ناول

پيغامبر

هي ناولٽ هڪ طويل انٽرويو جيان آهي، جيڪو هڪ اهڙي ماهر کان ورتو ويو هجي جيڪو زندگيءَ جي هر شعبي تي مهارت رکندو هجي. هو هر ماڻهوءَ جي اهنجن، ايذائن، ڏکن ڏوجهرن، خوشين ، پيار ۽ چاهت، ويندي کاڌ خوراڪ، پهرڻ ۽ محبتن ۽ محنتن مان واقف هجي. جبران هن ناولٽ ۾ محنت جي باري ۾ ٻڌائيندي چوي ٿو: ”محنت جي وسيلي زندگيءَ سان محبت ڪرڻ، ٻين لفظن ۾ زندگيءَ جي سڀ کان اونهن رازن تائين پهچڻ آهي. جيئن توهين پنهنجي دل جي تار ڪڍي ان مان ڪوئي ڪپڙو ٺاهيو ته اهو توهان جو محبوب پائي.“
  • 4.5/5.0
  • 2786
  • 1744
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • خليل جبران
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book پيغامبر

جهاز جو اچڻ

مصطفيٰ، جيڪو پسنديده ۽ محبوب، جيڪو زماني جو چمڪندڙ صبح هو.
شهر فاليس ۾ پنهنجي جهاز جو ٻارنهن سال انتظار ڪندو رهيو. جنهن کي هڪ ڏينهن اچي، کيس هڪ ننڍي جزيري ۾ وٺي وڃڻو هو. ان ننڍي جزيري ۾، جيڪو سندس جنم ڀومي هو.
ٻارنهن سال، ڊسمبر جي ستين تاريخ ۽ اهي ڏينهن فصلن جي لبڻ جا هئا. هو شهر جي هر پهاڙ تي چڙهيو ۽ سمند ڏانهن نظر ڪيائين. سندس جهاز ڪوهيڙي ۾ ويڙهيل، هن ڏانهن اچي رهيو هو. سندس دل جا دروازا پاڻهي کلي پيا.
خوشيءَ جو هڪ ڦوهارو نڪتو ۽ تيزيءَ سان وهندو پوري سمنڊ تي ڇائنجي ويو.
هن اکيون بند ڪيون ۽ دل ۾ دعائون گھرڻ لڳو.
جيئن ئي هو پهاڙيءَ تان هيٺ لٿو. اداسيءَ هن کي وڪوڙي ڇڏيو. هن پنهنجي دل ۾ سوچيو: ”مان مطمئن ۽ بي غم ٿي ڪين وڃي سگھندس؟“ نه ! ڪڏهن به نه !!
مان پنهنجي دل تي پٿر رکي هي شهر ڪيئن ڇڏي سگھندس. ڏک جا ڏينهن، جيڪي مون هن شهر جي چوديواريءَ ۾ گھاريا، ڏاڍا ڊگھا هئا.
۽ هيکلائيءَ جون راتيون، جيڪي مون هن وسنديءَ ۾ گذاريون، ڏاڍيون ڊگھيون هيون.
۽ ڪير آهي جيڪو پنهنجي ڏک ۽ هيکلائيءَ کان جدا ٿيو ۽ سندس دل رنج ۽ مايوسيءَ کان نه ڌڙڪي هجي.
پنهنجي دل جي رت جا ڪيترا ڦڙا مون هن شهر جي گھٽين ۾ وهايا آهن.
۽ منهجي جگر جا ڪيترا ٽڪرا انگ اگهاڙا هنن پهاڙين ۾ گھمي رهيا آهن. مان پنهنجي روح تي بار رکئي بنا، پنهنجي دل ۾ سور محسوس ڪئي بنا کين ڪيئن ٿو ڇڏي سگھان؟
هي ڪو لباس ناهي، جيڪو اڄ مان پنهنجي جسم تان لاهي رهيو آهيان، پر منهنجي کل آهي، جنهن کي مون کي پنهنجي ٻنهي هٿن سان ڇڪي اڇلائڻو ٿو پوي.
