهن مڙني مامرن کي جيڪڏهن ڳوڙهي نظر سان ڏسبو ته ان ۾ ڪيترائي داخلي ۽ خارجي عوامل ۽ عناصر نظر ايندا جن جو ڇيد ڪرڻ ضروري آهي جيئن سماج جي درست صورت سامهون اچي ۽ سماج جي تاڃي پيٽي کي سموهي، سهيڙي، سُماڳو رُخ ڏيئي سگهجي، اهڙو رُخ جيڪو سماج کي روشن مستقبل ڏانهن وٺي وڃي. انهي سموري اوک ڊوک لاءِ اسان کي سنڌي سماج جي سماجي تحرڪ کي باريڪ بينيءَ سان ڏسڻو پوندو. سمورين سماجي ڪيفيتن تي نظر ڊوڙائڻي پوندي، جيئن ڪنهن حل ڏانهن وڌي سگهجي. سنڌي سماج جا جيڪي سماجي پهلو آهن تن ۾ سماج جو ڳوٺاڻو سماج هئڻ، ذات پات ۽ قبائليت، پيريءَ مريديءَ، گادي نشينيءَ جو اثر هئڻ، زرعي سماج هئڻ، پيداواري ذريعن جو ابتدائي صورت وارو هجڻ، مواصلاتي ذريعن جي صورتحال، بنيادي سهوليتن جي اڻاٺ، صالح اڳواڻي جي غير موجودگي وغيره


    ڳوٺاڻو سماج

    ڳوٺاڻو سماج

    سنڌي سماج ڳوٺاڻو سماج آهي. سنڌ جي آباديءَ جي اڪثريت ڳوٺن، وسندين، واهڻن، ڍاڻين، وانڍين، ۾ رهي ٿي. اهي وسنديون واهڻ، ڳوٺ پنهنجو الڳ مزاج رکن ٿا. ماڻهن جو پاڻ ۾ سماجي ميل ميلاپ جو سمورو ڪوڊ طئه ٿيل آهي. ڪهڙيون قوتون انهي ڪوڊ کي طئي ڪن ٿيون، ؟ انهي سماج ۾ ڪيئن ڇوڙي نبيري ٿئي ٿي؟ ڳوٺن جي سماج ۾ بنيادي سهوليتن جي ڍانچي جي صورتحال ڪيئن آهي؟ ڳوٺن جا ماڻهو پاڻ ۾ ڪيئن گڏجن ٿا؟ سندن شاديون مراديون، ڀت پوت، عيدون برادون ڪيئن ٿين ٿيون؟ ڳوٺن جي ماڻهن کي شعور۽ جاڳرتا وڌائڻ جا ڪهڙا موقعا ميسر آهن؟ اهڙيءَ ريت سوين نڪتا آهن جيڪي ذهن ۾ نروار ٿا ٿين ته ڳوٺاڻي سماج جو سماجي تحرڪ ڪيئن هلي چلي ٿو؟ ترقي لاءِ جيڪا رٿابندي ٿئي ٿي اُنهي رٿابنديءَ جي سرواڻي شهرن ۾ ويٺل اها اقليت ڪري ٿي جنهن کي ڳوٺاڻي سماج جي ڪا سمڪ ئي ناهي يا وري ايئن آهي جو شهري بابو يا ڪامورا انهن سادن ماڻهن کي اهڙي قسم جي اٻوجهه مخلوق سمجهن ٿا جيڪا مٿن بار هجي ۽ اهي جيڪو ڪم انهن ڳوٺاڻن لاءِ ڪن پيا سو ڄڻ عظيم احسان آهي. ڳوٺاڻي سماج کي انهي طرح نظرانداز ڪرڻ تباهي آڻي ڇڏي آهي. ڳوٺن جو سادو عوام يا ته بسون ڀري جلسا ڀرڻ لاءِ ڪم اچي ٿو يا ٻچا ٻار وٺي پولنگ اسٽيشنن تي ڪوڙا سچا ووٽ وجهڻ لاءِ ڪم اچي ٿو يا بيمار ٿي سرڪاري اسپتالن ۾ پاه ٿي مري وڃي ٿو . ٽرانسپورٽ کان وٺي تعليم تائين کين جيڪي موقعا مليل آهن انهن جو حال ڪنهن کا ڳجهو نه آهي. گاڏين ۾ اهي سادا انسان جانورن سان گڏ به سفر ڪندا آهن. سندن ٻار جن اسڪولن ۾ داخل آهن اتي تعليم نالي املهه وٿ اڻلڀ آهي. صحت جي بنيادي سهوليتن جي اها حالت آهي جو ويم دوران مرڻ جا واقعا روز اخبارن جي زينت بنجن ٿا. ٻارن جو موت اخبار ن ۾ ايئن رپورٽ ٿئي ٿو ڄڻ ڪو موت جو فصل لٿو هجي. جيڪي همراه انهن سادن سٻاجهن ماڻهن کان ووٽ وٺي ايوانن ۾ وڃي ديرو دمائين ٿا سي ته انهي طبقي ڏانهن مڙي ڏسڻ لاءِ تيار به نه آهن. ٻيو ته ٺهيو پر پنهنجي ووٽرن کي سڃاڻڻ کا به ايئن انڪاري ٿي ويندا آهن جيئن ڪرپشن وسيلي ڪمايل دولت جو انڪار ڪندا رهندا آهن، خبر تڏهن پوندي آهي جڏهن ڪو ادارو کين پڪڙي عدالت ۾ رمانڊ وٺڻ لاءَ وٺي ايندو آهي ۽ همراه ميڊيا جي پنن تي ڇانئجي ويندا آهن پر وري به سڀني الزامن کان انڪار ڪندا آهن. ڳوٺن جي انهي ماحول تي جيڪي ڌُريون اثرانداز آهن ۽ صدين کان انهن پنهنجي اثر جي اسٽيٽسڪو کي برقرار رکڻ لاءِ هر ڪوشش ڪئي آهي. انهي جمود جي تسلسل برقرار رکڻ ۾ تعليمي سهوليتن جي اڻاٺ ۽ ڪنهن به تربيت جي عدم موجودگي جو وڏو هٿ آهي. هڪ ته تعليم آهي ئي ڪانه، جيڪا پوري ساري آهي تنهن ۾ به ڪنهن جي شخصيت جي اوسر جي تربيت جو ڪو بندو بست نه آهي ۽ شعور جي جاڳرتا ته پري جي ڳالهه آهي. تنهنڪري سنڌ جي سماج جي ڳوٺن واري آبادي جيڪا اڪثريت ۾ آهي، جيستائين انهن جي ترقي نه ٿيندي تيستائين سنڌ جي ترقيءَ جو تصور ئي اڪارٿ آهي. اهو هڪ پهلو آهي سنڌي سماج جو. اهڙي طرح ايندڙ ليکن ۾ ٻين پاسن کي به نروار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.


    وقت جي وير ۾ لُڙهندڙ سنڌي سماج

    وقت جي وير ۾ لُڙهندڙ سنڌي سماج

    اسٽيفن هاڪنگ جهڙي نام ڪٺي سائنسدان ” وقت جي مختصر تاريخ” ۽ ”ڪائنات، ڪوزي ۾ “ جهڙا ڀلوڙ ڪتاب لکي، دنيا کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته وقت ڪهڙي وٿ آهي، ؟ ڪائنات ڪهڙو لقاءُ آهي؟ هن اهڙي ڳوڙهي معاملي کي، سادي نموني سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جو پڙهندڙن َ کي سندس مشاهدي ۽ تجربي مان ٻنهي اونهن اسرارن جي ڪجهه نه ڪجهه سمڪ پوي ٿي. وقت ۽ ڪائنات ٻنهي لقائن تي انسان صدين کان سوچيندو آيو آهي. خيالن جو اظهار ڪندو آيو آهي پر وقت به سندس هٿ وس ۾ نٿو اچي نه ئي ڪائنات جي پانڌ پري جي کيس ڪا ڪل پوي ٿي. جيتوڻيڪ هو پنهنجي علم ۽ اڀياس ۾ ٻنهي کي ڦاسائڻ جا ڦندا وجهندو رهيو آهي. ڪائنات جي ڳالهه ڪنهن ٻئي ڀيري، اڄ وقت جي ورونهن ٿا ڪريون جنهن بابت ڀيرومل مهرچند آڏواڻيءَ به ڀلوڙ نظم چئي وقت جو ڏونڪو هنيو هو ته وقت بادشاه آهي؛
    وقت چئي، آئون بادشاه!
    هنڌين ماڳين منهنجو ڦري ٿو فرمان.
    تابع مون اصل کئون. سارو هي جهان.
    ڏاڍو مون کان ڪون آهي. اصل ڪو انسان.
    ڇا پوڙهو. ڇا جوان. پاڻهي پوندا پيش مون. !
    وقت جي ان فرمان کي شايد گهٽ ماڻهن سمجهيو آهي يا وري سمجهيو آهي ته انهن هيڏانهن مڙئي ڌيان گهٽ ڏنو آهي. جيڪڏهن وقت جي ٻولي سمجهي وڃي ها ته قومن تي شايد ڏکيا ڏينهن نه اچن ها. ڏکيا ڏينهن اچن ها ته به اهي دکن دردن کي پنهنجو قوت بنائي قُوت ۾ تبديل ڪري وقت ڪڍي وڃن ها پر هرڪنهن وقت جي ميڻ بتيءَ کي ٻنهي ڇيڙن وٽان ٻاري آهي. وقت کي بيدرديءَ سان وڃايو آهي. اڄ تائين جيڪي نظراچي ٿو سو اهو آهي ته اسان جي اجتماعي مزاج ۾ وقت جي ڪا اهميت ڪانهي. انهي رنگ جو روپ اسان کي هر هنڌ نظرايندو. وقت کي ماڻهو ايئن ضايع ڪندا نظر ايندا ڄڻ وقت سندن ڪو هڏ خريد غلام يا سرڙيو هاري هجي جنهن کي جيئن وڻي تيئن هلائڻ جهڙو سندن اختيار ۾ هجي. وقت وڃائڻ جي اها عالمي ڊوڙ اسانجي سماج ۾ جتي ڪٿي نظر ايندي. ايئن محسوس ٿيندو ته اسان ڄڻ وقت وڃائڻ جي مقابلي ۾ لٿل هجون. اسان ايئن وقت وڃائيندي، ڪيئي قومي ۽ اجتماعي نقصان به ڪيا آهن. وقت جي چيچ ۾ پيل ڇلو گهرگهلو ٿيندو نيٺ نڪري وڃي ٿو پر اسين پنهنجي نقصانن کي ليکي ۾ ئي نٿا آڻيون. مثال طور اسانجي سماج ۾ شادين ۽ طهرن جا ڪاڄ ٿيندا آهن جن ۾ لکين رپيا فضول خرچي، ڀت ڪيو ويندو آهي ۽ ان ڀت جي دعوت به هر واقفڪار ۽ عزيز قريب کي ڏني ويندي آهي. ڳوٺن ۾ صورتحال اهڙي هوندي آهي جو ڀت جو ڌڻي جيڪڏهن خيريت سان نبهيو ته چوندا ”ادا فلاڻو نئون ڄائو ٿيو.“ نئون ڄائو ڇا، اهو ويچارو پوئو وٺي وري هڪڙي نئين سماجي مالياتي قرضي ۾ ايئن ڳهجي ويندو آهي جيئن اسان جهڙن ملڪن جا سڀئي شهري قرض جي ان هماليا هيٺ دٻيل هوندا آهن. ٿورو گهڻو ڪا سُهمائي هوندي آهي ته وري غيرسرڪاري ادارا ۽ بئنڪون قرض جي ڪوڙڪيءَ ۾ ڪڙي پوءِ سُک جو ساه کڻنديون. ماڻهو به چاهيندي نه چاهيندي، ان سونيءَ زنجير جو هيرئون ٿيندو وڃي ٿو. اهو سمورو ڪم بازار کي هلائڻ لاءِ ڪيو وڃي ٿو. کيسي ۾ ڪو ڏوڪڙ پئسو هوندو ته هٽ تي وکر واڻو وڪبو نه ته ٻروچن جي ٻول مطابق بهشت ۾ ته ڪنگ پيا رڙندا. خير ڳوٺن جي انهي ڀت جي نالي ۾ وسيلن جي زيان سان وقت ايئن ٿو زيان ٿئي جو ڀت جي تاريخ کان اڳ مهينو ڀت جي تياري ٿيڻ لڳندي آهي ۽ تياري تياريءَ ۾ تياري ڪندڙ جيڪو هٿ ڳرو رکندا آهن تنهنجي هڪڙي خبر ڀت جي مالڪ کي هوندي ۽ ٻيو ان جي پيدا ڪندڙ کي. شهرن ۾ وري شادي هال آهن جن ۾ ڪاڄ ڪيو ويندو آهي. بازار جو هيءُ بيرحم زمانو آئوٽ سورسنگ جو زمانو آهي يعني توهانکان جيڪو پاڻ ڪم نه پُڄي اهو ڀاڙي تي ڪرايو ۽ توهان کي خبر آهي ته هن ماڻهو دشمن مارڪيٽي معيشيت ۾ ڀاڙي تي هرڪم ٿي وڃي ٿو. ڀت ته معمولي ڪم آهي. هتي ته پرائي رستي تي کڏ کوٽڻ کان وٺي واسڪوٽيءَ ۾ بم ويڙهي ڦاڙڻ تائين نه ڄاڻ ڪيترا ڪم ٿين پيا. جن جي گيتن سان روز ميڊيا گونجي رهيو آهي. ايئن شادي هالن جو به ڪو مهانگو دنڌو آهي جو سُٺن هالن ۾ ته هر ويلي ڪانه ڪا بڪنگ هوندي آهي. انهن ڀتن دوران جيڪو وقت ضايع ٿيندو آهي اهو ته هاڻي اسان جو قومي اُهڃاڻ ٿيندو پيو وڃي. جنهن نيئنڊ نامي ۾ مانيءَ جو وقت 9 لکيل هوندو ان ۾ جيڪڏهن ڌُرين ڦُڙتي ڏيکاري ته پوءِ ٻارهين وڳي مانيءَ جو آسرو ٿيندو. ٽي ڪلاڪ ته اسان لاءِ ڪا معنى نٿا رکن ۽ ٻيو ته وري اهي ٽي ڪلاڪ آهن ۽ اسين پڪا ۽ متشرع ماڻهو آهيون جو شريعت ۾ ڪافي عملن کي ٽي ڀيرا ورجائڻ جي تلقين به سالن کان پيا ٻُڌندا اچون. ڀت مان خير جو سئين لھين پار پئي، گهر پهچڻ تائين خيرن سان ڏيڍ پهر کن لڳي ٿو وڃي يعني ڇهه ڪلاڪ کن آسانيءَ سان گذري ٿا وڃن خبر ئي نٿي پوي.
    اهو ته عام سماج جو ڪم هو. هاڻي اچو ته اشرافيه واري پاسي نظر ڪريون. اها ٻي ڳالهه آهي ته لازمي ناهي جو اشرافيه اشراف به هجي. اسانجي سماج جي سرواڻ طبقي يعني پاڻ کي پڙهيل ڳڙهيل طبقي سڏائڻ جي هام هڻندڙ طبقي جي ڳالهه آهي جنهن ۾ مختلف ڌريون اچي وڃن ٿيون. اهي ڌريون ڪڏهن پاڻ کي ڪهڙي نالي سان سڏائين ٿيون ته ڪڏهن وري ڪهڙي نالي. پر دعوى سڀني جي مهذب ۽ سُڌريل هجڻ جي آهي ۽ ان سُڌاري جي وصف به انهن ڌرين جي پنهنجي طئي ڪيل هوندي آهي. ايئن اهي سگهاريون ۽ سُڄاڻ ڌُريون پنهنجا پروگرام ڪنديون آهن ته سڀني ڌُرين ۾ نظرياتي اختلافن جي ڀيٽ ۾ هڪ ڳالهه مشترڪ هوندي آهي ته وقت ضرور وڃائبو ڇاڪاڻ ته اسان وقت وڃائڻ کي قومي ڪاڄ جي اهميت ڏني آهي. ڪوڙا سچا سرٽيفڪيٽ کڻي هلندڙ پڙهيل لکيل جي دعوى ڪندڙ انهن سڀني ڌرين جو زور ان ڳالهه تي هوندو آهي ته پروگرام کي وڌ ۾ وڌ دير سان ڪيئن شروع ڪرائجي. جنهن پروگرام جو وقت شام جا پنج ڏنل هوندو آهي اهو ساڍين ڇهين کان اڳي شروع نه ٿي سگهندو آهي. ساڍي کڍڇهين جو شروع ٿيل پروگرام جيڪڏهن خالي چانهن بسڪوٽ وارو آهي ته پوءِ ڏهين وڳين تائين خير سان جاري رهندو. جيڪڏهن مانيءَ جو بندوبست هوندو ته پوءِ رات کُٽي يا بات کُٽي. ديرجي خير واري انهي ڪم ۾ گهڻو تڻو هٿ صدارت يا وزارت ڪرڻ وارن وڌيڪ سُڌريلن جو هوندو آهي جو اهي ايندائي دير سان آهن. وقت سر ايندا ته صدارت جو منصب ته اقتداري ڪُرسيءَ وانگي ڪيڏيءَ مهل به کسجي سگهي ٿو. جيئن جيئن حاضرين گڏ ٿيندا ويندا تيئن تيئن صاحب صدر جي اچڻ جو انتظار به وڌندو ويندو ۽ منتظمين فون کي ڪوڙو سچو ڪن تي رکي، حاضرين کي پيا همٿائيندا ته صاحب صدر رستي ۾ آهي. اجهو ڄاڻ پهچڻ وارو آهي. پروگرامن ۾ لکيل وقت مطابق پهچڻ وارن کي بيوقوف سمجهيو ويندو آهي. هر ڪو عام طور ڪلاڪ وڌيڪ سمجهي، ميڙاڪي يا گڏجاڻيءَ ۾ ايندو آهي يعني پنج جو وقت لکيل هوندو آهي ته جيڪو تڪڙو پهتو سو به ڇهين وڳي پهچندو. اسان جا اهي ميڙاڪا عام ماڻهن نه پر انهن فردن تي مشتمل هوندا آهن جيڪي هن قوم کي دڳ ڏسڻ جا دعويدار آهن. چوڻي آهي ته انڌو انڌي کي لٺ نٿو لائي سگهي. سو اسين به جتي بيٺا آهيون اتي ئي چاڪيءَ جي ڏاند وانگر ڦيرا پيا کائون. پنهنجو پاڻ کي انهي جو پابند ڪري نه سگهيا آهيون ته وقت جهڙيءَ وٿ جو قدر ڪريون. جيڪڏهن قدر نه ڪنداسين ته وقت اسان جو زماني ۾ قدر ڪيرائي ڇڏيندو ۽ اسين ڪڏهن ڪوڏين جي ملهه ته ڪڏهن بنا ملهه بازار ۾ واري جي انتظار ۾ بيٺل هونداسين ۽ پري پري تائين اسان کي ڪو ٻولي ڏيڻ وارو به نه هوندو. تنهنڪري اسان کي پنهنجي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ گهرجي ته اسان ڇا پاتو آهي؟ ڇا وڃايو آهي؟ جيڪي ناڪاري قدر اسان جي مجموعي سماجي زندگي ءَ جو حصو ٿي، وڻ ويڙهيءَ وانگر اسان جي جوهر کي کائي رهيا آهن تن کان پاڻ آجو ڪريون. وقت وڃائڻ ته هڪڙو رخ هو ان اجتماعي زيان جو. اهڙيون ٻيون انيڪ اجتماعي علتون ۽ بدعتون اسان ۾ آهن جيڪي اسان جي سموري اسرندڙ چرپر کي ماٺو ڪن ٿيون. اسان وقت جهڙي وير جو واڪو ڪن ڪرڻو پوندو ۽ ان مان سبق پرائي، وقت جي پاٺ جي ساٺ سان سلهاڙجي هلڻو پوندو ته ٻاون وير لڳنداسين نه ته ٻه به وينديون، ڇهه به وينديون، اسين ڪوڙي سڪي جيان هٽان، هٽ ٺُڪرائجندا رهنداسون، ڇو ته وقت جو وار وس وارن کي به بي وس ڪري ٿو ڇڏي.


    عورتن جا حق، سنڌ جي عورت ۽ ترقيءَ جو عمل

    عورتن جا حق، سنڌ جي عورت ۽ ترقيءَ جو عمل

    سنڌ جي آباديءَ جي اڪثريت ڳوٺن ۾ رهي ٿي جن جو گذران يا زراعت تي آهي يا وري چوپائي مال تي. تمام ٿورا ماڻهو هوندا جن کي سرڪاري يا خانگي نوڪريون آهن يا وري ننڍو وڏو ڪاروبار آهي. ملڪ جي معيشيت ۾ جيڪو مال کپي ٿو اهو هنن ڳوٺاڻن علائقن مان اُپجي ٿو ۽ ان جي ڪمائي وري شهري سماج جو صنعتڪار کائي ٿو. کاڌي جي اسمن کان وٺي ڀاڄين ۽ ميون تائين، ڪمند جهڙن روڪڙ وارن فصلن کان وٺي مرچن تائين سموري اُپت هن ڳوٺاڻي سماج ۾ ٿئي ٿي. سنڌ جي سرزمين انتهائي زرخيز آهي جنهن ۾ جبل، ميدان ۽ وارياسا پٽ شامل آهن. سنڌو نديءَ جو پاڻي پاڻ سان برڪت آڻي ٿو. هتي مٺي پاڻيءَ جون ڍنڍون به آهن جن ۾ اوچي قسم جي مڇي ٿئي ٿي. زمين جي مٿاڇري تي سوين اهڙا وڻ ٽڻ آهن جن مان اسان کي اهڙيون شيون ملن ٿيون جيڪي اسان جو جياپو آهن. ان سان گڏوگڏ ڌرتيءَ جي تهن ۾ معدني دولت جا انبار آهن. انهن سڀني ڳالهين جي باوجود سنڌ جي ڳوٺن ۾ جڏهن وڃي ڏسبو ته اتان جي رهاڪن جي حالت عمومن ۽ عورتن جي حالت خصوصن ڪا ٺيڪ نظر نه ايندي. ننگرپارڪر جي بڙ تلاءَ کان وٺي جيڪب آباد جي ننڍڙن ڳوٺن تائين، توهان کي عورت جي مٿي تي ڪونه ڪو بار نظر ايندو جنهن جي بوجهه هيٺ هوءَ صدين تائين پيڙهجندي آئي آهي. ترقي جي سوين دعوائن جي باوجود ڪا خاص تبديلي نظر نٿي اچي. انهي اڻ برابريءَ ۽ ناانصافيءَ جا ڪهڙا سبب آهن؟ انهي ءَ جو ذميوار ڪيرآهي؟ انهن مسئلن جو حل ڪهڙو آهي؟ انهي حل تائين پهچڻ لاءِ ڪهڙي واٽ وٺڻي پوندي؟ اچو ته انهن نقطن تي ڳالهه ٻولهه ڪريون.
    عورت جي حالت ڏسڻ سان لڳندو ته انهي حالت جا مختلف پاسا آهن جيئن سماجي، اقتصادي ۽ صنفي ۽ لسانياتي پهلو. عورت لاءِ مختلف ٻولين ۾ مختلف لفظ آهن جن سان مختلف تصور جڙيل آهن. ڪن جو خيال آهي ته لفظ عورت مناسب ناهي. ناري يا ناري درست آهي. جڏهن ته نار يا ناري به باه سان منسوب لفظ آهي. عربيءَ ۾ نساء لفظ جمع جي صيغي ۾ ڪم آيو آهي ۽ واحد طور امراه استعمال ٿيو آهي. هنديءَ ۾ استري چون، جيڪو اسپائوز جي بروزن آهي. اهڙي طرح عورت جي مختلف روپن لاءِ مختلف لفظ آهن. جيئن ماءُ، ڌيءَ، ڀيڻ، زال، ڏاڏي، ناني، ماسي، مامي، چاچي وغيره. زال کي فارسيءَ ۾ زن چون ۽ ڍاٽڪيءَ ۾ لُگائي چون. سنڌي ۾ زال لاءِ گهرواري جهڙو سُٺو لفظ به آهي جيڪو مالڪيءَ کي ظاهر ڪري ٿو ته وهو جهڙو لفظ به ڪتب آيو آهي. سڀئي لفظ عورت ڏانهن اسانجي سماج جي رويي جي نشاندهي ڪن ٿا. اسان جي ڪلاسيڪي شاعرن ته عورت کي تمام گهڻو ڳايو آهي. شاه لطيف انهن سڀني ۾ مٿاهون آهي، جنهن جي سورمين ۾ سسئي، مارئي، مومل آهن ته سهڻي وري سڀني کان اُتم آهي. سڄي ننڍي کنڊ جي ڪلاسيڪي شاعريءَ ۾ عاشق عورت آهي، جيڪو ان ڳالهه جو اُهڃاڻ آهي ته هي سماج اول ماءُ هرتو سماج هو بعد ۾ پيءَوندو سماج جڙيو. ميران ٻائيءَ جو آواز ان ڏس ۾ سڀني کان سگهارو آهي. عورت سماج جو اُپت دائڪ حصو آهي. عورت جا جيڪي روپ آهن اهي سڀئي ان ڳالهه کي ظاهر ڪن ٿا ته ان کانسواءِ سماج اڻ پورو ۽ اڌورو آهي. هن وقت جيڪي عورت جي حقن جا وڏا علمبردارآهن سي به اونداهي دور ۾ رهيا آهن ۽ عورت کي ڪمزوريءَ جي نالي سان سڏيو اٿن. اها سموري اڻ برابري اسان جي اقتصادي نظام عورت لاءِ پيدا ڪئي آهي. جيستائين سماج فطرت جي ويجهو هو ته ان ۾ ڪا هٿرادو اڻ برابري نه هئي. سماج ۾ رياست جڙي ۽ ان جو بنياد طاقت ۽ ڏاڍ تي هو سو انهي عورت کي به مرد جي مقابلي ۾ هيٺاهين درجي تي رکيو. عورت جي رول کي رڳو گهرداريءَ تائين محدود ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي. پوءِ ان ۾ مذهب داخل ٿيو جنهن به عورت لاءِ رول کي مخصوص ڪيو. ان کان پوءِ وري بازار جو سگهارو دور شروع ٿئي ٿو جنهن به عورت کي هڪ وٿ طور متعارف ڪرايو ڇاڪاڻ ته عورت جو ن جيڪي حياتياتي مجبوريون هيون انهن کي بهانو بنائي صنفي دائرا جوڙيا ويا، جيڪي اڃا تائين ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ سماج جي ڪاروهنوار ۾ شامل آهن. اهي سڀئي ڳالهيون نظر ۾ رکندي جڏهن سنڌي سماج تي نظر وجهبي ته عورت سان اڻ برابريءَ جي انتها به نظر ايندي. ڇوڪريءَ جي ڄمڻ کي نڀاڳ جي نشاني سمجهيو ويندو آهي. جن عورتن کي لڳاتار ڇوڪريون ڄمنديون آهن تن جو جيئڻ جنجال هوندو آهي. شادي به پهرين پٽ جي پڇائي ويندي آهي پوءِ ڌيءَ جي. گهر ۾ کاڌو به پهرين ڇوڪرن کي ڏنو ويندو آهي پوءِ ڇوڪرين کي. شاديءَ ۾ ڇوڪريءَ کي عيوض ۾ ڏيئي ڀائر پرڻبا آهن. ڪٿي ڪٿي اها صورتحال اڃا به خراب ٿي پوندي آهي جڏهن اولاد جي شوق ۾ اهي ڇوڪريون پوڙهن سان به پرڻائبيون آهن يا وري پئسن تي وڪرو ٿينديون آهن. صورتحال ان کان به بدتر ٿي وڃي ٿي جڏهن فيصلن دوران ڏنڊ ۽ چٽيءَ م ڇوڪريون ڏنيون وينديون آهن. اهي ويچاريون سڄي عمر اها سزا لوڙهينديون آهن. ڪٿي وڏماڻهپي ۽ ذات جي انا جي ڏمر هيٺ ڇوڪرين کي مائٽ ڏورانهن علائقن وٺي وڃي اهڙن برادريءَ جي ماڻهن کي آڇينداآهن جيڪي يا انڪار ڪندا آهن يا وري ڳراشرط رکي پوءِ انهن ڇوڪرين کي قبوليو ويندو آهي. اهو عمل اسان وٽ ٿر ۾ ٺڪر راجپوتن ۾ رهيو آهي جيڪي جوڙ جيس جي چڪر ۾ اچي پنهنجون ڇوڪريون هندستان به وٺي ويندا آهن ۽ سڱ ڪري ايندا آهن ڇاڪاڻ ته سندن خيال ۾ مقامي طور ڪو ماڻهو سندن جوانئي ٿيڻ جوڳو نه هوندو آهي. عورت ويچاري “ستي” ٿي ڏاگهه چڙهندي رهي آهي ته “جوهر” جهڙي ڪٺن ڪوپ ۾ تلوارن جو کاڄ به بنجندي رهي آهي. عورت جو ملڪيت ۾ هڪ ته حصو ٿورو مٿان وري اهو ڪيو ويندو هو جيڪي ماڻهو سماج ۾ پاڻ کي مٿاهان سمجهندا هئا سي پنهنجي گهروارين، ڀينرن ۽ ڌيئرن جا نالا زمين جي حقن واري رجسٽر ۾ ۽ ووٽن جي فهرست ۾ نه لکرائيندا هئا. انهي اڻ برابريءَ کي ڪمپيوٽرٿيل شناختي ڪارڊن اچي ختم ڪيو ۽ کاتن جي تبديليءَ جي ڪمپيوٽرٿيل سرشتي اچي ٻنجو ڏنو. اڳي رڳو ڌيءَ فلاڻو لکيو ويندو هو. سموري ڳوٺاڻي سماج ۾ هرهنڌ تي عورت جي مٿي تي هن وقت به پاڻيءَ جا ڀريل دلا نظر ايندا يا گاه جي ڀري نظر ايندي يا وري ڪاٺين جي ڀري مٿي تي کڻي ويچاريون عورتون، ڳاه ڳاهينديون، نظر اينديون. ٻني ٻاري جي ڪم ۾ به مردن جي ڀيٽ ۾ عورت تمام گهڻو ڪم ڪري ٿي. ان سان گڏوگڏ ٻارن ڄڻڻ جو عمل، ٻارن پالڻ جو جنجهٽ، گهرداريءَ جا معاملا عورت کي ايتري بار هيٺ ٿا وجهن جو ان جي سموري اوسر ۽ ترقي متاثر ٿئي ٿي. اسان جي ادب ۾ به انهي اڻ برابريءَ جا اولڙا نظر اچن ٿا. عورتن ليکڪائن کي اڳتي اچڻ ۾ تمام گهڻيون رڪاوٽون درپيش اينديون رهيون آهن. انهي بيواجبي جي پس منظر ۾ اسان جي صديون پراڻي جهالت آهي جنهن جا بنياد رڱ، نسل، مال ملڪيت يا جنسي هٻڇ جي آڌار تي بيٺل آهن، ڇاڪاڻ جو اسان جو عورت لاءِ ڪنهن اوپري مخلوق وارو تصور آهي. انهي انتها پسنديءَ عورتن جي حقن جي حامين ۾ وري ان جي ردعمل ۾ هڪڙي ٻي انتها اُڀاري آهي جنهن سان به سماج ۾ بي توازني ٿئي ٿي. عورت جيڪا مردن جي برابر آهي ان جو ساٿي آهي، جوڙ آهي، جيس آهي، برابري ته فطري آهي. ٻئي ڌريون هڪٻئي لاءِ لازم ملزوم آهن. ٻئي هڪٻئي کان سواءِ اڻ پوريون ۽ اڌوريون آهن. اڻ برابريءَ ۽ عورت ڏانهن نامناسب رويي جو علاج تعليم ۾ آهي. اهڙي تعليم جيڪا شعور ڏئي تس اسين عورت کي انسان سمجهون نه رڳو اهو پر هڪجهڙو انسان سمجهون. هرهنڌ ان کي احترام جي نظر سان ڏسون. هر روپ ۾ ان لاءِ عزت جو اظهار ڪريون. اها عزت دلي عزت هئڻ گهرجي. زباني ڪلامي لفاظي ڪم نه ڏيندي. اسان جي عام رويي ۾ جيڪا ٻه چاپڙائي آهي اها ختم ڪريون. غيرت جي سڀني ڪوڙن ڪاٺوڙن مان ٻاهر اچون. ڪبير، ميران، شاه ڪريم، شاه لطيف سميت سمورا ڪلاسيڪي ورثي جا شاعر ان ڏس ۾ اسان جا سونهان ٿي سگهن ٿا. ڪبير ڀڳت جي وحدت پرستي، ميران جي عاشقاڻي نرملتا، شاه ڪريم جي فطرت نگاري ۽ شاه لطيف جي ٻهڳڻائپ اسان کي سيکارين ٿيون ته اسان عورت کي اکين تي چڙهيل انڌ جا کوپا لاهي ڏسون جيئن ان جو اهو روپ اسان کي نظر اچي جنهن سان هيءَ ڪائنات حسين آهي. ڪائنات جي حقيقي جماليات کي ماڻڻ لاءِ، اسان کي پنهنجي سموري سماجي ۽ صنفي تصور کي نئين سر جوڙڻو پوندو جنهن ۾ عورت بابت گهڙيل سمورا اڻ برابريءَ وارا پنجوڙ ٽوڙڻا پوندا. غيرت جو ڪوڙو ۽ بي غيرت تصور ترڪ ڪرڻو پوندو. ٻوليءَ ۾ گهڙيل سڀني اصطلاحن ۽ لفظن ۾، عورت جو احترام ڪرڻو پوندو. عورت لاءِ، جيڪي غير مهذب لفظ آهن اهي تبديل ڪري، نوان ۽ هاڪاري لفظ متعارف ڪرائڻا پوندا. اها سماجي ۽ صنفي برابري تڏهن يقيني بنجندي جڏهن مردان ۾ پنهنجو سرگرم ڪردار ادا ڪندو. انهي ڪم ۾ پڙهيل ماڻهن تي وڌيڪ ذميواري عائد ٿئي ٿي ڇاڪاڻ جو اسان جي پڙهيل ڳڙهيل جي دعوى ڪندڙ مردن توڙي عورتن ۾، فعل قول کان مختلف آهي. تنهنڪري ئي اها اڻ برابري آهي. اسٽيجن تي بيهي ملائڪ صفتي جي دعوائن وارن جا حال به دنيا ڏٺا. سوشل ميڊيا جي تحرڪ انيڪ اهڙن پوتي پاڪ پليتن کي ظاهر ڪيو آهي. ڪٿي وري پڙهيل عورتن به اڻ پڙهيل عورتن جي مڙسن سان ٻي شادي ڪئي آهي. انهي عمل به سماج ۾ هڪڙو اڻ برابري وارو تصور ڇڏيو آهي. اسان سڀني کي انهي ڏس ۾ اڳتي وڌڻو پوندو ۽ انهي رخ ۾ اڳتي وڌڻ لاءءِ سڄي سماج کي وڏي اخلاقي جرئت جي ضرورت آهي. صنفي هڪجهڙائيءَ لاءِ اها اخلاقي همٿ ئي اسان جي سماج ۾ سماجي انصاف ۽ برابريءَ واري ماحول قائم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي، رڳو ٻٽي معيار کي پنهنجي زندگيءَ جي ڪاروهنوار مان ڪوري ڪڍڻو پوندو. هڪ سريکائي لاءِ، سوچ جي سريکائي اوس آهي.


