ناول

پيغامبر

هي ناولٽ هڪ طويل انٽرويو جيان آهي، جيڪو هڪ اهڙي ماهر کان ورتو ويو هجي جيڪو زندگيءَ جي هر شعبي تي مهارت رکندو هجي. هو هر ماڻهوءَ جي اهنجن، ايذائن، ڏکن ڏوجهرن، خوشين ، پيار ۽ چاهت، ويندي کاڌ خوراڪ، پهرڻ ۽ محبتن ۽ محنتن مان واقف هجي. جبران هن ناولٽ ۾ محنت جي باري ۾ ٻڌائيندي چوي ٿو: ”محنت جي وسيلي زندگيءَ سان محبت ڪرڻ، ٻين لفظن ۾ زندگيءَ جي سڀ کان اونهن رازن تائين پهچڻ آهي. جيئن توهين پنهنجي دل جي تار ڪڍي ان مان ڪوئي ڪپڙو ٺاهيو ته اهو توهان جو محبوب پائي.“
  • 4.5/5.0
  • 2786
  • 1744
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • خليل جبران
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book پيغامبر

عقل ۽ جذبو

وري هڪ غيب جون خبرون ٻڌائڻ واريءَ عورت ٻيهر هن کي عرض ڪيو: ”اسان کي عقل ۽ جذبي جي باري ۾ ڪجھ سمجھايو! “
مصطفيٰ جواب ڏنو: ڪڏهن ڪڏهن توهان جو روح هڪ ميدان جو راز بڻجي ويندو آهي.
جنهن ۾ توهان جو عقل ۽ سمجھ، توهان جا جذبا، توهان جي خواهشن سان جنگ جوٽيندا آهن.
ڪاش! مان توهان جي روحن ۾ صلح جو پيغامبر بڻجي اچي سگھان ها. جيئن توهان جي ماڻهن جي گڏيل نفرت کي پري ڪري کين هڪ ڪري ڇڏيان ها. سندس حسد ۽ هڪٻئي ڏانهن وڌڻ کي ٻڌي ۽ ڀائيچاري ۾ بدلائي ڇڏيان ها ۽ هو محبت ۽ ٻڌيءَ جا گيت ڳائڻ لڳن ها. پاڻ صلح جا پيغامبر نه بڻجو. اڃان به اوهان جي دلين ۾ هڪٻئي جي لاءِ هڪجهڙي ۽ هڪجيتري محبت پيدا نه ٿئي.
توهان جا عقل ۽ توهان جا جذبا توهان جي سمنڊ تي ترندڙ روحن جا ونجھ ۽ سڙھه آهن.
۽ جيڪڏهن ونجھ ڀڄي پون يا سڙھه ڦاٽي پوي ته لهرون اوهان جي جهاز کي لوڏينديون ۽ جيڏانهن چاهينديون اوڏانهن لوڙهي وينديون. يا وري اهي سمنڊ جي وچ ۾ بنا چرپر جي بيهي رهندو.
انڪري جيڪڏهن اڪيلي عقل جي حڪومت هوندي ته اها هڪ اهڙي قوت بڻجي ويندي آهي جيڪا توهان کي ٻڌي سوگھو ڪري ڇڏيندي آهي. ۽ جيڪڏهن جذبن کي آزاد ڇڏي ڏجي ته اهو هڪ اهڙو شعلو ٿي ويندو آهي، جيڪو خود پاڻ کي ساڙي وجھندو آهي.
بس پنهنجي روح کي موقعو ڏيو ته توهان جي عقل کي جذبي جي انتهائي اوچائيءَ تي پهچائي جتي هو گيتن سان ملي هڪ ٿي وڃي. ۽ پنهنجي روح کي اجازت ڏيو ته جذبي جو پردو بڻائي جيئن هو هر روز هڪ نئين زندگي گذاري. ان عنقا جي مثال ٿي وڃي، جيڪو پاڻ سڙندو آهي ۽ پنهنجي خاڪ مان وري جنم وٺندو آهي.
ڪاش! اوهان پنهنجي سمجھ ۽ پنهنجي خواهشن کي ان نظر سان ڏسو، جنهن نظر سان اوهان پنهنجي گھر اچڻ وارن ٻن پيارن مهمانن کي ڏسندا آهيو، پڪ ئي توهان انهن ٻنهي مان هڪ کي ترجيح نه ڏيندؤ. انڪري جيڪڏهن توهان انهن مان ڪنهن به هڪ کي وڌيڪ اهميت ڏني ته انهن ٻنهي جي محبت ۽ پنهنجي محبت وڃائي وهندؤ.
جڏهن توهان پهاڙن جي وچ ۾ خوبصورت ۽ گھاٽن وڻن جي ڇانءَ ۾ ويهو، حدِ نظر تائين پکڙيل فصل ۽ ساوڪ جي سڪون ۽ جلال ۾ پنهنجا حصا ورهايو ته پنهنجي دل کي سڪون ۽ خاموشيءَ ۾ چوڻ ڏيو: روح مطلق اسان جي عقل ۾ آرام ڪرڻ ٿو گھري.
۽ جڏهن طوفان اچي، هوا جا جھوٽا جھنگلن کي لوڏي وجھن ۽ ڪڙڪا ۽ گاج آسمان جي جلال ۽ عظمت جو اعلان ڪن ته پنهنجي دل کي رعب ۽ خوف جي حالت ۾ چوڻ ڏيو: روح مطلق جذبي ۾ متحرڪ ٿيندو آهي.
جيسين خدائي مملڪت ۾ هڪ وجود هجي، جھنگل جي باغ جو هڪ پن هجي، توهان تي لازم آهي ته عقل جي هنج ۾ آرام ڪريو ۽ جذبي جي ميدان ۾ جدوجهد ۽ عمل جا جھنڊا کڙا ڪريو!“