اهو ڪو خيال به ناهي، جنهن کي مان ڇڏي رهيو آهيان. پر دل آهي جنهن کي بک پچايو آهي ۽ اڃ رَسُ پيدا ڪئي آهي.
پر هاڻ مان هتي تَرسي به نه ٿو سگھان.
سمنڊ، جيڪو هر شيءِ کي پنهنجي هنج ۾ ڇڪي وٺندو آهي، مون کي ڏسي رهيو آهي، ۽ مون لاءِ ان کانسواءِ ٻيو ڪو رستو به ناهي ته مان پنهنجا سڙھه کولي ڇڏيان.
انڪري جو منهنجو هتي رهڻ، جنهن رات جون گھڙيون، اُلن جيان ڀڙڪي رهيون هجن، هڪ جمود آهي، ڄڻ ڪوئي پاڻياٺ، ڄمي ۽ بلوري ٿي هڪ سانچي ۾ بند ٿي ويو هجي.
ڪاش! مان پنهنجي اوسي پاسي وارن کي ساڻ وٺي وڃي سگھان ها. پر ان جي ڪا ضرورت ڪانهي.
آواز، زبان ۽ چپن کي پاڻ سان گڏ وٺي نه ٿو وڃي سگھي. جيڪي کيس اڏامڻ لاءِ پَر عطا ڪندا آهن ۽ آسمان جا تارا اڪيلي لاهيندا آهن.
اهڙي طرح باز، جڏهن سج جي ساڙيندڙ ڪرڻن کي چيريندو اڏامندو آهي ته اڪيلو هوندو آهي. پنهنجي آکيري کي ساڻ کڻي نه ويندو آهي.
جڏهن مصطفيٰ جبل جي چوٽيءَ تي پهتو، ته هن سمنڊ تي ٻيهر نظر وڌي ته هن ڏٺو ته سندس جهاز هوريان هوريان بندرگاھه جي ويجهو ٿيندو ٿو وڃي ۽ سندس هڪ وطن جا ملاح، جهاز جي آڳل تي بيٺا آهن.
هن جي روح جي اختيار کين سڏيو ۽ چيو: اي موج جا شهسوار!
اي منهنجي ماءُ منهنجي وطن جا پهلوانو! مون مدتن کان توهان کي پنهنجي خوابن ۾، سمنڊ تي ترندي ڏٺو آهي ، هاڻ اوهان منهنجي سجاڳيءَ ۾ مون ڏانهن اچي رهيا آهيو.
ڏسو مان هلڻ لاءِ تيار آهيان ۽ منهنجو شوق پنهنجا سڙھه کولي هوا جي جهوٽن جو منتظر آهي. بس هڪ دم، آخري دَمُ مان ان خاموش فضا ۾ کڻان.
ان کان پوءِ مان اوهان ڏانهن هليو ايندس.
سمنڊ جو مسافر سمنڊ جي مسافرن ۾ شامل ٿي ويندو.
۽ تون اي وشال سمنڊ! اي خوابيده جي ماءُ! تون، تنهن جي ئي هنج ۾ نهرن ۽ دريائن کي اطمينان ۽ آزادي نصيب ٿيندي آهي. ٿورو ترس! هن نديءَ جون ڇوليون چند وکون وڌندي ۽ سندن نغمي جو هڪ پڙاڏو هن سر سبز واديءَ ۾ گوجندو، ته مان تو وٽ هليو ايندس.
هڪ اڻ کٽ ڦڙو هڪ اڻ کٽ سمنڊ ۾!
جڏهن هو اڳتي وڌيو ته هن پري کان ڏٺو ته مرد ۽ عورتون پنهنجا پنهنجا فصل ۽ گھاٽ ڇڏي، تکين تکين وکن سان شهر جي دروازي ڏانهن اچي رهياآهن.
هن ٻڌو هو ته کيس سندس نالو وٺي وٺي سڏي رهيا آهن. فصل فصل ۾ وڏي آواز، جهاز جي اچڻ جو اعلان ڪري رهيا آهن.