    سنڌي سماج جا مامرا ۽ سنڌي نوجوان

    سنڌي سماج جا مامرا ۽ سنڌي نوجوان

    سنڌ جو سماج جنهن جا بُنياد ڄاتل تاريخ وسيلي موهن جي دڙي تائين وڃن ٿا پر اُن کان اڳ به آبادين جي تمام وڏي وجود جا اهڃاڻ ملن ٿا، ڇاڪاڻ ته موهن جي دڙي يا مُھن جي دڙي جهڙو شهر هڪ ڏينهن ۾ نه ٺهيو هوندو ــ مُهن شهر جي اڏٽا ۽ اُتان جي سماج جا اُهڃاڻ ٻڌائين ٿا ته اُها هڪ سڌريل آبادي هئي جنهن جي ذهني وسعت ۽ ڪُشادگي، سندن عمارتن مان ظاهر آهي جڏهن ته موجوده وقت ۾ رهندڙ ماڻهن جي ڪوتاهه ذهني ڪيفيت ۽ هڪٻئي جي ٽنگ ڇڪڻ واري عادت کين مُهن جي دڙي جي تهذيب کان ڌار ڪري بيهاري ٿي _ اُن کانپوءِ راءِ گهراڻي جي دور جي ٻوڌي تهذيب جي اثر هيٺ اُسرندڙ سنڌ نظر اچي ٿي جنهن ۾ امن ئي امن هوندو هو ۽ راءِ گهراڻي جو راڄ به ڪُشادو هو ـ راءَ گهراڻي کان وري برهمڻن چالاڪيءَ سان بادشاهي ڦٻائي ۽ پنهنجو نظام نافذ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي تڏهن به سنڌ تمام گهڻي وسيع پکيڙ رکندڙ خطو هئي ـ برهمڻن تي عربن هلانِ ڪئي ۽ ايئن ڪڏهن ڌاريا ته ڪڏهن ڌارين جهڙا پنهنجا سنڌ جي ڌرتي تي راڄ ڪندا آيا ڪڏهن آزاد حيثيت ۾ ڪڏهن ڏن ڀرو ٿي ٻين جي ڏنل پروانن جي آڌاري هتان جي اڪثريت تي حُڪم هلائيندا آيا. ڪڏهن افغاني نازل ٿيا ته ڪڏهن ايراني، ڪڏهن مُغلن جا گورنر هئا ته ڪڏهن وري هتان جي مقامي ماڻهن انتهائي سستي اگهه تي پاڻ کي وڪرو ڪندي سنڌ جو اقتدار حاصل ڪيو. اهڙي طرح سنڌ مختلف ماڻهن جي آماجگاهه رهندي آئي آهي. ڇاڪاڻ جو سنڌ صدين کان وسيلن سان ايئن ئي مالامال رهي آهي جيئن اڄ به ڌنوان آهي. سنڌ جا ٻهڳڻ علائقا جن ۾ جتي جابلو علائقو شامل آهي ته دريائي مٽيهاڻو مٺو ۽ سنواٽو پٽُ پُڻ ــ ٻئي پاسي وري ريت جو رتن علائقو ٿر آهي ۽ سنڌ جي پيٽ مان سنڌو وهي ٿي. سنڌو سنڌ جي ڌرتيءَ جي پيٽ ۾ ماڻڪ موتي لعل اوڳاڇي ٿي جنهن مان جيڪا اُپت ٿئي ٿي اُها سون آهي. سنڌ جي ڌرتي جي پيٽ ۾ جيڪا معدنيات آهي اُها به املهه آهي. ڪوئلو، لوڻ، گرينائيٽ ۽ ٻين معدنياتن جا ذخيرا سنڌ جي شاهوڪاري جي ساک ڏين ٿا. سنڌ جي سماج ۾ جيئن اها دولت اُپجندي رهي ته معاشرو به خوشحالي جو اظهار ڪندو رهيو ته ڪاهون ڪندڙ به ايندا رهيا ۽ سنڌ جو سماج پنهنجا مختلف رنگ رُوپ بدلائيندو رهيو جن جون ثابتيون ۽ شاهديون اسان جي قديم آثارن جي ورثي کان وٺي، شاعري ۽ ادب تائين هر هڪ شئي ۾ موجود آهن. تڏهن ته لطيف جنهن سنڌ کي پنهنجي شاعريءَ ۾ پلٽيو آهي اُها سنڌ چارلس نيپيئر جي ڪڙو ڪڍي ڏنل سنڌ کان وسيع ۽ مختلف آهي جنهن ۾ هُن چوڏهن چاري ڪڇڙي جي ڳالهه ڪئي آهي ته کنڀا ت جي نار کان وٺي لنڪا جي سون سودڻ تائين ۽ سورٺ جي راڄ کان جيسلمير جي پٽن کي پنهنجي ڏات ۾ پرويو آهي ايئن سنڌي سماج مختلف حُڪمرانن ۽ حُڪمرانين جا تجربا ڏسندو سمن، سومرن ڪلهوڙن ميرن ۽ انگريزن جي صاحبي جا ڏينهن ڏسندو موجوده شڪل ۾ اچي نروار ٿيو جنهن جو اقتصادي بنياد زراعت آهي جنهن ۾ پوکي واهي ۽ مالداري شامل آهن. صديون گُذرڻ باوجود سنڌ جو اقتصادي بُنياد تبديل نه ٿيو آهي ۽ زراعتي سماج جو سڄو دارومدار زمين ۽ اُن سان لاڳاپيل وسيلن تي هوندو آهي جنهن جو جيتري زمين ۾ هٿ هوندو آهي ۽ اهو اوترو سگهو ۽ سگهارو هوندو ـ مٿان وري ٿيو اهو جو مختلف دورن ۾ سنڌ ٽوڙي سڄي ننڍي کنڊ ۾ زمين کي پُهچ رکندڙ ۽ حُڪمرانن جي حاضري ڀريندڙ گهراڻن جي فردن ۾ ورهايو ويو ۽ جاگيرداري وجود ۾ آئي اهڙي زرعي سرشتي جا اُهڃاڻ علاوالدين خلجيءَ جي دور ۾ ملن ٿا ته اڪبر پٽ همايون مغل جي دور ۾ به. . . جڏهن ماڻهن جي زمين جا کاتا ٺاهي ڏنا ويا ۽ کين زمين استعمال ڪرڻ جو حق محض انهي بنياد تي ڏنو ويو ته اُهي حڪمران جا حاضري ڀرُو ۽ رسويا هئا. انهي مان چند ماڻهن يا خاندانن جي هڪ هٽي قائم ٿي جيڪا اڄ تائين قائم آهي ڇاڪاڻ جو انگريزن انهي سرشتي کي باقائدي دستاويز بند ڪيو ۽ سروي ڪري جاگيرون ڏنيون ۽ جاگيردارن کان سندن ئي ڀائرن کي غُلام رکڻ جو ڪمُ ورتو جيڪو اڄ به جاري ۽ ساري آهي. انگريز ايترا ته چالاڪ هوندا هئا جو اسان جا وسيلا اسان جي ماڻهن کي ڏيئي اسان تي ئي حڪمراني ڪرائيندا هئا ۽ اسان جا پنهنجا ماڻهو انهي ٽيڳر ۽ مڳيءَ ۾ هوندا هئا ته کين ڪا جاگير يا زمين انعام ٿي آهي. اسان وٽ ٿر تائين اهو سلسلو هلندڙ هو ۽ انگريزن ٽپال کڻندڙن کي زمينون انعام ڏنيون ۽ خان بهادر جا لقب عطا ڪيا ــ اهڙي صورتحال کي ذهن ۾ رکندي شيخ اياز هِن ريت چيو هو ته؛
    اُٿ اي ڪُتا نيپيئر، پنهنجا پونير ڏس
    گورا توتي جسُ، ڪارا ڄڻيئي ڪيترا
    زمينين ڦٻائڻ جي اُڻ سلسلي سان گڏ هُنن مختلف طبقن کي پاڻ ۾ ويڙهايا ۽ ذات پات ۽ ڪڙم قبيلي جو نالو وٺي قتلِ عام جي ترغيب ڏيندي هڪ طرف سرداري نظام کڙو ڪيو ته ٻئي طرف سرداري نظام جي حمايت ۾ مذهبي مهاذ تي پيري مُرشديءَ کي به استعمال ڪيو ۽ اڄ تائين ساڳيو ڪاروهنوار جاري ساري آهي. انهي استحصالي اقتصادي ورڇ سموري سماج کي طبقن ۾ ورهائي ڇڏيو ــ هيڻا طبقا صدين کان ڏاڍن جي ڏاڍ ۾ پيڙهجي رهيا آهن. انهي تناظر ۾ جيڪو سماجي روپ نروار ٿيو آهي اُن ۾ ڳوٺ، وسنديون، ڪوٽ، شهر، بازارون، ڍاڻيون، وانڍون، ڪيٽيون، ٿرڙا، ٿريون، ٿر وغيره آباد ٿيا ۽ انهن تي به جن طبقن جي واڳ هٿ ۾ ڏني ويئي اُنهن سڄي سماج کي ترقي وٺرائڻ بدران پنهنجا گهر ٺاهڻ ۽ بڀ ڀرڻ شروع ڪيا ۽ اڄ تائين بڀ ڀرڻ جو سلسلو جاري آهي ۽ هتان جو ڪمايل ناڻو پرڏيهي بئنڪن تائين وڃي پهچي ٿو ـ اُپت ۽ مالڪي جي انهي سرشتي غريب ماڻهوءَ کان گهڻو ڪُجهه کسي ڇڏيوـ هن وقت به لکين ماڻهو اهڙا آهن جن کي پنهنجو گهر ٺاهڻ لا ءِ 2500 چورس فوٽ جيتري زمين جو ٽُڪرو به ناهي جنهن تي اُهي آزادي سان پنهنجو گهر ٺاهي سُڪون سان ويهي سگهن ـ لکين ماڻهن کي پيئڻ جي صاف پاڻي جو هڪ گلاس به نصيب ناهي ـ لکين ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن ۽ جيڪي اسڪولن ۾ آهن تن جي اڪثريت وري غيرمعياري ۽ صرف سرٽيفڪيٽ واري تعليم حاصل ڪري رهيا آهن جنهن سان بيروزگاريءَ ۾ ڏينهو ڏينهن واڌارو ٿي رهيو آهي. صحت ۽ صفائي جي سهوليتن جي ايتري ته اڻاٺ آهي جو ڪيتريون ئي ڳورهاريون عورتون ويم دوران هيءُ جهان ڇڏي وڃن ٿيون ۽ گند جا ڍير ڪيتريون قاتل بيماريون پکيڙي رهيا آهن پر انهي سموري ماجرا ۽ مام تي وس وارا ايئن خاموش آهن ڄڻ اُنهن مون ورت رکيو هُجي. انهي چُپ چُپات جو سبب اهو ئي طبقاتي استحصالي سرشتو آهي جنهن هيڻي کي هيڻو ۽ ڏاڍي کي ڏاڍو بڻائي رکڻ جو جموديت وارو ماحول جوڙي رکيو آهي. ادب ۽ علم جي دنيا تي به اهو سرشتو حاوي آهي ادارا گادين ۽ گهراڻن جي حوالي آهن اهليت جي اڻاٺ آهي. ادب ۾ هڪ اهڙي هٽي آهي جو جيستائين جغادري اديب سندون نٿا ڏين تيستائين نوجوان پنهنجي وکر کي دنيا اڳيان نٿا رکن. مجبورن ويچارا پنهنجي ڪتابن جا نه رُڳو مُهاڳ انهن ليکڪن کان لکائين ٿا پر سندن فرمائش تي اُنهن مان ڪاٽ ڪوٽ به ڪن ٿا. اهڙي فرمائشي پنجوڙ ۾ ڦاسي جيڪو ادب تخليق ٿي رهيو آهي تنهنجو حال ڪنهن کان ڳجهو ناهي. ادارا دوستيون نباهيندي اهڙا ڪتاب به ڇپائي رهيا آهن جيڪي پڪوڙن جي گاڏن تي استعمال ٿيندا. ايئن غلاميءَ جو سرشتو جيڪو لينڊ هولڊنگ کان شُروع ٿئي ٿو ۽ درگاهي سلسلن جي مدد ۽ مذ هبيت جي پُٺڀرائي سان هلندو ادب تائين پهچي ٿو تنهن سنڌ جي اڪثريت يعني هيڻن طبقن سان جيڪي ويل وهايا آهن سي ڪنهن کان ڳُجها ناهن غير سرڪاري ادارن جي نالن ۾ به چند ادارن کي ڇڏي باقي ادارا انهي غريبيءَ جي عڪس کي جيئن سستو وڪرو ڪري رهيا آهن. تنهن کان بڇان اچي ٿي. سياست ۾ نئين ڏينهن نوان ليڊر ۽ لاڙا متعارف ٿي رهيا آهن پر سڀني جي ڊُڪ ڊوڙ جا رستا مُلتان وڃن ٿا يعني سندن ڪاهه ڪُرسي ڏانهن آهي ڪُرسي ڀلي ڪاٺ جي هُجي پر حڪم ۾ هستي آهي ۽ انهي هستي حاصل ڪرڻ لاءِ هرڪو ور کنچيو قطار ۾ بيٺو آهي. هستي ۽ هوڏ کي سچل حرام چيو آهي هو پر سچل جي نالي وٺڻ واري اُن پيغام تي عمل ڪرڻ کان پڙ ڪڍي بيٺا آهن. اهڙي مونجهارن ڀري ماحول مان سنڌ جو غريب ماڻهو ڪيئن ۽ ڪڏهن نڪرندو. اهو ئي سوچڻ جو سوال آهي هيستائين ايندڙ هر تبديلي توڙي ترقي استحصالي طبقن جي حق ۾ آهي هيڻو ماڻهو اڄ به پاڻ وهيڻو ناهي. انهي صورتحال مان ڪيئن پار پئبو. ڪير پار لڳائيندو. ڪو پتو ناهي. اياز اهڙي ڪيفيت لاءِ هن ريت چيو آهي؛
    پرار تي ڪا پُڪار آهي، مگر اڳيان تک تار آهي
    ڪٿي اسان جي اُڪار آهي، اياز ڪيڏانهن ناو نيندي
    هِن سموري اونده انڌوڪار ۾ جيڪو روشنيءَ جو ترورو نظر اچي ٿو اُهو آهي سنڌ جو نوجوان طبقو جيڪو ڄاڻ جي ميدان ۾ اوک ڊوک جي ميدان ۾ پنهنجن اڳين کان اڳڀرو آهي کيس دنيا جهان جي ڏي وٺ ۽ ٻڌي ڇوڙي ۽ ڀڃ ڊاه جي جي ڃاڻ تائين رسائي آهي ۽ جيڪڏهن اهو پنهنجي پيرن تي پُختو بيهي اڳتي وڌندو رهيو ته يقينا ڪو ڏينهن اهڙو ايندو جو غريب ماڻهو انگ اُگهاڙا ۽ پيٽ بُکيا ماڻهو بنا اجهي ماڻهو به پنهنجيءَ وارا ٿي پوندا ۽ سندن دُکن دردن ڏولائن ۽ ڏوجهرن جو ڪو علاج ٿيندو. نوجوان جيڪو ذهين به آهي ته تعليم جي ميدان ۾ اڳرو آهي تنهن کي دڙو هڻي بيهي رهڻ گهرجي ۽ اُنهن سڀني قدرن کي تبديل ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙڻ گهرجي جن قدرن، ريتن رسمن ۽ سماجي سنگهرن نسل درنسل اسان کي ڳيجهو ۽ غلام بڻائي رکيو آهي ۽ جيڪي قومي قوتون اُنهي استحصال جي دوام قائم رکڻ جو اجورو وٺي ڪُڌي ڪم ۾ شامل آهن تن کان پاڻ بچائي اڳتي وڌڻو پوندو ۽ تعليم ئي اهڙو ٽول آهي جيڪو جديد دور ۾ هر ڳچيءَ ۾ سونهي ٿو ۽ تعليم وسيلي ئي ويچارا ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن دڳ لڳندا باقي ته وٽن ڪي ڪينهي. سندن پيرن هيٺ پنهنجي ڌرتي به ناهي ته مٿي لڪائڻ لاءِ اجهو به ناهي. سنڌ جي زرعي اقتصادي رسورس بيس کي ٻهڳڻ بڻائڻو پوندو ۽ سنڌي ماڻهوءَ جي روايتي اميراڻي يا امير پرستي واري مزاج مان ڪڍي انٽرپرينيوئر طور اُڀارڻو پوندو جيئن هو عصري تقاضائن مطابق دنيا جي قومن سان قدم ۾ قدم ملائي هلي سگهي پنهنجو ثقافت بچائي سگهي پنهنجي ٻولي سگهي پنهنجي تاريخ جي غلط تاويل ٿيڻ کان بچائي سگهي پنهنجي ادب کي پيڙهائين چورن کان بچائي سگهجي ۽ وڌيڪ اهو ته پنهنجي قومي وجود جو تحفظ ۽ رکوالپ ڪري سگهي اها ئي وقت جي ضرورت آهي اهو سڀني ساڃاه وندن لاءِ سوال آهي. انفرادي روين جي اڪثريت ئي اجتماعي رويي کي پنهنجي جنم ڏئي ٿي ۽ اجتماعي رويي جو نالو تهذيب ۽ ثقافت آهي جنهن قوم کي پنهنجي تهذيب ۽ ثقافت ٻوليءَ سماج جي جاڳرتا ناهي ته پوءِ اُها قوم تاريخ ۾ انتهائي اُگرن دورن مان گذري ٿي سنڌي سماج جو سماجي تحرڪ انتهائي ڳوڙهو آهي جنهن کي عميق اڀياس جي ضرورت آهي ۽ سنڌي ماڻهوءَ جي صلاحيت کان به انڪار نه ٿو ڪري سگهي. رڳو ڀئو ان ڳالهه جو آهي ته سندس رُخ سدائين غلط ڏِس ۾ موڙيو ويو آهي پوءِ ڪڏهن اِهو رُخ ڪڏهن اُهو رُخ موڙو وارو ڪمُ ڌارين جي چوڻ تي ٿيو آهي ته ڪڏهن وري پنهنجي اٻوجهائي ۽ ساده لولي اسانکي بند گليءَ ۾ بيهاريو آهي. هيءُ دور ڃاڻ ۽ ڄاڻ تائين پُهچ ۽ ڄاڻ کي ونڊڻ ورڇڻ جو دور آهي ۽ سنڌي نوجوان ان دور جو اهڙو روشن اُهڃاڻ آهي جيئن سانجهي تارو آهي ايئن اسانکي پنهنجي سڀني وسيلن جي مالڪي ڪندي روشن مستقبل ڏانهن وڌڻ گهرجي.


    ڳوٺن جي ڳالهه

    ڳوٺن جي ڳالهه

    جڳ جهان ۾ جيڪا ڊجيٽل ٽيڪنالاجيءَ جي ناما چاري ٿي آهي تنهن هڻي هنڌ ڪيو آهي ۽ دُنيا کي هرڪو چوي پيو ته اُها “زميني ڳوٺ” ٿيندي پئي وڃي جڏهن ته حقيقت ۾ ڳوٺ چَٽُ ۽ پَٽُ ٿيندا وڃن پيا شهرن مٿي شهر ا ڏجندا وڃن پيا ته ٻيا وري شهرن هيٺ شهر پُڻ اڏيا ويا آهن جن جي ڪارگذاريءَ ۽ ڪاريگريءَ کي ڏسي عقل چرخ ٿي ٿو پوي. دُنيا جي ڪيترن شهرن ۾ جيترا مٿي شهر آهن ايترو زمين هيٺ انڌار ڀوندن ۾ ريلون هلن ٿيون جن کي ٽيوب ٽرين چوندا آهن اُهي ٽيوب هاڻي انڌار ڀونرشا نه رهيا آهن پر روشن شهرڙا ٿي چُڪا آهن جن تي ڀريون تريون اسٽيشنون آهن ۽ پيهه لڳي پيئي آهي. اڃا مٿو گهمائيندڙ ڳالهه اها آهي ته ڪيترائي بهادر خلا ۾ گهر اڏڻ ۽ قبضو ڪرڻ جو سوچي رهيا آهن ته ڪي وري مريخ تي پلاٽن جي قبضا گيريءَ جون نت نيون ۽ نراليون رٿائون سرجي رهيا آهن. اهو ٻڙڌڪ ڪٿي وڃي هڻي هنڌ ڪندو ڪا خبر ناهي. هر هڪ انڌ جي گهوڙي تي سوار ٿي ڊوڙي رهيو آهي ۽ اُن رستي تي وڃي رهيو آهي جيڪو رستو بند گلي ۾ وڃي پوي ٿو ۽ دُنيا هر ڀيري ان بند گليءَ جي ڀت سان لڳي موٽ کائيندي آهي ۽ نئين دُنيا جوڙيندي آهي صدين کان اهو معمول جاري آهي ۽ ماڻهو بند گليءَ ۾ ڊوڙڻ جي باوجود نه رڳو اڳتي وڌي رهيو آهي پر اڳتي وڌڻ جا خواب پُڻ ڏسي رهيو آهي ۽ خواب ڏسندو رهندو. اهي خواب کانئس ڪير به کسي نه ٿو سگهي. سو ڳالهه هلي پئي ڳوٺن جي ته دُنيا “گلوبل وليج” ٿي رهي آهي پر حقيقتون اُن جي اُبتڙ آهن ۽ دُنيا “گلوبل وليج” بدران “اربن گلوب” ٿيندي پئي وڃي جيڪو شهر جڻ جي سرطان Cancer of Urbanization جي موتمار مرض ۾ وڪوڙبو پيو وڃي. ان جو سبب سرمايه واد جو ترقيءَ جو ماڊل آهي جنهن ۾ ترقي مٿان کان هيٺ لهي ٿي يا وهي ٿي پر اها ترقي وري وهڻ ۽ لهڻ جي بجاءِ چند خاندانن تائين اچي بيهي رهي ٿي ۽ باقي دُنيا اُن جو اوبر کائيندي رهي ٿي ۽ ترقيءَ جون نعمتون خلق خدا تائين نٿيون پهچن تنهنڪري ئي ڳوٺن ۾ ترقي ناهي ۽ شهر نه رڳو ترقي ڪري رهيا آهن پر ائين وڏي ويجهي رهيا آهن جو هاڻي سنڀالڻ ڏکيا ٿي پيا آهن. انهيءَ صورتحال ۾ سنڌ جي ڳوٺن جي حالت ڏسجي ته ويتر خراب نظر ايندي. . ڳوٺن ۾ بُنيادي سهولتيون نالي ماتر آهن ۽ اڪثر اهڙا ڳوٺ آهن جتي انسانن کي پيئڻ لاءِ صاف سُٿري پاڻيءَ جو گلاس به نصيب ناهي هزارين ماڻهو پيٽ جي بيمارين ۽ پيشاب جي سرشتي سان لاڳاپيل مرضن ۾ مُبتلا آهن ڪيترائي اسڪول نالي ۾ اسڪول آهن هزارين عورتون ويم وقت موت جي فرشتي سان لڪ لڪوٽي رهندي ساه بچائين ٿيون يا قربان ڪن ٿيون. لکين ٻارڙا اسڪولن کان ٻاهر آهن هزارين اهڙا ٻار هوندا جن جي جسم تي يا ته ڪپڙي جهڙو بار ناهي ياوري اُهي بلوغت تائين هڪڙي ڪپڙي پائڻ واري نصيب جي خاني۾ درج رهندا آهن ائين سوين سور سختيون آهن جيڪي ڳوٺاڻي زندگيءَ ۾ آهن جنهن به ڳوٺ گهُمي ڏٺا هوندا تنهن کي اندازو هوندو ته ڳوٺن جي صورتحال ڇا آهي؟ ڪُجهه ڳوٺ مثالي ڳوٺ به آهن جن ۾ رهندڙ ڪن فردن جيڪري اُتي ڪنهن حد تائين ترقيءَ جو عمل پهتو آهي نه ته ٿيا وڃي ست خير.
    ڳوٺن سان سڀ کان وڏي ويڌن اها آهي جو اُهي سروي ٿيل ئي ناهن ۽ ماڻهو ائين الله تو آهار رهيا پيا آهن جن وٽ نه ڪو ڪاغذ پٽ آهي نه مالڪيءَ جو پٽو تنهنڪري هروقت اُهي لڏ پلاڻ جي خطري هيٺ آهن. بئراج ايريا ۾ ڳوٺ وري زميندارن جي زمين تي آباد ڪيا ويندا آهن ۽ وڏيرو جڏهن به ڪاوڙبو آهي يا غريب هارپو ڇڏيندو آهي ته کيس ٽپڙ کڻڻا پوندا آهن ۽ وري ڪنهن ٻيءَ کڏ ۾ وڃي ڪرندو آهي جئين اها آبادي تمام ججهي آهي ۽ اهي ننڌڻڪي آهي جنهن جي سدائين ٺڪريءَ تي پاڙ هوندي آهي ۽ اُهي هڪ عدد ڪمرو به ٺاهي نه سگهندا آهن ترقيءَ جو عمل ته انهن کان ڪوهين ڏور لنگهي ٿو ۽ جيڪڏهن ڪو اسڪول ملي يا شفاخانو تعمير ٿئي ٿو ته اهو به وڏيري جي مرضيءَ سان اهڙي هنڌ اڏيو وڃي ٿو جتي اُهو يا ته وڏيري جي اوطاق بنجي پوي ٿو يا وري اوطاق جي حصو بنجي پوي ٿو. روڊ رستو ته ڪو ڪٿي پهچي ٿو نه ته ٿيو وڃي خير ۽ اُهو رستو به سرنديءَ واري جي گهرن تائين وڃي ٿو ڄڻ غريبن کي ترقيءَ جي ضرورت ٿي نه هُجي غريب ماڻهو گهر۾ ٽيليويزن وغيره به وڏيري جي مرضيءَ کانسواءِ لڳائي نٿو سگهي ۽ ڪن هنڌن تي ته منهنجو ذاتي مشاهدو آهي جو ويچارا ماڻهو جيڪڏهن ڪو ڪمرو وغيره تعمير ڪرائين ٿا ته اُن کي چُن جو اڇو پوچو به نٿا ڪرائي سگهن. غريبن سان اهڙي سُلوڪ ترقيءَ کي اڻ پورو ۽ اسارو ڪري رکيو آهي. اهڙي آبادي ڪن انگن اکرن مطابق 70% آهي جيڪا غريب جي ٽريڊ مارڪ سان سُڃاتي وڃي ٿي جنهن جو مقدر بسون ڀري جلسا ڪرڻ پنهنجا ٻار ٻچا وٺي اکيون پوري ووٽ ڏيڻ، بيمارٿي انتهائي خراب حالت ۾ سرڪاري اسپتالن ۾ وڃي ڌڪا کائڻ، وڏيرن جي درن تي هروقت سواليءَ وانگر بيهڻ تي آهي سالن کان وٺي اهو سلسلو هلندو اچي ٿو پرهاڻي دنيا جڏهن گلوبل وليج ٿيڻ جي هام هڻي رهي آهي ته ڳوٺن جي زمين جي سروي ڪندي شهري رٿا بندي واريون سهوليتون مُهيا ڪيون وڃن جيئن اُهي به ويچارا انساني طريقي واري زندگي گُذاري سگهن ڇو ته اڄ تائين انهن ماڻهن لاءِ مٺي پاڻيءَ جو گلاس لگزري آهي، ڪار ۾ چڙهڻ لگزري آهي بجلي جي پکي هيٺان پگهر ٺارڻ خواب آهي معياري اسڪول ۾ ٻار پڙهائڻ ڀوائتو خواب آهي اهڙي طرح جيڪڏهن ڳوٺن جي حالتن کي ترقيءَ جي مُک ڌارا ۾ شامل نه ڪيو ويو ته ڏينهون ڏينهن حالتون خراب ٿينديون وينديو غربت وڌندي ويندي ۽ غربت ڪرائيم کي به جنم ڏيندي آهي جنهن جو ڦل سڄي سماج کي لڻڻو پوندو آهي خوشحاليءَ ۾ امن آهي امن ۾ خوشحالي آهي سنڌ جي ترقي ايستائين بي معنيٰ آهي جيستائين هزارين ڳوٺن ۾ رهندڙ لکين عوام کي ترقيءَ جي نعمت مان ڀاڱي ڀائيوار نٿو بنايو وڃي سمورا انقلابي قدم اڌورا ۽ اڻ پورا ليکيا ويندا.


    ڳوٺاڻو سماج. . . سماجي جوڙجڪ ۽ سماجي سرشتو

    ڳوٺاڻو سماج. . . سماجي جوڙجڪ ۽ سماجي سرشتو

    سموري ننڍي کنڊ جي ڳوٺن وانگر سنڌ جي ڳوٺن جي سماجي جوڙجڪ پڻ زراعتي مالداريءَ واري سٽاءَ تي دارومدار رکي ٿي جنهن جو سماجي سرشتو پدرسري ۽ ڪٽنبي قبيلائي تنظيم جي صورت ۾ سڀني ڳوٺن ۾ ٿوري گهڻي فرق سان ساڳي شڪل ۾ موجود آهي. ڳوٺ ڪيئن آباد ٿيا؟ انهن جو سماجي ڍانچو ڪيئن قائم ٿيو؟ اهو سماجي ڍانچو ڪهڙن مرحلن مان گذري موجوده صورت تائين پهتو آهي؟ هن وقت انهي سماجي ڍانچي کي ڪهڙيون ڏکيائيون سامهون آهن؟ انهن ڏکيائن مان پار پوڻ جا ڪهڙا گس گهاٽ آهن؟ سماجي جوڙجڪ جوڙڻ ۾ ڪهڙا سماجي عنصر سرگرم ڪارج نباهين ٿا؟ سماج جا سرگرم طبقا ڪهڙا آهن؟ اهڙن سرگرم طبقن کي هاڪاري رُخ ڪيئن ڏجي؟ اهي اهڙا سوال آهن جن جو جواب ڳولڻ جي ڪوشش ڪبي ته جيئن پڙهندڙ پنهنجي سماج بابت نه رڳو سوچين پر سماجي طور سُتل قوتن کي به جاڳائين ۽ سماجي طور سُڪارج ڪن. ايئن سماجي تحرڪ هڪڙي متحرڪ سگهه جي صورت ۾ اُڀرندو.
    ڳوٺن جي سماج جي ڳالهه ڪرڻ يا سمجهڻ لاءِ زراعتي ۽ مالداري سماج جي اوک ڊوک ۽ پروڙ هجڻ ضروري آهي. زراعتي سماج جا سمورا قدر ڳوٺاڻي سماج ۾ ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ ملن ٿا. انهن مان ڪي هاڪاري آهن ته اڪثر ناڪاري آهن جيڪي سماج کي اڳتي وڌائڻ بجاءِ پوئتي وٺي وڃن ٿا جيڪو ماڻهن لاءِ ويتر نقصانڪار آهي.
    ڳوٺن جي سماجي جوڙجڪ جانچڻ لاءِ اسين ٿر کان شروعات ڪريون ٿا. ٿر ۾ ڳوٺن جو آباد ٿيڻ ڪجهه هن ريت ٿيو ته شروع ۾ راجپوتن ۽ اوسواڙن جيڪي وسنديون جوڙيون تن جي سماجي بيهڪ هن ريت شروع ٿي. مالدار هجڻ ناتي سڀ کان پهرين ڪو پاڻي گڏ ٿيڻ جو قدرتي هنڌ نروار ڪيو ويندو هو يا وري اهڙو تلاءُ جوڙايو ويندو هو ۽ ڪجهه پوءِ جي زماني ۾ وري کوه کوٽڻ شروع ڪيا ويا. جتي قدرتي پاڻي جو هنڌ هوندو هو جنهن ۾ مينهن جو پلر پاڻي گڏ ٿيندو هو اهڙي ماڳ کي سَرُ سڏيو ويندو هو. سمورين سرگرمين جو محور ۽ مرڪز اهو پاڻي ماڳ هوندو هو. سر جو ذڪر، ڀٽائي هن ريت ڪيو آهي.
    سچ ڪه سُڪو ڍور، ڪنڌيءَ اڪ ڦلاريا
    جنگن ڇڏيو جور، سر سُڪو سُونگي گيا
    مطلب ته سر سڀني معاشي سرگرمين جو مرڪز هوندو جتي سونگ (ٽئڪس) گڏ ڪئي ويندي هئي ۽ سر سُڪڻ کانپوءِ ويراني ٿيندي هئي ته اهي ڍالو به ڀڄي ويندا هئا. ٿر ۾ جيڪي اهڙيو ن وسنديون قائم ٿيون تن جي نالن ۾ ”سر“ لفظ پڇاڙيءَ طور ڳنڍيل آهي، جيئن؛ ڀوڏيسر، ڪجلاسر، ڀيماسر، سومراسر، وغيره. جيڪي ڳوٺ کوه کڄڻ پويان سڏجڻ ويا تن ۾ لفظ ”تڙ“ ”ويري“ ”پار“ لفظ پڇاڙي طور لڳل آهي، جيئن؛ صالح جو تڙ، مهڪي جو تڙ، سوڀي جو تڙ، وليءَ جي ويري، کيمي جو پار، جيسي جو پار. ايئن ڳوٺن جي نالن جو اهو سلسو اڃا به دلچسپ آهي، ڪنهن ٻئي موقعي تي.
    ڳوٺن ۾ ان وقت ” آهت“ وارو معاشي سرشتو هو ندو هو تنهنڪري اهڙين ذاتين جو هڪ گهر يا ڪجهه گهر به آباد ڪيا ويا جيڪي هنرمنديءَ جي حرفت ۾ ڀڙ هوندا هئا، جن کي عربن جي اچڻ کانپوءِ ڪسبي سڏيو ويو. اهي ڪسبي سُٺا پروفيشنل هوندا هئا. انهن پروفيشنس ۾، واڍڪو ڪم، لوهارڪو ڪم، سونارڪو ڪم، موچيئڪو ڪم، حجامڪو ڪم، رنگريزي، وغيره هوندا هئا. اهي ماڻهو سڄي ڳوٺ يا آس پاس جي آباديءَ لاءِ ”خدمتون“ سرانجام ڏيندا هئا ۽ سال جي آخر ۾ پنهنجي آهتين کان آهت ۾ ورسوند وٺندا هئا. لفظ ورسوند جو مطلب ”آبادڪاري“ يا ”ورسائڻ“ آهي. ”آهتپي“ جو اهڙو اقتصادي سرشتو هاڻي گهٽجي ويو آهي پر ڪن هنڌن تي ڪجهه صورتن ۾ موجود آهي. بازارن جي قائم ٿيڻ سان روڪڙ جو راڄ قائم ٿي ويو نه ته شئي جي شئي يا خدمت جي عيوض شئي ڏيڻ جو رواج هو. روڪڙ جي راڄ ۾ هرڪنهن کي پرايا هٽ ڀرڻ ۽ خالي ڪرڻ لاءِ هٿ پير هڻي روڪڙ هٿ ڪرڻي ٿي پوي. آهتپي واري سماج ۾ جيڪو سماجي ڍانچو هو يا اُن جي جاڳرتا ۽ اُن جو تحرڪ هو، اُهو مضبوط هو رو ڪڙ واري سرشتي جي اچڻ سان ڪافي تبديليون آيون آهن. گهر بُنيادي ايڪو آهي ڳوٺاڻي سماج جو پراُن ۾ جيڪا زراعت ڪاري ۽ مالداري آهي اُن جي لحاظ کان گهر جي وصف تبديلي ٿئي ٿي هن وقت جيڪا گهرجي وصف آهي يعني هڪ ڪُٽب ۽ هڪ چُلهه تي گذارن ڪندڙ چند ماڻهن جو مختصر مجموعو پر“ گهر ” جو اهو لفظ گڏيل ڪُٽنبي سرشتي ۾ انتهائي وسيع هو جنهن ۾ 10-10گهر به اچي ويندا هئا. ڪمائيءَ جو ذريعو به هڪڙو هوندو هو ته چلهه به هڪ هوندي هئي. اثاثا به گڏيل ملڪيت طور هوندا هئا. فقط اُنهن جي زباني ورڇ ڪيل هوندي هئي جيڪا به تبديل ٿيندي رهندي هئي. گهر جو وڏو جيڪي فيصلا ڪندو هو اهي فيصلا سڀئي قبول ڪندا هئا. وڏي جي مرضي وڏي واڪ هلندي هئي. ان تان هڪڙو لطيفو ياد اچي ٿو. ڪنهن ڳوٺ ۾ ٽي ڀائر هئا جن جي شادي ساڳي وقت تي ٿي. سڀني ۾ وڏو ”ڪرم خان“ هو. نڪاح جي وقت نڪاح پڙهائيندڙ جڏهن ڪرم خان کان ايجاب ۽ قبول پُڇي ٻئي ڀاءُ کان پڇڻ لڳو ته هُن اشراف چيو، ”جيڪا ڪرم خان ڪئي سامون کي قبول آهي“. ائين ٽئين ڀاءُ به ان غير ضروري شرافت جو مظاهرو ڪندي ساڳي ورندي ڏني. ڀيڙپ ۽ سپت جو اهڙو سادگيءَ ڀريو ڪو مثال نه ملندو. اهڙو ججهو ڪُٽنب به زماني جي تبديلين ۾ اچي مختصر خاندان تي پهتو آهي، پراڃا به گڏيل ڪُٽنبي سرشتو موجود آهي. چند گهر گڏجي “پاڙو” جو ڙين ٿا جنهن جو اڳواڻ ”پاڙي جو چڱو“ سڏيو ويندو آهي ۽ چند پارا گڏجي ڳوٺ جو ڙين ٿا ۽ ڳوٺن ۾ ڳوٺن جا اڳواڻ آهن جتي به وڏا ڳوٺ آهن ته اُتي هڪ کان وڌيڪ اڳواڻ آهن جن جانالا به مختلف آهن جيئن پٽيل، مُکي، وڏيرو وغيره. پٽيل جولفظ انگريز دور ۾ رائج ٿيو جنهن جي معني آهي ”پٽي وارو“. انگريز جنهن کي پهريان اهو پٽو ڏيندوهو يعني زمين جي مالڪي ءَ جي حقن جو پٽو، . . . . . . . . . تنهن کي پٽيل چوندا هئا ”مُکي“ مقامي لهجي جو لفظ آهي جنهن جي معنى به وڏو آهي ته ”وڏيري“ جي معني به ٻين کان وڏو آهي ائين گهرجي اڳواڻي کان وٺي پاڙي تائين ۽ پاڙي کان ڳوٺ تائين ۽ ڳوٺ کان ست راڄي ءَ تائين هڪڙي منظم درجي بندي هوندي هُئي جيڪا اڻ لکيل قانون جي روشنيءَ ۾ انتهائي پابندي نموني متحرڪ رهندي هئي جئين سماج ۾ اقتصادي سرشتو تبديل ٿيو ۽ بازار بنگلي کان به اڳتي نڪري ويئي ته پوءِ ان سموري سرشتي ۾ به ڪافي تبديليون آيون اڳ ڳوٺ جو نيڪ مرد پنهنجي ساک پت ۽ ڪردار پٽاندر سُڃا تو ويندو هو جنهن جي ڳالهه هر هنڌ برک سمجهي ويندي هئي ۽ سمورا ڳوٺاڻا اڳواڻ مرد ئي هوندا هئا پر ٿر ۾ ڪن هندن تي عورتون پُڻ اهڙيون همت واريون ۽ گُڻوان رهيون آهن جن اوطاقون هلائي ايندڙ ويندڙ مسافرن کي مانيون کارايون ۽ کوه کوٽرائي ڳوٺ ٻڌرايا جئين مٺي، مانٻائيءَ جو تڙ، داديءَ جو تڙ غيره.
    جئين سماج ۾ وسيلا وڌيا ۽ ماڻهن جي پهچ به وڌي ۽ مواصلاتي سرشتو تبديل ٿيو، تيئن ئي اها سماجي جوڙجڪ تبديل ٿيڻ لڳي ۽ نيڪ مرد جو ارادو بُحران جي ور چڙهي ويو ۽ ڪا نئين صورت اختيار ڪرڻ ڏانهن وڃي پيو. انهيءَ تبديليءَ ڳوٺاڻي سماج تي ڪافي گهر اثر ڇڏيا. ”ٻڌيءَ“ تي ڌارو مدار رکندڙ ”ڀيڙيل مُٺ“ جيان منظم معاشرو هو سو اُپٽجي ”واءُ“ ٿي پيو. راڄ جيڪي ڀاڳ هئا سي ڦري شهر ٿيڻ لڳا ياوري ڳوٺ خالي ٿيڻ لڳا ۽ آبادي لڏ پلاڻ ڪري جتي به بنيادي سهولتون آهن اوڏانهن وڃي آباد ٿيڻ لڳي آهي. روڊ رستا ٺهيا آهن اُهي به پاڻ کي آباديءَ ڏانهن ڇڪڻ لڳا آهن اڳي هر ڪنهن کي جيڪا گهرن جي پاسي سمهڻ جي عادت هوندي هئي سا بدلجي روڊ جي پاسي آباد ٿيڻ جي صورت اختيار ڪري چُڪي آهي ڇاڪاڻ ته روڊ بازار کي ويجهو ڪن ٿا۽ بازار جي انهي حقيقي ڇڪ سڀني کي پاڻ ڏانهن ڇڪي سوڙهو ڪري ورتو آهي. ”نيڪ مرد“ جي جاءِ ان طبقي والارڻ شروع ڪئي آهي جنهن جي وسيلن تائين نسبتن آسان پهچ آهي جهڙوڪ نوڪري پيشه ماڻهو، ٺيڪيداري يا ٻيو ڪاروبار ڪندڙ ماڻهو اهڙي طرح ڳوٺن ۾ اُنهن سان ان سورن باڪردار ساک پت رکندڙن جي جاءِ تي توهان کي مٿي ذڪر ڪيل طبقن جا ماڻهو ملندا جيڪي پنهنجي پنهنجي پاڙي يا ڳوٺ جا چڱا مڙس يا نمائندا ڪوٺرائي وڏي فخر سان اهڙن ڪمن ۾ به رُڌل هوندا جيڪي سندن ماڻهن جي خلاف آهن. مثال طور جيڪو اُستاد پٽيل آهي ۽ ڪُل وقتي سرگرمي پٽيلي اٿس اهو سرڪاري نوڪري کي تفريح کان به گهٽ سمجهي ٿو ۽ اهڙن سڀني ڳوٺن جا اسڪول حقيقي معني ۾ بند پئل آهن پوءِ ڪاغذن ۾ ڀلي کُليل هجن اُن کان سواءِ اڳتي جڏهن نيڪ مرد ۽ اُستاد الڳ هوندا هئا ته اُستاد جي ڪم ڪار تي نيڪ مرد نظر رکندو هو جڏهن ته هن وقت ان قسم جو نظرداري ۽ مالڪيءَ وارو ادارو معاشري مان گم آهي سماج ۾ سماجي ڦير گهيرو وڏي افراتفري پيدا ڪئي آهي خدمتن جا سمورا شعبا ذاتي مفادن لاءِ استعمال ٿي رهيا آهن ۽ سياست ذات برادرين جي چوڌاري گهمي ٿي يا پير فقير اُن تي اثر انداز ٿين ٿا ڇو ته ٿر ڇا ننڍي کنڊ سموري جي ڳوٺن ۾ هر هڪ ڳوٺ ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ عدد درگاهه توهان کي ضرور نظر ايندي جنهن ۾ سال ۾ هڪ دفعو ڳوٺاڻا گڏجن ٿا ڪن درگاهن تي وري وسيلا گڏ ڪري، ميلا لڳايا ويندا آهن جتي ماڻهو سال ۾ هڪ ڀيرو گڏ ٿين ٿا. عيد ن تي به ماڻهو گڏ ٿين ٿا پر انهن سڀني هنڌن تي ڪابه اهڙي ڳالهه نٿي ڪئي وڃي جيڪا اجتماعي مسئلن جي حل ڏانهن ڪا وڌندڙ وک محسوس ٿئي. جيڪي سرگرميون اهڙن ميلن ملاکڙن ۾ٿين ٿيون تن ۾ فضليات وڌيڪ هوندي آهي يا اهڙا عمل ورجا يا ويندا آهن جنهن سان جيڪا صدين جي اٻوجهائي آهي تنهن کي ڪئين جاري رکيو وڃي. اهڙي طرح ڳوٺن جو سماجي سرشتو ڪنهن نئين صورت ڏانهن وڌي رهيو آهي، بئراجي علائقن ۾ ته ڳوٺن جو سماجي تحرڪ زمين جي مالڪي رکندڙ پويان گهمي ٿو. ڪن وٽ هزارين ايڪڙ زمينون آهن ته ڪن وٽ ٻه ايڪڙ به ناهن جن تي پوک ڪري اُهي پنهنجو گذرسفر ڪن اهڙي صورتحال ۾ اُتي سماجي تحريڪ انتهائي منفي رُخ اختيار ڪري جُرم جي دُنيا ڏانهن لاڙو ڪري ٿو يا ظلم جي چڪيءَ ۾ پسجندو رهي ٿو. اهي سڀئي نقطا سماجي تحرڪ جا چند مثال آهن جيڪي ڳوٺاڻي سماج ۾ آهن جن جي ڪري ڳوٺاڻو سماج هڪ غريب سماج آهي يا نظر اچي ٿو.


    ڳوليان ۽ ڳنڍيان

    ڳوليان ۽ ڳنڍيان

    ڀٽائي سُر رامڪليءَ ۾ جيڪي جيءَ جون جڙون، محبت جي ميخن وانگر هنيون آهن تن ۾ جيڪا گهرائي ۽ سندس مشاهدي جي مام آهي تنهن مان سمورو سنڌي سماج ائين جهلڪي ٿو جئين آرسي ڏسندڙ کي پنهنجو چهرو هو بهو نظر ايندو آهي. ڀٽائي جي مشاهدي ۾ سنڌي سماج جي اڪثريتي طبقي جي زندگي بابت ججهو احوال آهي. هن وقت اسين ڊجيٽل ٽيڪنالاجيءَ جي دور ۾ هلون پيا ۽ ڳالهه مڙئي هٿن مان نڪري وڃي اُڀ جي اکٽ ۽ اڪٿي پولار ۾ پيئي آهي جتي ڪنهن جو هٿ پير نٿو پُڄي تنهنڪري زماني ۾ پنهنجي سماج جي روشن مستقبل جي ڳولا ڪرڻ گهرجي ۽ سماج کي چُرندڙ پُرندڙ متحرڪ دُنيا سان ڳنڍڻ گُهرجي ۽ ڀٽائي جي ڳوليان ۽ ڳنڍيان واري صلاح کي هٿ ۾ وٺي هلڻ گُهرجي جيئن ايندڙ وقت بهتر هُجي ائين نه ٿئي ته صدين کان جيڪي سور آهن سي جاري ۽ ساري هُجن سنڌ جي 70 سيڪڙو آبادي اڄ به غربت جي لڪير کان هيٺ گُزاري ٿي. شهر جڻ (urbanization)جو عمل ويراوير وڌ آهي ۽ لڏپلاڻ جو اهو اکٽ سلسلو هڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين جاري آهي. سنڌ ۾ هزارين ڪلو ميٽر روڊ آهي پر اُن جو ڪيترو حصو هلڻ ڪرڻ جي قابل آهي سنڌ ۾ هزارين اسڪول آهن پر اُنهن جي حالت ڇا آهي؟ امن امان جي صورتحال ڪيئن آهي اهو به ڪنهن کان اڇانو ناهي. سنڌي سماج ۾ جيڪي قدر اڄ کان 50 ورهيه اڳ هئا اُهي يا ته تبديل ٿي چُڪا آهن يا تاراج ٿي چُڪا آهن ۽ ڪيئي نوان قدر جُڙي راس ٿي وڌي ويجهي چُڪا آهن. راڄ جيڪي ڀاڳ سڏبا هُئا اُهي هاڻي ويران ماڳ ٿيندا پيا وڃن. سنڌي سماج ۾ هن وقت تائين جيڪي تبديليءَ جا تجربا ڪياويا آهن سي پُڻ پنهنجي منزل مائڻ کان اڳ پرلوڪ پڌاري چُڪا آهن ائين سنڌي سماج جي سماجي تحريڪ جا ڪيئي پهلو آهن جن جي اڀياس ڪرڻ کانپوءِ هر ڪنهن پنهنجو جوڙو جو ٽيو ۽ گهوڙو ڊوڙايو. نتيجو اهو نڪتو ته گهڻو تڻو ڪم ڪيو ڪلر هاريو ثابت ٿيو. سنڌ قومپرستيءَ جي لهر ڏٺي سُرخ انقلابن جي لهر ڏٺي. اليڪشني سياست جا سمورا روپ ۽ ڪوپ ڏٺا ۽ موجوده دور ۾ سماج سُڌارڪي دور ۽ ميڊيا جي دور ۽ مذهبي لهر جي دومان گُذري رهي آهي ۽ ايندڙ وقت ۾ جيڪا به شڪل صورت هن سماج جي بيهندي اُن کي تبديل ڪرڻ لاءِ شعوري ڪوشش ئي نه ٿي آهي ته بُکين ڏکين ماڻهن جي اُهنجن ايذائن جي درد جو درمان ڇا ۾ آهي اُهي ڪئين اڳتي وڌي انهيءَ بُک ۽ بدحاليءَ جي تحت الثريٰ مان مٿي نڪرندا اسان هرروز اخبارن ۾ ڪاري ڪاريءَ جون خبرون پڙهون ٿا اسان هر روز اماندار ۽ واهر جا واڪا ٻُڌون ٿا اسان هر روز بدعنوانيءَ جا نت نوان قصا ٻُڌون ٿا پر عام سنڌي ماڻهو نه اُن جو حصو آهي نه اُن جو بينيفيشري پر هُو ويچارو ته سرنديءَ واري طبقي لاءِ ڄڻ ڪنفيڪشنري آهي جنهن کي سندس نسلن جا نسل ڀوڳيندا اچن پيا انهيءَ سموريءَ ماجرا جو مذڪور لهڻ لاءِ سنڌي سماج جو غير جانبداراڻا تجريو ڪرڻو پوندو ته اسان جي سماجي تحرڪ جا ڪهڙا مُحرڪ آهن ۽ اُهي ڪٿان اُتساه وٺن ٿا يا اُنهن ۾ ڪا خاطرخواه تبديلي نٿي اچي آخر اُن جا ڪهڙا ڪارڻ آهن ۽ اُنهيءَ ڪاڪ محل مان نڪري پار پوڻ جي ڪهڙي واٽ مُنا سب آهي هن وقت جيڪا بهتريءَ جي روشني نظر اچي ٿي اُها اها آهي ته هيءُ “ڄاڻ” جو دور آهي ميڊيا جو دور آهي دُنيا نئين عالمي سٽاءُ مطابق “عالمي ڳوٺ” ٿيڻ طرف وڌي رهي آهي اُن وقت ۾به اسان جي ڳوٺن جي اها حالت رهي ته پوءِ ڪڏهن ۽ ڪيئن سُڌارو ايندو ٻي خوش آئنده ڳالهه اها آهي ته مجوده سنڌي نوجوان انتهائي سُڄاڻ آهي ۽ هُو وقت جي ڌاري کي ڏسي ٿو ۽ اُن ۾ وک ۾ وک ملائي هلڻ جو اُتساهه رکي ٿو اُن کي صرف درست رهنمائي ۽ رُخ جي ضرورت آهي ڳولهڻ ۽ ڳنڍڻ جي ڳالهه ڪندي ڀٽائي جي سُررا مڪليءَ جي هيءُ بيت ذهن تي تري اچي ٿو.

    ڳوليان ۽ ڳنڍيان ويا ويراڳي نڪري
    محبت جا سنديان، آئون نه جيئندي اُن ري
    شاهه


    ڳوٺن ۾ وندر ورونهن

    ڳوٺن ۾ وندر ورونهن

    شيخ اياز چيو هو ته ”ڍءُ بنا ڍولا، ڪانهي ساڃهه سونهن جي“ يا وري هڪ چوڻي آهي ته ”پنڻ وچان پڙهڻ ياد ناهي“. اهي ٻئي ٻول ڳوٺاڻي زندگي جي عڪاسي ڪن ٿا، جتي غربت ئي غربت آهي، اڻهوند ئي اڻهوند آهي، زندگيءَ جون بنيادي سهوليتون اشتهار ڏنيون به نه ملنديون ۽ اهڙين حالتن ۾ ڳوٺاڻا ماڻهو هڪڙي چئومُکي ويڙهه وڙهي رهيا آهن جنهن ۾ڪوبه سندن سڏ نٿو ورنائي. اهڙي حالت ۾ اهي ويچارا ”چريا“ سمجهيا وڃن ٿا ۽ مٿائن ٺٺوليو ڪيون وينديون آهن. تڏهن ته سياڻن چيو آهي ته ”بنا هوند حريف چريو چوائي“. ڳوٺاڻن ماڻهن مان هڪ ته غربت ساه ڪڍي ڇڏيو آهي مٿان وري اهو آهي جو سندن زندگيءَ ۾ وندر ورونهن يا تفريح نالي ڪا شئي ناهي. زندگيءَ جي نٽهڻ اُس ۾ سڙي سڙي، جڏهن فرصت جي گهڙين ۾ اچن ٿا ته به وٽن پور پچائڻ ۽ سور سانڍڻ کان سواءِ ڪجهه به ناهي. اچو ته ڏسون ڳوٺاڻن علائقن ۾ وندر ورونهن جو ڪار وهنوار ڪيئن رهيوآهي؟ ماڻهو ڪيئن پاڻ وندرائين ٿا؟ ڪهڙيون رانديون رونديون ڪيون وڃن ٿيون؟ انهن راندين ۾ عورتن مردن ۽ ٻارن جو ڪيترو ڪيترو حصو آهي؟ انهن راندين جي هن وقت ڪهڙي حالت آهي؟ حڪومتن انهن راندين جي ترقي ۽ ترويج لاءِ ڪهڙا اُپاءَ ورتا آهن؟ ڳوٺاڻن علائقن ۾ وندر ورونهن لاءِ ڪهڙا اُپاءَ وٺڻ گهرجن؟
    ڳوٺن ۾ عمر، جنس، موسم جي لحاظ کان مختلف قسمن جون رانديون ۽ وندر ورونهن جون سرگرميون رهيون آهن. ٻارن جون رانديون رونديون الڳ آهن ته مردن جون رانديون الڳ آهن، ۽ عورتن جي وندر ورونهن الڳ آهي. وري انهن راندين روندين ۾ ڪي گهرن اندر کيڏيون وڃن ٿيون ته ڪي وري گهرن کان ٻاهر ميدانن ۾ ته ڪي رانديون وري وڻن تي چڙهي کيڏيون وڃن ٿيون. ٻار بلور راند، اٽي ڏڪر راند، ڏڙو راند، هيلر راند، ڪوڏي ڪوڏي، مڻ راند، لڪ لڪوٽي راند، اوڙيو راند، گُڏين راند، کير وٽي راند ۽ ٻيون ڪيتريون علائقائي رانديون کيڏن ٿا. انهن راندين جو پنهنجو پنهنجو ڪارج آهي. ٻار کي زندگيءَ جا گُر انتهائي سادي طريقي سان سکي وٺي ٿو. پاڻ سکڻ يا ڪم وسيلي سکڻ جو اهو عمل اهڙو ته موثر آهي جو ڪنهن تربيت ۽ استاد کانسواءِ ٻار راندين ۾ ڀڙُ هوندا آهن ۽ سندن شخصيت جي اوسر انهي سکيائي عمل مطابق ٿئي ٿي. انهن راندين ۾ ڇوڪرا ڇوڪريون گڏجي به حصو وٺندا آهن. ڪا تفريق يا ڪو امتياز نه هوندو آهي. جيئن ئي اهي وڏا ٿي جوانيءَ ڏانهن وک وڌائڻ لڳن ٿا ته سندن زندگيءَ مان ڪجهه رانديون نڪري وڃن ٿيون ۽ ان جي جاءِ تي اهڙيون رانديون اچي وڃن ٿيون جن ۾ جسماني ڪسرت جو خيال رکيل هوندو آهي. ڪوڏي ڪوڏي، ملهه راند، ويڻي ڇڏائڻ، وغيره اهڙيون رانديون آهن جيڪي جوان کيڏندا آهن. اهڙين راندين جا مقابلا عيدن ۽ ٻين تهوارن جي موقعن تي ٿيندا آهن جتي سڄو ڳوٺ اچي گڏ ٿيندو آهي ۽ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙن کي داد ۽ شاباس ڏني ويندي آهي. عورتن جون رانديون گهراندرجون رانديون آهن جيئن چله رراند، چوپڙ راند، ڇڪو راند، تاش راند وغيره. ڪجهه رانديون اهڙيون به آهن جن ۾ ذهني سرگرمي کي محور بنايو ويو آهي جيئن؛ نوٽڻ راند، شينهن ٻڪري راند وغيره. عورتن جون رانديون هڪ ته ختم ٿي ويون آهن ٻيو وري ڳوٺاڻي عورت ويچاري ڪم ڪار ۽ پورهئي جي پيڙا ۾ ايتري ته ڳهيل آهي جو سندس زندگيءَ ۾ فرصت ئي هڪ خواب وڃي رهي آهي ته راند روند ڪو مندائتو ميوو. انهن راندين کانسواءِ جتي به ڪميونيڪيشن جا چينل پهتا آهن اتي وري ڪي جديد رانديون به متعارف ٿيون آهن جيئن ڪرڪيٽ، والي بال، فُٽ بال، بيڊمنٽن وغيره.
    انهن سڀني شين کي بحث هيٺ آڻڻ جو مقصد هو ته اهي سموريون رانديون ۽ وندر ورونهن جا سامن متعارف ٿي وڃن باقي انهن شين جي هن وقت شديد ڪمي آهي، يا ته ڳوٺن جو ماحول ان نموني جو ٿي ويو آهي جو رانديون رونديون ڳوٺاڻي زندگيءَ مان گم ٿي ويون آهن ۽ انهن راندين جي جاءِ ٺري (ڪچي شراب) ۽ درخواستون ڪرڻ جي ڪرت اچي والاري آهي. راند روند جي نه هئڻ ڪري ناڪاري رويا پيدا ٿين ٿا ۽ ماڻهوءَ جو دماغ غلط ڳالهين ڏانهن لڙي ٿو. سڀ کان وڏو وندر ورونهن جو ذريعو ڳوٺاڻيون ڪچهريون آهن جن وسيلي لوڪ ادب جا موتي ونڊيا ورڇيا ويندا آهن ۽ ٻولي ۽ ڏاهپ جو املهه خزانو هڪ نسل ٻئي نسل منتقل ڪندو آهي. اهڙي طرح اهو صدري سلسلو جاري رهندو آيو آهي پر هاڻي ڪچهرين جو اهو ادارو به ڪجهه مڙئي ڪسو ٿيندو پيو وڃي. ڪجهه هنڌن تي نئون ميڊيا اچي چڪو آهي جيئن ٽي وي، اخبار، سماجي ميڊيا وغيره. پا انهي ميڊيا جو سمورو تاڃي پيٽو نئون آهي جيڪو ڳوٺاڻي رهڻي ڪهڻي کان بلڪل پري ۽ اوپرو آهي. ايئن نئين ۽ پراڻي جي وچ ۾ ڪو سٻنڌ نه جُڙي رهيو آهي. نتيجي ۾ ڪلچر جو هڪ وڏو ذخيرو جيڪو وندر ورونهن جي صورت هوندو هو سو بنهه تاراج ٿي، ختم ٿي رهيو آهي. . انهي سموري صورتحال تي سرڪار جي ڪن تي جون به نٿي سُري ڇو ته سرڪار هڪ ته بدعنوانين جي ثواب ڪمائڻ جي نيڪ ڪم ۾ پوري آهي يا وري انهن جا ڪن ايترا بي حس ٿي ويا آهن عوام جي اُهنج جي دانهن سندن ڪن جي جون کي متحرڪ نٿي ڪري. انهي ماجرا جو ڪهڙو حل ڪڍجي. ان عوامي پاسي جي ترقي لاءِ ڪهڙا اُپاءَ وٺجن جو ڳوٺاڻي آبادي جيڪا هن ملڪ ڳپل حصو آهي سا برابريءَ وارو آئيني درجو به ماڻي سگهي. ڇوته انهن جي انهي بنيادي حق ۽ آئيني حق جو ڪير پُٺڀرائي ڪندو؟ انساني حقن جا هوڪا ڏيند ڙ ته هاڻي ڏوهارين جا وڪيل ٿيڻ لڳا آهن. انهي حالت زار تي ڀٽائيءَ جو هي بيت ذهن تي تري ٿو اچي.
    جه سي لوڙائو ٿيا، جني سندي ڌير،
    ماروئڙا فقير، ڪنهن در ڏيندا دانهڙي.
    انهي ڏس ۾ سموري سماج کي تحرڪ وٺڻ گهرجي. خاص طور سماجي ڀلائيءَ جو ڪم ڪندڙ ادارن ۽ عمومن سول سوسائٽي جي دعوى ڪندڙن کي ان ڏس ۾ اڳتي قدم وڌائي ڪوششون ڪرڻ گهرجن. عوامي جاڳرتا کي وڌائڻ گهرجي جيئن عوام پاڻ پنهنجي ڀلائي جي ڪمن لاءِ ڪي وکون کڻي ۽ سرڪار جي ڪن تي ويٺل جون به سُري جو اها راند روند لاءِ جيڪي رقمون رکي ٿي اهي رڳو شهري علائقن ۾ خرچ نه ڪيو ن وڃن پر انهن مان ڳوٺاڻن ماڻهن تي به خرچ ڪيو وڃي جيڪي هن ملڪ جا برابر جا شهري آهن جيڪي اڃا تائين ترقيءَ جي جديد عمل کان زمانا پري آهن.


    ڳوٺ وڻن جون ڳالهيون.. . . . . . ڳوٺاڻا ميلا

    ڳوٺ وڻن جون ڳالهيون.. . . . . . ڳوٺاڻا ميلا

    چونڊن جي ٻن مرحلن جي ٻڙڌڪ کانپوءِ به هرهنڌ هاءِ گهوڙا لڳي پيئي آهي. جيڪي کٽي ويا آهن اهي به پيا مظاهرا ڪن ته جيڪي هارائي ويا آهن انهن جي به روز ميڊيا تي ڪوڪ آهي ته اسان سان انياءُ ٿيو آهي. گهر جي مالڪن کي دانهن ٿا ڏيون ته نياءُ ڪيو وڃي. اهي گجڻيءَ واريون دانهون ڪو ٻوٽو ٻارينديون يا نه پر ڳوٺاڻن جي وندر ورونهن شروع آهي. ڪٿي ڪٿي بحث مباحثا جاري آهن ته ڪٿي ايف آءِ آر جي وارووار آهي. انهن سڀني ڳالهين کي ڇڏي پاڻ اڄ ڳوٺ وڻن جي اهڙي ڳالهه جو ذڪر ڪنداسين جيڪ صدين کان جاري آهي. ڪنهن جاري ڪئي ؟ ڪيئن شروع ڪئي؟ انهي جي خبر ناهي پر سڀني ڳوٺن سان انهي سرگرميءَ جو سڌو يا اڻ سڌو واسطوضرور آهي تنهنڪري انهي مشغوليءَ جو اثر به سڀني ڳوٺن توڙي ڳوٺاڻن تي آهي. اها سرگرمي آهي ”ڳوٺاڻا ميلا. “
    انسائڪلو پيڊيا سنڌيانا ۾ سنڌ جي ميلن جي ڏسڻي هيٺ ميلي جي وصف هن ريت ڌنل آهي، ” ميلو لفظ ’ميل ملاقات‘ مان نڪتل آهي. ائين کڻي چئجي ته عوام جي ملڻ ۽ هڪ جاءِ تي گڏ ٿيڻ کي ’ميلو‘ چئبو آهي. سنڌ جي نامور محقق، استاد ۽ دانشور ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي مشهور ڪتاب ”جامع سنڌي لغات“ جي پنجين جلد جي صفحي نمبر 2759 تي ”ميلي“ لفظ جي معنيٰ ”عوام جو مجموعو، ماڻهن جو ميڙاڪو ۽ اوليائن جي مقرر ٿيل ڏينهن تي گڏ ٿيڻ“ لکيو آهي“ ڪي ميلا جيڪي وڏي پئماني تي لڳن ٿا اهي سرڪاري سطح تي منعقد ڪي وڃن ٿا،
    سنڌ جي سمورن ڳوٺن جي سماجي جوڙجڪ ۾ درگاه جو هجڻ ضروري آهي. هرهڪ ڳوٺ ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ عدد، ننڍي يا وڏي درگاه اڏيل نظر ايندي جنهنجي اڏجڻ يا اڏائڻ سان درگاه اندر ابدي طور آرامي ٿيل فرد جو ڪو به سورڪار توڙي ڪردار نه هوندو آهي. هن وقت سياري جي مند شروع هلي رهي آهي ۽ ڳوٺاڻن لاءِ هيءَ مند اپت جي مند آهي تنهنڪري هن موسم ۾ ميلا ملاکڙا به لڳندا آهن ته شاديون مراديون به مچنديون آهن. ماڻهو جيڪي ڪجهه سال ۾ ڪمائيندا آهن اهو انهن ٻن سرگرمين تي کپائيندا آهن. نومبر کان وٺي مارچ تائين شادين جي زوردار موسم هوندي آهي. انهي دوران ميلا به منعقد ٿيندا آهن. ميلن لڳڻ جو اهتمام ڪيو ويندو آهي. درگاهن کي سينگاريو ويندو آهي. رنگ روغن ڪرايا ويندا آهن. اهڙيطرح ميلي جي ڏينهن ۾ اتي رونق لڳي ويندي آهي ڇاڪاڻ ته ڳوٺاڻا ميلا ڳوٺاڻن جي اسٽاڪ ايڪسچينج هوندا آهن جن ۾ بازارون لڳنديون آهن ته ملاکڙو به منعقد ٿيندو آهي. ان کانسواءِ جيڪو ٻيو ادارو آهي ڳوٺاڻي اسٽاڪ ايڪسچينج جو ڪردار ادا ڪري ٿو اهو آهي ” مال پِڙي“. جنهن ۾ ڳوٺاڻا پنهنجو مال ڪاهي ايندا آهن وڪرو ڪري چار ڏوڪڙ وٽائي موٽي پنهنجي ماڳ ويندا آهن پر ميلن ۾ ته ڪيئي مشغوليون مٿو مٿي تي هونديون آهن جن ۾ ڪي ڳجهيون ته ڪي پڌريون. . . . پر سڀني ۾ اُپتي پهلو رکيل هوندو آهي يعني ڪنهن نه ڪنهن ڌر جي ڪمائي جو خيال رکيو ويندوآهي. پر غريب ماڻهو هتي به واهپي (ڪيزيومر) حيثيت ۾ هوندو آهي جنهن کي خريداري ئي ڪرڻي هوندي آهي. ڪي ڪي ڳوٺاڻا وري پنهنجي تعلقات کي استعمال ڪندي، ننڍاوڏا دڪان کوليندا آهن جن مان ڪجهه نه ڪجهه منافعو ملي ويندو آهي. ميلن لڳڻ يا لڳائڻ جي انهي سلسلي جي ڪا دستاويزبندي ته ٿيل ناهي ته اهو ڪنهن ۽ ڪڏهن شروع ڪيو؟ پر هن ڪرت جو اسان جي ڳوٺاڻي سماج تي تمام گهرو اثر آهي. اڪثر ميلا سهائين راتين ۾ لڳايا ويندا آهن. ميلن کان اڳ ۾ وري درگاهن تي ننڍا ننڍا ڏهاڙا منعقد ڪيا ويندا آهن جيئن سهائو سومار وغيره. هر مهيني جاري رهندڙ اهڙي سرگرمي ماڻهن ۾ جذبو پيدا ڪري ٿي ته اهي ان کي اپتدائڪ ڪم ۾ تبديل ڪن. انهن ميلن ۾ آباديءَ جي لحاظ کان ڪي وڏا ميلا آهن ته ڪي ننڍا ميلا. ڪي هڪ ڏينهن، ته ڪي ٽن ڏينهن تائين به جاري رهندا آهن. درگاهن تي وري گادي نشيني آهي اها گهڻو تڻو موروثي آهي. جتي اولاد جي اڻاٺ پيدا ٿي اتي وري ڪونه ڪو قابض ٿي ويهي ٿو رهي. ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا هوندا آهن پر هاڻي ته لٺ نه بندوق آهي جنهن ۾ ڪيتريون ئي گوليون پون ٿيون.
    ميلن جي انهي سلسلي ۾ جيڪي ڪم ڪار ٿين ٿا تن ۾ زيارت کان وٺي ٻڪر چاڙهڻ تائين انيڪ ڪم شامل آهن. انهن ڪم تي چڱو موچارو خرچ ايندو آهي. جيڪي مريد هوندا آهن تن کي ڪجهه خرچ لازمي ڪرڻا پوندا آهن باقي غير مريد به بازار جي سلامي ڀريندا آهن. ميلن ۾ کائڻ پيئڻ جو انتظام گهڻو ڪري مفت جو ٿيل هوندو آهي جنهن کي هندو ڀنڊارو چوندا آهن ته مسلمان لنگر چوندا آهن. ميلن ۾ هرقسم جي موسيقي به وڄندي رهندي آهي. ڪٿي مذهبي ڳائڻ به هلندو آهي. ڪٿي هاڻي وري مولوي صاحب به محفل کي رونق بخشين ٿا. اهڙي طرح ماڻهن جي وندر جو سامان مهيا ٿي وڃي ٿو ته کيسي جو ڪم به ٿي وڃي ٿو. جڏهن ويچارا ڳوٺاڻا واپس من جون مرادون ماڻي موٽن ٿا ته سندن کيسو خالي هجي ٿو ۽ کين وري هارپو يا مزدوري ڪري اهو قرض چڪائڻو ٿو پوي. اها ريت صديون پراڻي آهي ۽ اڄ تائين هلندي اچي. ڳوٺاڻي آبادي ان کي وندر ورونهن جي سرگرمي سمجهي ڪري ٿي پر اهڙي ءَ ڀل ۾ سندن ڪمائي جو جيڪو اسراف ٿئي ٿو تنهنجو اندازو ڪنهن اداري لڳايو ئي ناهي. جيڪڏهن باقاعدي ڪا سروي ڪرائي وڃي ته پتو پوندو ته جيڪا آبادي پاڻ کي غريب چورائي ٿي ۽ پٽي سٽي پيٽ جو پورائو ڪري ٿي سا هرسال ڪروڙين رپيا وڃائي ٿي. ان کان به وڏو نقصان اهو ٿو ٿئي ته نسل درنسل ذهني پنجوڙ جو اهو سلسلو مضبوط ٿيندو وڃي ٿو. ماڻهو پڙهڻ، عقل ۽ ساڃهه کان ڪم وٺڻ بجاءِ ساڳين وهمن، سنسن ۽ ڀرمن ۾ مبتلا ٿيندو پيو وڃي. ڪو ماڻهو جيڪڏهن ڪنهن غلط ريت کان ڪنهن کي جهلي پلي ٿو ته ان کي ماڻهو ڦِريل سمجهن ٿا. هيءُ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جو دور آهي. يورپ به تڏهن ڪجهه اسريو جڏهن اتي شعور ۽ عقل جي ڳالهه اڳڀري ٿي. جهالت جو ڪارو دور صدين کان نسلن کي پيڙهيندو رهيو آهي ۽ خلق خدا جي ڪن غلط رسمن جي ڌُٻڻ ۾ اهڙي ته ڦاٿل آهي جو نڪرڻ جو سوچي به نٿي. ميلا ملاکڙا سٺو ڪم آهن. انهن کي صحتمند سماجي سرگرمي طور منظم ڪرڻ جي ضرورت آهي. جنهن مان سماج جي گڏيل اوسر ٿئي اسان جو معاشرو ترقي ڪري. ايئن نه ٿئي جو اسين ڏينهون ڏينهن ان گرڻ ۾ وڌيڪ ڦاسندا وڃون. صحتمند سماج جي نشاني آهي ته اهو پنهنجي اوڻاين پوڻاين کي پاڻ مان ڪڍي، انهن جي جاءِ تي ڪي صحتمند سرگرميون رائج ڪري جيڪي ان سماج جي اڳتي وڌڻ ۾ ڪو بهتر ڪردار ادا ڪن. اهڙي طرح ڳوٺاڻا ميلا به اسان جي سماج ۾ بهتر ڪردار نباهي سگهن ٿا جيڪڏهن انهن جي سڀني سرگرمين کي ڪو هاڪاري رُخ ڏنو وڃي. انهي سلسلي ۾ سڀني ساڃهه وند ڌرين جو ۽ ڳوٺاڻن جو ڪردار اهم آهي. سڀني کي ميلن ملاکڙن جي چرپر جي ڀليءَ ڀت خبر آهي. سماج ۾ جيڪي ماڻهو سوچيندڙ آهن ۽ سمجهن ٿا ته فلاڻو عمل سماج سماج جي اجتماعي مفادن وٽان ناهي ته کين اڳتي وڌي ان کي سڌارڻ گهرجي. باقي ڳوٺاڻن ميلن جو ڳوٺاڻي سماجي تحرڪ ۾ تمام اهم ڪردار آهي. سموري ڳوٺاڻي جاڳرتا تي ڳوٺاڻن ميلن جي ڇاپ آهي.


    ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون. . . . . . ذات پات جو سرشتو

    ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون. . . . . . ذات پات جو سرشتو

    سموري ننڍي کنڊ جي معيشيت زراعت پويان گهمي ٿي تنهنڪري ڳوٺاڻين وسندين ۾ ذات پات جو سرشتو پنهنجي پختي جوهر ۾ موجود آهي. ذات پات جي انهي سرشتي ڳوٺاڻي سماج کي خانن ۾ ورهائي انجي حقيقي سگهه کي ايترو هيڻو ڪري ڇڏيو آهي جو اهو پاڻ وهيڻو ئي نه رهيو آهي ۽ ماڻهو ذات پات جي ان ٽئگ جي روشنيءَ ۾ وڙهي وڳي، رچي کپي رهيا آهن کين ڪوبه سمجهائڻ وارو ناهي ته ٻيلي ڏاها ٿيو هن نموني پنهنجي طاقت کي پاڻ تباهه نه ڪريو، محنت به اوهين ڪريو وسيلا به اوهان جا پوءِ به توهين دست نگر ڇو آهيو؟ اڄ به ڳوٺاڻي آباديءَ لاءِ پيئڻ جي پاڻي جو صاف ميسر هجڻ اهڙو خواب آهي جهڙو اڄ کا ن ستر ورهيه اڳ هو. آخر ايئن ڇو آهي؟ ذات پات جو انهي پسماندگيءَ ۾ ڪهڙو ڪردار آهي؟ ذات پات جو ڪاڪ محل ڇا آهي؟ اهو ڪنهن جوڙيو ۽ ڪيئن ان ۾ خُدا جي خلق کي ان ۾ جڪڙي پيرن ۾ پيڪڙا وجهي پابند ڪيو جو نسلن جا نسل انهي پيڙا کي ڀوڳڻ جي باوجود انهي ڪاڪ محل مان نڪرڻ جي ڪا سنجيدگيءَ واري ڪوشش نٿا ڪن؟ ذات پات جو اهو ڄار ڪيئن بُرو چڪر آهي؟ انهي مان ڪيئن نڪري سگهجي ٿو؟ اهي اڄ جي سنڌي نوجوان لاءِ اهڙا چئلينج آهن جيڪي ڪر ڪڍيو، سندس اڳيان بيٺا آهن. جيڪڏهن انهن سوالن ۽ للڪارن کي سنجيدگيءَ سان نه ورتيو ويو ته ذات پات جو اهو سرشتو واڳونءَ وانگر پنهنجي وات ۾ اسانجي سموري سگهه کي ڳڙڪائيندو رهندو ۽ اسين ڪا وک اڳتي وڌائڻ جي بجاءِ ڦري ڦري ساڳي هنڌ تي اچي بيهون ٿا ۽ جديد ترقي اسان کان ڏور اهڙو سراب لڳي ٿي جنهن پويان اسين اُڃاري هرڻ وانگر ڊوڙي ڊوڙي وري ساڳي هنڌ اچي بيهون ٿا.
    ذات پات لاءِ مقدس ڪتابن کان وٺي جديد عمراني علمن تائين تمام گهڻو بحث مباحثو ڪيو ويو آهي. پاڻ انهي سموري ورجاءَ کان پاسو ڪندي سماج ۾ جيئن اهو سرشتو موجود آهي تنهن بابت ڳالهه ٻولهه ڪنداسين. ڀٽائيءَ ذات پات بابت هن طرح اظهار ڪيو آهي؛
    ذات تي ناهي ڏات، جو وهي سو لهي
    ڪان پڇي ٿو ڪا ذات، جي آئيا سي اگهيا
    ذات پات بنيادي طور سُڃاڻپ لاءَ ڪتب آندي ويئي ڇوته ماڻهن جي آبادي وڌندي پئي ويئي. تنهن کانپوءَ ذات پات کي مضبوط ڪيو ويو جڏهن ذات پات جي ڇانو ۾ اقتدار جي به اچي ڊاٻو ڪيو ته پوءِ ذات پات فخر جو سبب بنجڻ لڳي ۽ ايئن ذات پات جي نالي ۾ جنگيون ٿيڻ لڳيون. حقيقت ۾ اهي جنگيون اقتدار جو جنگيون هيون جيئن اڳتي هلي مذهب جي نالي ۾ جنگيون لڙيون ويون ۽ مارڪيٽ جي قوتن ماڻهن جي سگهه کي مارڪيٽ جي مقصدن ماڻڻ لاءِ استعمال ڪيو ۽ اهو خير جو ڪم اڄ تائين جاري ۽ ساري آهي. ننڍي کنڊ ۾ اهو سلسلو ورڻ مالا جي ورن وڪڙن مان نڪري ٿو. اها ٻي ڳالهه آهي ته ورڻ مالا ”ڪلاس“ جو نظريو آهي نه ئي ذات جو. اهو سرشتو پوءَ ذات پات جي انتهائي پيچيدي صورت اختيار ڪري اهڙو ناقابل عمل ٿي ويو جو هن وقت انهي پنجوڙ کان هرهڪ پانڌ بچائڻ جي چڪر ۾ آهي. سڌارٿ گوتم جيڪو آتم گيان ڏنو تنهن ۾ هن سرشتي کي ختم ڪيو ويو هو پر جيئن ئي ٻوڌي تعليم سماج ۾ هيڻي ٿي ته وري به ذات پات جي چڪر ۾ وڪوڙجي ويئي. اهو چڪر هڪ اهڙي ڪاري چڪر ۾ تبديل ٿي چڪو آهي جنهن جي بند وارڊ ۾ سمورو ڳوٺاڻو سماج مقيد نظر اچي ٿو، جنهن جي ڇوٽڪاري جي راه جو معاشري جي ساڃهه وند ماڻهن کي ڪو اُپاءُ وٺڻ گهرجي.
    سنڌ جي هڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين ذات پات جو اهو سرشتو هر ڳوٺ، وستي، واهڻ، وانڍ ۾ موجود آهي. سنڌ جي مٿاهين اترئين ڀاڱي ۾ ذات پات جو ڪِلُ اهڙي ڪوڪي وانگر لڳل آهي جنهن صليب تي سمورو سماج ٽنگيل آهي. اڀرو سڀرو، غريب شاهوڪار، جاگيردار انهي نوڙ جي ناڪيليءَ ۾ اهڙو جهليل آهي جو سموري سماجي چرپر ان جي محتاج آهي. انهي پس منظر ۾ جيڪي جهيڙا جهڳڙا ۽ قبائلي تڪرار ٿيا جن ايام الجاهليه جي جنگين جهڙي صورت اختيار ڪئي. نتيجي ۾ ڪيئي ڪونڌر ڪُسجي ويا، ڪيئي بيگناه عورتون ڪاريون ڪري ماريون ويون، ڪيئي بيگناه مرد ڪاري جو ليبل هڻي ڪهاڙي جو ٻل ڪيا ويا، ڪيئي گهر لڏي ويا، ڪيئي وسنديون ويران ٿي ويون. وري جرڳا ٿيا جنهن ۾ فيصلا ٿيا، ڏنڊ پيا، سڱ چٽيون ٿيون، پر معاملو اُتي جو اُتي رهيو. هن مصيبت جو شڪار انهن ذاتين جا جتي لکين بيگناه ماڻهو ٿيا اتي پنهنجو پاڻ کي ڏاڍا مڙس سمجهندڙ سردار به ٿيا. اهڙي طرح سماج جا سڀئي طبقا دوزخ جي انهي دونهين جو شڪار آهن. سموري سماج جو ساه گهٽجي رهيو آهي. وڏو طبقو پنهنجي پوزيشن ۽ وسيلن جي ڪري کل بچائي لوڪ ۾ ڪوڙي معتبري جي ڪلنگي ڪپار تي سجائي هلي پيو ۽ هيڻو طبقو هر ويل هائيءَ ۾ هڄيو پيو آهي. نه انهي ڄار مان نڪري سگهي ٿو نه ان ۾ هلڻ چاهي ٿو. سرنديءَ وارن انهي ذات پات جي زنجير کي پنهنجي پنهنجي دائري ۾ پنهنجي مفادن کي تحفظ ڏيڻ لاءِ ڪيئي نوان ڪاڪ محل جوڙي رکيا آهن ۽ ڪرائيم ڪاروبار بنجي چڪو آهي. جتي اهڙو قبائلي پنجوڙ ناهي اتي به ماڻهن پنهنجي ذات پات جي دائري جو ليڪو ايئن ڇڪي رکيو آهي جو ان جي ڀڃڪڙيءَ کي سماجي ڏوه سمجهندي، سماجي سزا ڏني وڃي ٿي ۽ جيڪو به اهڙو عمل ڪري ٿو تنهن جو سماجي طور هٿ بند ڪيو وڃي ٿو يا ڏيس وٽو به ڏنو وڃي ٿو. ڪي ذاتيون ٻين ذاتين کي پاڻ کان گهٽ سمجهندي پاڻ کي اُتم ۽ اعلى سمجهن ٿيون. اهڙي عمل جي مضبوطي ، ننڍي جي برطانوي ڪالوني ٿيڻ دوران به ٿي جنهن کي اڳتي به حڪومتن تحفظ ڏنو. انهي عمل جون پاڙون منوسمرتيءَ جي من مان نڪتيون هيون تنهنڪري هندو مت جي سماج ۾ ان جو وڌيڪ نظر اچي ٿو. اُتم هندو ۽ شيڊيولڊ ڪاسٽ جهڙا اصطلاح به متعارف ٿيا ۽ اڄ سوڌو رائج آهن.
    وري هڪڙي اهڙي لهر به اچي ٿي جنهن ۾ ماڻهن پاڻ کي ذات پات جي بُنياد تي منظم ڪرڻ شروع ڪيو ۽ سڄيءَ سنڌ ۾ مختلف ذاتين پنهنجون تنظيمون جوڙڻ شروع ڪيون. اهڙين تنظيمن جو مقصد صرف پنهنجي ذات پات وران طبقن جي ڀلائي ئي هو. سيدن، سماٽن، ٻروچن سڀني ان ڏس ۾ وسان نه گهٽايو ۽ سنڌي سماج انهي سماجي تنظيم ڪاري جا کارا کٽا ميوا اڄ به ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ کائي رهيوآهي. سماجي اصولن مطابق اهڙي تنظيم ڪاري جيڪا هڪ ذات پات تي هجي سا فطرت جي قانونن جي اُبتڙ آهي ڇاڪاڻ جو فطرت ٻهڳڻ آهي ۽ پنهنجي جو جوهر ۽ جلوي ۾ تنوع پسند آهي. تنهنڪري اها ايڪسڪلزونيس فطرت جي ٽڪراءَ ۾ آهي. انهي تنظيم ڪاريءَ سنڌ جي سماج کي سرداري نظام جي ڪاري ڪُن ۾ ڌڪي وڃي اونداهي دور تي پهچايو آهي. الائي ڪيترا ڏسڻا وائسڻا ۽ ولايت پڙهيل ناميارا شخص به انهي ٻوڏ کان پاڻ بچائي نه سگهيا ۽ پنهنجو پاڻ کي سردار نروار ڪرايائون. سردار بلوچ سماج جو لفظ آهي پر سماٽ به اهڙو شڪار ٿيا جو انهن جي اڳواڻن به پنهنجي پوسٽرن تي پنهنجي نالن ۾ ڄام کان اڳ سردار جو واڌارو ڪرايو. سردارپ جي پُڇ ٻڌي مهري ٿيڻ واري انهي عمل جا پيرا به ذات پات جي مهاڄار ڏانهن وڃن ٿا جنهن مان نڪرڻ جي سخت ضرورت آهي. ان لاءِ سنڌي سماج کي انٽرپرينيوئر سماج ٿيڻو پوندو جيئن اهو صنعتڪاريءَ ڏانهن وڌي سگهي ۽ ذات پات جي هن تحت الثرى مان نڪري سگهي.