هن دل ۾ چيو: ڇا جدائيءَ جو ڏينهن ئي ميلاپ جو ڏينهن ٿيندو؟
۽ ڇا چيو ويندو ته منهنجي شام دراصل منهنجو صبح هو؟ ان شخص کي مان ڇا ڏئي سگھندس، جنهن منهنجي لاءِ پنهنجو هرُ پوک ۾ ڇڏي ڏٺو.
جنهن مون لاءِ شراب رچائڻ واري مشين جو ڦيٿو ڦيٿو هلائيندي هلائيندي جهلي ڇڏيو.
ڇا منهنجي دل هڪ ڀريل وڻ نه ٿو ٿي سگھي جيئن مان ان مان ميوا پٽي هنن ۾ ورهائي سگھان.
ڇا منهنجون تمنا ئون هڪ چشمي جيان ڦٽي نه ٿيون سگھن جيئن انهن مان پيالا ڀري وٺان؟
ڇا مان ستار آهيان،جو قدرت جو هٿ منهنجي تارن کي ڇيڙي ؟
يا بانسري آهيان، جو ان جا ساھه منهنجي سيني مان لنگھن؟ مان خاموشين جو ڍير آهيان.
ته اهو ڪهڙو خزانو آهي، جيڪو مون هنن جي تهن مان لڌو ۽ هاڻ ان کي اطمينان ۽ اعتماد سان ورهايان ؟
جيڪڏهن اڄوڪو ڏينهن جنهنجي فصل جي لوبَ جو ڏينهن آهي ته ڪهڙي پوک ۾ مون پنهنجو ٻج ڇٽيو هو ؟
۽ اهو ڪهڙو فصل هو، جيڪو منهنجي ذهن سان ملي ويو آهي ؟
جيڪڏهن پڪ ئي هيءَ اها گھڙي آهي. جڏهن مون کي پنهنجي ڏياٽي کڻڻي آهي ته ان ۾ روشن ٿيڻ وارو شعلو منهنجو شعلو نه هوندو.
۽ شايد مان پنهنجي خالي ۽ اونداهي ڏياٽي کڻندس.
رات جو پهريدار ان ۾ تيل وجهندو ۽ اهو ئي ان کي روشن به ڪندو.
اهي هيون اهي ڳالهيون جن کي مصطفيٰ لفظ ۽ بيان جو لباس پهرايو پر ڪيتريون ئي ڳالهيون سندس دل ۾ اڻ چيون رهجي ويون.
هو به پنهنجي اونهي راز تان پردو کڻي نه ٿي سگھيو. ۽ جڏهن هو شهر ۾ گھڙيو، ته سڀ شهر واسي کيس ملڻ آيا.
هو سڀ کيس هڪ آواز ٿي سڏي رهيا هئا.
شهر جا وڏا پوڙها هن ڏانهن وڌيا ۽ چيائونس:
”ايترو جلد اسان وٽان نه وڃ. تون اسان جي زندگيءَ جي تڙ تڪڙ ۾ آڌيءَ رات جو سج ٿي چمڪئين. ۽ تنهن جي جوانيءَ اسان کي ڪهڙا ڪهڙا خواب ڏسڻ سيکاريا.“
” تون اسان ۾ ڪو ڌاريو يا مهمان نه آهين. پر اسان جو پيارو پٽ آهين. جنهن تي اسان جا روح قربان آهن. اسان جي اکين کي پنهنجي حسين چهري جي ديدار جو اُڃو نه بڻاءِ.“
هاڻ پاڻي ڀرڻ واريون عورتون ۽ مرد هن ڏانهن وڌيا ۽ چيائون: ”سمنڊ جي لهرن کي پنهنجي ۽ اسان جي وچ ۾ نه آڻ. ۽ جيڪي مهينا ۽ سال تون اسان سا گڏجي گذاريا آهن انهن کي ”ياد“ نه بڻاءِ. تون هڪ روح جيان اسان جي چوڌاري ڦريو آهين.“
”تنهنجو پاڇو هڪ روشني آهي، جنهن اسان جي چهرن کي روشن ڪيو آهي.“
”اسان تو سان بي پناھه محبت ڪئي آهي. پر اسان جي محبت جي زبان هئي ۽ پردن ۾ لڪل هئي.“
”پر هاڻ اها توکي وڏي آواز سان سڏي رهي آهي. ۽ تنهن جي آڏو بي پرده بيهڻ ٿي گھري. ۽ هميشه کان ائين ٿيندو آهي ته محبت پنهنجي گهرائيءَ کان بي خبر رهندي آهي، اوستائين جو جدائيءَجي گھڙي اچي وڃي.“
ٻيا ماڻهو به آيا ۽ هن کي التجائون ڪرڻ لڳا. پر مصطفيٰ ماٺ رهيو.