    درگاهون. . . سماجي ارتڪاز جا هنڌ

    درگاهون. . . سماجي ارتڪاز جا هنڌ

    سموريءَ سنڌ جي سڀني ڳوٺن ۾ درگاهون، قبا مقبرا، ڏيوريون نظر اينديون. جتي ماڻهو ماهوار يا ساليانو وڃن ٿا، حاضريون ڀرين ٿا، من جي مرادن جي پڄڻ تائين گهويون ڪندا رهن ٿا. اهو سلسلو سڄو سال هلندو رهي ٿو پر ان ڪرت جو جوڀن تڏهن نظر ايندو آهي جڏهن فصل لهندا آهن يا ٻي ڪا اُپت ٿيندي آهي انهي سموري سلسلي کي اڀياسڻ لاءِ اچو ته درگاهن تڪين خانقاهن جي تاريخ ڏسو اهي ڪيئن اُڀريا ۽ اُسريا آهن؟ انهن جي ايئن ترقي ڪرڻ جا ڪهڙا ڪارڻ آهن؟ تصوف جو ان سلسلي ۾ ڪهڙو ڪردار آهي؟ هن وقت درگاهن جي صورتحال ڪيئن آهي؟ سماج جي اڏٽا يا بگاڙ ۾ درگاهن جو ڪهڙو ڪردار آهي؟ درگاهن جي ڪردار کي سماج لاءِ ڪيئن لاڀدائڪ بنائي سگهجي ٿو؟ اهي سڀئي اهڙا سوال آهن جن تي سڀني ساڃهه وند سنڌ واسين کي سنجيدگيءَ سان سوچڻ گهرجي.
    سڀني ڳوٺن ۾ وڃي ڏسبو ته ڪوبه اهڙو ڳوٺ نه هوندو جنهن ۾ ڪا نه ڪا ننڍي يا وڏي درگاه نه هجي. ڪو تيرٿ يا تڪيو نه هجي. گهٽ ۾ گهٽ هڪ عدد درگاه ضرور ملندي جتي خلق خدا جي ايئن ڳوڙه ٿيندي رهندي آهي جيئن مکيون ڳُڙ تي ٿينديون آهن. انهن ۾ اڪثريت اڻ پڙهيل ۽ بي شعور ماڻهن جي هوندي آهي جيڪي يا ته غريب هوندا آهن يا وري زماني جا ايترو ستايل هوندا آهن جو کين ٻي ڪابه واه نظر نه ايندي آهي. جن جي نالي تي درگاهون جوڙيون ويون آهن انهن جي عظمت کان انڪار ناهي پر درگاهون ٺاهي جيڪا عام ماڻهوءَ جي اٻوجهه نفسيات سان جُٺ ڪئي ٿي وڃي تنهن کي جيڪڏهن غور سان سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي ته اهو پتو پئجي ويندو ته اسين ايڪيهين صديءَ ۾ به هيترو پوئتي ڇو آهيون. ڪٿي ڪٿي درگاهون بادشاهن جوڙايون ته ڪٿي وري اهڙن سيڙپڪارن جوڙايون جن جو درگاهن سان ڪو نه ڪو سنئون سڌو مفاد لاڳاپيل هو. ايئن هن زرعي سماج ۾ قبي جو ڪوڪو هڻي ماڻهوءَ جي آزاد ذهنيت کي هميشه لاءِ قيد ڪيو ويو ۽ انهي ڪاريگريءَ کي اقتصادي سرگرميءَ ۾ تبديل ڪري ان کي مستقل اثاثي جي شڪل ڏني ويئي جنهن ۾ وري اهو به ويل ڪيو ويو ته اهو سمورو سلسلو موروثي به بنايو ويو جيئن اثاثن جي منتقليءَ ۾ ڪو مسئلو يا مونجهارو پئدا نه ٿئي. انهن بزرگن جي اهميت سندن پرهيزگاريءَ ۽ تقوى تي هئي يا سندن زماني بابت گهري اظهار تي هئي پر سندن پونير ته انهن جي تعليم جي بلڪل ابتڙ هلي رهيا آهن. تصوف جو سمورو فلسفو انسان جي اند اُجارڻ، من جي مخفي قوت کي نروار ڪري خلق خدا جي مفادن لاءِ ڪم آڻڻ هو. انسان جي اهڙي وجودي فطري آزاديءَ جي اوسر ۽ تروج ۾ جيڪڏهن ڪا بادشاهي به آڏو آئي هوندي ته تصوف جو ڪنڌ انهي اڳيان نه جهڪيو هوندو بلڪ صوفين بادشاهن سان مهاڏو اٽڪايو هوندو ۽ پنهنجي جان قربان ڪرڻ کان به ڪيٻايو نه هوندو ڇاڪاڻ جو صوفي ته روشن خيال ۽ روشن ضمير هوندا هئا ۽ موجوده وقت ۾ جيڪا صورتحال آهي سا ان جي اُبتڙ آهي. سجاده نشيني گادي نشينيءَ ۾ بدلجي خلافت مان ملوڪيت وارو روپ اختيار ڪري چُڪي آهي.
    ڳوٺن ۾ چونڊ مهم ۽ حصو وٺندڙ مختلف ڌُريون
    جڏهن کان مڪاني چونڊن جي ڀير تي سرڪار جو ڏونڪو لڳو آهي تڏهن کان مختلف ڌريون هڪڙي نه کٽندڙ ڊوڙ ۾ شريڪ آهن انهي ڊوڙ ۾ عام ماڻهوءَ کي سواءِ ڊوڙ جي ڪجهه به پلئه نه پوندو آهي. چونڊ مهم جو ماحول به عجيب ۽ غريب هوندو آهي جنهن ۾ ڪيئي ڦوڪون ۽ هوائي ڦٽاڪا ڇوڙيا ويندا آهن جن جو مقصد پروپئگنڊا جي پاپي هٿيار وسيلي عام جي راءِ کي دٻائي هٿ ٺوڪي راءِ نروار ڪرڻ هوندو آهي. پروپئگنڊا جي حڪمت عملي جيڪا چاڻڪيي جي ”ارٿ شاستر“ ۾ نظر اچي ٿي، ته ميڪاوليءَ جي ”پرنس“ ۾ به پسي سگهجي ٿي ته حڪمت عملي جي حاضر وقت جي ڪتابن ”وي آف آئول“، ۽” 48 لاز آف پاور“ ۾ به موجود آهي. پروپئگنڊا بابت هٽلر جو رتن ”گوئبلز“ هوندو هو جيڪو ڪوڙکي ڪندن ورن ڪپڙا پارائي خلق اڳيان سچ جو روپ سروپ ۾ پيش ڪندو هو. گوئبلز پارن ناڪاري انسانن باقي انسان کي ساٿي انسان نه پر راند جو سامان سمجهندي کيڏڻ جي جيڪو ڪارو ڪاروهنوار شروع ڪيو هو سو اڄ تائين ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ جاري ۽ ساري آهي. مڪاني چونڊن ۾ چونڊ مهم تمام دلچسپ طريقي سان هلندي آهي. اميدوار۽ انهن جا سياسي حمايتي اڳواڻ پنهنجي واٺن ۽ پائوڙين سميت سندرو ٻڌي ميدان ۾ لهي پوندا آهن. شروعات فاتحه خوانين وسيلي ٿيندي آهي ۽ گذريل ڪافي سالن جي لاڏاڻو ڪري ويل ووٽرن جي روح کي ثواب پهچائڻ ۽ پنهنجي ووٽ کي پڪو ڪرڻ خاطر تڏا وڇرايا ويندا آهن جتي ميزبان ويچارو منهن ڪري ايئن ويٺل نظر ايندا آهن ڄڻ سندن گهر جو فرد اڄ ئي رباني راه جو پانڌي ٿيو هجي. ڪٿي ڪٿي ته ڀوڳ به ٿيندا آهن. انهي فاتحه خواني جي سلسلي ۾ ڪيترائي لطيفا پڻ مشهور آهن جن مان هڪڙو لطيفو هن ريت آهي. سياسي سرواڻ جڏهن خير عافيت پڇي فارغ ٿيو ته حسب دستور هن لاڏاڻو ڪري ويل بابت پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندي چيو ته مرحوم سان اسان جا گهرا ناتا هئا ۽ اسن ڪيئي راتيون ڪچهريون ڪندي گڏ گذاريون هيون. اها ڳالهه ٻُڌندي ميزبان ڪاوڙجي باه ٿي ويا ڇاڪاڻ ته لاڏاڻو ڪري ويل فرد عورت هئي جنهن بابت اهڙي ڳالهه ٻُڌي سندن غيرت جاڳي پيئي هئي. پوءِ ته چئن چڱن وچ ۾ پئي معاملو ٽاريو. ايئن اهڙا ڪيئي ڀوڳ ٿيندا آهن. سنڌ جي ڳوٺن ۾ ته اليڪشن کي مذاق بنايو ويندو آهي. ڪٿي اميدوار امپورٽ ڪري آڻي بيهاريا ويندا آهن ته ڪٿي وري اميدوار عورتن جو ورڪ سندن مڙس يا ٻيا گهر ڀاتي ڪندا آهن. اميدوارن کي خبر ئي نه هوندي آهي ته اهي به ڪو بيٺل آهن. اهو سمورو بگاڙ گهٽ تعليم يا نسوري جهالت جو نتيجو آهي، جنهن سڄي ڳوٺاڻي سماج کي صدين کان پنهنجي لپيٽ ۾ قابو رکيو آهي. چونڊ مهم ۾ هاڻي پوسٽر فوٽو، پينافليڪس ڇپايا ۽ تڪ جي عوام ۾ وراهيا ويندا آهن جن سان اميدوارن بابت ووٽرن کي ڪجهه نه ڪجهه ڄاڻ پوندي آهي. اليڪشني مهم دوران هڪڙي لڪڙتار مهم به هلندي آهي جنهن وسيلي هر ڪچهريءَ ۾ گپ گزيٽ شايع ڪئي ويندي آهي ته فلاڻو پاڙو يا فلاڻو ڳوٺ ڦري هاڻي فلاڻي اميدوار جي پاسي ٿي ويو آهي. اها گپ گزيٽ عام ماڻهو۽ جي نفسيات تي اثر ڇڏيندي آهي ۽ ماڻهن جي راءِ تبديل ٿيندي آهي. انهن سڀني ڳالهين جي باوجود مڪاني چونڊن ۾ ذات برادري ۽ پيري مرشديءَ جو به گهرو اثر آهي. مذهبي ڌريون به ڪٿي ڪٿي پنهنجو اثر ڏيکاري وينديون آهن. موجوده مڪاني چونڊن دوران اهڙو ته ماحول جڙيو جو ڪجهه ضلعن ۾ فوج جي نگرانيءَ ۾ چونڊ ڪرائڻ جا مطالبا ڪيا پيا وڃن. اهم اڳواڻ مختلف علائقن جا دورا ڪري رهيا آهن جيئن چونڊن جي ماحول کي پنهنجي حق ۾ هموار ڪري سگهجي. اها مهم بازي رڳو وڏن شهرن تائين ڏيکائو ڏيندي آهي باقي ڳوٺن جا ماڻهو ته ويچارا ڪنهن ليکي ۾ ئي ناهن جتي وڏن اڳوڻن جو پهچڻ ئي ڀاڳ ليکيو ويندو آهي نه ته انهن جو ڪو نمائندو وغيره اچي سندن حڪم کان آگاه ڪري ويندو آهي پوءِ اهڙي حڪم جي تعميل ۾ لکين ويچارا ووٽر قطارون ٺاهي حڪم جي تعميل ڪندي نظر ايندا آهن. مڪاني چونڊن دوران سڀ کان وڌيڪ جيڪو طبقو نظرانداز ٿيل نظر اچي ٿو سو آهي عورت ووٽر جن جو ووٽ پنهنجي گهر وارن جي پيرويءَ ۾ ئي ڪيو ويندو آهي. ڳوٺن ۾ اڻ پڙهيل مرد به ويچارا پنهنجو ووٽ ايئن ئي ڏين ٿا پر عورت ووٽرن کي ته خبر ئي نه هوندي آهي ته اهي ڪنهنکي ووٽ ڏيئي رهيون آهن ڇاڪاڻ جو هڪ تعليم جي اڻاٺ آهي ته مٿان وري سون تي سهاڳو اهو آهي ته ووٽ ڏيڻ بابت ڪنهن سکيا جو به جوڳ بندوبست ٿيل نه آهي. چونڊ جي ڏينهن اوڙي پاڙي جي عورت ووٽرن کي گڏ ڪري، پوءِ کين پهريائين ڪو مرد سمجهائيندو آهي ته هن ريت ۽ هن نشان تي ٺپو هڻڻو آهي جنهن کي وري ڪا نه ڪا سمجهو عورت ووٽر دهرائيندي آهي ايئن اهو عمل سالن کان جاري آهي. جتي عورتن جي تعليم نالي ماتر هجي اتي ووٽ جو اهو عمل ڪيترو جمهوري هوندو تنهن کي هرهڪ ذي شعور سمجهي سگهي ٿو. عورتن جي آبادي مردن جي برابر آهي تنهنڪري سندن ووٽن جو تعداد به مردن جي برابر هوندو آهي. اهو اڌواڌ ووٽ اڃا گهڻي ڀاڱي اهڙو بي خبر ووٽ آهي جنهن کي ووٽ جي اهميت ۽ طريقي ڪار کان واقف ڪرڻ اوس ضروري آهي. ان سان گڏوگڏ جيڪي اميدوار مڪاني چونڊن ۾ حصو وٺندڙ آهن تن جي تربيت به ضروري آهي. انهن کي نه رڳو پنهنجي اميدواريءَ جي اهميت ۽ جمهوري ڪارج جي پروڙ هئڻ گهرجي پر ان سان گڏوگڏ پنهنجي نمائندگيءَ جي حق جو درست استعمال ڪرڻ جي به منجهس صلاحيت هجي. انهي کان به وڌيڪ اهو ڪم آهي ته اميدوار مقامي مسئلن ۽ حالتن کي نظر ۾ رکندي، ڪو اهڙو منشور به تيار ڪري پنهنجي حلقي ۾ پڌرو ڪن جيئن ڪو سياسي عمل اڳتي وڌي. اهڙي منشور جا بنيادي نڪتا ٿُلهي ليکي هنن سماجي پهلوئن تي آڌارڪ هئڻ گهرجن.
    1. سماجي هم آهنگي جنهن ۾ سماج جي سڀني طبقن جي باهمي بقا جو خيال رکيو وڃي.
    2. بنيادي سهوليتن جي سُڌاري ۽ واڌاري لاءِ ڪوششون جيئن پيئڻ جو پاڻي، صفائي سٿرائي، صحت، تعليم
    ڳوٺن جي ترقيءَ لاءِ گڏجي باشعور انداز سان ڪم ڪرڻ جو اهو عمل مڪاني چونڊن کي معنادار بنائيندو جنهن سان سالن کان وسريل ڳوٺاڻن جي زندگين ۾ به ڪا مثبت تبديلي پڻ ايندي. انهي سموري عمل کي مضبوط ڪرڻ ۾ سرڪاري ادارن سان گڏوگڏ غير سرڪاري ادارن، سول سوسائٽي، ۽ ميڊيا جو به اهم ڪردار آهي. اهي سڀئي گڏجي پٺتي پئل سماج کي مٿي آڻڻ ۾ مددگاريءَ وارو ڪردار نباهي سگهن ٿا، جيڪا هڪ وڏي عوامي خدمت هوندي.


    ڳوٺن ۾ اليڪشن

    ڳوٺن ۾ اليڪشن

    ڳوٺن جون ڳالهيون ڪندي، ايترا سارا موضوع ذهن تي تري ٿا اچن جو ڪيئي ڪتاب لکجي سگهجن ٿا ڇاڪاڻ ته ڳوٺن جي درد ڪهاڻي ايتري ڳوڙهي ۽ ڳنڀير آهي جو ان جي ڪٿ ماپ ڪڇي ڪانه ٿي سگهجي. ايترو ججهو متاع درد آهي جو ان کي جڳ ۾ ورهايو وڃي ته شايد جڳ سرچي وڃي. انهي درد خزاني مان مُٺ مٺ سورن کڻجي ته به ڀنڊار ڀرجي ويندا. اهڙن سورن ڪهاڻي سنڀاريندي اليڪشن جي موضوع تي نظر وجهون ٿا. هن وقت جتي ڪٿي اليڪشن جو ٻڙڌڪ متو پيو آهي. هرڪو ور کنجي ميدان ۾ لٿو بيٺو آهي. ڪير به اهو نه ٿو ڏسي ته انهي سڄي عمل ۾ سندن ڪهڙو ڪردار آهي يا کين ڪهڙو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. اليڪشنون ته سڀئي اليڪشنون آهن پر مقامي چونڊ اليڪشني ڪلچر جو هڪڙو انتهائي دلچسپ حصو آهي. اسان وٽ اڳ اهي اليڪشنون پارٽي کانسواءِ ٿينديون رهيون آهن پر هن وقت جنهن اليڪشن اچي پڙ تپايو آهي تنهن ۾ باقاعدي پارٽي ٽڪيٽون ڏنيون ويون آهن. اهڙيطرح هي مقامي چونڊ اهڙي چونڊ آهي جيڪا پارٽي بنيادن تي وڙهي پيئي وڃي.
    مقامي اليڪشن جو سرشتو ايوب خان جي دور ۾ شروع ٿيو جنهن کي بنيادي جمهوريت چئبو هو ڄڻ ٻي ڪا بي بنياد جمهوريت به هئي. انهي بنيادي جمهوريت جو عام ماڻهو کي ڪيترو لاڀ پهتو انهي جو ته ڪو به اڀياس نه ٿيو آهي پر اها هرڪنهن کي خبر آهي ته ايوب خان انهي بنيادي جمهوريت وسيلي پنهنجا بنياد پڪا ڪيا هئا ۽ سندس مقابلي ۾ صدارتي اميدوار ۽ قائداعظم محمد علي جناح جي ڀيڻ محترمه فاطمه جناح اليڪشن کٽي نه سگهي هئي. انهي دور ۾ يونين ڪائونسلون به ٺهيون انهن جون وري ڪيئي ڪاميٽيون به جوڙيون ويون جن کي مختلف ڪم سونپيا ويا. انهن ڪمن ۾ ڄم موت جي داخلا، مال ٻئي ضلعي ڏانهن ڪاهي وڃڻ جي راهداري، مصالحتي عدالت وارا ڪم شامل هئا. انهن چونڊن ۾ عام ماڻهو گهڻي دلچسپي نه ورتي هئي ڇاڪاڻ جو انهن لاءِ اها نئين ڳالهه هئي. جنهن جو جنهن سان واسطو هو انهن کي ئي ووٽ جي سوکڙيءَ سان نوازيو ويو. تنهنڪري انهي اليڪشن ۾ ڪا ايڏي وڏي ڇڪتاڻ نه ٿي هئي. انهي کانپوءِ وري، ضياءُالحق جي دور ۾ مقامي چونڊون ٿيون جن ۾ اڪثريت پراڻن سياستدانن جي آئي پر جماعتن تي پابندي هجڻ، مکيه اڳواڻيءَ جي روپوش هجڻ جي ڪري هڪ نئون طبقو پڻ سياست ۾ داخل ٿيو جيڪو تربيت جي مختلف مرحلن مان گذرندو، ملڪي سطح جي سياسي حيثيت کي پڻ پهتو. انهي دور ۾ يونين ڪائونسلن ۽ ضلعي ڪائونسلن وسيلي ترقياتي رٿائن جو سلسلو به شروع ڪيو ويو. يونين ڪائونسل کي ٿورا فنڊ هوندا هئا ۽ ضلعي ڪائونسلن ۾ ڪافي رقمون هونديون هيون جن مان ننڍي سطح جا ترقياتي ڪم ڪرايا ويندا هئا. ڪٿي اهي ڪم نالي ماتر ٿيندا هئا ڪٿي وري اهي ڪم معياري به ٿيندا هئا ڇاڪاڻ جو اهي چئرمين پنهنجي علائقي جي ترقيءَ ۾ دلچسپي رکندا هئا. انهي دور ۾ به چونڊ سرگرمين ۾ ايڏو مانڌاڻ نه متو هو. اڃا عام ماڻهوءَ کي انهي رنگ جي ايتري ڪا گهڻي خبر ئي نه پيئي هئي. سو سندن ڪا گهڻي دلچسپي نه هئي پر جيڪو نئون طبقو چونڊجي آيو هو ان ۾ ڪيترا اهڙا ماڻهو به هئا جن جو ڪو خاص سياسي پس منظر نه هو. تنهن کانپوءِ اهو سلسلو وري بيهجي ويو ۽ ماڻهو عام چونڊن ۾ ووٽ وجهندا رهيا پر ان ۾ جيئن ته اهي صرف ووٽر آهن، اميدوار طور بيٺل نه آهن سو سندن دلچسپي به ايتري گهڻي نٿي نظر آئي. عام ماڻهو ڪڏهن اهو سپنو به نه ڏٺو آهي ته هو پنهنجي تڪ تي ڪڏهن نمائندي طور بيهندو. ڇاڪاڻ جو چونڊ جو سرشتو ايترو مهانگو آهي جو بيهڻ جو سوچڻ ئي خام خيالي محسوس ٿئي ٿو. اهڙيطرح ويچارو غريب سدائين ووٽر واري دائري ۾ ڪڙيل رهيو آهي. جمهوريت جيڪا جمهور جي دعويداريءَ جي هام هڻي ٿي سا جمهور کي جيڪي کاٽونبا کارائي ٿي سي ڪنهن کان به ڳجها نه آهن ۽ اهي ساڳي جمهوريت چند خاندانن کي ڪيئن فائدو ٿي ڏي، اهو هاڻي ڪنهن کان به ڳجهو نه رهيو آهي. اها ميڊيا جي مهرباني آهي جنهن ترقيءَ کي نه ته به ترقيءَ جي عمل بابت ٿيندڙ سماچار کي انگ اگهاڙي پيٽ بُکئي ماڻهوءَ تائين به پهچائي ڇڏيو آهي. ان کان پوءِ مشررف جي دور ۾ مقامي چونڊون ٿيون جنهن ۾ استاد امرجليل جي بقول انهي عمل کي گاه جي پاڙن يعني گراس روٽ ليول تائين هيٺ لاٿو ويو. انهن چونڊن ۾ به وري هڪ نئون طبقو سياست ۾ وارد ٿيو. ان کان به وڌيڪ ڳالهه اها ٿي جو مقامي ڪائونسلون مقامي حڪومتون بنجي ويون جنهن ۾ ضلعي ڪائونسل جي بجاءِ ضلعي حڪومت، ٽائون ڪاميٽيءَ جي بجاءِ ٽائون ميونسپل انتظاميه ۽ يونين ڪائونسلن جي بجاءِ يونين ڪائونسل انتظاميه نروار ٿي، انهي سان گڏوگڏ بيوروڪريسي جي سموري نامنڪليچر کي تبديل ڪيو ويو. ڊي سي جي عهدي کي ڊي سي او ۾ تبديل ڪيو ويو. ان بابت مرحوم عبدالحق سرهندي چوندو هو ته ڊي سي هاڻي زيرو ٿي چڪو آهي. انهن ضلعي حڪومتن کي وسيع اختيارن سان گڏوگڏ ججها فنڊ پڻ ڏنا ويا جن مان ڪيترائي ماڻهو فيضياب ٿا ۽ ترقيءَ جو عمل عوامي سطح تي بحثجڻ ۽ رٿائجڻ لڳو. جيڪو هڪ مثبت اهڃاڻ هو. ايئن چٽاڀيٽيءَ جو سياسي ماحول وڌيو ويجهيو. نت نئين قسم جي نمائندگي پڻ متعارف ٿي. پر جيئن عام چونڊون ٿيون ته اول انهن ٻنهي سرشتن ۾ ٽڪراءُ پيدا ٿيو جنهن ۾ مقامي حڪومتن جي سرشتي جا جيڪي حال ٿيا سي به ڪنهن کان ڳجها ناهن. انهي نظام بابت ڳوٺاڻن ماڻهن ۾ ڪيئي ظريفانا ڪهاڻيون هلنديون هيون ته ڪٿي وري انيڪ لطيفا پڻ گهڙيا ويا. انهي دوران لفظ ”ناظم“ کي مختلف معنائن ۾ ڳوٺاڻا ماڻهو استعمال ڪندا هئا ڇاڪاڻ ته کين جيڪي نظر ايندو انهي مشاهدي پٽاندر ئي اهي راءِ قائم ڪندا هئا.
    تازو ئي مقامي چونڊن جو اعلان ٿيو آهي جنهن ۾ سنڌ ۾ هڪڙو مرحلو نوان تڪرار ڇڏي، هڪ پولنگ اسٽيشن تي 12 ماڻهن جي قتل ٿيڻ سان خيرن جو پنهنجي پڄاڻيءَ کي پهتو آهي ته ٻئي مرحلي لاءِ هرڪو سندرا ڇڪي رهيو آهي. انهي اليڪشني ماحول ۾ ڳوٺن ۾ وڏي دلچسپي نظر ٿي اچي ۽ هرهڪ ڌُر جا ماڻهو ڏينهون ڏينهن پنهنجي راءِ ۾ تند تيز ٿيندا پيا وڃن. جيتوڻيڪ موجوده چونڊون پارٽي بنيادن تي لڙيون پيون وڃن پر ذات برادري، شخصيت پرستي، پير پرستيءَ جو زور آهي. عام ماڻهو پنهنجي جذباتيت ۾ اچي چئن ڏينهن جي چُٽڪي ۾ اچي پنهنجي سماجي تعلقات کي ڇيهو رسائي رهيو آهي. اليڪشني مهم توڙي اليڪشن دوران اهڙي جذباتيت اسانجي پرامن سماج لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿيندي. ان لاءِ ماڻهن کي اهو ضرور ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته هيءِ چونڊ آهي نه ئي ڪا جنگ. تنهنڪري جيترو سهپ ۽ صبر مظاهرو ڪندا اوترو اسانجو سماجي، جاني ۽ مالي نقصان گهٽ ٿيندو. سرواڻ ڌريون به عام تي جيترو هلڪو هٿ رکنديون ايترو سماج کي فائدو ٿيندو. جيري خاطر ٻڪري ڪهڻ کي ڪوبه سٺو نه چوندو. ڳوٺاڻن جي زندگيءَ ۾ ڪي سُک ۽ راحتون آڻڻ جو سوچيو وڃي نه ئي ڳوٺاڻن کي ووٽ لاءِ استعمال ڪري پوءِ ٽشو ڪاغذ جيان اُڇلائي ڦٽو ڪيو وڃي.


    چونڊن کان پُڄاڻان

    چونڊن کان پُڄاڻان

    سنڌيءَ ۾ پورڻتا بابت هڪ خوبصورت چوڻي آهي، ”پوري ويهه ڪرڻ“ يعني اوڻيهن تائين جيڪا مقداري اڻپورائي هئي اها ويهه ٿيڻ سان مڪمل ٿي. تنهنڪري چيو ويندو آهي ته فلاڻي پوري ويهه ڪئي آهي. اهڙي طرح مڪاني چونڊ ن جو ٻيو مرحلو سموري ڪن ڪچري کان پوءِ پنهنجي پُڄاڻيءَ تي 19 تاريخ تي پڄاڻيءَ تي پهتو ءَ اڄ خيرن سان پوري ويهه ٿي آهي. چونڊ جي ڏينهن جيڪي ڪجهه ٿيو اهو جڳ ڏٺو. انهي سموري جمهوري عمل جيڪي اثر ڇڏيا سي سماج جي مختلف ادارن تي به اثرانداز ٿيندا ۽ هاڻي وري نئين ڪهاڻي شروع ٿيندي. اهڙي ڪهاڻي جيڪا سماجي هم آهنگيءَ کي رهڙيندي، رهڙيندي ڪيئي ٽار ڪڍندي ۽ ميوا ڏيندي، ماڻهن کي وندر جو ايترو سامان مهيا ڪندي جو اهي ايندڙ چونڊن تائي آسودا هوندا يعني هن اليڪشن جي زخمن کي چٽيندا رهندا ۽ وري اچي ٻي چونڊ ڪڙڪندي ۽ ساڳي ڪهاڻي ورجائجڻ شروع ٿيندي. انهي ورجاءَ ۾ نسلن جون عمريون ڳري ويون آهن. فيصلي ڪرڻ جي طاقت نه انهن جي هٿ ۾ آئي آهي نه وري هن حال ۾ اها طاقت ملڻ يا ماڻڻ جو ويجهو امڪان نظر اچي ٿو. اچو ڏسون ته چونڊن کان پڄاڻان ڳوٺن ۾ ڪهڙو منظرنامو نروار ٿيندو ان بابت ڳالهايون. اڄ اڃا اليڪشن اهڙو تازو موضوع آهي جو ماڻهن هر ڳالهه وساري رڳو ان تي ڳالهائڻ جو پڪو پهه ڪيو آهي. چونڊن جي ڏينهن جيڪي ٿيو اهو سموريءَ سنڌ ڏٺو. ماڻهن پنهنجا ٻار ٻچا کڻي، ڪم ڪار سيڙائي، پنهنجو قيمتي ووٽ، ڪنهنجي نه ڪنهنجي اثر هيٺ استعمال ڪيو. شام جو نتيجن جي ڳڻپ دوران، ٻئي ڌُريون وڏي ءَ هيجاني حالت مان گذرنديون آهن. کٽندڙ ڌر به ڊپ ۾ هوندي آهي ته ڪٿي ووٽ غلط نه پيا هجن، يا خراب نه ٿيا هجن يا جن ووٽرن واعدا ڪيا هئا پر اندر بوٿ ۾ وڃي ڦري ويا، ته پوءِ ڇا ڪبو؟ جيڪا ڌُر هارائيندڙ هوندي آهي اها وري انهن ووٽرن بابت تجزيا ڪندي هوندي ته فلاڻن واعدو ڪري، عين وقت تي واعدي خلافي ڪئي ۽ ترا ڪڍي ڇڏيائون. انهن غير يقينيءَ وارين حالتن ۾ جيئن ئي نتيجن نروار ٿيڻ جو ويجهو وقت ايندو ته هارائيندڙ ڌر هري هري ٿي کسڪي ويندي ڇاڪاڻ جو اسانجي زراعتي سماج ۾ عزت غيرت جا ڪيئي ڪوڙا قدر جوڙيل آهن جن جي ڪوڙڪيءَ ۾ هر ماڻهو قيد لڳو پيو آهي. ڳوٺاڻن جي وچ ۾ ڪميونيڪيشن جي اها سطح نه هوندي آهي جو اهي هڪٻئي کي کُليءَ دل سان رڳو ٻُڌن پر قبول به ڪن. مد مقابل ماڻهو ته ايترو چاجڊ هوندا آهن جو هڪ ٻئي جي نه سامهون ٿيندا آهن نه وري پاڻ ۾ ڳالهائيندا آهن. ڇاڪاڻ ته سموري چونڊ مهم جنهن طور طريقي سان هلائي ويندي آهي اها ايتري گهڻي فضيلت واري نه هوندي آهي. اڳواڻ جلسن ۾ بيهي جيڪو آکو ماه اوڳاڇيندا آهن انهي غلاظت کي ڌوئندي صاف ڪندي وقت لڳي ويندو آهي. ڪاميابيءَ جي ڪچي اعلان کانپوءِ، جنهن کي غير حتمي نتيجا چيو ويندو آهي، دهل دماما وڄڻ شروع ٿي ويندا آهن، هُل هنگاما شروع ٿي ويندا آهن ۽ ريليون نڪرڻ شروع ٿينديون آهن. ڪڏهن ڪڏهن انهن ريلين ۾ دلفريب نعرن سان گڏ، گولين جا گل به وسايا ويندا آهن جن جا ٺڪاءَ سماج ۾ ڪيئي ڏينهن گونجندا رهندا آهن. اهڙين ريلين کي ڪيئي جذباتي ماڻهو مخالفن جي گهرن تائي به وٺي ويندا آهن ۽ اُڀ ڏاريندڙ نعرا هڻائي پنهنجي ڪوڙي انا کي ريج ڏيندا آهن. اهڙا عمل مخلفن جي دل ۾ نفرت جو سلو پوکڻ ۾ سهوليتڪار ثابت ٿيندا آهن. اهي نفرتون اڳتي هلي مستقل دشمنين جي صورت اختيار ڪري وٺنديون آهن جيڪي پرامن سماج لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿينديون آهن. رات جو اهو رنگ هلندي خير سان صبح ٿيندو آهي. ايستائين ريڊئي ۽ ٽي ويءَ تي خبرون اچي وينديون آهن ته ڪهڙي ڌر اڳتي وڃي رهي آهي. اڌ ڏينهن کان پوءِ ڳوٺن ۾ اخبارون به پهچڻ شروع ٿي وينديون آهن جن وڌيڪ تفصيل هوندا آهن. انهي سان گڏوگڏ فون تي ڪنڊ ڪُڙڇ مان خبرون اچڻ شروع ٿينديون آهن. جيڪي جهيڙا جهٽا ٿيندا آهن اليڪشن ڏهاڙي تي، انهن بابت حڪومتي ڌر، ڪيس مقدما داخل ڪرڻ جي تيارين ۾ لڳي ويندي آهي. ڪيئي ڪڌرمي پنهنجي ذاتي دشمنين کي پاڙڻ لاءِ اهڙن ماڻهن جا نالا به ڏينديون آهن جيڪي بيگناه هوندا آهن پوءِ هڪڙو ٻڌ ڇوڙ جو سلسلو شروع ٿي ويندو آهي. ڪيس چالان ٿي ڪورٽن ۾ ويندا آهن. ماڻهو اهڙن ڪيسن کي سالن تائين ڀوڳيندا رهندا آهن. اهو سمورو ماحول ڳوٺن جي امن، آشتي، همدردي ۽ هم آهنگيءَ کي وڏو ڇيهو رسائيندو آهي. اها ڪهاڻي ته انهن ماڻهن جي آهي جيڪي اليڪشني ماحول ۾ انوالو هوندا آهن باقي عام سادا سودا ماڻهو ته انهي ڪڪرم کان ڪوهين ڏور هوندا آهن جن لاءِ ووٽ ڏيڻ کان وڌيڪ اها ڳالهه اهم هوندي آهي ته کيس ڏهاڙي ڪمائڻي آهي يا پنهنجي زميندار جي ٻنيءَ تي جانورن وانگر پورهيو ڪرڻو آهي جيئن ان ڏينهن لاءِ سندس رزق روزيءَ جو بندوبست يقيني ٿي سگهي يا سندس گهر جي بيمار ڀاتيءَ لاءِ دوا درمل وٺڻ لاءِ روڪ پئسا يا چٺي ملي سگهي، اهڙي چٺيءَ تي شهر ۾ ويٺل ڊاڪٽر علاج ڪندا ۽ اها رقم اوڌر طور وڏيري جي کاتي ۾ لکندا. وڏيري جو منشي وري انهن پئسن کي ٻيڻا ٽيڻا ڪري هاريءَ جي کاتي ۾ لکي ڇڏيندو آهي. ڳوٺن ۾ چونڊ عمل توڙي ان سان لاڳاپيل سمورو ڪلچر ڳوٺاڻي مزاج پٽاندر هئڻ گهرجي. انهي ۾ ڳوٺن جي سماجي جوڙجڪي سرشتي کي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي جيئن ڳوٺاڻا گڏجي ڪو ضابطه اخلاق جوڙين جيئن چونڊن جو عمل نه رڳو پرامن نموني گذري پر ان کانپوءِ به ڪي اڻ وڻندڙ واقعا رونما نه ٿين جيڪي ڳوٺاڻي امن کي هاڃو رسائين ٿا. انهي سان گڏوگڏ اهي سماجي تنظيمون يا ڳوٺن جي سول سوسائٽي ڳوٺن ۾ اهڙا نيٽ ورڪ جوڙائڻ ۾ سهوليتڪاري ڏئي جو اهي چونڊيل ماڻهن کي ڳوٺن جي ترقيءَ لاءِ منصوبا جوڙائڻ لاءِ مائل ۽ قائل ڪن. جڏهن اهڙا منصوبا اڏاوتي عمل جي مرحلي ۾ اچن ته انهن جي نگراني ڪن ۽ جڙي راس ٿيڻ کان پوءِ انهن رٿائن کي پنهنجي مدد پاڻ تحت هلائين ۽ جتي به ضرورت پوي اتي سرڪار ي ادارن کان يا غير سرڪاري ادارن کان مالي ۽ فني مدد حاصل ڪري سگهن. اهو سمورو عمل، عملي شڪل ۾ آڻڻ لاءِ، سياسي اڳواڻي جي صلاحيت وڌائڻ جي ضرورت آهي، جنهن لاءِ هڪ وسيع تر سماجي ڊائلاگ جي ضرورت آهي. اها ڳالهه سڀني سياسي ۽ سماجي ڌرين جي موچاريءَ سُڌ لاءِ عرض رکجي ٿي ته چونڊون هڪ جمهوري عمل آهن جيڪو بيلٽ پرچيءَ وسيلي هلي ٿو نه ئي بليٽ وسيلي هلندڙ ڪو هٿياربند معرڪو. هي عقل، هوش ۽ ساڃهه ونديءَ جو دور آهي، جيڪي قومون پاڻ کي باشعور سمجهن ٿيون اهي جمهوري ادران کي مضبوط بنائين ٿيون باقي ٻي خلق کي جمهوريت ۽ آمريت جي سنڌي سيڙهي جو شعور به ناهي.


    لڳي بازاربنگلي سان

    لڳي بازاربنگلي سان

    سنڌ ۾ رهندڙ 70 سيڪڙو غريب آبادي، انيڪ مسئلن ۾ مامرن جو شڪار رهندي آئي آهي، پنهنجي غربت جي بٺيءَ ۾ پچي پچي غريب هاڻي ڪٽهڙو بنجي ويو آهي جنهن مان جهونن حڪيمن وانگر موجوده سياستدانن ۽ ٻين ماڻهن ڪيترائي فائدا حاصل ڪيا آهن. آباديءَ جي ايڏي وڏي حصي جوائين مستقل طور پيڙهيل، هيڻو ۽ ڏاڍن وهيڻو هجڻ يقيناً سنڌ جي سڀني گهڻ گُهرن ۽ ساجهه وندن لاءِ سواليه نشان آهي. رڳو انهيءَ طبقي تي ايتريون مصيبتون ۽ آپدائون ڇو ٿيون ڪڙڪن ڇا غريب طبقي جي اولاد لاءِ پيلي اسڪول ۾ وڃڻ لکيل آهي؟ ڇا غريب بيمار ٿي وڃي ڪنهن اهڙي سرڪاري اسپتال ۾ داخل ٿيڻ جو ٺيڪو کنيو آهي جنهن ۾ ڊاڪٽر هوندا ته دوائون نه هونديون ۽ دوائون هونديون ته ليباريٽري نه هوندي، ليباريٽري هوندي ته ٽيڪنيشن نه هوندو؟ ڇا غريب لاءِ اهو تقدير جو لکيو آهي ته ساڻس ڪو ڏاڍ ٿئي، سندس چوري يا ڦر ٿئي ته هو ڪنهن جي مدد کانسواءِ ٿاڻي وڃي نه سگهندو ؟ ڇو ته اُتي سندس فرياد جي پهرين رپورٽ نه ڪاٽي ويندي، جيستائين علائقي جو وس وارو ڪو سياسي واٺو فون نه ڪندو يا وري غريب جي مقدر ۾ اهو لکيل آهي ته هو سڄي عمر بسن ۾ چڙهي جلسا ڀريندو هلي ۽ ڪڏهن ’جيئي فلاڻو خان‘ ته ڪڏهن ”جيئي الاڻو خان “جا نعرا هڻندو هلي؟ ڇا غريب نسلن اِهو لکائي کنيو آهي ته اُهي پيڙهن کان وٺي جن نسلن جي استحصال ۽ ڦرلٽ جو شڪار ٿيندا اچن پيا اُنهن کي ئي سُنتون ۽ ڦوڙيون فراضَون ڏيندا رهندا ۽ سندن درگاهن ۾ پيل تالا بند پيتين کي پنهنجي پگهر پورهئي جي ڪمائي مان پُر ڪندا رهندا؟ انهن سڀني ڌٻڻن ۾ ڦاٿل آباديءَ جو اهو ججهو طبقو پنهنجي بقا جي جنگ لڙندو رهيو آهي ۽ ڪوشش ڪندو رهيو آهي ته هُو پنهنجو پاڻ کي انهي 70 سيڪڙو آباديءَ مان مٿي کڻي 30 واري طبقي سان ڪُلهي ۾ ڪلهو ملائڻ جهڙو ٿئي، پر جيڪا تلوار مٿانئس نه رڳو لٽڪندي رهي آهي پر هر سال، چٺي ڇمهاهي، هر بجيٽ هر بُحران کانپوءِ ڪرندي رهي آهي تنهن هڻي ويتر کيس ويچارو ۽ وڌيڪ ڪمزور بڻائي ڇڏيو آهي اُها مصيبت آهي مهانگائي، جنهن لاءِ سؤ بهانا ۽ سبب ٻُڌايا وڃن ٿا، مهانگائي گهٽائڻ جا آسرا ڏنا وڃن ٿا غريب آبادي هر دفعي اِن ڪاٺ جي بُبي تي جيئي ٿي ته ٻيلي! هيءَ ايندڙ حڪومت جيڪا فلاڻي رئيس، چوڌري، ميان، پير، راجا، يا سيد سڳوري جي اڳواڻيءَ ۾ قسم کڻندي ساکين غربت جو قسم ڀڃائيندي پر هر دفعي اُهو قسم ڀڃڻ بجاءِ سندن ڪسمپرسي وڌندي وڃي ٿي. ان سموري ڪيس ۽ ڪلور جو ويهي وستار ڪبو ته اُن جا پاپي پيرا انسانيت جي رت چوس اقتصادي سرشتي. مُوڙي واد Capitalism جي بازار جي معيشت Market Economy ۾ وڃي کٽندا جنهن دُنيا کي چند سک ڏيئي، اُن ڪاري ڪن طرف ڌڪي ڇڏيو آهي جنهن مان ڪوئي موٽيو ناهي تڏهن ته اهڙيون چوڻيون ٺاهيو ويون ته “بازار وڃي بنگلي سان لڳي آهي“
    . هميشه اهو دستور رهيو آهي. جڏهن آبادي وڌندي ۽ دُڪانن جو تعداد وڌڻ لڳندو آهي ته اُنهن کي منظم صورت ڏيندي هڪ هنڌ پر آباديءَ کان پاسيرو” بازار“ ٺاهي ويندي آهي ۽ پوءِ اُها بازار جيڪا ماڻهو پنهنجي گهرن کان پر ڀري رکڻ چاهيندا آهن، سا وڌڻ ويجهڻ لڳندي آهي ۽ وڌندي وڌندي اچي آباديءَ ۾ پوندي آهي يا سندن گهرن کي ويجهي پوندي آهي ۽ انهيءَ لقاءَ تي انتهائي حيرت گاڏڙ خوف جو اظهار ڪندي ماڻهن چيو هوندو ته بازار اچي بنگلي سان لڳي آهي. پر هاڻي ته قصو ان کان به چڙهي ويو آهي ۽ بازار بنگلي سان لڳڻ کان اڳتي وڌندي اچي ماڻهوءَ جي کيسي ۾ پئي آهي يعنيٰ بازار ڪافي اهڙيون شيون پئدا ڪيون آهن ۽ گُرن جو ڄار جوڙيو آهي جنهن ۾ ماڻهو اهڙا باندي ٿي ٿاپون جو صفا ٻڌا ٻانها. سڀ ڪجهه ڇڏي ڏيندا پر بازار جي ڪُجهه شين کي ڪنهن قيمت تي نه ڇڏيندا ۽ بازار جي اها غلامي کين پنهنجو الهه تلهه وڪڻائي ڇڏي ٿي. ۽ بازار ۾ ٿيل مهانگائي ته رهيل ڪسر ڪڍيو ٿي ڇڏي ۽ غريب آبادي اُن هيٺ. اهڙي بيدرديءَ سان پيسجندي رهي ٿي جو ڪبير صاحبَ جو هي دوهو چپن تي تري ٿو اچي:
    چلتي چاڪي ديکهه ڪر، کڙا ڪبير روءِ
    دوپاٽون ڪي بيچ ۾، ثابت رهانه ڪوءِ

    اهڙيءَ ريت بازار جي بنگلي سان لڳڻ، غربت واري آباديءَ کي ڀت سان لڳائي ڇڏيو آهي سندن زندگي جيڪا اڳئي مشڪل هُئي سا وڌيڪ مشڪلاتن جي منهن ۾ اچي ويئي آهي. پنهنجي غربت واري پس منظر جي پيش نظر اُهي ڪيڏانهن وڌيڪ چرپر به نٿا ڪري سگهن، ان حد تائين جو اُهي زندگيءَ جي بُنيادي نعمتن کان به ڪوهين ڏور آهن. مثال طور، پاڻي حياتيءَ جو بُنيادي عنصر آهي. پاڻي آهي ته حياتي آهي نه ته حياتي ئي ناهي. غريب ماڻهو هِن دور ۾ به پيئڻ جي صاف ۽ مِٺي پاڻيءَ لاءِ سڪي ۽ واجهائي ٿو ۽ اُن آس ۾ سندس اکين ۾ مور يسر پئجي ٿا وڃن پر سندس اُڃ نٿي لهي، باقي جيڪي سندس ووٽ وٺي ٿا وڃن تن کي ته پاڻي چڙهي ڪونه ٿو جو غريب کي يا پاڻي مُهيا ڪري ڏين يا ڍڪڻيءَ ۾ ڍُڪ ڀري ڌرتيءَ تان بار هلو ڪن، پر جن کي اکين ۾ پاڻي نه هوندو اُن کي ٻئي جي دُک درد جو ڪهڙو احساس ٿيندو؟ غريب بيمار ٿئي ٿو ته وٽس ڀوپن، مُلن ۽ تعويزي ٺڳن وٽ وڃڻ کانسواءِ ٻيو آپشن ئي نه هوندو آهي يا وري اُن مصيبت ۾ پيڙ هجي پيڙ هجي مايوس ٿي هو سرڪاري اسپتال جو رُخ ڪندا آهن جتي ويٺل مسيحا وري کيس مفت مشوري ڏيندي فرمائيندا آهن ته مٿي کڻائي وڃو نه ته مريض ڪين بچندو ۽ پوءِ اُن مريض جا گڏ آيل وارث پاڻ ۾ گڏجي روئي ڀنڻ ڪندا آهن ۽ چوندا آهن ته ادا مٿي جيڪو کڻي ٿا وڃن سو واپس ڪو ڪريا ڪندڙ ميت ۽ مريض ڍوئيندڙ ڳاڙها اکر ليکيل گاڏين ۾ موٽي ٿو، تنهنڪري هلو ته مٽي گهر ڀيڙي ڪريون ۽ هاڻي هڏا نه روليون. ائين غريب آبادي بازار جي بار جو وڌ ۾ وڌ شڪار ٿئي ٿي ۽ سندس حالت اڳئي سنگين هُجي ٿي سا ويتر ابتر ٿي پوي ٿي، ڇاڪاڻ ته سندس قوت خريد ڪمزور هجڻ جي ڪري جواب ڏيئي پڙ ڪڍي ٿي بيهي ۽ وٽس ڪا اهڙي وٿ (asset) نٿي هجي جنهن کي وڪڻي هو گاڏي گهيڙ مان ڪڍي. سگهي، سو بازار جو بنگلي سان لڳڻ غريب آباديءَ کي ڏاڍو ڳرو پيو آهي ۽ سنڌ جي غريب آبادي جتي ٻين سوين مسئلن ۽ مونجهارن ۾ ڦاٿل آهي تتي مهانگائي يعني بازار جو بنگلي سان لڳڻ سان کيس اُن اونهي اوڙاهه ۾ وٺي وڃي ٿو جتان ڪڍڻ لاءِ ڪو واهرو ناهي، واهرو جي نالي ۾ اڪثريت اهڙين ماڻهن جي ملي آهي جيڪي واهروءَ گهٽ ۽ِ ويري وڌيڪ آهن ۽ غريب جا وسيلا، ڪمائي ڪرت (جيڪا نه هئڻ برابر آهي) ننگ ۽ بقاءَ سڀڪجهه اُنهن ويرين جي ورچڙهي وڃي ٿو جيڪي واهرو هئڻ جي دعويٰ ڪندي، مختلف روپ ڌاري غريبن کي صدين کان لٽيندا آيا آهن غريب جي انهيءَ حالت جي واهر ۾ ڪيئي غير سرڪاري ادارا به ميدان ۾ عمل پذير آهن ۽ غربت گهٽائڻ جو وڏيون وڏيون دعوائون، وڏين وڏين پنج تارا هوٽلن ۾ ڪندي نٿا ڍاپن پر ميدان تي وڃي ڏسجي ته اڪ ڪارا جو ڪارا آهن، ڪا خاص تبديلي ناهي. سياستدان به ميڊيا جي گن (ڪئميرا) کان ڊڄندي اسٽيجن تي بيهي غريبن جي ڀلي لاءِ آهي واڳون جاڳوڙها ٿا ڳاڙين جن کي ڏسي حيرت ٿيندي آهي ته ڇا هي اُهي ماڻهو آهن جن کي جڏهن ڪوئي غريب رستي ۾ سامهون ٿو اچي ته ائين منهن ڦيري ٿا ڇڏين ڄڻ غريب ويچارو ڪنهن ٻئي خالق جو خلقيل هجي پر ميڊيا جي سامهون غريبن لاءِ کير ۽ ماکيءَ جون نديون وهائڻ جو دعويٰ ڪن ٿا. انهن سڀئي ڪوڙين دعوائن کانپوءِ جيڪي ٿئي ٿو سوا هو آهي ته غريبن جي غربت گهٽجي يا نه گهٽجي پر اهو طبقو خود وڌيڪ سکيو ستابو ٿي وڃي ٿو ۽ ڏينهون ڏينهن ملڪي وسيلن تي مخصوص خاندانن جي گرفت وڌندي وڃي پئي ۽ غريب ڏينهون ڏينهن ان سرشتي مان لاڀ جي بجاءِ ڦيٺ کائي ٿو ته پوءِ نيٺ ويچارو غريب ڪيڏانهن وڃي ۽ ڇا ڪري؟ جو هو بازار جي بنگلي سان لڳڻ مهل ڀت سان لڳڻ کان بچي وڃي. غريب وٽ جيڪا وڏي وٿ آهي سو پنهنجو پاڻ آهي ۽ جيڪڏهن ڪاريگري آهي ته پوءِ اُهو ويتر اضافي قدر آهي ۽ اُن وسيلي ئي هو محنت ۽ پورهيو ڪري ۽ پنهنجي ٻارن کي پڙهائي. ڪوشش ڪري، اهڙي معياري تعليم ڏياري جو سندس ٻار يونيورسٽي جي ڊگري کڻي وري ڪنهن ڀوتار، وڏيري، سيد يا مير، پير جي درجا سوالي نه بنجن ۽ سندن سَند کي ڏسي هر هڪ کين روزگار آڇي، جتي اُهي وڌيڪ محنت ڪندي ترقيءَ جا ڏاڪا طئه ڪن ۽ پاڻ کي غربت جي اونداهي کوهه مان مٿي ڪڍڻ جي لائق بڻائين. اهڙي طرح حڪومت جو ان سلسلي ۾ جيڪو ڪردار بيهي ٿو اُهو اهو آهي ته غريبن جا ٻار جيڪڏهن معياري تعليم وارن مهانگن ادارن ۾ داخلا وٺڻ چاهين ٿا ۽ اُنهن پاران ورتل آزمائشن کي پار ڪندي پاڻ کي داخلا جو اهل ثابت ڪن ٿا ته اُنهن جا سمورا خرچ سرڪار ادا ڪري جيئن نوجوانن جو اُهو سگهارو طبقو اڳتي اچي ۽ ملڪ ۽ قوم جي ترقيءَ ۾ پنهنجو حصو ڀرپور نموني ادا ڪري سگهي. ميڊيا انهي ڏس ۾ ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ اڃا وڌيڪ ڀرپور نموني اهو ڪم اڳتي وڌائيندي، غريب آباديءَ ۽ حڪومتن جي وچ ۾ پُل جو ڪردار ادا ڪري. غريبن تائين اهڙي سموري گُهربل معلومات پهچائي جيڪا منجهن جاڳرتا پئدا ڪري ۽ اُهي وقت سر ترقيءَ جي ڪم مان پنهنجو حصو حاصل ڪري سگهن ۽ حڪومت جي ايوانن تائين غريبن جي حالتن جي دُرست تصوير کي پهچائي، ڇاڪاڻ ته چونڊيل يا چونڊايل نمائندن کي ته اهڙن اجاين ڪمن لاءِ وقت ئي ناهي يا سندن علائقي ۾ ايتري گهڻي غريب آباديءَ جو هجڻ سندن استحقاق کي مجروح نٿو ڪري جو اُهي اُنهي ڏس ۾ اسيمبلين ۽ ايوانن ۾ ڪو تحرڪ وٺن. ائين جيڪڏهن شعوري طور تي جاڳرتا کي وڌائيندي، غريب کي ڪا روشن راه ڏيکاري ويندي ته اسان جي اها 70% کان وڌيڪ آبادي مُلڪي معيثيت ۾ ڀرپور ڪردار نباهي سگهندي ۽ بازار جي بنگلي سان لڳڻ باوجود اُهي ڀت سان نه لڳندا ۽ ڏينهون ڏينهن سندن معيار زندگي وڌڻ لڳندو ۽ مقدار غربت گهٽجندو ويندو.


    بکين ڪهڙي بجيٽ جي. . . . . . !!

    بکين ڪهڙي بجيٽ جي. . . . . . !!

    چرين ڪهڙا چت، مئن ڪهڙا مامرا جهڙا پهاڪا ماڻهن سرجيندي، صدين جي تجربي کي اڳيان رکيو هوندو يا ڀٽائيءَ جڏهن هيءَ سٽ تخليق ڪئي هوندي ته، ”سڪن ڪهڙي سار، ته اُٺا مينهن ملير تي“ ته يقينن سندس ذهن ۾ زندگيءَ جي گوناگونيت جهٻڪي هوندي تڏهن ته هن اهڙي سٽ چئي جيڪا عالمي حقيقت جو روپ رکي ٿي. ملوڪن جو شڪار مروئن لاءِ موت به ثابت ٿيندو آهي. سڪن ڪهڙي سار ته اُٺا مينهن ملير تي. اهڙي ريت غربت غريب کي سماج جي مکيه ڌارا کان ڪٽي اهڙي کڏ ڏانهن ڌڪي چڏيو آهي جنهن ۾ ڏينهون ڏينهن غريب هيٺ وڃي پيو ۽ دنيا جا امير گڏجي انهي کڏ جي ڪپ تي ڪڏهن غربت ختم ڪرڻ جو ته ڪڏهن غربت گهٽائڻ جو راڳ آلاپي رهيا آهن ۽ انهي سلسلي ۾ ڪڏهن ڪهڙي ته ڪڏهن ڪهڙي راڳڻي آلاپي رهيا آهن ۽ انهي سنهي موسيقيءَ سان غريبن جي ڪوڙي آسري تي دل ڌتاري ۽ پنهنجي بئنڪ ڀنڊارن کي ڀري رهيا آهن. غربت جي انهي پيچيدگيءَ غربت کي انتهائي ڳجهي ڳنڍ بنائي ڇڏيو آهي جنهن جي گورک دنڌي جو سلجهڻ رُهيءَ جي گاه ( Inaccessible thing)وانگرنظر اچي ٿو جنهن تائين رڳو حاڪيماڻا گهوڙا ئي رسي سگهن ٿا. ڏٻريءَ کي ڏنءَ گهڻا سو ڪٿي پهچي انهي پنڌ کي. اهڙين راڳڻين مان ماليات جي ۽ اقتصاديات جي ماهرن ٺاهيل ڌنن مان هڪڙي ڌُن بجيٽ آهي. حڪومتن، ڪارپوريٽ ڪمپنين ۽ ٻين ڌنوان ڌرين کي سال ۾ هڪ دفعو پنهنجي پنهنجي ادارن جو بجيٽ ٺاهڻو ۽ پيش ڪرڻو هوندو آهي ۽ انهي ڪاريگريءَ کي انگن اکرن جي ڪارسازيءَ سان ايئن کنڊ جي تهه ۾ ملفوف ڪيو ويندو آهي جو اها مٺي وَٿُ طور نظر ايندي آهي ۽ اسان جهڙن ملڪن، جيڪي امداد جي آڪسيجن تي هلندا آهن، تن جي بجيٽ کي اهڙي کٽمٺڙي وانگر پيش ڏيکاري ويندي آهي جنهن ۾ مٺاڻ ئي مٺاڻ هجي. پر سڄي سال اهو کٽمٺڙو ڪڏهن کارو ڪڏهن کٽو ٿي پوندو آهي پر بجيٽ ۽ ان جا بعد ۾ پوندڙ اثر سڀني کي وه جو وٽو هجڻ باوجود جيءُ چئي پيئڻا پوندا آهن. بجيٽ آمدني ۽ خرچن جي پوتاميل جو نالو آهي جنهن ۾ ٿلهي ليکي ڪٿ ڪئي ويندي آهي ته ڪيترا وسيلا اُپجندا ۽ ڪيترو خرچ پکو شعبي وار ٿيندو. بجيٽ جي انهي نسخي کي تيار ڪندڙ انگن اکرن جي جادوگريءَ جا ماهر هوندا آهن جن کي نوڙيءَ مان نانگ ٺاهڻ به ايندو آهي ته نانگ کي رڱتو نوڙيءَ جي صورت ڏيڻ به سندن کاٻي هٿ جو کيل هوندو آهي. بجيٽ جي انهي روايت ۾ ڪيترائي جڳاڙ به لڪيل هونداآهن ۽ سال دوران بوقت ضرورت ننڍڙا ننڍڙا بجيٽ به نروار ٿيندا رهندا آهن. بجيٽ کان اڳ دڪانن تان اهو سامان گم ٿي ويندو آهي جنهن جون قيمتون وڌڻ متوقع هونديون آهن. اهڙيون ڪيئي ڳالهيون آهن جيڪي بجيٽ جي ڪُک مان نڪرن ٿيون يا وري بجيٽ جي ڪُک ۾ ناجائز ٻار وانگر پلجن ٿيون. جون جو مهينو بجيٽن پيش ڪرڻ ۽ پاس ڪرڻ جي سياسي سڳورپ جو مهينو آهي جو هن مهيني ۾ بجيٽ پاس ٿيڻ لاءِ ڪجهه ڌُريون نخرا ڪري سگهن ٿيون ته وري غرضائو ڌرين کي انهن جا انگل آرا سهڻا پوندا آهن. ايئن اقتدار جو گاڏو گهلجندو رهندو آهي. اقتدار جي گاڏي ۾ ته بجيٽ هڪڙو اهڙو نقطو آهي جنهن تي سڀني جون نگاهون کتل هونديون آهن ۽ هرڪو انهي نقطي ۾ پنهنجي نقطي جي ڳالهه مڪائڻ جي چڪر ۾ هوندو آهي. بجيٽ جي بابرڪت مهيني دوران جيڪڏهن رمضان جو مهينو اچي وڃي پوءِ ته پئون ٻارنهن. ٻڏيءَ جا ٻيڻا، ڪوٽ مٿان ڪوٽ. مهانگائي ءَ ۾ اهڙي برڪت پوندي ڄڻ ڪنهن پهتل پير دعا ڪئي هجي ۽ ان جي دعا جي دٻ سان ست جاڙا پُٽ ڄاوا هجن. سو اها ست اولادي مهانگائي غريب ماڻهوءَ جو الائي ڇاڇا چٻو ڪري ٿي ڇڏي ڇاڪاڻ ته غريب وٽ چيلهه ته هوندي ناهي جيڪا چٻي ٿئي. غريب جي چيلهه تي اڳيئي ڪونه ڪو بار اڳيئي پئل هوندو آهي. بجيٽ جي ڳالهه جي بابت گفتگو به انهي ڪري شروع ڪئي سين جو غريب جي سال ۾ بجيٽ نالي ڪو به لفظ يا ڪاروهنوار ناهي. وفاقي حڪومت پاران اهڙي پهرين بجيٽ پيش ٿي چڪي آهي جنهن ۾ وزيراعظم موجود نه هو پر فونن جي سهوليت کي ڪتب آڻيندي بجيٽ تجويزن جي منظوري ورتي ويئي. هاڻي سنڌ حڪومت به بجيٽ پيش ڪرڻ واري آهي، اها بجيٽ به ٻين بجيٽن جهڙي ئي هوندي. بجيٽن پيش ٿيڻ کان ٿورو ئي اڳ پگهارن وڌڻ جا بحث ڇڙي ويندا آهن ۽ پوءِ جڏهن اعلان ٿيندو آهي ته ننڍا ۽ وچولا ملازم ويچارا ليکا چوکا ڪندي، پگهار جي واڌ جيترو قرض اڳواٽ کڻي وٺندا آهن. پر غريب جو بجيٽ ۾ اچي نڪي وڃي. غريب نه لفظ بجيٽ ٻُڌو آهي نه ئي کيس خبر آهي ته اها ڪهڙي بلا آهي. غريب اها ڌر آهي جيڪا بجيٽ کان سواءِ زندگي گذاري ٿي. اها اهڙي عجيب ڳالهه آهي جيڪا اسريل ملڪن جي ماڻهن کي شايد معجزي جهڙي محسوس ٿئي. پر اسانجي ڳوٺن ۾ رهندڙ آباديءَ جي اڪثريت انهن معجزن کي سرانجام ڏيئي رهي آهي. ڳوٺن ۾ غربت اهڙو حال مچايو آهي جو غريب پيئڻ جي صاف ۽ معياري پاڻيءَ جي گلاس کي به ترسي ٿو ته ٻئي طرف ان سان همدرديءَ جي هام هڻندڙ سرڪاري توڙي غيرسرڪاري ادارن جا عملدار مڙئي منرل واٽر تي گذارو ڪن ٿا، ڇاڪاڻ جو کين غريب لاءِ جيڪي منصوبا جوڙڻا آهن ان اهڙو معدني پاڻي پيئڻ ضروري آهي جيئن اهي رٿائون ۽ تجويزون به مٺيون جڙن جن کي عملدرامد ڪرڻ وقت کائڻ ۾ ڏکيائي محسوس نه ٿئي. غريب بنا بجيٽ جي زندگي ڪيئن ٿو گذاري تنهنجي خبر غريب کي ئي آهي. هو جيڪي کائي ٿو ان کي نيوٽريشن جي ٻولي ۾ کاڌو چئي نٿو سگهجي، جيڪو پاڻي هو پيئي ٿو انهي کي ڏيهان ڏيهي ادارن جي قائم ڪيل وصف مطابق ”صاف ۽ محفوظ“ چئي نٿو سگهجي. علاج لاءِ جن اسپتالن ۾ هو وڃي ٿو انهن جي ڳالهه ڇا ڪجي. جنهن کي ٻي ڀوا نه هجي اهو سرڪاري اسپتال ۾ ويندو آهي. غريب جي انهي حالت کي سمجهڻ لاءِ غريب جي روزاني زندگيءَ ۾ جهاتي پائڻ ضروري آهي. مونکي هڪڙي ڪربناڪ ڪهاڻي ذهن تي تري ٿي اچي جنهن ۾ هڪڙو غريب ڳوٺاڻو پنهنجي ڳورهاريءَ گهرواري ءَ کي شهر جي ڊاڪٽرياڻيءَ وٽ علاج لاءِ وٺي اچي ٿو. ڊاڪٽرياڻي جڏهن انهي سڪل پن جهڙي ڳوٺاڻي عورت کان تڪليف بابت پڇي ٿي ته موٽ ۾ هوءَ ايترو ٻڌائي ٿي ته کيس هيڻت آهي يعني ڪمزوري محسوس ٿئي ٿي. پر ڊاڪٽرياڻي جيئن ئي مريض عورت جي رت جي چڪاس واريءَ رپورٽ تي نظر وجهي ٿي ته سندس واتان رڙ نڪري وڃي ٿي ڇوت انهي رپورٽ مطابق مريض جي رت ڳاڙهاڻ جو درجو 3 هو. جنهن جو مطلب موت جي سمنڊ جو ڪنارو هو. ڊاڪٽرياڻي عورت کي گوشت کير۽ سايون ڀاڄيون کائڻ جي تلقين ڪئي تنهن تي عورت وراڻيو ته، ”ادي اسين غريب آهيون، اولڻ ئي ناهي مرچن سان ماني کائون ٿا تنهن ڪري گوشت کير۽ ڀاڄيون اسان وٽ ڪٿان آيون. توهان اسان کي ڪا گوري ٽڪي ڏيو ته مڙئي اڪري پار پئون. “ اها مريضه ته انتهائي سادگيءَ سان اها ڳالهه ڪري رهي هئي جنهن جي ساه اندر ٻيو به ساه کڄي رهيو هو ۽ غربت ٻنهي ساهن کي موت جي ٻه واٽي تي آڻي بيهاري ڇڏيو هو. اهڙي هڪ ٻي ڪهاڻي هن ريت آهي ته ڪنهن غريب ماڻهوءَ کي بلاکائي وڌو ۽ فوري طور کيس اسپتال ڏانهن وڃڻو هو پر سندس گهر ۾ مالڪ جي مٺي نالي کانسواءِ ڪجهه به نه هو. ڳهه ڳٽا يا مال وغيره ته هيو ئي ڪانه جو اهڙي اهنجي وقت ۾ کيس ڪم اچي سو هن ڦانڦ ۾ قرض لاءِ جهونت ڏني ۽ کيس ڳري وياج تي قرض وٺڻو پئجي ويو ڇاڪاڻ جو سندس زندگيءَ جو سوال هو ۽ زندگي شاهوڪاري غريبيءَ جي وڇوٽي کان هٽي ڪري هرڪنهن کي پياري هوندي آهي ۽ زندگي کي بچائڻ لاءِ انهي نانگ ڏنگيل کي قرض جي ڪاريهر ۾ هٿ وجهڻو پيو. قرض وياج خور واڻيو ڏئي يا ڪو اين جي او سڏائيندڙ سودخور ادارو ڏئي قرض قرض هوندو آهي، ٻنهي صورتن ۾ قرض ڪڙي گوري وانگر آهي جنهن ۾ اهڙو زهر هوندو آهي جيڪو آهستي آهستي ماريندو آهي. اهي غربت جي خرار مان ٻه ننڍڙا مثال آهن جيڪي غربت جي تصوير جي هڪ ننڍڙي رخ کي ظاهر ڪن ٿا يا ايئن کڻي چئجي ته اها ڪهاڻي انهن لکين خاندانن جي آهي جيڪي ادارن پاران ڇڪيل غربت ليڪ تي يا ان کان به هيٺ زندگي گهاري رهيا آهن. انهن سڀني جي سال جي ليکي ۾ ڪو به بجيٽ ناهي نه ئي ڪنهن امداد جو آسرو. انهن لاءِ نه ڪو مالياتي فنڊ آهي نه ئي ڪا عالمي بئنڪ. انهن جي بجيٽ ۾ آس جي آمدنيءَ جو آسرو آهي جنهن اميد کي حالتن جا ڪيئي ڪاريهر نراس ۾ تبديل ڪري ڇڏيندا آهن. انهن جي بجيٽ ۾ اڻ ڳڻين بيمارين جي آمدني ته آهي پر علاج لاءِ خرچ جي ڪنهن بيل آئوٽ پئڪيج جو ڪوئي آسرو ناهي. غريب بي زر آهي ۽ بي زر کي افراط زر جو ڪوئي ڀئو ناهي. بجيٽ جي سموري ڪڇ ويئٽ جي ڪڙهه پچ کان غريب ان ڪري به پري آهي جو غريب عوام آهي، سرڪار ناهي جو کيس بجيٽ جو مٿي ۾ سور وجهڻو پوي. غريب جي بجيٽ ۾ جيڪڏهن ڪا موڙي يا ڳيجهو آهي ته اها توڪل آهي جنهن جي آڌار تي هو زندگي ءَ جي بند گليءَ ۾ هلندو رهي ٿو. واٽ ۾ کيس ڪيئي واڳو سامهون اچن ٿا ۽ سندس زندگي موت جو بَکُ بنجڻ کان اڳ ڪيترائي موتمار ذائقا چکي ٿي. غربت جي اها گار سڄي دنيا جي ذهن ضمير لاءِ للڪار آهي جنهن ٻيون به ڪيتريون ئي للڪارون پيدا ڪيون آهن جن کان سڄي دنيا جو ساه ٿو وڃي. غربت جي پراسرار اڀياسن کان هٽي ڪري ڏسبو ته هيءَ غربت دنيا ۾ چند چالاڪ ۽ فطين ماڻهن جي شطرنج جو نتيجو آهي جنهن ۾ هنن پاڻ کي بادشاه بنائي دنيا جي وسيلن تي گوڏا ڏيئي ڇڏيا آهن جنهن سان هڪڙي اڻ برابري پيدا ٿي پيئي آهي دنيا ۾ چالاڪ ماڻهو ڌنوان ۽ سادا سودا ماڻهو نرڌن جي صفن جي صورت ۾ نظر اچن ٿا. سرامائيواد جي بازاري دنيا ۾ غربت گهٽائڻ يا مٽائڻ جا جيڪي نسخا آزمايا پيا وڃن اهي غربت کي گهٽائڻ بدران غريبن جي تعداد ۾ واڌارو ڪري رهيا آهن. ڪيترين سالن کان اهو راڳ سڄيءَ دنيا۾ زورشور سان آلاپيو پيو وڃي. بجيٽ اڄ به حڪومتن جا آهن يا ڪارپوريٽن جا. غريب اڄ به اهڙي اقتصادي وٿ کان ڪوهين ڏور آهي. سندس زندگيءَ جو ڪاٿو بکن، ڏکن، بيمارين، قرضن، ڏڪارن جي ڳاڻيٽي مان ڪري سگهجي ٿو باقي ان کانسوءِ ٻي ڪا خاص بجيٽ ناهي جيڪا غريب جي زندگيءَ کي به بجيٽ آور بنائي. غربت گهٽائڻ جو نعرو هڻندڙن اڳيان اهو چئلنج آهي ته اهي غريب کي ڪڏهن ٿا بجيٽ وارو بنائين ۽ پنهنجي پيش ڪيل بجيٽن سان غريب جي زندگيءَ ۾ ڪهڙا رنگ ٿا بجيٽ ڪن.


    روح کي ڇُهندڙ سُرن جي راڻي. . . عابده پروين

    روح کي ڇُهندڙ سُرن جي راڻي. . . عابده پروين

    راڳ انسان جي ويراڳ جي آبياري ڪندڙ اهڙي املهه ايجاد آهي جنهن کي ڪڏهن عبادت جو درجو به رهيو آهي. راڳ واقعي عبادت آهي ڇاڪاڻ جو اهو روح جي انهن تارن کي ڇيڙي ٿو جن مان انسان جو اصلي روپ نروار ٿئي ٿو ۽ ماڻهوءَ کي ماڻهو نج صورت ۾ نظراچي ٿو. اسان راڳ کي پنهنجي گهر۾ ٻُڌو. هنڊايو ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي ته اهڙو ڪن رس هجي جو ماڻهو ڪنهن سُريلي ساز جي آواز جي راز ۽ رمز جي ڪنهن پائي پئسي کي سمجهي سگهي. بابا سائين غلام محمد جنجهي به ڳائيندا هئا جن پنهنجي والد محمد عثمان کان راڳ جا سبق ورتا هئا. راڳ جي اها رغبت اسان کي به ننڍپڻ کان ئي ريڊيو تي هلندڙ پراڻن هندستاني گانن کان وٺي سنڌي ڪافين ڪلامن کي ٻُڌڻ جي سعادت نصيب ٿيندي رهي آهي جيڪا اڳتي هلي فنڪارن کي روبرو محفلن ۾ ٻُڌوسين. ٻاراتڻ جي هڪڙي يادگيري آهي ته اسين پنهنجي چاچي جي دڪان اڳيان بلورن پئي کيڏياسين تيستائين ريڊئي تي هڪڙو ڪلام هليو ”محبوب ڪئي مون تي اڄ خاص عنايت آ“. ڪلام دل کي ڇهندڙ هو. آخر۾ ڳائيندڙ جو نالو ۽ شاعر جو نالو ٻُڌايو ويو ته هي آواز هو عابده پروين جو ۽ شاعري هئي منصور ويراڳيءَ جي. اهو ڏينهن اڄوڪو ڏينهن اهو روح ڇهندڙ آواز ڪنن ۾ ايئن ٻُري پيو چڻ هاڻي هاڻي ٻڌو هجي. جيئن گهر آيس ته بابا کان اچي پڇيم بابا عابده پروين بابت ڪجهه ٻُڌايو. بابا وراڻيو ”عابده ملڪ جي نامور ڳائڻي آهي جنهنجي آواز جو جادو هر دل کي پنهنجي سحر۾ وڪوڙي ٿو. منهنجي ساڻس ڄامشوري ۾ تازوئي ملاقات ٿي آهي (هي ڳالهه لڳ ڀڳ 35، 36 سال پُراڻي آهي) جتي هوءَ پنهنجي امڙ جو علاج ڪرائڻ آيل هئي “. بابا پنهنجي مامي ڏاڏي اسماعيل جو علاج ڪرائڻ سانگي ڄامشوري ترسيل هو. انهي مختصر ملاقات وري وري خاص عنايت ۾ واڌارو ڪيو پوءِ اسين ۽ بابا گڏجي عابده پروين کي ٻُڌنڌا رهندا هئاسين. جڏهن به ڪو نئون ڪلام ايندو هو ته ان کي پوري يڪسوئي ۽ سانت ۾ ٻُڌي وري تبصرا ڪندا هئاسين. اهڙي طرح عابده پروين جو راڳ اسان جي ڀاڳ ۾ به آيو.
    عابده پروين لاڙڪاڻي ۾ اُستاد غلام حيدر جي گهر جنم ورتو. 70 واري ڏهاڪي ۾ سندس ڪُٽنب لڏي مٽياري کي اچي مان ڏنو جتان کان عابده پروين ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي نئين ڳائيندڙ طور متعارف ٿي. مرحوم غلام حسين شيخ (سندس ور )جي ڌيان سان هن ڳائڻ جي دنيا ۾ پنهنجو نالو ڪڍيو. سنڌي، سرائڪي، پنجابي، اردو شاعري ڳائي اعلى ڪارڪردگي جو صدارتي ايوارڊ، ستاره امتياز ۽ لطيف ايوارڊ ۽ ٻيا کوڙ سارا ايوارڊ ماڻيائين. سندس ڳائڻ جي ناموس پرکنڊين پڌري ٿي. ننڍي کنڊ جا سڀئي ماڻهو کيس آواز مان ئي سُڃاڻن ٿا. دنيا جي به نامور اسٽيج پروگرامن ۾ ڏيکاريل ڪارڪردگيءَ يورپي لوڪن کي به سندس چڳ وڍيو مريد بنائي ڇڏيوآهي. عابده پرين ڪيترن ئي اڳ ڳايل ڪلامن کي پنهنجي نرالي رنگ ۾ ڳائي ٻيهر مقبول بنائي ڇڏيو آهي. ڪيتريون ئي نيون ڌنون ۽ طرزون متعارف ڪرائي، سنڌي موسيقي کي انتهائي نرالا ۽ نوان دڳ ڏيکاري ڇڏيا آهن. عابده جي راڳداري ۽ گلوڪاريءَ کي موسيقيءَ جا استاد الائي ڪيئن پرکيندا هوندا، تنهن بابت پاڻ ڄٽ ڇا ڄاڻون. اسان ته هن کي وجداني ڪيفيت ۾ ڳائيندي ٻُڌو آهي جنهن کي بيان نٿو ڪري سگهجي، محسوس ڪري سگهجي ٿو ته راڳ ڇا آهي ؟ اهو روح کي ڪيئن ريبي ٿو؟ راڳ ويراڳ ڪيئن آهي؟ راڳ ننڍي کنڊ جي مڻيادار وٿ آهي جنهن ۾ تان سين ۽ بيجو بانورا جهڙن استادن جو رت ست شامل آهي ته حضرت امير خسرو جهڙن خاص ماڻهن جي محنت شامل آهي. وري انهي راڳ مالا ۾ راجستاني رنگ هڪڙو نرالو انگ آهي. سمورو ننڍو کنڊ انهي روح ريبيندڙ ورثي سان ٽمتار آهي. اسان عابده پروين کي ان جي وجداني ڪيفيت ۾ صوفياڻا ڪلام ڳائيندي ٻُڌو ته محسوس ٿئي ٿو روح ڇا آهي؟ روح ريلو ڪيئن کائي ٿو؟ ماڻهوءَ جو من دنيا جي مٺاڻ ڏانهن ڪيئن لڙي ٿو؟ اسان کي عابده جي ڳايل سڀني صوفياڻن ڪلامن کي ٻُڌي تصوف ۽ عشق محبت جون نت نراليون معنائون سمجهه ۾ آيون جيڪي ٻي صورت ۾ ممڪن نه هيون تنهنڪري اسين سندس فن جي انهي روحاني گيرائي ۽ گهرائي جا پرستارآهيون. ”يارڪو هم ني جابجا ديکا“ ”سکي رو سنائو صاحب ڪيسا هي“، سُڻ بابت بره دي ڪيهي“، ”نالي الک جي“، ” گهنڊ کول ويکائو“، ”جب سي توني مجهي ديوانا بنا رکا هي“، ”ڪيئن سرچايان توکي“، ”من گهري مشتاق سان جيئري جدايون ڪيم ڪر“ ۽ ”تيري عشق نچايا“ جهڙا ڪلام روح جا چوڏهن طبقا روشن ڪري ٿا ڇڏين ۽ دل ۾ پيار جا نت نوان رنگ منور ٿين ٿا. باهو سائين جي ٻول ۾؛
    دل دريا، سمندر ڏونگي ڪوڻ دليان ديان جاڻي هو
    وڄئي ٻيڙي، وچئي جهيڙي، وچئي ونجهه مهاڻي هو
    چودان طبق دلان دي اندر تنبو وانگر تاڻي هو
    انهي کانسواءِ ٻين سڀني ڪلامن ۾ هن جيڪو روح ڦوڪيو آهي تنهن ڪلامن جي لفظن کي حيات جاودان بخشي ڇڏي آهي. سڀئي ڀلوڙ ڪلام آهن پر مونکي سندس ڳايل ٻه ڪلام سڀني کان وڌيڪ وڻن ٿا جن کي ٻُڌي جيڪي محسوس ٿئي ٿو آچون بيان ڪرڻ کان به قاصر آهيان ڇاڪاڻ ته منهنجو علم ناقص آهي، روح جا رنگ پورڻتا وارو مظهر آهن جن جو بيان ڏکيرو ڪم آهي. اهي ڪلام آهن هڪڙو مولانا عبدالغفور مفتون همايوني جو ڪلام ؛ ”تنهنجي ذلف جي بند ڪمند وڌا زندان هزارين مان نه رڳو“ ۽ ٻيو سائين ذهين شاه تاجي صاحب جو ٻول ” تو ني ديوانا بنايا تو مين ديوانا بنا، اب مجهي هوش ڪي دنيا مين تماشا نه بنا“. اهي ٻئي ڪلام اهڙا آهن جو ماڻهوءَ جي روح کي ريبي وحدت جي وسيع واديءَ ڏانهن وٺي ٿا وڃن. انهن ٻولن ۾ به سچ ڀريل آهي ته محترمه عابده پروين ان کي ڳائي اڃا وڌيڪ موثر بنائي ڇڏيو آهي. محترمه عابده پروين جي انهي اثرانگيز ڳائڻ پويان اوليائن، بُزرگن ۽ سندس مداحن جو دعائون آهن جو هوءَ مقبوليت جي انهي مهان پد تي آهي. اسان جي دُعا آهي ته شال سدائين سلامت هجي ۽ روح جي وسيع واديءَ جي ولهارن کي متحرڪ ۽ منور ڪرڻ جا سندس ٻهڳڻ سُر گونجندارهن. . آمين


    سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا ۽ اشتياق انصاري جي تحقيق

    سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا ۽ اشتياق انصاري جي تحقيق

    سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا جهڙي املهه ڪتاب تي ويچار ڪرڻ لاءِ سڀ کان پهرين ضروري آهي ته تاريخ، سنڌ جي تاريخ ۽ اشتياق انصاريءَ جي تحقيق تي نظر وڌي وڃي جيئن ڪتاب جي اڀياس جو حقي حق ادا ٿي سگهي.
    تاريخ، جنهن کي تواريخ، اتهاس يا هسٽري سڏيو وڃي ٿو. انهي لفظ جو مطلب سڀني زبانن ۾ لڳ ڀڳ هڪجهڙو آهي، جنهن جو مطلب آهي ماضي جي واقعات جو تٿ يا تاريخ وار احوال، مختلف واقعن ۽ وقوعن جو پاڻ ۾ ڳانڍاپو ۽ سبب. تاريخ هڪ اهڙو فن آهي جنهن وسيلي قومن جي مزاج، طاقت، ڀئو، وهمن، گمانن، سخاوتن، ويڙهاند، رسڻ پرچڻ، زير ڪرڻ ۽ زبر ٿيڻ جي منظر ڪشي ڪئي ويندي آهي. ايئن به چئي سگهجي ٿو ته تاريخ قومن کي ماضيءَ جي تصوير ڏيکاري، مستقبل بابت جاکوڙڻ جو دڳ ڏيکاريندڙ علم آهي. تاريخ لاءِ اهو عام تاثر آهي ته اها بادشاهن جي احوال تي آڌارڪ هوندي آهي ۽ تاريخ صرف بادشاهن ۽ وڏن مانهن جي ٿئي ٿي. انهيءَ مان نظر اچي ٿو ته تاريخ جي تصور جي ڪيئن ٽوڙ مروڙ ڪئي ويئي آهي، ڇاڪاڻ ته اهو تاريخ جو صرف هڪ پاسو آهي جڏهن ته باقي اڻ ڇهيل حصو وڏو آهي جنهن تي ڪم ڪرڻ جي اشد ضرورت آهي يعني اڀري طبقي جي به ڪا تاريخ ٿيندي آهي. تاريخ سياست جو بُنياد آهي ۽ سياست معاشري جو وڏي ۾ وڏو ادارو آهي جيڪو باقي ادارن تي حاوي آهي ۽ سمورا ادارا ان جي پيروي ڪن ٿا. تاريخ جو شعور قومن جي زندگيءَ ۾ رڱ ڀري ٿو ۽ روح وجهي ٿو. تاريخ جو شعور مُرده قومن کي زنده بڻائي ڇڏي ٿو ۽ بيمار قومون چاق چڱيون ڀليون ٿي پونديون آ هن.
    تاريخ ڪڏهن ڪڏهن پنهنجو پاڻ کي ورجائيندي آهي، پر اها هميشه اڳتي وڌندي رهندي آهي ڇاڪاڻ ته تاريخ وقت جي اجهل ۽ اڙٻنگ ڪميت تي سوار ٿي ڪونتل ڪڏائيندي رهندي آهي، جنهن ۾ فل اسٽاپ جو ڪو تصور ئي ناهي. تنهنڪري شاه سائين جي هي هدايت هنيين سان هنڊائڻي پوندي؛
    ٿڪيائي ٿر ٿيل، چڙهه چڪيائي چوٽيين،
    هلندي هوت پنهون ڏي، ڀئو مڙئي ڀيل،
    اُٿي رائو ريل، ويٺن تان واري وري.
    تنهنڪري هر قوم کي تاريخ جو شعور رکڻو پوندو نه ته واري وري ويندي ۽ اُها قوم پنههنجو وجود به برقرار نه رکي سگهندي.