ان کان پوءِ هن پنهنجو ڪنڌ جهڪايو ۽ جيڪي ماڻهو سندس ويجها بيٺا هئا انهن ڏٺو ته هن جي سيني تي ڳوڙها ڳڙي رهيا هئا.
ماڻهن جي ميڙ ۾ هو هليو. ايسين جو ميڙ عبادتگاھه جي آڏو هڪ وسيع ميدان ۾ پهچي ويو.
هيڪل} 1{ جي هڪ ڪنڊ مان هڪ ڪاهند } 2{ نڪتي جنهن جو نالو المترا هو.
هن المترا تي هڪ شفقت ڀري نظر وڌي. انڪري جو سڀ کان پهرئين هن ئي ايمان آندو هو.
ان وقت جڏهن هن کي شهر آئي هڪ ئي ڏينهن ٿيو هو. عورت، وڏي گرمجوشيءَ سان کيس سلام ڪيو ۽ چيائين: ”اي خدا جا موڪليل! اي منتها جي پويا ڊڪندڙ! تنهن جون نگاهون، پنهنجي جهاز جي تلاش ۾ آسمان جا تارا لاهينديون رهنديون آهن. ۽ هاڻ تنهنجو جهاز اچي ويو آهي ۽ تو کي وڃڻو ئي پوندو. تنهنجي دل پنهنجي يادن جي سرزمين جي لاءِ ڏاڍي بي چين آهي، جيڪو تنهنجي وڏين وڏين خواهشن جو وطن آهي.
اسان جي محبت توهان جي پيرن جو زنجير بڻجي نه سگھندي. نه ئي اسان جون ضرورتون تنهنجا قدم جهلي سگھنديون.
پر اسان چاهيون ٿا ته پنهنجي وڃڻ کان اڳ تون اسا سان ڪجهه ڳالهيون ڪرين.

1- هيڪل يهودين جي عبادتگاھه. 2- ڪاهند: هيڪل جي سنڀال ڪندڙ عورت.
پنهنجي ”حَقَ“ مان ڪجھ حصو اسان کي ڏي. اسان اهو پنهنجي اولاد کي ڏئي وينداسون، ۽ اهي پنهنجي اولاد کي ۽ اهڙي طرح اهو ڪڏهن به ختم نه ٿيندو.
ڇا توهان پنهنجي اڪيلائيءَ ۾ اسان جي دلين جي رکوالي نه ڪئي ؟ ۽ پنهنجي سجاڳيءَ ۾ اسان جي روئڻ ۽ ٽهڪن جا آواز نه ٻڌا جيڪي ننڊ ۾ اسان جي وات مان نڪرنداهئا؟ اسان توهان کي التجا ٿا ڪريون ته اسان جي روح جا اسرار اسان تي ظاهر ڪر ۽ اسان کي اهو سڀ ڪجھ ٻڌايو جيڪو توهان موت ۽ زندگيءَ جي وچ ۾ ڏٺو آهي.“
هن جواب ڏنو، ”اي المترا ۽ فاليس وارؤ! مان توهان سان ڇا ٿو ڳالهائي سگھان؟ مان جيڪڏهن چوندس ته ان شيءِ جي باري ۾ چوندس، جيڪا هاڻ به توهان جي روح ۾ ڇوليون هڻي رهي آهي.“

************