    سنڌ جي تاريخ جا مامرا ۽ مسئلا

    سنڌ جي تاريخ جا مامرا ۽ مسئلا

    سنڌ جي تاريخ جي شروعات چچ نامي جهڙن ڪتابن کان سمجهي ويندي آهي. عرب سياحن جا سفرناما ۽ سڪندر مقدونيءَ سان گڏ آيل لکارين جي لکتن جو احوال به سنڌ جي تاريخ بابت ابتدائي مواد مهيا ڪن ٿا يا وري ميرن جي دربار ۾ ڊاڪٽرن جي روپ ۾ آيل گورن جاسوسن جون رپورٽون ۽ ڊائريون به تاريخي حوالي طور ڳڻيون وينديون آهن. ان کانسواءِ مختلف دڙن ۽ ڀڙن جي کوٽائي جا ٺڪراٺا ۽ ڦٽوڙا به وڏي تاريخي شاهدي آهن. انهن سڀني شين جي اوک ڊوک ۽ ڦلهور ڪجي ٿي ته سنڌ جي سون ورني اتهاس جا ڪيئي گمنام گوشا نروار ٿين ٿا ته گڏوگڏ ڪيئي ڪڙيون هڪٻئي سان مليل نظر نٿيون اچن جيتوڻيڪ اسانجي تاريخدانن انهن ڪڙين کي لوهارن وانگر لپيٽي ملائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جنهن ۾ ڪجهه شيون ڪنهن منطق کانسواءَ دل جي دوڙ سان ڪيل لڳن ٿيون.
    جيئن چچ نامو اصل ۾ فتح نامو آهي ۽ فتحناما لکندڙ مفتوحن جو احوال مناسب لفظن ۾ بيان نه ڪندا آهن. جاسوس صرف اهو احوال لکندا آهن جنهن لاءِ کين ذميواري مليل هوندي آهي. سياحن مان هرهڪ جي پنهنجي پهچ ۽ پنهنجو مزاج ۽ مشاهد و آهي. اڪثر سياحن من گهڙت ۽ ٻُڌل يا ٻُڌايل قصن ڪهاڻين تي به ڀاڙيو آهي. هِيُون سانگ، فا هين جي سفرنامن کان وٺي ابن بطوطه جي لکيل احوال تائين، ابن حوقل ۽ ادريسيءَ کان وٺي موجوده دور جي سياحن تائين جن جي لکت سندن سفر جي رفتار کان تيز آهي. ٺڪراٺن ۽ ڦٽوڙن جي کوٽائي به انگريزن ڪئي ۽ موهن جي دڙي جي تهذيب کي نظاري نروار ڪرڻ وارا به اُهي آهن. تنهن کانپوءِ ته نادر ۽ تاريخي شيون مختلف تاريخي ماڳن تان چوري ٿيون آهن ۽ ان ڪُڌي ڪم ۾ ٻين ڌرين سان گڏ اُهي ڌريون ۽ کاتا به شامل آهن جيڪي انهيءَ املهه ورثي جي رکواليءَ جا پاسبان ۽ ذميوار آهن. انهن سڀني ڳالهين جي پيش نظر چئي سگهي ٿو ته سنڌ جي تاريخ جو سُٽ اڃا ڪافي مُنجهيل آهي ۽ ايندڙ وقت جي مورخ کي اُن کي سلجهائڻو آهي جئين حيدرآباد کي سڀئي نيرون ڪوٽ چون ٿا پر ڪو به اها شيءَ پيرو کڻي نٿو ٻڌائي ته اُهو نيرون ڪوٽ مان حيدرآباد ڪئين ٿيو آهي؟ ديبل بندر متعلق تمام گهڻا نقشا آيا آهن جن ۾ عربن پاران ڏنل نقشا به غلط آهن ۽ اڃا تائين ديبل بابت ڪا واضح راءِ نه جُڙي آهي ۽ ڪي مؤرخ ان کي ٺٺو به لکن ٿا ته ڪي بنڀور ڪي ان جو سنڪرتي ڌاتو ”ديول“ ڄاڻائيندي ديو +آليه يعني ديون جو آستانو سڏين ٿا پر ڪنهن جو به ايڏانهن ڌيان نه ويو آهي ته بندرگاهون ۽ وسندڙ هندديون جا نه پر انسانن جا آستانا هوندا آهن ۽ ديبل عربن کان مليل لفظ آهي جنهن جو سنڌي اُچار ”ڏيپل“ ٿيندو ۽ هن وقت به ڪنهن وقت جي سنڌ نار جي ڇيڙي تي ڏکڻ اوڀر ۾ ڏيپلي جو شهر آباد آهي. تحقيق کليل هئڻ گهرجي لڪير جي فقيري صحيح نتيجا نه ڏيندي. اسان وٽ رواج ٿي ويو آهي ته صفحن جا صفحا ۽ پئراگراف پراين ڪتابن تان حوالي طور اُتاري نتيجن کي نروار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي. نتيجي طور ڪا راءِ جُڙي نه جُڙي، ڪتاب جي ضخامت ضرور جُڙي ويندي آهي. اروڙ شهر سان به ساڳي حالت آهي اروڙ ۽ روهڙيءَ جي پاڻ ۾ ڪنهن رشتي يا ڳانڍاپي کي ڳولڻ بجاءِ ڪڏهن اُن کي راوڙ ڪڏهن الرور ڪڏهن الور لکيو ويو آهي. ساڳي صورتحال هيروز جي حقيقتن کي بيان ڪرڻ دوران نظر اچي ٿي، طرفداري ڪندي ڪنهن حقيقت بيان ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي ٿو. مثال طور؛ هتان جي راءِ گهراڻي کان حڪومت منتقل ٿيڻ بابت راءِ ڏيندي صرف اِهو لکيو وڃي ته راءِ سهاسي جي وفات کانپوءِ سندس وزير چچ گادي نشين ٿيو ۽ اِهو وساري ڇڏجي ته سيلائج جي پُٽ چچ، راءِ گهراڻي جو ملازم هئڻ باوجود راءِ سهاسي جي گهرواري راڻي سونهن ديوي المعروف سُهند سان Extramarital تعلقات قائم ڪيا ۽ اُن وسيلي هُن اقتدار تي ديرو دمايو جيڪو قبضو هو ٻيو ڪجهه نه. . اهڙي طرح تاريخ ۾ سوين سوال آهن جيڪي يا ته اڻ واضح ثابتين جي ڪري نروار ٿي نه سگهيا آهن يا اسان جي محترم لکارين جي تلوار کان تکي قلم جو شڪار ٿي ڪنهن غلط رُخ ۾ هليا ويا آهن ۽ ائين ڪيئي نتيجا اهڙين تاريخي طور نروار ڪيل من گهڙتن تي به ٻڌا ويا آهن. تنهنڪري ضرورت آهي ته تاريخ، جديد سائنسي انداز سان ايمانداراڻي نموني نئين سر لکندي جئين، جئين اُها آهي تيئن تيئن نروار ڪئي وڃي بجاءِ ان جي ته جيئن اسين چاهيون ٿا ائين تاريخ لکون. اهڙي لکت تاريخ نه پر تاريخ کي تاراج ڪرڻ برابر هوندي آهي.


    اشتياق انصاريءَ جو تحقيقي ڪم ۽ُ ڪتاب ڪوٽ ۽ قلعا

    اشتياق انصاريءَ جو تحقيقي ڪم ۽ُ ڪتاب ڪوٽ ۽ قلعا

    اشتياق انصاري انتهائي جاکوڙي لکيڪ ۽ مُهم جو انسان آهي جنهن سنڌ جي تاريخ تي نيارو ڪم ڪندي انتهائي املهه 9 ڪتاب آڇيا آهن جن جي اهميت متعلق جويي صاحب جي هِيءَ راءِ ئي ڪافي آهي. “سنڌي پڻ هڪ قوم جي حيثيت سان پنهنجي دفاع، جا جتن، هر زماني ۾ ڪندا پئي آيا آهن، جنهن جي شاهدي اشتياق انصاريءَ جا هي ٻه ڪتاب “سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا” ڏين ٿا.
    اُنهن تحقيقي ڪتابن ۾ هُن روايتي تحقيقي انداز يعني ڪتابن تان ٽڪرن جا ٽڪرا اُتاري لکي ضخيم ڪتاب ٺاهڻ بجاءِ پنٿن ۽ پربتن، ڀٽن، ٿرن برن کي جهاڳيو ۽ جنهجوڙيو آهي جتي به هُو ويو آهي اُن ماڳ جون ماپون وٺڻ سان گڏوگڏ تصويري تاريخ به ڏني اٿس. تصويري تاريخ جي تمام وڏي اهميت آهي ڇو ته تصويرن وسيلي وقت سان پيدا ٿيل تبديلين جو پيرو کڻي سگهجي ٿو. اشتياق انصاريءَ جي سموريءَ تحقيقي جاکوڙ کي پڙهڻ جو ثواب۽ شرف اسان کي به حاصل آهي محقق هر هڪ ڪتاب ۾ ڪوشش ڪئي آهي ته اُنهي موضوع بابت وڌ کان وڌ معلومات پيش ڪندي، پنهنجي ڪا راءِ جوڙي. معلومات جي اِهڙي ڀنڊار جو مثال سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا ٻه ڀاڱا ۽ گورک جي گسن گاهن گهرن ۽ ماڻهن بابت ڪتاب “گورک” چٽو ثبوت آهن. گورک ايترو ته بهترين تحقيقي مواد آڇي ٿو جو مون اُن کي انگريزي زبان ۾ اُلٿو ڪيو آهي. جيئن اُهي محقق ۽ علم جا پارکو به ان املهه وٿ تائين پهچي سگهن جن جي پهچ سنڌي زبان تائين نه آهي. اهڙي طرح اوڏن تي سندس ڪيل تحقيق “اوڏ مٽي ءَ جا ڪوڏ” جو Style پنهنجي مٽ پاڻ آهي. ايئن سندس ٻيا ڪتاب “ووڙيم سڀ وٿاڻ” “ خيما کاهوڙين”، “ انيس انصاري”، “ڌرتي ماتا” به معلومات جو ڀنڊار ۽ شاندار سرمايو آهن. انهن خوبين سان گڏوگڏ اشتياق تحقيق ڪندي پنهنجي تحقيق ۾ انيڪ ۽ اڻ ڳڻيا نوان حوالا پُڻ ڄاڻائي ٿو ۽ جڏهن اُنهن تي نظر ڦيرائجي ٿي ته اشتياق جي هنن تحقيقي ڪتابن خصوصن “ڪوٽ ۽ قلعا” ۽“ گورک” بابت انهن ڪتابن جي ضخامت جيترا ڪتاب لکي سگهجن ٿا ۽ لکڻ گُهرجن. جيئن سنڌ جو پڙهندڙ ڄاڻ جي اهڙي خزاني مان لاڀ پرائي سگهي. کيس خبر پوي ته ڪوٽليا چاڻڪيا ڪير هو ۽ اُن اشوڪ ۽ ٻين جي بادشاهن کي ڪيئن متاثر ڪيو. آرڪمڊيز ڪهڙا نه شاندر اُصول بيان ڪندي ماڻهن کي جيڪا واٽ ڏيکاري هئي. تنهن ڪيئن اڄ جي جديد بحري Transportation کي ناممڪن مان ممڪن جو روپ ڏنو. هنيبال ڪير هو؟ 215 ق. م ۾ سيراڪوس جي حملي ۾ ڪتب آندل سمبوڪي جهاڙ ڪهڙا هوندا هئا؟ تنهنڪري چئي سگهجي ٿو ته اشتياق انصاري جنهن پاتار مان پيهي معلومات جا موتين جي ميڙا چونڊي ڪندي، سنڌ کي جيڪي املهه موتي آڇيا آهن، تن جي جيترو اوک ڊوک ڪبي اوترو اُنهن جي روشني وڌندي ۽ نت نيون راهون روشن ٿي پونديون.
    سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا جُلد ٻيو، سنڌ جي 17 ڪوٽن ۽ قلعن جو احوال پيش ڪري ٿو. ليکڪ قلعن جي ڪَڇَ ماپ ڪندي اُنهن جي Design بابت اسڪيچ ڏنا آهن ۽ اُنهن ارڙهن ڪوٽن ۾ مشهور ڪوٽن سان گڏوگڏ اُهي گمنام ڪوٽ به شامل آهن جن نالو به اسان مان ڪيترن پهريون دفعو ٻُڌو يا پڙهيو هجي. هڪ شئي جڏهن هِن ريت اُپٽار سان سامهون اچي ٿي ته پوءِ اُن بابت وڌيڪ تحقيق لاءِ انيڪ درواز کلي ٿا پون. اشتياق انصاري ڪوٽ ۽ قلعا جي پهرئين جُلد ۾ 19 ڪوٽن جو احوال ڏنو آهي اُن ۾ ساڳي محنت ۽ جاکوڙ سان موضوع تي قلم کنيو آهي. پر هِيءُ ٻيو جُلد ڪوٽَ تي ڪوٽُ آهي جنهن ۾ ڪوٽن ۽ قلعن کي سمجهڻ لاءِ اُنهن جي پس منظر کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندي سنڌ جي تاريخ جي معلومات پيش ڪئي ويئي آهي. تنهنڪري بقول محمد ابراهيم جويي صاحب جي هِيءُ ڪتاب سرس ۽ سَوايو آهي. هِن ڪتاب جي پيشڪش جو انداز به بهترين آهي ۽ ڪوشش ڪندي ليکڪ هر قلعي جي بيهڪ جي GIS به ڏني آهي جيئن اُن جي تُز هند جو تعين ڪري سگهجي ڇاڪاڻ ته هِي تاريخي نشان آهستي آهستي ميساربا وڃن پيا ۽ ڪنهن وقت شايد ايئن ڪتابن ۾ پڙهيا وڃن جيئن اڄ تعليمي نصاب ۾ Dinosaurs جو احوال پڙهايو وڃي ٿو.
    جس لائق ۽ واکاڻ جي مستحق سنڌيڪا اڪيڊمي جنهن هِيءُ علمي پورهيو پڙهندڙن تائين آندو. سنڌيڪا اڪيڊميءَ جي روح روان نور احمد ميمڻ کي اُنهي خدمت لاءِ جس ڏيڻ گُهرجي جنهن جون سنڌي ڪتابن جي معياري ڇپائي لاءِ ڪوششون ڪنهن کان به ڳجهيون ناهن.
    ڄاڻ جي هن هيرن کاڻ کي ذري پُرزي پڙهڻ کانپوءِ آئون گذارش ڪندس ته هِن قسم جا ڪتاب تاريخ جا اساسي ڪتاب آهن ۽ اهڙن بُنيادي ڪتابن ۾ ؛
    ● تاريخي نالا ڄاڻائيندي اسان جا اڪثر ليکڪ هڪ غلطي ڪن ٿا ۽ اُها غلطي کين ورثي طور انگريزن جي لکيل تحريرن وسيلي ملي آهي ۽ انگريزن جي تحقيق جا ماخذ سنسڪرت ۽ ڏيهي ٻولين جون لکتون آهن جن ۾ اِسمن جو آخري پَدُ متحرڪ هوندو آهي ۽ انگريزن اُن کي رسم الخط ۾ متحرڪ رکڻ لاءِ a جو وڌارو ڪيو آهي ۽ رام کي Rama ۽ اشوڪ کي Ashoka. اسان جي فاضل ليکڪن وري ترجمو ڪندي اُها حرڪت a جي آواز سان برقرار رکي آهي جيڪا دُرست نه آهي جيئن:
    اشوڪ کي اشوڪا، مگڌ کي مگڌا، گُپت کي گپتا، راڻي ڪونڀي کي راڻا ڪُمبا، رامائڻ کي راماينا
    مهاڀارت کي مهاڀارتا، ارٿ شاستر کي ارٿ شاسترا.
    اِن جو نتيجو اُهو ٿو نڪري جو پوءِ اُهي لفظ مروج ٿي لکتي سلسلي جو حصو بڻجي وڃن ٿا.
    ● ڪوٽ ۽ قلعي ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ ڇا صرف لفظن جو فرق آهي يا ڪو فني ۽ بناوتي فرق به آهي؟
    ● ڪوٽن جا قسم بيان ڪندي لفظ درگ ڪم آندو ويو آهي سڄي برصغير ۾ ڪنهن به قلعي يا ڪوٽ تي اهو لفظ نالي جي اڳاڙيءَ يا پڇاڙيءَ طور مستعمل آهي يا نه؟
    ● ٽالپرن جا قلعا صرف رهائشي قلعا نه آهن ۽ اُنهن جي بيهڪ ۽ بناوت مان ظاهر آهي ته اُنهي جو پهريون مقصد دفاع آهي. ٿر جا سمورا ڪوٽ ۽ قلعا اهڙيءَ ترتيب ۾ آهن جو ٿر جي ٻنهي طرفن يعني ڏاکڻي حصي ۽ اُترئين حصي جي نظرداري ۽ دفاع ڪري سگهجي ٿو. اِهڙيءَ طرح اڇڙي ٿر جي قلعي کي انگريزن پاران جبرالٽر سڏڻ به چٽو اُهڃاڻ آهي ته ميرن جي قلعن جي پهرين ترجيح دفاع آهي.
    ● لفظ بنڀور جي معنيٰ ”ڳاڙهو“ لِکي ويئي آهي جيڪا تحقيق طلب آهي.
    ● دفاعي ڪوٽن ۽ رهائشي ڪوٽن ۾ جيڪو فرق نظر اچي ٿو اُهو اُنهن جي بناوت، بُرجن ۽ مارن مان آهي. خاص طور دروازي جي بناوت، دفاعي ڪوٽ جو دروازو ڏيڍي وانگر ٺاهيل آهي جيئن سڌو نظر نه اچي ۽ دُشمن اندر داخل ٿيڻ لڳي ته به اُن تي حملو ڪري سگهجي.
    ● ڪوشش ڪري ڏند ڪٿائي ڳالهين کي تاريخي تحقيق کان ڇنڊي ڇاڻي ڌار ڪرڻ گهرجي ۽ جديد سائنسي دور ۾ ”گلان مان گل ٿيو“ ۽ ”چيچ سيد هٿ ۾“ جهڙين ڳالهين جي ڪا اهميت ناهي.
    ● موزيڪانس لفظ مقدوني ليکڪن ڪم آندو آهي ۽ اُنهن ليکڪن پاران ڪتب آندل لفظن کي يوناني زبان جي پس منظر ۾ جاچيندي، سنڌي نالن جو پيرو کنيو وڃي جيئن تحقيقي لکتن ۾ نالا دُرست صورت ۾ نروار ٿي سگهن.
    ● اگهِم ڪوٽ ۽ اگهاماڻو به الڳ لفظ آهن اگهم ڪوٽ خاص عمارت جو نالو جڏهن ته اگهاماڻو سمورو علائقو آهي جيڪو اگهم جي بادشاهي هيٺ هو.
    ● سڀني ڪوٽن جي اڀياس کانپوءِ معلوم ٿئي ٿو ته َ راڻيءَ جو ڪوٽ يا المعروف رني ڪوٽ سڀني کان نيارو آهي جيڪو سنڌ جي ديوار چين آهي ۽ هن ڪوٽ تي وڌيڪ تقابلي اڀياس جي ضرورت آهي ۽ اسان کي اُميد آهي ته اسان جا فاضل محقق جيئن بدر ابڙو آهي، اشتياق انصاري آهي يا سيد حاڪم علي شاهه آهي، هن ڪم کي اڳتي وڌائيندا جيتوڻيڪ سندن اِن بابت ڪيل ڪمپڻ تحسيِن لائق آهي.
    ● ٿر جي قلعن بابت وڌيڪ تفصيل سان ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.
    ● ڇپائيءَ جي غلطين تي ڌيان ڏنو وڃي.

    جس هجي محترم اشتاق انصاريءَ کي، جنهن اهم موضوع بابت ههڙو ڪتاب لکيو. هي ڪوٽ ۽ قلعا جيڪي تاريخي اُهڃاڻ آهن پر اهي صرف حاڪم فردن يا قومن جي تاريخ جو اُهڃاڻ آهن سي ياد ٿا ڏيارين ته حاڪم سدائين عوام کان الڳ مخلوق ٿي رهيا آهن ۽ سندن قلعبندي ۽ isolation جديد وقت ۾ به جاري آهي ۽ غريبن ۽ محڪومن لاءِ سندن ڪوٽن ۽ قلعن تائين اڄ به پهچ ناممڪن يا مشڪل آهي پرقلعبندي جو اهو اُهڃاڻ ٻڌائي ٿو ته محڪوم به ڪڏهن بدلجي حاڪم ٿي پوندا آهن ۽ ڌرتيءَ جا ڌڻي ڌرتيءَ جي رکوالي ڪندا آهن ته پوءِ ڌاريا حاڪم اجگر قلعن جي باوجود پنهنجو وجود باقي رکي نه سگهندا آهن. سڪندر مقدوني به هتي آيو پر اڄ سندس پونيرن مان ڪنهن کي به پتو ناهي ته اسين سڪندر جو اولاد آهيون جڏهن ته سيوهڻ اڄ به اُتي موجود آهي ۽ اها ڳالهه اسان کي وڌيڪ همٿائي ٿي ته پنهنجي ڌرتيءَ سان ۽ وطن سان پيار ڪريون ۽ قدرت جي انهي تبديلي جي قانون ۾ ويساهه رکون


    موسيقي، سنڌي موسيقي ۽هالُوچالُو هنگامه خيز موسيقي!

    موسيقي، سنڌي موسيقي ۽هالُوچالُو هنگامه خيز موسيقي!

    ڪائنات جي جوڙ ۽ جنسار تي ويهي ويچاربو ته سموريون تخليقون ڪنهن نه ڪنهن ترتيب ۽ تال ميل سان نظر اينديون. بلئڪ هول کان وٺي سانجهي تاري تائين، هماليه جبل کان وٺي ٿر جي جهر ڪلي ڀٽ تائين، وينزويلا جي آبشار کان وٺي ننگر پارڪر ۾ ارڙاٽا ڪري وهندڙ ڀٽياڻي نديءَ تائين، مغرب جي مٺڙيءَ هوا کان اتر جي ٿڌڙي هير تائين. ڪڪرن جي گسڻ سان ٿيندڙ گجگوڙ ۽ کنوڻ جي کجڪي کان وٺي معصوم کير پياڪ ٻڪري جي ڦر جي ٻيٻراٽ تائين، نظر ايندڙ اڻ کٽ مظهر هڪڙي ترتيب جي ثابتي واري ڪاغذ تي پنهنجي وجود سان مهر ثبت ڪندي پوري جهان تي اهو واضح ڪن ٿا ته اسان ۾ ڪا نه ڪا ترتيب آهي ۽ انهي ترتيب جي ڪري اسين دنيا لاءِ اهڙي اجهل ڇڪ رکون ٿا، جنهن مان ڪو به ذي الشعور پنهنجو پانڌ ڇڏائي نه ٿو سگهي. انهي ترتيب ۽ تال ميل جي ڪري اسان جي هيءَ سموري ڪائنات قائم ۽ دائم آهي، جنهن ۾ ڪروڙين ڪهڪشائون آهن هر ڪهڪشان ۾ سوين ستارا آهن، هر ستاري جي چوڌاري ڪيئي گرهه يا سيارا عاشقن وانگر طواف ڪندي نظر اچن ٿا ۽ انهن گرهن جي ارد گرد ڪيئي اپگرهه چڪر هڻي چڪور ۽ چنڊ وانگر هڪ ٻئي جي تعلق کي چٽو ڪري رهيا آهن. ان کان علاوه بلئڪ هول نالي خال نما آسماني جسم ۾ به هرڻ ۽ هُماءَ وانگر سنسار ۾ سرگردان آهن، انهن ۾ جيڪا ڪشش ۽ جيڪو قرب آهي، انهي پويان جيڪا ترتيب ۽ تال ميل ڪار فرما آهي، تنهن کي موسيقي چئجي ته واڌاءُ نه ٿيندو، ڇو ته موسيقي جنهن کي سر سنگيت به چيو وڃي ٿو، تنهن جي پر پيچ فني باريڪين کان هٽي ڪري جيڪا وصف يا واکاڻ ڪئي ويندي ته سٺي ترتيب Composition جو نالو ئي مناسب رهندو.
    ٿر جو سريلو فنڪار ۽ ان کان وڌ رسيلو انسان مرحوم صادق فقير چوندو هو ته هيءَ سموري ڪائنات موسيقي سان ٽمٽار آهي. ڪائنات جي سڀني رنگن سان سر جو سنگ ساٿ رهيو آهي ۽ اها ئي سريلائي آهي جيڪا هڪڙي جينيئس کان وٺي اٻوجهه ماڻهو تائين هر ماڻهو کي موهي. پنهنجي مٺڙي منڊ ۾ منڊي متاثر ڪندي رهي آهي. شينهن جڏهن گجگوڙ ڪري ٿو ته ان سان به هڪڙو سر پيدا ٿئي ٿو پر سر جي انهن آلاپن ۾ دهشت ۽ دٻدٻو سمايل آهي، جيڪو هر ٻڌنڌڙ کي ڌوڏي وجهي ٿو تڏهن ئي ته شينهن کي جهنگل جو بادشاهه، چندن جي وڻ کي ٻيلي جو بادشاهه، سورهيه کي سينا جو سر موڙ ۽ سپوت کي راڄ جو سرواڻ چوندي، ڪنهن هندي شاعر ڪهڙي نه عقل واري ڳالهه ڪندي چيو آهي ته،
    شينهان کا کالو نهين، نهين چندن ڪا باغ
    سور ماڪي سينا نهين، نهين سپوتان ڪا راڄ
    يعني شينهن جو ولر نه هوندو آهي، چندن جو باغ نه ٿيندو آهي، ٻه وڻ به هڪ ٻئي جي سرهاڻ جي سٽ نه سهندي، سڙي خاڪ ٿي ويندا، اهڙي طرح سپهه سالارن يا بهادرن جي فوج نه هوندي ۽ هر راڄ ڀاڳ ۾ سپوت به ڪي ڳاڻ ڳڻيا هوندا. ڳالهه هلي پئي سر سنگيت جي ته سر يا موسيقي دنيا جي هر وٿ ۾ موجود آهي، پوءِ ڪٿي اها سُريلي آهي ته ڪٿي بي سُري ۽ ڪٿي وري اها ڪُسري صورت اختيار ڪري ٿي، توهان مان جن ٿر کي مينهن جي مند ۾ مشاهدي جي اک سان مناڙيو هوندو انهيءَ تي موسيقي جي موسيقيت بلڪل واضح ٿي ويئي هوندي. جڏهن اتر ۾ ڪڪر سهڻيون سهڻيون ڪنڊرون ٺاهي، برج ڪڍي مانڍاڻ منڊي وسڻ جا ويس ڪن ٿا ته اهي اڀ جي اڇي اڱڻ تي قدرت جي ڪار سازي واري قلم سان لکيل انتهائي حسين موسيقي جي لکت محسوس ٿين ٿا، پوءِ جڏهن اهو مانڊاڻ عروج تي پهچي و ته بادل پاڻ ۾ ڀاڪر پائڻ شروع ڪن ٿا ۽ گوڙن جا گجگاٽ ٿيڻ شروع ٿي وڃن ٿا ۽ کنوڻ جي کجڪي کي ڏسبو ته اهو ان چُميءَ جهڙو نظر ايندو، جيڪا چاهيندڙَ، پيار جي پهرين پنج ڪڻي ونڊيندي هڪ ٻئي ۾ ورڇيندا آهن تنهن کان پوءِ وڏ ڦڙو وسڻ شروع ٿي وڃي ٿو، جنهن ۾ ڇنڊُن (ڦڙين) کي غور سان ڏسبو ته اُهي به باجي جي ڪارن ۽ اڇن سرن وانگر ترتيب ۾ نظر اينديون، انهي سموري عڪس کان پوءِ جڏهن وسندڙ مينهن دوران ڪٿان سج جي روشني اک ڪڍي ٿي ته ڏانگڙو يا انڊلٺ ٺهي ٿو، جنهن جا ست ئي رنگ ائين ته پيارا محسوس ٿيندا آهن ڄڻ تان سين فتح پور سيڪريءَ جي اڪبري مجلس گاهه ۾ ڪا تان لڳائي هجي. اها سموري تصوير موسيقي نه آهي ته ٻيو ڇا آهي. ؟
    سنڌو ندي هماليه جبل کان نڪرندي ارڙهن سو ميلن جو مفاصلو طئي ڪندي تانون ۽ پلٽا هڻندي، کاري ڇاڻ وٽ جڏهن سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي ته تنهن وچ ۾ انهي البيلي دريا جا ڪيئي رنگ نظر اچن ٿا، ڪٿي اها چاندي جي پٽيءَ جهڙي ڏسڻ ۾ اڇي ٿي ۽ ڪٿي، انهي ۾ هيبت ۽ دهشت آهي ته ڪٿي انهي جي سُر کي ڪُسر ڪرڻ لاءِ ڪالاباغ ڊيم جهڙا بد سُر لڳايا وڃن پيا ۽ ڪٿان وري ان جي پوتر پاڻي کي پوليوٽ ڪرڻ لاءِ تمام گهڻي انداز ۾ ڪن ڪچرو اڇلائيندي سُر جي سنگ کي بي آهنگ ڪيو ويو آهي، جنهن اهو شير درياءِ يا اباسين پنهنجي مٺي نور جي مشاهدي سان تصور جي ٽجوڙيءَ ۾ محفوظ ڪيو هوندو. اهو ئي سمجهي سگهي ٿو سنڌو جي وهڪري ۾ به ڪا موسيقي آهي.
    دنيا ۾ جڏهن هوا لڳي ٿي ته پن پن چُرِي ڪو نه ڪو پڙلاءُ پيدا ڪري ٿو، انهي پڙلاءَِ تي به غور ڪبو ته اها سر سراهٽ به موسيقي محسوس ٿيندي ۽ انهي واڄٽ جي وڄت ۾ اهڙو ته سحر ۽ نشو آهي، جو هر جيءُ انهي جو هيراڪ ٿي پيو آهي. ٿورو وقت هوا نه ٿي لڳي ته ماڻهو جو ساهه ٿو ٻوساٽجي ۽ من ۾ مونجهه ٿيڻ لڳي ٿي. اهڙي طرح مصور جو قلم ۽ بت تراش جو هٿوڙو جڏهن متحرڪ ٿين ٿا ته ڪاغذ ۽ پٿر به منجهس موسيقي ٿي پون ٿا، ڪٿي موناليزا ٺهي ٿي ته ڪٿي وري اجنتا ايلورا ۽ کجور اهو جهڙا من موهيندڙ ڏيک ظهور پذير ٿي پون ٿا، هڪ رازي جي ڪاريگري ۽ انجنيئرنگ جڏهن موسيقي جو روپ ڌاري ٿي ته تاج محل تخليق ٿي پوي ٿو، پوءِ ان کي ساحر جهڙو سهڻو شاعر غريبن جي محبت جو مذاق سڏي ته ڀلي سڏي پر ان جي سونهن تي ۽ سُريلائي تي سڀئي سهمت آهن. اها ئي موسيقي جڏهن تندن ۽ تارن جي اوٽ مان ليئا پائڻ لڳي ٿي ته اها بيٿوون ۽ باخ جي لافاني ڌُنن جو روپ ڌاري ٿي، جڏهن بسم الله خان جي شهنائي جا سر گونجڻ لڳن ٿا ته هي سموري ڪائنات ستيم، شوم ۽ سُندرم جو جيئرو جاڳندو مثال بڻجي پوي ٿي. حضرت نظام الدين اولياءِ جي مقرب ماڻهو امير خسرو جي معرفت موسيقي نڪري نروار ٿئي ٿي ته ڪيئي مٺڙا ٻول ۽ سهڻيون بندشون وجود وٺن ٿيون. جيڪي زماني جي مڙني حادثن کان بي نياز پنهنجي دامن ۾ اها دستگيري سانڍيو اچن، جيڪا سوين سال اڳ منجهن هئي. جن جي ٻڌڻ سان روح جو روڳ ۽ اندر جو ايذاءُ ختم ٿي ويندو آهي. پنڊت وري شنڪر جي ستار جا سريلا سر اڄ به ٻڌجن ٿا ته دل جي ڌڙڪن وڌي پوي ٿي ۽ پير ازخود چرپر ڪري چرڻ لڳن ٿا، اهي سُر ئي هئا جنهن جي سگهاري شمشير کي ڪم آڻيندي ٻيجل جهونا ڳڙهه جي سخي بادشاهه ۽ سورٺ جي سهاڳ راءِ ڏياج جو سِر ورتو هو. انهي سُر جي سٽا بابت ننڍي کنڊ جي بهترين غزل سنگر استاد مهدي حسن جو چوڻ آهي ته سر جي فريڪوئنسي جيڪڏهن ٻي ڪنهن شي جي فريڪوئنسي سان ملي ويئي ته اها شيءَ ائين ٽٽي پوندي جيئن پچڻ کان پوءِ گوندر ول ٽٽي پوي ٿي تڏهن ئي ته ڀٽائي سسئيءَ واتان چيو آهي ته :
    سورن سانڍياس، پورن پالي آهيان
    سکن جي سيد چئي، پکي آئون نه پيايس
    جيڪر آئون هياس، گري گوندر ول جي
    موسيقي ۾ وڏو اعجاز ۽ ڪمال آهي اها پنهنجي اثر سان ماڻهو کي بي خود ڪندي ۽ پاڻ ڀلارائي ڇڏائيندي آهي، انهي بيخودي واري انگ سان تعلق رکندڙ هڪڙو واقعو ياد اچي ٿو اهو به هلندي هلندي ٿي وڃي ته بهتر، ڪجهه سال اڳي پاڪستان جي مشهور ڪلاسيڪل ناچڻي محترمه شيما ڪرماني ٿر گهمڻ آئي، سندس مقصد ڀٽائي جي سر راڻي تي ناچ ترتيب ڏيڻ هو، مٺيءَ ۾ هڪڙي مختصر محفل جنهن ۾ صادق فقير ”راڻي“ کي ڳائي رهيو هو، شيما ڏاڍي ڌيان سان ان کي ٻڌي رهي هئي، شيما تمام سادي عورت آهي، سندس وار مٿي تي چوٽي جي صورت ۾ سادي نموني ٻڌل هئا، پر جڏهن رات جي پوياڙي ۾ صادق راڻي جا سر ڇيڙيا ۽ ان جاءِ مٿان تڪيندڙ اڀ تي مومل جو بيچين روح لهي آيو ته شيما ان ۾ ايترو بيخود ٿي ويئي جو هن هيترن ويٺل ماڻهن کان بي نياز ٿي پنهنجا وار ڇوڙي ڇڏيا هيا ۽ سندس پير مسلسل هڪڙي تال ميل سان لڏي رهيا هئا، اهو آهي موسيقي جو اثر جيڪو ماڻهو کي ليڪا لنگهائي نت نيون دنيائون گهمارائي ٿو، تڏهن ئي ته چيو ويندو آهي ته راڳ ويراڳ آهي، پر راڳ ويراڳ هئڻ سان گڏوگڏ روح جو پسنديده کاڌو پڻ آهي ۽ ان کاڌي ۾ جيڪڏهن پريم رس کي ملايو وڃي ٿو ته بنهه بهترين ٿيو وڃي ڇو ته پيار بنا دنيا جي هر شي ٻوکي ٻوکي ۽ اسونهين ڀاسي ٿي، جيئن هي ٻول ٻڌائين ٿا :
    ان مڌ، ڌن مڌ، راڄ مڌ، وديا مڌ انهد
    جا ڪوتن آيو راڳ مڌ، اور مڌ سڀ رد
    ان مڌ، ڌن مڌ، راڄ مڌ، وديا مڌ انهد
    پريم مڌ بن اي گُني، راڳ مڌ ڀي هي رد
    تنهن ڪري اڄ تائين پريم رس وارو ڳائڻ اربين ماڻهن کي متاثر ڪندو رهيو آهي، تڏهن ئي ته فرانسيسي ۽ ٻيا يورپي ماڻهو خميسي خان ۽ مصري خان جي الغوزي تي مست الست ٿي پون ٿا، عابده پروين جي جهومڻ، نصرت فتح علي خان جي جديد قديم واري سنگم ۽ استاد مهدي حسن جي غزل تي لکين دليون ڌڙڪي، بي خود ۽ بي سڌ ٿي پون ٿيون. اڄ به برصغير ۾ ملڪه پکراج بيگم اختر، استاد بڙي غلام علي خان، سلامت علي خان، امانت علي خان، اسد امانت علي خان، استاد محمد جمن، محمد يوسف، اقبال بانو۽ نيره نور جا لکين متوالا ۽ مداح آهن. نئين ٽهي ۾ وري صادق فقير، علي حيدر، ٽيناثاني، بنجمين ڀينرون، زوهيب ۽ نازيه حسن جي سُر لاءِ سوين ماڻهو سڪن ٿا، عوامي آکاڙي جا اهم ڪردار ڊرائيور، هوٽلن وارا ۽ ٻيا عام ماڻهو جلال چانڊيو، فوزيه سومرو، شازيه خشڪ، تاج مستاني ۽ ٻين انيڪ لوڪ فنڪارن لاءِ عقيدت رکن ٿا، انهي سموري عقيدت پويان موسيقي جو معجزو ڪار فرما آهي. موسيقي جيڪا نه هندو آهي نه مسلمان نه سنڌي نه غير سنڌي، موسيقي موسيقي آهي ۽ جيڪا بين الاقوامي زبان آهي، جنهن کي محسوس ڪري سگهجي ٿو موسيقي هڪڙو آفاقي قدر آهي، جيڪو ازل کان وٺي سموري ڪائنات کي متاثر ڪندو رهيو آهي ۽ ابد تائين متاثر ڪندو رهندو
    . سنڌ ۾ ڪافي، بيت، ڏوهيڙي ۽ لوڪ گيت جو راڄ رهيو آهي. اڄ تائين ڳائڻ جا اهي رُوپ سنڌي ماڻهوءَ مان سيسراٽ ڪڍي ٿا ڇڏين. انهي ميراث کي اڳتي ايندڙ نسلن تائين وڌائيندڙ فنڪارن جو تعداد به ڏينهون ڏينهن گھٽجندو وڃي پيو، نتيجي ۾اهو شاهوڪار سماجي ورثو منتقل ٿيڻ مشڪل ٿيندو پيو وڃي. اڳي سنڌي راڳ روح جي راحت هُوندو هو پر هينئر مختلف چئنلز تي راڳ جي نالي ۾ هلندڙ مسخري ڏسي لڳندو آهي ته ڪا جسمن جي نمائش آهي يا ڪپڙن جوڪاروبار آهي. اڳي اُستاد هوندا هئا جيڪي محنت ۽ رياض ڪرائي شاگردن کي ڪندن بنائي ڇڏيندا هئا. هينئر هرهڪ پاڻ استاد بنجي محنت ڪري راڳ پچائڻ جي بجاءِ رپيا ڪمائڻ جي ڪل وارو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، جيڪڏهن اها مشق جاري رهي ته سنڌي موسيقي وڃي ريڊيو پاڪستان جي لائبريريءَ ۾ رهندي ۽ اسان کي ٻُڌڻ لاءِ جيڪي ٻيو ڪجهه ملندو اُهو موسيقي بجاءِ ٽي ڪا وٿ هوندي پر موسيقي نه هوندي يا علي احمد بروهي مرحوم جي لفظن ۾ موسيقيءَ سان نه رڳو پاپ بلڪه مها پاپ هوندو.
    تنهنڪري خريد ۽ فروخت جي هن خوني دور ۾ انهن سڀني ڌرين جو جيڪي موسيقي جي اوسر ۾ ڪونه ڪردار نباهي رهيون آهن اهو فرض ٿو بنجي ته اُ هي پنهجي پنهنجي ميدان ۾ خيال کان ڪم وٺندي، سنڌي موسيقيءَ کي بگاڙڻ کان بچائين ۽ پنهنجي پنهنجي پيشڪش ۾ ڪواهڙو رنگ رکن جنهن جي سنگ سُر سنگيت جو هي سرور بخش سفر سڦلو بنجي ۽ اسين پنهنجي وٿن کي وڃائن کان بچون. ان ڪم ڪار ۾ سنڌي ٽي وي چئنلز جو سڀ کان اهم ۽ نازڪ ڪردار آهي. اُهي چاهين ته سنڌي موسيقيءَ کي سنواري ۽ سڌاري سگهن ٿا، جيڪڏهن انهن هن ڪم ۾ خيال نه رکيو ته سنڌ انهن سُرن کي سڪندِي جيڪي سنڌ جي سڃاڻپ آهن.


    سنڌ جو تعليمي منظرنامو؛ بگاڙ جا سبب ۽ ان جا حل

    سنڌ جو تعليمي منظرنامو؛ بگاڙ جا سبب ۽ ان جا حل

    سنڌ جنهن جي ٻوليءَ جي قدامت کي جڏهن ڏسجي ٿو ته محسوس ٿيندو ته اها ڪيتري شاهوڪار ۽ گڻوان آهي، ان جي رس چس کي هرهڪ اڄ به محسوس ڪري سگهجي ٿو. موهن جي دڙي مان لڌل مهرون هن قوم جي قدامت ۽ تعليمي حيثيت ۽ قد ڪاٺ کي ظاهر ڪري ٿي. مهرڳڙه جي قديم آثارن مان لڌل سامان مان پروڙ پوي ٿي ته هتان جي ماڻهن ڪيئن پنهنجو پاڻ کي علم جي اوت سان واڳيو هو ۽ سندن علم جي انهي اوج باقي دنيا کي به جوت ۽ جلا بخشي هئي. هتي جي ماڻهن دنيا م سڀ کان پهريائين جهنگلي شين کي گهريلو بنايو. ڪجهه ٻوٽا گهرن جي زينت بنيا ۽ مال پالڻ جي ڪرت شروع ٿي. انهي وقت باقي دنيا جيئرو جاڳندو جهنگل هئي. جهنگل ۾ منگل مچائڻ وارا سنڌي لوڪ هئا جن جي علميت، صفائي سٿرائي، اڏاوتي ڪاريگري ۽ مهذب پڻو تمام اعلى درجي جو هو جنهن جي شاهدي اڄ به موهن جي دڙي جون کنڊراتي وٿون ڏين ٿيون تنهنڪري سڄ کي ڏيکارڻ لاءِ ڪنهن ٻي ثابتي جي ضرورت ناهي ڇوته سڄ پنهنجو پاڻ وڏي حقيقت آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته هاڻي جيئن موهن جي دڙي ۾ سڃ وسي ٿي تيئن سنڌي سماج ۾ به ڪاريءَ وارا ڪک لڳا پيا آهن، نه اها تهذيب آهي نه ان تهذيب جا رکوالا، هاڻي موڪريون گهٽيون ٺاهڻ جي بجاءِ ماڻهن پنهنجي گهٽين ۾ غسلخانا ٺاهي گهٽين کي ايئن بند ڪري ڇڏيو آهي جو اتان بيمارن ۽ لاشن کي کڻڻ واري لاري به لنگهي نٿي سگهي. سهپ ائن موڪلائي ويئي آهي جو هرهنڌ ماڻهن جا هڪٻئي جي جهنڊن ۾ هٿ آهن، قرباني، سخاوت، ننگن تان نثار ٿيڻ ته شاه جي شاعريءَ جي خزاني جي ٽجوڙيءَ ۾ محفوظ آهن پر انهن املهه وٿن تائين پهچ جي ڪنجي يعني سنڌي ٻولي به اڄ جي پاڻ کي سڌريل سڌريل سمجهندڙ سنڌي طبقي جي ترجيح نه رهي آهي، سندن اولاد جن اسڪولن ۾ پڙهي ٿو اهي اسڪول توڻي ڪاليجون سنڌي ٻوليءَ کي مڙئي گاه گهٽ ٿا وجهن. انهن ادارن ۾ پڙهندڙ ٻار پنهنجي مائرن کي، امان جهڙي مٺڙي ۽ رسيلي لفظ سان پڪارڻ جي بجاءِ ممي سڏين ٿا ۽ مائٽ وري ٻارن کي پٽ يا پٽڙا چئي سڏڻ جي بجاءِ، بيٽا سڏين ٿا. اهو لاڙو اسان جي ذهني غلامي جي شاهوڪاريءَ کي ظاهر ڪري ٿو. انگريزي، اردو، عربي، چيني يا فارسي پڙهڻ تمام سٺي ڳالهه آهي پر سنڌي جي نڙيءَ تي ايئن ننهن ڏيڻ تاريخي ڏوهه آهي جيڪو اسان جي نسلن کي تاراج ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي، ڪنهن ويريءَ کي ڪو وار ڪرڻ جي ضرورت ناهي. سنڌ جي تعليم جو سلسلي جو سلسلو آمريءَ جي تهذيب، موهن جي دڙي جي سڀيتا، ٻڌ مت جي ٻهڳڻ ۽ پر امن پرچار، راءِ گهراڻي جي شرافت، برهمڻ دور جي حرفت ۽ ڪاريگري، عربن جي پرڏيهي اثر، سومرن، سمن، ارغونن، ترخانن، مغلن، ڪلهوڙن، ٽالپرن ۽ انگريزن جي دور کان وٺي موجوده دور تائين پکڙيل آهي. انهي سموري تاريخي پس منظر ۾ نظر ايندو ته سنڌ جي تعليم ڌارين جي هٿن ۾ اچڻ وقت سدائين نقصان کاڌو آهي. ڏيهي عالمن جيڪا وڄا ونڊي ورڇي آهي تنهن ماڻهن جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. باقي سنڌ جي تاريخ سان جن به ڌارين هٿ چراند ڪئي آهي تن کي علم ۽ ڏاهپ وارا صرف ڌاريا نظر آيا آهن. ڏيهي ماڻهن کي ڄٽ ۽ ڪارا سڏيو ويو آهي. ويد ته سنڌي عالمن لکيا هئا پر انهن ويدن جا ليکڪ وري آرين کي چيو ويو آهي. آريا ته هئا ئي ڪانه پوءِ انهن ويد ڪيئن لکيا. مقامي علم ۽ تاريخ کي ڌوڙ ڪرڻ خاطر نوان نظريا گهڙي، آرين جهڙي عنقا مخلوق کي تاريخ جو حصو بنايو ويو. انهي سموري شاندار ماضيءَ جي باوجود، اڄ سونهاري سنڌ جيڪو ڏيک ڏيئي رهي آهي تنهن ۾ موهن جي دڙي جي مهذبپڻي جو ڪٿي نالو نشان به نظر نٿو اچي.
    سنڌ ۾ تعليمي ادارن جي قدامت کي ڏسجي ٿو ته ان ۾ موهن جي دڙي جي اسٽوپا سان ملحق رهائشي ڪوارٽر ۽ جين مت وارن جو گوڙي وارو ڏهرو رهائشي تعليمي ادارن جو مثال پيش ڪن ٿا. برهمڻن به پاٺشالائون قائم ڪيون، وديالا اڏايا جن ۾ سڀني بنيادي علمن جي تعليم ڏني ويندي هئي. مندر سندن تعليمي سرگرمين جو محور هوندو هو جتي مذهبي ڄاڻ سان گڏو گڏ سماجي علم پڻ پڙهايا ويندا هئا. اهڙيطرح عربن جي دور کان مدرسن جي شروعات ٿي ۽ ٽالپرن جي واريءَ تائين اهي مدرسا ڪافي ترقي ڪري چڪا هئا جن ۾ قرآن، صرف ۽ نحو، منطق، تفسير جو علم، نجوم، ابجد، جفر ۽ رمل جهڙا علم پڙهايا ويندا هئا. ٽالپر راڄ کانپوءِ، گوراشاهي قائم ٿي جن جديد تعليم کي جيئن سموري اُپکنڊ ۾ رائج ڪيو تيئن سنڌ ۾ 1845 ع ۾، ڪليڪٽر پريڊي، چرچ مشن اسڪول قائم ڪيو. پهرين سنڌي ڊپٽي ايجوڪيشنل انسپيڪٽر، نارائڻ جڳنناٿ ويديه جي نالي تي به اسڪول قائم ٿيو جيڪو اڄ به اين. جي. وي اسڪول جي نالي سان آهي. 1858ع ۾ حيدرآباد ۾ پهريون هاءِ اسڪول قائم ٿيو جيڪو اڳتي هلي نورمحمد هاءِ اسڪول جي نالي سان نامڪاريو ويو. 1859ع ۾ ڪراچي ۾ سينٽ پئٽرڪ ۽ سينٽ جوزف نالي سان اسڪول کليا. 1853ع ۾ شڪارپور ۾ سنڌ جو پهريون پرائمري اسڪول کوليو ويو. 1855ع ۾ نوشهري ۾ مڪتب، 1858ع ۾ سکر ميونسپالٽي مڊل اسڪول، 1876ع ۾ لاڙڪاڻو ميونسپالٽي مڊل اسڪول، جيڪب آباد جو مڊل اسڪول ۽ ٺٽي ۾ 1866ع ۾ مڊل اسڪول کوليا ويا. 19 صديءَ جي آخر ۾ خانگي اسڪول به کلڻ شروع ٿيا. 1862ع ۾ حيدرآباد ۾ چرچ مشن اسڪول کليو جيڪو اڳتي هلي ٻن اسڪولن سينٽ بونا وينچر بوائز هاءِ اسڪول ۽ سينٽ ميري گرلس هاءِ اسڪولن ۾ تبديل ٿيو. 1885ع ۾ هيرانند اڪيڊمي کولي ويئي جيڪا هن گورنمينٽ هاءِ اسڪول جي نالي سان گول بلڊنگ جي ويجهو قائم دائم آهي. 1897 ع ۾ قائم ڪيل نووديالا اسڪول ماڊل اسڪول جي شڪل ۾ اڄ به موجود آهي. انهي عرصي دوران پروفيشنل ادارا. . . . تپيداري سکيا جو ڪاليج، ميڊيڪل اسڪول ۽ انجنيئرنگ اسڪول کوليا ويا. حيدرآباد ۾ استادن جي سکيا لاءِ سکيا ڪاليج قائم ڪيا ويا. حسن علي آفندي محمدن ايسوسيئشن جي سرپرستيءَ هيٺ 1885ع ۾ سنڌ مدرسته الاسلام کوليو. 1947 ۾ سنڌ مسلم لا ڪاليج قائم ٿي. سيد الهندي شاه 1903 ع ۾ نوشهري ۾ مدرسو هاءِ اسڪول قائم ڪيو ۽ خيرپور رياست جي وزيرسدار ابراهيم 1906 ع ۾ خيرپور ۾ مڊل اسڪول کوليو. خانبهادر ميرغلام محمد خان ٽالپر ٽنڊي باگي ۾ پهرين جنوري 1920 ع تي لارينس مدرسو اسڪول کوليو. اهڙيطرح پارسي ڪميونٽي پڻ سنڌ جي تعليمي ترقي ۾ هٿ ونڊايو ۽ اسڪول کوليا. نادرشا عيدلجي ڊنشا جي نالي تي اين اي ڊي ڪاليج کوليو ويو، جيڪو اڳتي هلي يونيورسٽي ٿيو. ڪاليجي تعليم جي ابتدا هندن ڪئي ۽ پهريون ڪاليج ڊي جي (ڏيارام جيٺمل) ڪاليج جي نالي سان 1883ع ۾کليو. ٻيو ڪاليج ڊي جي (ڏيارام گدومل) نيشنل ڪاليج جي نالي سان 1917 ع ۾ کليو ۽ ٽيون ڪاليج شڪارپور ۾ 1936ع ۾ سي اينڊ ايس (چيلاسنگهه اينڊ سيتلداس ) ڪاليج جي نالي سان کليو جنهن مان شيخ اياز جهڙي مشهور سنڌي شاعر به تعليم حاصل ڪئي. سنڌ ميڊيڪل اسڪول1945ع ۾ ڪاليج ۾ تبديل ٿيو ۽ 1946 ع ۾ اهو ڪراچي منتقل ڪري مٿس سنڌ جي انگريز گورنر جي نالي پويان ڊو ميڊيڪل ڪاليج نالو رکيو ويو. سنڌ جا سمورا هاءِ اسڪول توڻي مڊل اسڪول بمبئي يونيورسٽيءَ سان ڳنڍيل هوندا هئا ۽ اتان جو امتحان اهڙو ڏکيو هوندو هو جو ڪي وير وريام ان چاڙهيءَ مان چڙهندا هئا، انهي امتحان جي وڏي دهشت ۽ هاڪ هوندي هئي. 3اپريل 1947ع تي سنڌ ۾ پهرين يونيورسٽي سنڌ يونيورسٽي ڪراچيءَ ۾ قائم ڪري محترم اي بي حليم کي ان جو پهريون وائيس چانسلر مقرر ڪيو ويو. 9 اپريل 1951ع تي سنڌ يونيورسٽي کي ڪراچي مان ڪڍي حيدرآباد آڻي، علامه آءِ آءِ قاضيءَ کي انجو وائيس چانسيلر مقرر ڪيو ويو. هاڻي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سنڌ يونيورسٽي جا ڪئمپس کوليا پيا وڃن پر ڪراچي ڏانهن ڪنهنجو به ڌيان نٿو وڃي ۽ ايئن سنڌ يونيورسٽي ۽ ڪراچي شهر هڪٻئي لاءِ سڪي ويا آهن. 1947ع ۾ سڪرنڊ ۾ پهريون زرعي ڪاليج کوليو جيڪو اڳتي هلي زرعي يونيورسٽي ٿيو ۽ ٽنڊي ڄام ۾ موجود آهي. گوراشاهي دوران سنڌي ٻوليءَ به ترقي ڪئي ڇاڪاڻ ته بارٽل فريئر جي ڪوششن سان سنڌي ٻوليءَ جي رسماالخط جوڙيو ويو. سنڌي ۾ ترجما ڪيا ويا جنهن سان ڪافي ادبي اوسر ٿي. انهيءَ سموريءَ ترقيءَ ۾ اسانجي سنڌي اڳواڻن جو تمام اهم ڪردارآهي. انهن ۾ حسن علي آفندي، ديوان ڏيا رام جيٺمل، ساڌو هيرانند، ديوان نولراءِ، راءِ بهادر تاراچند، سيد الهندو شاه، ديوان ڪوڙومل، شمس الدين بلبل، بئريسٽر جان محمد جوڻيجو، بئريسٽر غلام محمد ڀرڳڙي، ديوان ڏيارام گدومل، سيٺ هرچندراءِ وشنداس، مرزا قليچ بيگ، هوتچند مولچند گربخشاڻي، ڊاڪٽر عمر دائود پوٽي، نورالدين احمد غلام علي نانا، علامه آءِ آءِ قاضي، عثمان علي انصاري، آغا تاج محمد، غلام حسين جعفري، غلام اصغر ونڊير، سيد غلام مصطفى شاه، جان محمد عباسي ٻورڙي وارو، سچل جنجهي جهڙن جونجهارن جو اڻٿڪ ڪوششون آهن جن سنڌ جي ماڻهو کي جديد تعليم جي زيور سان سينگاريو. ايئن سنڌ جي تعليم جو اهو سفينو سولائيءَ سان سير جا ڪٺن سير ڪندو پئي آيو، بي سرو سامانيءَ جي باوجود مسڪين ماڻهو به پنهنجي ٻارن کي محنت مزدوري ڪري تعليم ڏياري رهيا هئا. جيئن وقت گذرندو ويو تيئن اها ٻيڙي آهستي آهستي سير جي ويرن جي ورچڙهي ۽ لوڏا کائڻ لڳي، ڇاڪاڻ ته جيئن ناقص ناکئا ايندا ويا تيئن لهرن جي لوڏن ٻيڙي کي لوڏڻ جي ڪئي جيڪا هاڻي لڏندي لمندي ٻڏڻ طرف روان دوان آهي. تعليم جو معيار گهٽجي ويو، غريب جي تعليم امير جي تعليم کان الڳ ٿي ويئي، اسڪول وڏندا ويا، علم گهٽجندو ويو، صاحب وڌندا ويا، شاگرد گهٽجندا ويا، ڊگريون ورهائجن پيون، نوڪريون وڪامجن پيون، غريب پيڙهجي پيڙهجي به پنهنجي ٻار کي مشڪل سان پڙهائي ٿو. پيلن اسڪولن کي گهوسٽ اسڪولن جو نالو ملي چڪو آهي، استاد گوسڙوءَ جهڙي گٿي لفظ سان نوازيو ويو آهي. انهي صورتحال سماج جي هڪ اهم اداري جي خراب حالت ڪري رکي آهي. مختلف ادران جا سروي شايع ٿيندا رهن ٿا جن کي ڏسي لڱ ڪانڊارجي ٿا وڃن ڇو ته انهن ۾ جيڪا صورتحال نظر ٿي اچي اها انتهائي ڏکوئيندڙ آهي. زميني حالتون ان کان به وڌيڪ خراب آهن. مثال طور؛ اثر جي رپورٽ مطابق سنڌ ۾ 3کان 5 سالن جي عمر وارا اسڪول کان ٻاهر ٻار 61. 2 سيڪڙو، 6کان 16 سال وارا 32 سيڪڙو ٻار آهن. يا وري قومي تعليمي پاليسي 2009 مطابق اسڪول کان ٻاهر 100 ٻارن مان 31 پرائمري تعليم مڪمل نٿا ڪن. باقي 69 مان 11 مڊل اسڪول تعليم مڪمل نٿا ڪن، باقي بچيل 58 مان 9 ثانوي تعليم نٿا پوري ڪن. اهڙيطرح 100 مان 49 مئٽرڪ پاس ڪن ٿا. انهي ڏس ۾ ڇوڪرين بابت انگ اکر وڌيڪ مايوس ڪن آهن. اثر جي رپورٽ مطابق اسڪول کان ٻاهر ٻارن جي سلسلي ۾ نوشهري فيروز ضلعي ۾ سڀکان گهٽ ٻار اسڪول کان ٻاهر (20. 4 سيڪڙو) آهن ۽ اهو تعداد سڀکان وڌيڪ (50 سيڪڙو) ڪشمور ضلعي ۾ آهي. اهڙي طرح نظر ايندو ته تعليم جي انهي تنزل جا ڪيئي ڪارڻ آهن.

    1. سٺي حڪمرانيءَ جي کوٽ سڀ کان وڏو ڪارڻ آهي. جنهن ڪري بهترين نگراني ۽ ترت پڇاڻي جهڙا ڪم انتظامي عملدارن جي ترجيح نه رهيا آهن. نااهل ۽ بدعنوان ماڻهو تعليم جي انتظامڪاريءَ ۾ اچي وڃن ٿا يا آندا وڃن ٿا، جن ۾ نه صلاحيت هوندي آهي نه سندن نيت ٺيڪ هوندي آهي. تعليم سان شوق ۽ گهڻگهرائي ءَ جي بجاءِ سندن دل جو لاڙو دمڙيءَ ڏانهن وڌيڪ هوندو آهي، سڄو ڏينهن پئسن ڪمائڻ جي ڪرت جو ڪم جاري هوندو آهي ۽ ويچاري تعليم وچ ۾ بي ڌيانيءَ جو شڪار ٿي پيئي، مڙئي رڙهندي ۽ رينگندي آهي.
    2. تعليم لاءِ اڻ پورو بجيٽ رکڻ به تعليمي ابتريءَ جو سبب آهي. قرض لاءِ اسين قرض کڻندا ۽ رکندا آهيون پر تعليم جي سڌاري واڌاري لاءِ ڪي خاطر خواه رقمون رکيون نٿيون وڃن. رکيل اڻپورو پئسو بدعنوان واڳن جي ور چڙهي ٿو وڃي. نتيجي ۾ قوم جي هڪ وڏي طبقي جي تعليم اڌوري ۽ اڻپوري رهجي وڃي ٿي. متاثر طبقي ۾ ۾ غريب ۽ وچولو طبقو آهن.
    3. تعليمي نظام مختلف ڀاڱن ۾ ورهائجي چڪو آهي، ڪٿي پيلا سرڪاري اسڪول آهن، ڪٿي گهڻ خرچا خانگي اسڪول آهن، ڪٿي غير ملڪي امدادن تي هلندڙ مدرسا آهن ته ڪٿي وري ٻئي ڪنهن نمونِي جا اسڪول آهن. ٿلهي ليکي نظر ايندو ته هتي تعليمي خدمت ٻن ڌارائن ۾ ورهايل آهي. هڪڙي غريب طبقي جي تعليم ۽ ٻي سرنديءَ وارن جي تعليم، هڪڙي حاڪم طبقي جي تعليم، ٻي محڪوم طبقي جي تعليم. مطلب ته انهي امتيازي رخ غريب ماڻهوءَ کي غلط پيغام ڏنو آهي. ٻيو ته اڳي ڳوٺ جي وڏيري يا ڊپٽي ڪمشنر جو پٽ به انهي اسڪول ۾ پڙهندو هو جنهن ۾ هاري، پورهيت جو پٽ به تعليم پرائيندو هو. انهي ۾ مقتدر طبقي جا ماڻهو سرڪاري اسڪولن تي نظر رکندا هئا. اها نگراني ماڻهن کي ڀاڱي ايندي هئي، سندن اولاد معياري تعليم جي زيور سان آراسته ٿيندو هو. هاڻي سرنديءَ وارن جو سرڪاري تعليمي سرشتي ۾ ڪجهه نه اچي، نه وڃي تنهنڪري اهي ادارا ننڌڻڪا لڳن ٿا.
    4. تعليم کي ماڻهن نوڪريءَ جو ذريعو سمجهيو آهي تنهڪري تعليم جو ڪاج محدو د ٿيو آهي. مارڪيٽ ۾ نوڪرين جو آسانيءَ سان نه ملڻ ماڻهن کي مايوس ڪري ٿو ۽ اهڙيطرح ڪسي موٽ ملڻ جي ڪري غريب طبقو ٻا ر کي نٿو پڙهائي، ڇاڪاڻ ته جيڪو خرچ تعليم تي اچي ٿو اهو کيس آسانيءَ سان ميسر ناهي، قرض کڻي پڙهائڻ جو جوکم کڻڻ کان ماڻهو لنوائين ٿا ڇاڪاڻ ته سندن نظر ۾ تعليم نوڪريءَ جو ذريعو آهي.
    5. تعليم جي سرشتي ۾ نصاب جي وڏي اهميت آهي. حالتن سان مطابقت نه کائيندڙ، انتهائي پراڻو نصاب به تعليم جي ڪسي ٿيڻ جو هڪ سبب آهي. نصاب متوازن ۽ عصري تقاضائن پٽاندر هئڻ گهرجي. نصاب ۾ زندگي گهارڻ جي گُرن ۽ فني تعليم تي گهٽ ڌيان هجڻ به تعليم کي نامناسب بنائي ٿو.
    6. سکيا، ترقي ۽ جائزي جو ڪو جوڳو انتظام نه هجڻ به تعليمي ڪم کي هاڃو رسائي ٿو. استاد توڻي انتظامڪاري عملي جي موثر ڪارڪردگي لاءِ سکيا، ترت ۽ وقت سر ترقي ۽ جامع جائزو ضروري آهي. انهن شين جي کوٽ اسانجي تعليمي سرشتي کي بي اثر بنائي ڇڏيو آهي.
    7. سڀکان اهم ۽ مکيه نقطو اهو آهي ته تعليم ڏانهن جن جو رجحان ئي ناهي اهي تعليم جا سرگرم ۽ اهم ڪارڪن بنيا ويٺا آهن، جيڪي ٻيءَ ڪنهن نوڪريءَ ۾ نٿا کپن اهي استاد جي جاءِ اچي والارين ٿا ۽ پنهجي قوم جي ٻچن تي ڳرو هٿ رکن ٿا. پڙهائڻ جي بجاءِ گاڏين تي ڪنڊيڪٽري ڪن ٿا، ڳوٺن جي پٽيلي ڪن ٿا، پوليس جي ڇاڙتي جو ڪم ڪن ٿا، بس صرف نٿا ڪن ته هڪئي ڪم نٿا ڪن اهو آهي پڙهائڻ جو ڪم.
    8. ڳوٺاڻن پاران هن ڪم ۾ گهٽ دلچسپي وٺڻ به تعليم کاتي کي نقصان رسائي ٿو. ڳوٺاڻو هيڊ ماستر سان گڏ اسڪول جي انتظامڪاري ڪاميٽي جو صدر آهي، پر هو هيڊ ماستر سان گڏجي انهن پئسن کي تين وال ڪرڻ جي ڪڌي ڪم ۾ نظر اچي ٿو. جيڪڏهن ڳوٺاڻو ٿورو به ايماندار ٿي سرگرم ٿي پوي ته ڪافي بهتري۽ جي گنجائش آهي.
    9. اسڪول کولڻ ۾ تعليمي ضرورت جي ترجيحات کي مد نظر رکڻ جي بجاءِ سياسي لاڙي کي مدنظر رکڻ تعليم کي وڏو نقصان پهچايو آهي. اسڪول کولڻ، اسڪول منتقل ڪرڻ، اسڪولن جون عمارتون اڏائڻ انتهائي اهم ڪم آهن جن جو اثر سموري تعليمي نظام تي ٿئي ٿو. انهي سموري رٿابنديءَ جو بنياد نج اهليت ۽ تعليمي ترجيح هئڻ گهرجي.
    10. تعليمي سٽاءَ ۾ سمعي بصري، ڊجيٽل شين جي مددگار شين جو استعمال نه هجڻ يا گهٽ هجڻ، جنهنڪري موجوده نسل جو ٻار گهڻو ڪجهه ڀوڳي ٿو. هن وقت جو ٻار تمام گهڻي سجاڳيءَ وارو ٻار آهي، کيس انهي سطح تي تعليم ڏيڻ جي ضرورت آهي جنهن زماني جو هو ٻار آهي.
    انهي زوال پذيري ۽ تنزل لا ءِ ڪجهه حل تجويز ڪجن ٿا جن تي عمل ڪرڻ سان اسان جو تعليمي سرشتو ڪافي بهتر ٿي سگهي ٿو. اهي حل هي آهن؛

    1. تعليم جي نگراني، نظرداري ۽ رهنمائي واري سيٽ اپ کي ٻيهر ڏسندي، بهتر حڪمراني واري دستور کي اپنايو وڃي. سمورو انتظامي ڍانچو اهل ۽ اورچ فردن تي مشتمل هجي جيڪي ڪنهن به اوڻائي، غلط ڪم، بدعنواني کي بخش نه ڪن. سندن پهرين ترجيح تعليم هجي. سياسي وابستگي جي اثر کان جيڪڏهن بچڻ ممڪن نه هجي ته گهٽ ۾ گهٽ اهليت کي مدنظر رکيو وڃي. تعليم جي ڪاروهنوار ۾ ڪابه سياسي مداخلت ۽ رعايت نه هجڻ گهرجي. فرض شناس، ايماندار ۽ محنتي ماڻهن کي شاباس ڏيئي همٿايو وڃي، انهن جي ترقي ۽ اوسر کي يقيني بنايو وڃي.
    2. تعليم لاءِ مناسب بجيٽ رکي وڃي، پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي اصول کي پڻ عملي جامو پارائيندي تعليم لاءِ جوڳي خرچ جو بندوبست ڪيو وڃي. هن ڪم لاءِ قرض کڻڻ به ڪو ميهڻو ناهي.
    3. سموري عوام کي تعليم جا هڪجهڙا موقعا ميسر هئڻ گهرجن، تعليمي سرشتو امير ۽ غريب جي وچ ۾ ورهايل نه هئڻ گهرجي، اهو هرهڪ شهري کي هڪجهڙا موقعا ڏئي. سماج ۾ موجود مختلف پس منظر رکندڙ طبقن جو اولاد گڏجي پڙهڻ گهرجي جيئن سماجي ميل ميلاپ وڌي ۽ معاشرو هاڪاري رُخ ۾ وڌي. غريب طبقي جو ڪو ٻار اعلى طبقي جي اسڪولن ۾ داخلا جو اهل هجي ته سرڪار انجو خرچ برداشت ڪري.
    4. تعليم رڳو نوڪريءَ لاءِ آهي، ان احساس کي معاشري مان ختم ڪرڻ لاءِ ماڻهن ۾ جاڳرتا پيدا ڪئي وڃي.
    5. نصاب عصري تقاضائن سان مناسبت رکندڙ هجي. سماج جي سڀني طبقن جي هر پهلوءَ کي مد نظر رکي نصاب تيار ڪرايو وڃي.
    6. استادن ۽ انتظاميا لاءِ سٺي سکيا جو جوڳو انتظام هئڻ گهرجي.
    7. تعليم کاتي ۾ رڳو انهن کي کنيو وڃي جن جو تعليم ڏانهن رجحان هجي ۽ شوق سان ڪم ڪار ڪن ڇو ته تعليم صرف نوڪري نه پر خدمت پڻ آهي.
    8. ڳوٺاڻن کي گهرجي ته اهي تعليم جي ڪم کي پنهنجو سمجهن ۽ ان ۾ ڪردار ادا ڪندي هر قسم جي بدعنواني ۽ غلطڪاريءَ کي روڪين. اڪيلي سرڪار جي وس ۾ ناهي ته اها عوام جي ساٿ ۽ سهڪار کانسواءِ ڪم ڪري. . ڇا اڄ اسان وٽ حسن علي آفندي، سيد الهندي شاه، ديوان ڏيارام جهڙا مخير ۽ گهڻگهرا فرد ناهن جو اهي اهڙا ادارا وري قائم ڪري سگهن؟ اڄ جي سمورن سرند ي وارن کان هي سماج ان قرباني جي تقاضا ڪري ٿو.
    9. اسڪول نج تعليمي ضررتن ۽ ترجيحات جي مدنظر قائم ڪيا وڃن.
    10. هن دور جي وڌيڪ جاڳرتا رکندڙ ٻار کي جديد سمعي بصري ۽ ڊجيٽل ساز سامان سان تعليم ڏني وڃي. تعليم سان گڏوگڏ تربيت جو به خيال رکيو وڃي جيئن اهي سٺا پروفيشنل ٿيڻ سان گڏوگڏ ڪارائتا ۽ ذميوار شهري پڻ ٿين.


    تعليم ؛ موجوده صورتحال ۽ بهتري لاءِ ڪجهه تجويزون

    تعليم ؛ موجوده صورتحال ۽ بهتري لاءِ ڪجهه تجويزون

    معاشري جو شهري ۽ ٻهراڙيءَ ۾ ورهائجڻ سماج کي سدائين ڳرو پيو آهي ڇاڪاڻ ته انهي ورڇ سماج ۾ اڻ برابري ۽ وسيلن جي جي غير منصفاڻي ورهاست وسيلي سماج جي اڻ ٽٽ ڍانچي ۾ ڏار وڌا آهن، جن ڏارن وڏا ڏرڙ پيدا ڪيا آهن ۽ ڏينهون ڏينهن وڌندڙ اهي سماجي ڏرڙ خلق خدا جيءَ، جي وچ ۾ هڪ وڏي گلف پيدا ڪري رهيا آهن. اهو سمورو سماجي ڪوپ سرمايي واد جي ڇتي ڪتي، بازار جي معيشيت جو ڪارنامو آهي. اهڙن ڪرتوتن سماج جي سڀني ادارن کي اونهيءَ کڏ ۾ ڌڪيو آهي، جتان نڪرڻ مشڪل ٿو لڳي، تڏهن ته غريب ڏينهون ڏينهن غريب ٿيندو وڃي ۽ شاهوڪار پنهنجي سرمايي جي بي رحم هٿيار ذريعي مچي مواڙ ٿي، وڌيڪ شاهوڪار ٿيندو وڃي. انهي هيٺ مٿاهين جتي ٻين شعبن کي تاراج ڪيو اتي تعليم جو شعبو به به انهي ڇتي جي گِگَ کان بچي نه سگهيو آهي. تعليم جهڙي خدمت به عام ۽ خاص يا غريب ۽ امير جي تعليم ۾ ورهائجي چڪي آهي ۽ اها ڦوٽ ڏينهون ڏينهن وڌندي پيئي وڃي. خانگي شعبو ملڪ جي تعليمي ترقيءَ ۾ ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، اها سٺي ڳالهه آهي پر ان جي قيمت تي سرڪاري تعليمي شعبي کي ايئن تين وال ۽ تاراج نه ڪرڻ گهرجي جيئن ڪنهن وقت جي هلندڙ ٽرانسپورٽ جي بهترين سهوليت، ايس آر ٽي سي جي بسن سان ڪيو ويو. هن وقت سنڌ ۾ تعليم جو حال ساڳي آهي. توهان ڳوٺن ۾ هليا وڃو، اسڪول ڏسو، اکيون رت روئن ٿيون. ڪيئي ڪوڙيون سچيون رپورٽون ڇپجن ٿيو ن جن ڪڏهن ڪهڙا ته ڪڏهن ڪهڙا انگ اکر پيش ڪيا وڃن ٿا، جيڪي رهنمائي ڪرڻ جي بجاءِ گمراهي پيدا ڪن ٿا. ڳوٺن ۾ جڏهن انهي حالت زار کي ڏسجي ٿو ته ڳڻتي پيدا ٿئي ٿي ته آخر غريب جو حال ۽ حشر ڇا ٿيندو؟ اهو ويچارو غربت ۽ بدعنوانيءَ جي چڪي ۾ پيڙهجي ويندو يا وري پنهنجي بقاءَ جي چئومکي لڙائي لڙندي، هو ڏوهن جي تحت الثرى ڏانهن ڌڪجي ويندو. ڇاڪاڻ ته ڳوٺن جي اڪثر اسڪولن ۾ استاد يا ته نظر نه ايندو، يا جي نظر ايندو ته پڙهائڻ کانسواءِ ٻي ڪا ڪرت ڪندي ملندو، اڪثريت استادن جي پنهنجي ئي ڳوٺن ۾ مقرر ٿيل آهي، جيئن پنهنجو ايندڙ نسل پنهنجي هٿن سان تباه ڪري ۽ غرب ماڻهوءَ جي نسل ڪشي آسان ٿئي، غريب ئي نه هوندو ته غربت نه هوندي ۽ اسين شاهوڪار قوم ليکيا وينداسين. انهي اسڪول تي ڪيترائي نگران پڻ مقرر ٿيل آهن، جيئن سپروائيزر، تعلقي جو عملدار، ضلعي ۾ شعبي جو عملدار ۽ ضلعي جو بالا تعليمي آفيسر. اهي سڀئي صاحب هن سموري بگاڙ کان واقف به آهن، پر سندن گرگ آشتيءَ وارو اتحاد کين ڪا به چرپر نٿو ڪرڻ ڏي. . ٿلهي ليکي، چاليه اسڪول گهمڻ سان توهان کي ڏهه يا پندرهن اهڙا اسڪول ملندا جن کي حقيقي هلندڙ اسڪول چئي سگهجي ٿو باقي ڪٿي استاد نه هوندو ته ڪٿي ٻار نه هوندا، ڪٿي عمارت نه هوندي، ڪٿي عمارت جي اڏاوت تي تڪرار هوندو، ڪٿي استاد تي اعتراض هوندو، ڪٿي استاد ڳوٺ ۾ نيڪ مرد جي جاءِ والاري ويٺل نظر ايندو، مطلب ته صورتحال ڪا ڏسڻ جهڙي يا ڏيکارڻ جهڙي نه هوندي. حالانڪ هن وقت استادن، اسڪولن، ٻارن جو تعداد ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ تمام وڌندڙ آهي. خانگي شعبي ۾ هلندڙ اسڪول جن جي استادن جون پگهارون ٿوريون ۽ عمارتون تنگ آهن سي هلندا نظر اچن ٿا. انهن جي تعليم جو بّاهر معيار به بهتر نظر ٿو اچي، انهن جي پروگرامن ۾ شريڪ ٿيندڙ ڪامورا توڙي عوامي نمائندا تاڙيون وڄائي دل کولي داد ڏيندا آهن، کين شايد هڪ گهڙيءَ لاءِ به اهو خيال نٿو اچي ته سندن نگرانيءَ ۾ هلندڙ سرڪاري تعليمي ادارا جن ۾ غريبن جا ٻار پڙهن ٿا، سي تمام گهڻو بگڙي چڪا آهن. انهن کي ڪيئن بهتر بنائجي؟ پرائيويٽ اسڪولن جي هيتري مشهوري جي باوجود جيڪا انهن جي حالت آهي انهي کان اهي ڌريون ئي ڀليءَ ڀت واقف آهن جيڪي انهن ادارن کي هلائي رهيون آهن يا جن جا ٻار انهن ۾ تعليم پرائي رهيا آهن، سوين مسئلا آهن جيڪي انهن ادارن جي اڪثريت سان سلهاڙيل آهن. انهي جي باوجود اهي تمام ٿوريءَ آباديءَ جي ضرورتن کي پورو ڪن ٿا، ڇاڪاڻ ته اهي خواص جا ادارا آهن جن ۾ حاڪم طبقي کي پڙهڻو آهي، رعيت ويچاريءَ جي مقدر ۾ ته پيلا اسڪول لکيل آهن، ڇاڪاڻ جو سندن ٻارن کي ووٽر بنجڻو آهي، بسون ڀري جلسا ڀرڻا آهن، نعرا هڻڻا آهن، جي اڃا به اڳتي وڌيا ته پوءِ ننڍي وڏي نوڪريءَ جي ٽوڪريءَ ۾ کپي وڃڻو آهي. سياست ۾ حصو وٺڻ، اليڪشن لڙڻ ۽ حڪومت ڪرڻ ته سندن نسلن جي خوابن ۾ ئي لکيل ناهي.
    ماضيءَ ۾ سچي سنڌ جي ڳوٺن جي تعليم تمام گهڻو بهتر هئي. پرائمري اسڪول جو استاد سماج جو اڳوڻ هوندو هو، سندس ڪردار سماج ۾ امان ابي جو هوندو هو. هو جن ٻارن جي تربيت ڪندو هو اهي اڳتي هلي سياست، نوڪري، واپار يا ٻئي ڪنهن به شعبي ۾ پير رکندا هئا ته سوڀارا نظر ايندا هئا ۽ پنهنجي سماج کي اڳتي وٺي وڃڻ وارو ڪردار نباهيندي نّظر ايندا هئا. استاد جي علمي حيثيت سان گڏوگڏ سندس ڪردار اعلى ۽ مثالي هوندو هو. هرهڪ سندن دلي عزت ڪندو هو، سندن اولاد کي مان ڏيندو هو. سڄي سنڌ اهڙن نام ڪٺين استادن جي رهنمائي سان پنهنجي ترقيءَ جون منزلون طئه ڪندي رهندي هئي. نوابشاه جي سائين ايڇ ايم خواجه کان وٺي ڏيپلي جي سائين محمد عثمان کٽيءَ تائين، اسلام ڪوٽ جي نندلعل نندن کان وٺي سائين سچل جنجهي ۽ عبدالصمد سنگراسيءَ تائين، استادن جي سکيا واري ڪاليج جي غلام حسين جعفريءَ کان وٺي، مٺي هاءِ اسڪول جي سائين صاحبڏني تائين، چيلهار جي رائچند هريجن کان وٺي ويڙهار جي هميرچند تائين، انيڪ نالا آهن جيڪي اڄ به پنهنجن پنهنج معاشرن ۾ مثالي ڪردار جي حيثيت رکن ٿا ۽ سوين هزارين ماڻهو سندن ڪوششن جي ڪري عزت ڀري زندگي گهاري رهيا آهن، سنڌي ڳوٺاڻي سماج جو حقيقي مرشد ته پرائمري استاد رهيو آهي باقي ا ڄڪلهه ته ڪيئي ڪوڙيون سچيون ڌريون پيرن مرشدن جي نالي ۾ سنڌ جي ڳوٺاڻي سماج تي ڳجهن وانگر لامارا ڏيئي رهيون آهن. اسڪولن جي نگرانيءَ جو سرشتو به بهتر هوندو هو. نگرانن جي وقت به وقت معائني تي اچڻ جي ڪري هڪڙو ڏهڪاءُ پکڙيل هوندو هو ته ”صاحب ٿو اچي ۽ امتحان وٺندو“. انهي سان گڏوگڏ ڳوٺاڻا، خاص طور ڳوٺ جو نيڪ مرد اسڪول جي معاملن ۾ ڪابه غير ضروري مداخلت نه ڪندو هو پر اسڪول ۽ استاد تي به نظر رکندو هو ته ڪا ڪمي ڪوتاهي نه ٿئي، جيڪڏهن کيس ڪا اوڻيهه ويهه نظر ايندي هئي ته هو واسطيدار عملدار کي ان بابت آگاهي ڏيندو هو ۽ جيستائي مسئلو حل نه ٿيو تيستائين سک جو ساه نه کڻندو. نيڪ مرد پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪري، تعليم جي جوڳي بندوبست ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو هو. پرائمري تعليم جي وڌڻ کان پوءِ، وڌيڪ تعليم لاءِ، وڌي ڪري ڪوششون وٺبيون هيون جيئن پنهنجي ڳوٺ ۽ آسپاس جي غريب مسڪين ٻارن جي تعليمي اوسر ۽ واڌ ويجهه جو بندوبست ٿي سگهي. ان سلسلي ۾ ڪجهه مثال ذهن تي تري ٿا اچن. ڪنهن وقت ننگرپارڪر ۾ انگريزي ڪلاس کليا هئا پر غربت ۽ ڪن ٻين سببن جي ڪري هلي نه سگهيا، ايئن بند ٿي ويا. ڪنهن بااثر ماڻهوءَ کي جڏهن اها خبر پيئي ته هن اهو فرنيچر کڻائي پنهنجي ڳوٺ ۾ ڪلاس کولرايا. جڏهن اهو فرنيچر کڄي ان آفيسر جي ڳوٺ ڏانهن وڃي رهيو هو ۽ واٽ تي جيئن ئي سمن جي مشهور ڳوٺ لوڻيئي مان فرنيچر سان لڏيل اُٺ لنگهيا ته عبدالغفور سمون جيڪو لوڪلبورڊ جو چونڊيل ميمبر هو، تنهن فرنيچر کڻائي ويندڙ اوٺين کي روڪي کانئن احوال ورتو، جن کيس سربستو احوال ڏنو. تنهن تي پاڻ انهن اوٺين کي روڪي اتي ئي فرنيچر لهرائي ورتائين ۽ ان باثر ڪاموري کي چوائي موڪليائين ته هي ننگر جي ڪلاسن جو فرنيڄر آهي سو ننگر ۾ رهندو. اهڙي طرح فرنيچر پنهنجي خرچ تي واپس کڻائي ننگر پارڪر آيو ۽ سموري ڪاروائي کي روڪائيندي اُهي ڪلاس بحال ڪرايائين ۽ اُتي شاگردن کي داخلا وٺي پڙهڻ لاءِ همٿايائين ۽ اسڪول هلائڻ لاءِ ابتدائي ڪوشش ڪندي محترم همير چند ويرهاڙ واري جو آرڊر ڪرايائين ۽ ڪلاسن هلائڻ لاءِ هڪڙو ”پوئرفنڊ “ قائم ڪيو ويو جنهن وسيلي ضرورتمند ۽ هوشيار شاگردن جي مدد ڪئي ويندي هئي. اُنهن ڪلاسن مان جيڪي شاگرد انگريزي تعليم جي زيور سان سينگارجي نڪتا تن ۾ ويٺل ڀائي ڀاٽ (ننگرپارڪر) دريا خان ٿٻو (موکئي)، راڻو مل مينگهواڙ (ويراواهه)، خوشحالداس مينگهواڙ (ڏونگري)، غلام حسين سمون ۽ محمد اشرف سمون (لوڻيو)، محمد سانوڻ دل (پيلو)، الهورايو دل (پيلو)، گل محمد ڪپري، خالق ڪپري، ۽ عبدالبارق ڪپري (ڏوتڙ) شامل آهن. انهن تعليمي تحريڪ ۾ مخبتا ڪار (عبدالغفور)آرائين به ساڻس شامل رهيو ۽ کيسي مان غريب شاگردن کي خرچ پکو ڏيندو هو. انهن ڪلاسن کي اڳتي هلي ميرمحمد بخش ٽالپر ترقي وٺرائي مڊل اسڪول ڪرايو جيڪو اڳتي هلي البيروني هاءِ اسڪول جي درجي تي پهتو.
    اهڙي طرح سائين سچل جو مثال آهي جنهن جڏهن هاءِ اسڪول جنجهي جي عمارت منظور ڪرائي ته بلڊنگ ٺاهڻ لاءِ ڳوٺاڻن زمين ڏيڻ کا انڪار ڪيو. معاملو اڳتي وڌيو ۽ نيٺ سائين سچل پنهنجي اڪيلي مائٽاڻي ٻني اسڪول لاءِ وقف ڪري، اسڪول جي عمارت اڏارائي. ان کانسواءِ اسڪول جي مختلف معاملن کي سائين سچل پاڻ ذاتي طور ڏسندو هو. غريب هوشيار ٻارن کي ايستائين مدد ڪندو رهندو هو جيستائين اهي پنهنجي پروفيشنل تعليم يا ڊگري مڪمل ڪري نڪرندا هئا. سائين محمد عثمان کٽي، شهر جي ضرورتمند ٻارن کي فارغ وقت ۾ مفت پڙهائيندو هو جيئن اهي هم ڪلاسي ٻارن سان ڪلهي ۾ ڪلهو ملائي سگهن.
    ايئن تعليم جو گاڏو بهتر نموني ڌڪبو رهندو هو. سياسي مداخلت، سفارش، رشوت جي بازار اڃا گرم نه ٿي هئي. سنڌ جي ڳوٺن جا اسڪول غريبن توڙي اميرن جي ٻارن جي تعليمي ضرورتن جي پورائي ڪري رهيا هئا. 70 جي ڏهاڪي کانپوءِ عمومن ۽ 80 کان پوءِ خصوصن تعليمي صورتحال بگڙجندي ويئي تان جو موجوده نڪتي تي اچي پهتي آهي، جنهن لاءِ سرڪار کان وٺي غير سرڪاري ادارن تائين، سياسي ڌرين کان وٺي، سماج سڌارڪن تائي هرهڪ تعليم سڌارڻ جو راڳ آلاپي رهيو آهي پر ڪا بهتري نه اچي رهي آهي. هرهڪ پنهنجا نسخا آزمائي رهيو آهي. بگاڙ جي حقيقي سبن ڏانهن ڪير به ڌيان نٿو ڏئي. پروگرام ٿين ٿا، ڪانفرنسون ٿين ٿيون، ٽي وي مذاڪرا ٿين ٿا پر قصو اتي ئي بيٺو آهي.
    اسانجي تعليم، سفارشي ڪلچر ۽ بدعنوانيءَ جي بنڀٽ ۾ سڙي ڀسم ٿي رهي آهي، مختلف سياسي دورن ۾ جن کي ڪا ٻي نوڪري نٿي ملي تن کي استاد طور کنيو ويو. نگران تعليمي آفيسرن جي مقرري ۾ جيڪي وهي واپري ٿو تنهن کان سڀ چڱيءَ ريت واقف آهن، تعليمي ادارن تائين پهچ به غريب ماڻهوءَ لاءِ سدائين مسئلو رهي آهي. ڇوڪرين جي تعليم ته اڃا انتهائي ابتدائي مرحلي ۾ آهي. تعليم جا سمورا بهتر موقعا شهري آبادين آهن جن تائين ڳوٺ ۾ رهندڙ آباديءَ جي پهچ مشڪل آهي. تعليمي عمل جي نگراني وارو سرشتو انتهائي ناقص آهي، ڳوٺن ۾ نيڪ مردن جي استادن والاري آهي ۽ ڪل وقتي طور انهي ڪم ۾ رڌل رهن ٿا ۽ پنهنجو اصل ڪم وساري وهن ٿا ته اهي ڪيئن نه پنهنجي معصوم ٻچن جو ستياناس ڪري رهيا آهن. ڳوٺاڻن جي دلچسپي وڃي عمارتن اڏائڻ جي حد تائي رهي آهي تعليم ڏانهن سندن ڌيان گهٽ آهي. جزا سزا جو عمل ڪمزور ناهي، گهوڙو ۽ گڏه ساڳي سلوڪ جو شڪار ٿين ٿا. تعليم جي هن عمل ۾ راڄن جي ماڻهن، استادن ۽ حڪومتي ادارن جو اهم ڪردار آهي. اهي ٽيئي ڌريو سچائي سان گڏ ٿي تعليم جي ٻُڏندڙ ٻيڙي تاري سگهن ٿا. انتهائي سگهاري نگران سرشتي جي عملداريءَ هيٺ، جيڪي ڪميون ڪوتاهيون آهن سي دور ڪري سگهجن ٿيون. ڳوٺاڻا پنهنجو ڪردار مناسب نموني ادا ڪن. استاد به استاد ٿي پڙهائين.
    تعليم کاتي جي اهڙي صورتحال ۽ گنڀير مسئلن جي حل لاءِ ڪي ٺوس اُپاءَ وٺڻ جي ضرورت آهي جنهن ۾ سماج جي هڏڏوکي ۽ ديانتدار ماڻهن جو شامل هُجڻ ضروري آهي. اِن ڏس ۾ ڪُجهه تجويزون غور لاءِ عرض رکجن ٿيون.

    ● سڀئي شهري برابر آهن ۽ سندن هڪجهڙا حق ۽ فرض آهن ته پوءِ سڀني لاءِ هڪجهڙو تعليمي سرشتو هئڻ ضروري آهي ڇاڪاڻ ته ٻن خانن ۾ ورهايل تعليم سماج م ڪا نيڪ صالح اُپت نه ڏيئي رهي آهي يا ته وري سڀني لاءِ اُنهن ادارن ۾ موقعا هجن.
    ● ڇوڪرين جي تعليم تي خاص ڌيان ڏيندي، ضرورت مطابق ڇوڪرين جي رهائش لاءِ هاءِ اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ هاسٽل ٺهرايا وڃن جيئن اهڙي قسم جي Dropout کي ٻُنجو ڏيئي سگهجي ۽ ڇوڪريون به ڇوڪرن وانگر برابر نموني تعليم پرائي سگهن.
    ● نصاب کي متوازن هئڻ گُهرجي اُن ۾ ٻارن جو سندن عمر مطابق ذهني سطح جو خيال رکيو وڃي. شروعاتي درجن کان وچولن درجن تائين تعليم ۾ مادري زبانن کي ترجيح ڏني وڃي جيئن ٻارن جي معلومات جو بُنياد پڪو پختو ٿئي ۽ فني ۽ عملي علم ڀلي انگريزي يا ٻئي ڪنهن جنهن به زبان هجن تنهن ۾ پڙهايا وڃن. بُنيادي ڪم اُهو علم يا فن پڙهائڻ آهي ۽ سڀئي ٻوليون اهڙي علم ۽ فن پڙهائڻ جو وسيلو آهن. باقي اصل ته اُهو علم آهي جنهن کي حاصل ڪرڻو آهي ۽ ڪنهن به علم حاصل ڪرڻ لاءِ مادري زبان يا ٻيون ڏيهي زبانون ئي وڌيڪ مؤثر آهن باقي رابطي ڪاريءَ لاءِ دُنيا جون سڀ زبانون سکيون وڃن ته به ڏوهه ناهي.
    ● تعليمي ادارا ۽ عمارتون سوچي سمجهي گهڻي رٿابنديءَ کانپوءِ ٺاهيا وڃن اهڙي رٿابندي صدين تي ڌيان ڏئي نه ئي ٿوري مُدت کي مفادن ۾ نظر ۾ رکي. سڀني عمارتن ۾ ضروري سائنسي يا فني سامان پُڻ وقت سر مهيا ڪيو وڃي ۽ تعليمي ادارن جي فارغ پئل اثاثن کي سُڪارج بنائيندي اُن مان آمدني پئدا ڪئي وڃي اهڙي طرح ادارن کي پاڻ ڀرو بنايو وڃي.
    ● مالي طور جيئن ادارا پاڻ ڀرا ٿيندا وڇن تيئن تيئن اُنهن جي سارسنڀال ۽ نگرانيءَ جو عمل ڏاڪي به ڏاڪي راڄن جي حوالي ڪيو وڃي ۽ جن ماڻهن کي اهڙو ڪم سونپيو وڃي اُهي ڪنهن اداري جي شڪل ۾ منظم ٿيل هئڻ گهرجن ۽ سندن ڪاروهنوار واضح هجي ۽ سماج ۾ سندن ساک سُٺي هجي.
    ● پڙهائيندڙ توڙي انتظامي عملي جي ڀرتي ۽ مقرري مقرر ڪيل سرشتي جي معيارن پٽاندڙ ۽ اهليت جي بُنياد تي هجي. انهي سموري طبقي جي حاضري ۽ نگراني کي يقيني بنائڻ لاءِ مشيني يا ڊجيٽل جوڙجڪ کان مدد وٺندي اُن کي هڪڙي جامع بائيومئٽرڪ سرشتي جي حدن اندر رکيو وڃي جيئن سندن ڪارڪردگي جو سمورو حساب ڪتاب به صاف شفاف رهي.
    ● اُستاد تنظيمن کي به اسٽيڪ هولڊر جي حيثيت ڏيندي، سندن جائز ۽ قانوني مطالبن کي مان ڏيندي تعليمي عمل جي ڪارائتي ڪم ۾ سرگرم ڪارڪن وانگر ڪردار نباهڻ جي ذميواري سونپي وڃي.
    ● سموري عمل بابت جاڳرتا پئدا ڪرڻ لاءِ ضلعي، ڊويزن ۽ صوبي سطح تي سرڪار سڀني واسطيدار ڌرين Stakeholders جا ڊائلاگ منعقد ڪري سماج ۾ ججهي جاگرتا پئدا ڪري اهڙي عمل سان مسئلا کُلي ڪري سامهون ايندا ۽ راڄن جا ماڻهو هِن عمل جي مالڪي ڪرڻ شروع ڪندا ۽ ذميوار ملازم پنهنجي ذميوارين جو احساس پُڻ ڪندا.
    ● سياسي اڳواڻن کي گهرجي ته تعليمي عمل کي قومن جي بقاءَ جو عمل ڪري سمجهن ۽ اُن جي بهتر انتظام لاءِ جوڳي قانونسازي ڪرائڻ ۾ سرگرم ٿين ۽ تعليم جي بهتر انتظام لاءِ جوڳي قانونسازي ڪرائڻ ۾ سرگرم ٿين ۽ تعليم جي بهتر انتظام لاءِ ضروري رقمون رکائين هر هڪ MNA / MPA Senator / وٽ پنهنجي پنهنجي علائقي جا تعليمي پلان هئڻ گهرجن جن ۾ ورجاءَ کان پاسو ڪندي، اهڙيون رٿائون تجويز ٿيل هجن جيڪي عوامي ضرورتن پٽاندڙ هجن.
    اهي چند اهڙ ڪم آهن جن ۾ ڪنهن وڏي رقم جي ضرورت ناهي موجوده وسيلن مطابق ئي انهي سُڌاري کي لاڳو ڪري سگهجي ۽ سموري رٿابنديءَ جو محور موجوده سرشتيءَ جي بهتري واڌو خرچن جو بار وڌائڻ وسيلن جو ارتڪاز، اڳواڻيءَ جو صحيح رُخ ۽ شفاف تعليمي ڍانچو اسان لڏندڙ ٻيڙيءَ کي وچ سير مان ڪڍي سُک شانت واري سُڌريل ماحول ڏانهن آڻي سگهون ٿا ۽ اسان کي هِن نقطي تي متفق ٿي اڳتي وڌڻ لاءِ سوچڻو پوندو سماج جي ساڃاهه وند ماڻهن کي اڳتي اچڻو پوندو اُستاد کي پنهنجي انتهائي اهم ۽ اعليٰ ذميواري کي سنڀالڻو پوندو ۽ راڄن کي پنهنجي جياپي لاءِ، پنهنجي نسلن جي جياپي لاءِ هِن ڪم ۾ قدم وڌائي اڳتي اچڻو پوندو تڏهن وڃي هڪ اهڙو سُٺو سرشتو رڄي راس ٿيندو جيڪو اسان جي ايندڙ نسلن جي بقاءَ جو ضامن هوندو.


    سنڌ جي تعليم جي ٻُڏندڙ ٻيڙيءَ کي اُڪارڻ لاءِ ڪجهه تجويزون

    سنڌ جي تعليم جي ٻُڏندڙ ٻيڙيءَ کي اُڪارڻ لاءِ ڪجهه تجويزون

    اڄڪلهه تعليم، تعليم ۽ تعليم بحث مٿي بحث لڳو پيو آهي هر سرڪاري ادارو توڙي غير سرڪاري ادارو لئي مان لٺ ڀڃي ڪو نه ڪو ننڍو وڏو پروگرام ڪري، يوسف جي خريدارن ۾ شامل ٿيڻ جي ڪوشش ۾ ”ناچ نه ڄاڻڻ“ جي باوجود اڱڻ اُبتو هئڻ جو مظاهرو ڪري رهيو آهي ته قوم جي تعليم جو اونو صرف اُن اداري کي ئي آهي. اهي معاملا ننڍي سطح کان ويندي قانونسازيءَ جي ايوانن تائين پهتا آهن هر ڪو سنڌ جي تعليم جي سرشتي جي اوڻاين ۽ اڀراين ڳڻائڻ ۾ وسان نه پيو گهٽائي ۽ اُن جي ابتر صورتحال جو عڪس پيش ڪرڻ ۾ ڪا به ڪسر نه پيو ڇڏي. واقعي صورتحال ايتري خراب آهي به سهي نه ڄاڻ ڪيترا اسڪول بند پيا آهن، ڪيترا ڪاغذن ۾ هلي رهيا آهن پر زميني حقيقون ٻيو ڪُجهه ٻُڌائين ٿيون. نگران عملدارن جي صلاحيت ۽ مقرريءَ جي طريقي ڪار جي جيڪا صورتحال آهي تنهن جو بيان وري ڪيتريون ڪهاڻيون جنم ڏيندو. اُستادن جون تنظيمون، اُنهن جو تعليم جي واڌاري ۾ ڪردار ۽ اُنهن پاران ٿيندڙ احتجاجن جي سببن جا پيرا کڻڻ جي به ضرورت آهي ته نصاب جي نالي ۾ جيڪو ڇپيل مواد ٻارن کي پڙهڻ لاءِ ملي ٿو تنهن جو ڇيد ڪرڻ ضروري آهي. انهي سڏ جنهن پڙاڏي جي گونج پئدا ڪئي آهي تنهنجو سُر سنگيت ۽ پڙلاءُ ايوانن ۾ به ٻُڌڻ ۾ اچي ٿو. تازو سنڌ اسيمبليءَ ۾ مهمليءَ جي رٿ بابت بحث جون جيڪي سُرخيون اخبارن جي زينت بنيون آهن سي ڪُجهه هن ريت آهن.

    ● سنڌ ۾ تعليم تباهه آهي، ٻارن کي پٽيوالا پڙهائي رهيا آهن تعليمي ايمرجنسي لڳايو.
    ● تعليم جي شعبي مان سياسي مُداخلت ختم ڪئي وڇي، ڀرتيون ميرٽ تي ڪرڻ سان گڏ اُستاد تنظيمن جي سرگرمين ۽ نصاب تي نظرثاني ڪئي وڃي.
    ● سنڌ ۾ سکڻ جي صلاحيت، نتيجن ۽ انرولمينٽ جي حالت خراب آهي
    ● اُستادن کي ڊيوٽي ڪرڻ لاءِ چئون ٿا ته اُستاد تنظيمون اُٿي بيهن ٿيون.
    ● تعليم لاءِ سنڌ فيسٽيول وانگر مهم هلائي وڃي
    ● گهوسٽ اسڪول وڌن پيا ۽ اُستاد پڙهائڻ بدران گهر ويٺي پگهار کڻن ٿا
    ● تعليم جي حوالي سان کاهيءَ ۾ هليا ويا آهيون.
    ● اُستادن جون پگهارون اسيمبلي ميمبرن کان وڌيڪ آهن.
    ● اُستادن جي ڀرتين ۾ سياسي مداخلت نه هجي.
    ● سنڌ ۾ مدرسن وڌڻ جو نوٽيس ورتو وڃي خبر ناهي ته اُهي ڇا پيا ڪن

    انهي بحثابحثي دوران جيڪا رپورٽ پڻ حوالي طور ڄاڻائي ويئي آهي اُها هڪ غير سرڪاري اداري پاران تازو جاري ڪيل رپورٽ آهي جنهن ۾ ابتر صورتحال جي عڪاسي ٿيل آهي. اُنهي رپورٽ ۾ اختيار ڪيل ڪَلُ پرزن بابت به سوشل ميڊيا ۾ بحث زورن تي آهي ته جنهن رپورٽ جا تحقيقي ذريعا ايترا ڪمزور ۽ ڪمين ڪوتاهين وارا هجن تنهن تي ڪيترو ڀاڙجي؟ سڀئي ڳالهيون ٻوليون، حال احوال بحث مباحثا ۽ تڪرار کيٽا پنهنجي جاءِ تي پر هڪڙي نقطي تي سموريون ڌريون متفق آهن ته تعليم جي صورتحال ڳڻتيءَ جوڳي آهي تنهنڪري ته ڪافي جمهوريت پسند ڌريون ”ايمرجنسيءَ“ جي ڳالهه ڪن پيون ڇا سُڀاڻي اُهي ڪنهن ”مارشل لا“ جي ڳالهه ته نه ڪنديون؟ يا ڪنهن جي پڙهايل پٽيءَ کي ورجايو ته نه پيو وڃي؟ انهن سڀني نقطن کي سميٽيندي اچو ته ڏسون آخر ڇا معاملو آهي جو تعليم جو غوراب گهري کڏ ڏانهن گهلبو پيو وڃي.

    ٻن طبقن ۾ ورهايل تعليم:
    سڄي صوبي ۾ يڪسان تعليمي سرشتو ناهي. ڪيئي تعليمي نظام ڪم ڪري رهيا آهن جن تي مختلف نالا رکيل آهن. ٿُلهي ليکي سمورو سرشتو ٻن حصن ۾ ورهايل آهن هڪ نمونو آهي؛ گهڻي دير کانپوءِ ياد آيل سرڪاري تعليمي ادارن وارو سرشتو جنهن ۾ غريب ۽ وچولي طبقي جا ٻار داخل ٿيندا آهن ۽ اُنهن جو گراف مخروطي صورت ۾ مصر جو احرام ٺاهي ٿو يعني سال ۾ پرائمري ۾ جيڪي لکين ٻار داخل ٿين ٿا تن مان صرف چند هزار ئي گريجوئيشن مڪمل ڪري نڪرن ٿا ۽ اُنهن مان به اڪثريت بيروزگاريءَ جي بُک ۾ پاهه ٿيندي رهي ٿي. اهڙو تعليمي سرشتو ايئن سمجهو ته هاڻ صرف محڪوم طبقي تائين مخصوص ۽ محدود ٿي چُڪو آهي حڪمران طبقي جو ڪو به ٻار اُن ۾ ورلي داخل ٿي ٿو. اُن سرشتي جو تفصيلي ذڪر وري اُن کي پرائمري، مڊل، ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي ڀاڱن ۾ ورهائي الڳ الڳ ڪري سگهجي ٿو ڇاڪاڻ ته هر ڀاڱي جا مسئلا الڳ الڳ آهن جن کي ڌيان ۾ رکي حل ڳولهڻ جي ضرورت آهي.
    تعليم جو ٻيو سرشتو حاڪم طبقي يا خوشحال طبقي لاءِ مخصوص آهي جنهن ۾ اڪثر ادارا خانگي شعبي پاران قائم ڪيل آهن. اهڙن ادارن جون فيون ايترو ته ڳاٽي ٽوڙ آهن ۽ داخلا ايترو پيچيدي آهي جو هڪ غريب فرد ته پنهنجي ٻار کي اُن ۾ پڙهائڻ جو سوچي به نٿو سگهي. کليل مارڪيٽ ۾ هرهڪ کي اهڙا ادار کولڻ جي بيشڪ اجازت هئڻ گهرجي پر اُن ۾ داخلا هرهڪ لاءِ کُليل هئڻ گهرجي. ڀلي اُن جو بُنياد معياري ٽيسٽ هجي. جيڪڏهن ڪو غريب به اُن ۾ داخل ٿيڻ جو خواهشمند آهي ۽ اهل آهي ته اُن کي داخلا جو پورو حق ڏنو وڃي ۽ اُن جا تعليمي خرچ ڀرڻ ۾ حڪومت والدين جي مدد ڪري. اهڙي طرح ٻئي طبقا جڏهن گڏ پڙهندا تڏهن سماجي ميل ميلاپ وڌندو ۽ سماجي تفريق ۽ اڻ برابري ختم ٿيندي. سرڪاري ادارن کي بهتر بنائڻ لاءِ هڪ تجويز اها به آهي ته اُتان جا بااثر ماڻهو سياستدان ۽ بيروڪريٽ پنهنجي ٻارن کي اُنهن ادارن ۾ داخل ڪرائين جيئن اُنهن ادارن تي سندن مالڪي به رهي ته اُنهن ادارن جي موثر نگراني به ٿئي.

    ڇوڪرين جو تعليم اڌ ۾ ڇڏڻ:
    نياڻين جي تعليم سماج لاءِ تمام ضروري آهي پر نياڻين کي پڙهائڻ ۾ جيڪي اُهنج ۽ ايذاءِ درپيش آهن تن جي ڪري ڇوڪرين جو وڏو تعداد تعليم اڌ ۾ ڇڏي ڏيندو آهي ڇاڪاڻ ته اُن کانپوءِ سندن لاءِ تعليم جاري رکڻ مشڪل هوندو آهي. پرائمري تائين گڏيل تعليم بهتر نموني ۽ مڊل تائين سُٺي نموني هلي ٿي پر ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي ۽ اعليٰ تعليم ۾ وڌيڪ مشڪلاتون پيش اچن ٿيون. ڇوڪريون بلوغت ۾ پير پائين ٿيون ته والدين کي وڌيڪ خيال رکڻو پوي ٿو ۽ ڏورانهن ڳوٺن ۾ تعليمي سهولتون ناهن ته ٻئي طرف وڏن شهرن ۾ ڇوڪرين جي تعليم جي سهوليت به موجود آهي پر رهائش وڏو مسئلو آهي ڇاڪاڻ ته هاءِ اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ هاسٽل موجود ناهن باقي هرهڪ گهراڻو ڇوڪرين پڙهائڻ لاءِ لڏي شهر اچي رهائش اختيار نٿو ڪري سگهي ڇو ته اُن لاءِ اهو مالي طور نا ممڪن آهي ۽ ڪو به اهڙو سهائتاڪاري Support سرشتو ناهي جو اُن کي مدد ڏئي جيئن هُو پنهنجي ٻار کي پڙهائي سگهي.

    نصاب:
    نصاب پڻ عصري تقاضائن مطابق اهڙن بُنيادن تي ٺهيل هُجي جو اهو ارتقائي ڏاڪڻ وسيلي وڌندو ويجهندو ۽ سُڌرندو رهي. ايئن نه هجي جو نصاب مُدي خارج هجي يا ڪافي عرصو گذرڻ باوجود اُن تي نظر ثاني نه ڪئي ويئي هجي يا وقت، حالتن ۽ علائقي سان مطابقت رکندڙ نه هجي هڪڙو جامع قسم جو نصاف حقيقي تعليمي ماهر ٺاهين ٿا جيڪي پنهنجي قومي ضرورتن سان اُسنيت رکندا هجن ۽ وڃن نباهه ڪن نه ئي اهڙا فرد جيڪي سفارش يا رشوت ڪلچر وسيلي اڳتي وڌن. اُن سان گڏوگڏ نصاب ۾ توازن پڻ رکيو وڃي ڇاڪاڻ ته ڪِي ڌريون نصاب کي مڪمل مسلمان ڪرڻ جي چڪر ۾ آهن تي ڪي ڌريون وري لادينيت جولبادو پهرائڻ جا سانباها ڪري رهيون آهن. اهڙين ٻنهي انتهائن کان هٽي ڪري اسان کي پنهنجي قومي، عصري ۽ مقامي ضرورتن ۽ گهرجن جو خيال رکيو وڃي. اسان کي ڪنهن کان به Dictation وٺڻ جي ضرورت ناهي اسان جنهن معاشري ۾ رهون پيا ۽ اسان کي ڪيڏانهن وڌڻو آهي ۽ اسان جي ايندڙ نسلن جون گهرجون ڇا آهن اُنهن تي غور ڪندي جامع پر مختصر نصاب جوڙيو وڃي جيڪو وقت به وقت نئون پُڻ ڪندو رهجي.

    تعليمي ادارا، اُنهن جو عمارتون ۽ سازسامان:
    تعليمي ادار جوڙڻ خصوصن اعليٰ تعليمي ادارا جوڙڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ هڪ صديءَ جي رٿابندي ذهن ۾ رکڻ گهرجي تعليمي ادارن جي جوڙجڪ ۽ محل وقوع تي به ڌيان ڏنو وڃي ۽ اُن لاءِ گهربل سمورو سامان پُڻ وقت سر مهيا ڪيو وڃي جيئن تعليم حاصل ڪندڙ ۽ تعليم ڏيندڙن لاءِ سهوليت پئدا ٿئي.
    اجايون عمارتون يا سياسي خوشامد تحت عمارتون نه تعمير ڪيون وڃن سڀني عمارتن جو رڪارڊ جديد سائنسي طريقي GIS وسيلي دستاويز بند ڪيو وڃي جيئن هرهڪ واسطيدار نگران ڌُر جي اُن اداري تائين سولي پهچ هجي.

    پڙهائيندڙ ۽ انتظامي عملو:
    پڙهائيندڙ توڙي انتظامي عملو ٻئي اهليت جي معيار تي کنيا وڃن ۽ اُنهن جي وقت به وقت ضروري تربيت ڪرائي وڇي ۽ سندن ترقي ڪارڪردگيءَ جي روشنيءَ ۾ ڪئي وڃي نه ئي سال ڳڻندي ته فلاڻو 15 سال هڪڙي گريڊ ۾ رهيو آهي هاڻ سندس گريڊ بدلايو ويندو. پڙهائيندڙ عملي کي واسطيدار مضمون ۾ اپڊيٽ رکڻ لاءِ سکيا جو جوڳو انتظام هئڻ گهرجي پوءِ به ڪير نه پڙهائي ته اُن تي سخت قدم کنيو وڃي. انتظامي ۽ نگران عملي جو به اهليت ۽ تربيت يافته هئڻ ضروري آهي ۽ سفارش تي نااهل ۽ ننڍي گريڊ وارن کي نه مقرر ڪيو وڃي ۽ انتظامي عملي جي به ضرورت مطابق سکيا ڪرائڻ گهرجي. جيڪو به منتظم يا نگران نااهلي جو مظاهرو ڪري اُن تي ترت قدم کنيو وڃي سمورن ملازمن جي حاضري کي يقيني بنائڻ لاءِ سڀني ادارن سميت تعليمي ادارن ۾ بائيو ميٽرڪ سرشتو لاڳو ڪيو وڃي. هيڊ معلمن، پرنسپالن، اسسٽنٽ ڊسٽرڪٽ آفيسرن، ڊسٽرڪٽ آفيسرن، ڊائريڪٽرن ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽرن کان وٺي سيڪريٽريٽ تائين سمورن عملدارن جي چُرپر کي درجي وار ڄاڻ هيٺ رکڻ لاءِ اهڙي SIM متعارف ڪرائي وڃي جنهن وسيلي هرهڪ مٿيون آفيسر يا نگران پنهنجي ماتحت جي سرڪاري چُرپر کان باخبر هُجي. سمورو کاتو پاڻ ۾ انٽرنيٽ وسيلي ڳنڍيل هئڻ گهرجي جنهن کي سهوليت مطابق ڊائريڪٽوريٽ يا ريجن سطح تي يا wing سطح تي clusters ۾ ورهائي منظم ڪري سگهجي ٿو اُن سان هرهڪ سموري ترقياتي يا انتظامي عمل کان واقف هوندو ته پوءِ نگراني ۽ احتساب جو عمل به بهتر ٿيندو تعليم کاتي اُن جي شروعات ڪندي بدلين مقررين جا نوٽيفڪيشن ويب سائيٽ تي رکڻ شروع ڪيا آهن جيڪو سُٺو سئوڻ آهي.

    اُستاد تنظيمون:
    اُستاد تنظيمن جو ڪردار به واقعي بحث جوڳو آهي ۽ اُنهن جي سموري ڪم ڪار کي ڇنڊي ڇاڻي سگهجي ٿو. در حقيقت اُستاد تنظيمن ٺهڻ جي ضرورت ڇو محسوس ٿئي ٿي يا اُهي تنظيمون تحريڪون ڇو ٿيون هلائين يا اُنهن تنظيمن جو ڪردار محض پريشر گروپ وارو ڇو آهي، اهي اهڙا سوال آهن جن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن اُستاد طبقي جي ملازمتي ڍانچي کي ڪا با ضابطه شڪل هوندي يا ڪو فارمولا طئه هوندو جنهن مطابق ترقيءَ جو اهڙو عمل جاري رهندو ته پوءِ تنظيمون به پريشر گروپ مان تبديل ٿي تعليم سُڌارڪ ڏانهن وڌنديون ڇاڪاڻ ته پوءِ اُهو سندن مٿان اهڙي ذميواري ٿي پوندي جنهن کان اُهي ڪن لاٽار نٿيون ڪري سگهن.

    اسڪول مئنيجمينٽ ڪاميٽيون:
    اهي درحقيقت راڄن جي ڪردار کي تعليمي ڪم ۾ سرگرم ڪرڻ لاءِ وجود ۾ آيون جيئن پڙهندڙ ٻارن جا والدين اُن عمل ۾ شامل ٿي پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪن پر اُهي ڪاميٽيون پئرنٽ ٽيچرس ايسوسي ايشن مان ورڻ مٽائي جڏهن اسڪول مئنيجمينٽ ڪاميٽيون ٿي پيون ۽ ٻه ٽي ڏوڪڙ اچڻ شروع ٿيا ته اُستادن ۽ ڳوٺاڻن (جيڪي گهڻو ڪري اُستادن جا مٽ مائٽ يا رشتيدار هوندا آهن) گڏجي انهن پئسن مان ڏاٺ ڪوسي ڪرڻ شروع ڪئي ۽ اڪثر هنڌن تي اسڪولن جي ترقيءَ جو ڪم اڌ ۾ رهجندو رهجي ويو. ڳوٺاڻن پاران تعليم جي سفر ۾ ڪردار نباهڻ جا سنڌ ۾ روشن مثال آهن. اڪثريت ڳوٺاڻا هرهنڌ صرف ۽ صرف ٻار پڙهائڻ ۾ تمام گهڻي دلچسپي رکن ٿا پر سندن هٿ وس شين جو نه هجڻ يا بااختيار هجڻ جي ڪري اُهي اهڙو ڪم نباهي نٿا سگهن ۽ سندن سمورا خواب اُنهن ابن الوقت اُستادن ۽ سندن عزيزن (جيڪي SMC جا چيئرمن هوندا آهن) جي ڳٺ جوڙ ٿي وڃي ٿو. اهڙي طرح اهو ادارو پُڻ عوامي مفادن ۽ اُمنگن پٽاندڙ ڪم نٿو ڪري. اُن لاءِ اُنهي اداري کي مقامي حالتن کي نظر ۾ رکندي ٻيهر جوڙڻ گُهرجي جو اُهو پنهنجو ڪم ڪري نه ئي ٻن فردن جي هٿ ۾ هائيجيڪ هجي.
    تعليم کاتي جي اهڙي صورتحال ۽ گنڀير مسئلن جي حل لاءِ ڪي ٺوس اُپاءَ وٺڻ جي ضرورت آهي جنهن ۾ سماج جي هڏڏوکي ۽ ديانتدار ماڻهن جو شامل هُجڻ ضروري آهي. اِن ڏس ۾ ڪُجهه تجويزون غور لاءِ عرض رکجن ٿيون.

    ● سڀئي شهري برابر آهن ۽ سندن هڪجهڙا حق ۽ فرض آهن ته پوءِ سڀني لاءِ هڪجهڙو تعليمي سرشتو هئڻ ضروري آهي ڇاڪاڻ ته ٻن خانن ۾ ورهايل تعليم سماج م ڪا نيڪ صالح اُپت نه ڏيئي رهي آهي يا ته وري سڀني لاءِ اُنهن ادارن ۾ موقعا هجن.
    ● ڇوڪرين جي تعليم تي خاص ڌيان ڏيندي، ضرورت مطابق ڇوڪرين جي رهائش لاءِ هاءِ اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ هاسٽل ٺهرايا وڃن جيئن اهڙي قسم جي Dropout کي ٻُنجو ڏيئي سگهجي ۽ ڇوڪريون به ڇوڪرن وانگر برابر نموني تعليم پرائي سگهن.
    ● نصاب کي متوازن هئڻ گُهرجي اُن ۾ ٻارن جو سندن عمر مطابق ذهني سطح جو خيال رکيو وڃي. شروعاتي درجن کان وچولن درجن تائين تعليم ۾ مادري زبانن کي ترجيح ڏني وڃي جيئن ٻارن جي معلومات جو بُنياد پڪو پختو ٿئي ۽ فني ۽ عملي علم ڀلي انگريزي يا ٻئي ڪنهن جنهن به زبان هجن تنهن ۾ پڙهايا وڃن. بُنيادي ڪم اُهو علم يا فن پڙهائڻ آهي ۽ سڀئي ٻوليون اهڙي علم ۽ فن پڙهائڻ جو وسيلو آهن. باقي اصل ته اُهو علم آهي جنهن کي حاصل ڪرڻو آهي ۽ ڪنهن به علم حاصل ڪرڻ لاءِ مادري زبان يا ٻيون ڏيهي زبانون ئي وڌيڪ مؤثر آهن باقي رابطي ڪاريءَ لاءِ دُنيا جون سڀ زبانون سکيون وڃن ته به ڏوهه ناهي.
    ● تعليمي ادارا ۽ عمارتون سوچي سمجهي گهڻي رٿابنديءَ کانپوءِ ٺاهيا وڃن اهڙي رٿابندي صدين تي ڌيان ڏئي نه ئي ٿوري مُدت کي مفادن ۾ نظر ۾ رکي. سڀني عمارتن ۾ ضروري سائنسي يا فني سامان پُڻ وقت سر مهيا ڪيو وڃي ۽ تعليمي ادارن جي فارغ پئل اثاثن کي سُڪارج بنائيندي اُن مان آمدني پئدا ڪئي وڃي اهڙي طرح ادارن کي پاڻ ڀرو بنايو وڃي.
    ● مالي طور جيئن ادارا پاڻ ڀرا ٿيندا وڇن تيئن تيئن اُنهن جي سارسنڀال ۽ نگرانيءَ جو عمل ڏاڪي به ڏاڪي راڄن جي حوالي ڪيو وڃي ۽ جن ماڻهن کي اهڙو ڪم سونپيو وڃي اُهي ڪنهن اداري جي شڪل ۾ منظم ٿيل هئڻ گهرجن ۽ سندن ڪاروهنوار واضح هجي ۽ سماج ۾ سندن ساک سُٺي هجي.
    ● پڙهائيندڙ توڙي انتظامي عملي جي ڀرتي ۽ مقرري مقرر ڪيل سرشتي جي معيارن پٽاندڙ ۽ اهليت جي بُنياد تي هجي. انهي سموري طبقي جي حاضري ۽ نگراني کي يقيني بنائڻ لاءِ مشيني يا ڊجيٽل جوڙجڪ کان مدد وٺندي اُن کي هڪڙي جامع بائيومئٽرڪ سرشتي جي حدن اندر رکيو وڃي جيئن سندن ڪارڪردگي جو سمورو حساب ڪتاب به صاف شفاف رهي.
    ● اُستاد تنظيمن کي به اسٽيڪ هولڊر جي حيثيت ڏيندي، سندن جائز ۽ قانوني مطالبن کي مان ڏيندي تعليمي عمل جي ڪارائتي ڪم ۾ سرگرم ڪارڪن وانگر ڪردار نباهڻ جي ذميواري سونپي وڃي.
    ● سموري عمل بابت جاڳرتا پئدا ڪرڻ لاءِ ضلعي، ڊويزن ۽ صوبي سطح تي سرڪار سڀني واسطيدار ڌرين Stakeholders جا ڊائلاگ منعقد ڪري سماج ۾ مناسب جاگرتا پئدا ڪري اهڙي عمل سان مسئلا کُلي ڪري سامهون ايندا ۽ راڄن جا ماڻهو هِن عمل جي مالڪي ڪرڻ شروع ڪندا ۽ ذميوار ملازم پنهنجي ذميوارين جو احساس پُڻ ڪندا.
    ● سياسي اڳواڻن کي گهرجي ته تعليمي عمل کي قومن جي بقاءَ جو عمل ڪري سمجهن ۽ اُن جي بهتر انتظام لاءِ جوڳي قانونسازي ڪرائڻ ۾ سرگرم ٿين ۽ تعليم جي بهتر انتظام لاءِ جوڳي قانونسازي ڪرائڻ ۾ سرگرم ٿين ۽ تعليم جي بهتر انتظام لاءِ ضروري رقمون رکائين هر هڪ MNA / MPA Senator / وٽ پنهنجي پنهنجي علائقي جا تعليمي پلان هئڻ گهرجن جن ۾ ورجاءَ کان پاسو ڪندي، اهڙيون رٿائون تجويز ٿيل هجن جيڪي عوامي ضرورتن پٽاندڙ هجن.
    اهي چند اهڙا ڪم آهن جن ۾ ڪنهن وڏي رقم جي ضرورت ناهي موجوده وسيلن اندر رهي انهن سُڌارن کي لاڳو ڪري سگهجي ۽ سموري رٿابنديءَ جو محور موجوده سرشتيءَ جي بهتري، واڌو خرچن جو بار گهٽائڻ، وسيلن جو ارتڪاز، اڳواڻيءَ جو صحيح رُخ ۽ شفاف تعليمي ڍانچو، اسان لڏندڙ ٻيڙيءَ کي وچ سير مان ڪڍي سُک شانت واري سُڌريل ماحول ڏانهن آڻي سگهون ٿا ۽ اسان کي هِن نقطي تي متفق ٿي اڳتي وڌڻ لاءِ سوچڻو پوندو سماج جي ساڃاهه وند ماڻهن کي اڳتي اچڻو پوندو اُستاد کي پنهنجي انتهائي اهم ۽ اعليٰ ذميواري کي سنڀالڻو پوندو ۽ راڄن کي پنهنجي جياپي لاءِ، پنهنجي نسلن جي جياپي لاءِ هِن ڪم ۾ قدم وڌائي اڳتي اچڻو پوندو تڏهن وڃي هڪ اهڙو سُٺو سرشتو رڄي راس ٿيندو جيڪو اسان جي ايندڙ نسلن جي بقاءَ جو ضامن هوندو.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 923
    ڪتابن جو مشاهدو: 2927237
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 760795
    2020 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