ناول

پيغامبر

هي ناولٽ هڪ طويل انٽرويو جيان آهي، جيڪو هڪ اهڙي ماهر کان ورتو ويو هجي جيڪو زندگيءَ جي هر شعبي تي مهارت رکندو هجي. هو هر ماڻهوءَ جي اهنجن، ايذائن، ڏکن ڏوجهرن، خوشين ، پيار ۽ چاهت، ويندي کاڌ خوراڪ، پهرڻ ۽ محبتن ۽ محنتن مان واقف هجي. جبران هن ناولٽ ۾ محنت جي باري ۾ ٻڌائيندي چوي ٿو: ”محنت جي وسيلي زندگيءَ سان محبت ڪرڻ، ٻين لفظن ۾ زندگيءَ جي سڀ کان اونهن رازن تائين پهچڻ آهي. جيئن توهين پنهنجي دل جي تار ڪڍي ان مان ڪوئي ڪپڙو ٺاهيو ته اهو توهان جو محبوب پائي.“
  • 4.5/5.0
  • 2786
  • 1744
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • خليل جبران
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book پيغامبر

ڏوھه ۽ سزا

وري شهر جو هڪ قاضي اڳتي وڌيو ۽ چيائين: ”اسان کي ڏوھه ۽ سزا جي باري ۾ ڪجھ ٻڌايو !“
مصطفيٰ جواب ۾ وراڻيو: جڏهن توهان جا روح هوا جي چڪر ۾ ڦرندا آهن، ان وقت توهان پاڻ کي اڪيلا ۽ پاڻ کي غيرمحفوظ ڀانئي ٻين جي حق ۾ زيادتي ڪندا آهيو. پاڻ ئي پنهنجي ذات کي نقصان پهچائيندا آهيو. توهان پنهنجي ان زيادتيءَ جو ڪنارو ادا ڪري نه سگھندؤ.
جيستائين اهل نعمت جو دروازو نه کڙڪايو ۽ بي پرواهيءَ جي عالم ۾ ٿوري دير انتظار ڪريو.
توهان جو نوراني وجود سمنڊ جي مثال آهي. جيڪو هميشه پاڪ ۽ صاف رهندو آهي.
ايڦر جيان ان کي پنهنجي سطح تي تارڻو آهي، جنهن جون ٻانهون هجن .
اڃان به توهان جو نوراني وجود سج جي مثال آهي.
جيڪو انڌي ڪُئي جي رستن کي ڄاڻي ٿو، نه ناگن جي ٻر ڳوليندو آهي .
پر اهو نوراني وجود توهان جي هستيءَ ۾ اڪيلو رهيل ناهي، توهان ۾ گھڻو ڪجھ آهي، جيڪو ئي انسان آهي.
گھڻو ڪجھ توهان ۾ آهي. جيڪو انسان جي درجي تي نه پهتو آهي .
اهو هڪ بگڙيل وجود آهي جنهن جي ڪابه صورت ناهي، اهو ڪڪرن ۾ جھوٽا کائيندو هلندو آهي، پاڻ پنهنجي سجاڳيءَ کي ڳوليندو .
توهان ۾ جيڪو انسان آهي، ان جو مان هاڻ توهان سان ذڪر ڪريان ٿو.
اهو ۽ صرف اهو آهي، جيڪو ڏوھه ۽ سزا کي ڄاڻندو آهي. توهان جي نوراني ذات ۽ توهان جو ڪڪرن ۾ پريشان گھمڻ وارو وجود، ٻئي ان کان بي تعلق آهن .
مون اڪثر اوهان کي خطادارن جو ذڪر ڪندي ٻڌو آهي. ڄڻ هو توهان مان ناهي، پر اجنبي آهن، جيڪي توهان جي دنيا ۾ زوريءَ اچي سهڙيا آهن.
پر مان توهان کي چوان ٿو ته وڏي ۾ وڏو نيڪ ۽ پرهيزگار به ان کان مٿاهون ته ناهي، جيڪو توهان مان هرهڪ جي اندرآهي . ۽ اهڙيءَ طرح گنهگار ۽ ڪمزور کان ڪمزور به ان کان هيٺاهون ناهي. جيڪو توهان مان هرهڪ جي اندر موجود آهي. ۽ جيئن وڻ جو هڪ پن، سڄي وڻ جي خاموش علم کان سواءِ پنهنجو رنگ بدلائي نه سگھندو آهي . اهڙي طرح ڪوئي خطادار توهان سڀني جي لڪل ارادي کانسواءِ، خطا جو مرتڪب ٿي نه سگھندو.
بس ان جي حالت ان جلوس جهڙي آهي، جنهن ۾ توهان سڀ جا سڀ پنهنجي نوراني وجود ڏانهن وڌندا ويندا آهيو . توهان راهه به آهيو ۽ راهيگر به ، جيڪڏهن توهان مان ڪوئي ڪرندو آهي ته انهن ماڻهن مان ڪرندو آهي . جيڪي هن جي پويان پويان ايندا آهن ، هو انهن کي خبردار ڪري ڇڏيندو آهي ته رستي ۾ پٿر آهي، ٿيڙ کائڻ کان بچو.
ها، اهڙيءَ طرح اهو ڏينهن ماڻهن لاءِ به گذرندو آهي ، جيڪي سندن اڳيان اڳيان هلي رهيا اهن. اهي ماڻهو جيتوڻيڪ هن جي مقابلي ۾ تيز رفتار به آهن ۽ ثابت قدم به پر ان پٿر کي رستي تان پري ڪري نه سگھيا .
اهڙيءَ طرح مان توهان کي چوان ٿو، ڀل ته منهنجي ڳالھ توهان جي دلين تي ڳوري ڇونه لڳي ته مقتول پنهنجي قتل جي ڏوھه ۾ پاڻ به شريڪ هوندو آهي.
۽ ڦرجندڙ پنهنجي ڦرجڻ تي ملامت کان آزاد قرار نه ڏنو ويندو. نيڪوڪار، بدڪار جي افعال جي ذميداريءَ کان بچي نه ٿو سگھي. ۽ ڪوئي بيگناھه ناهي جنهن جا هٿ ڏوهيءَ جي ڏوھه کان وانجهيل هجن.
ها، ڪڏهن ڪڏهن ڏوهي به پنهنجي نشانيءَ جو نشانو بڻجندو آهي. ۽ گھڻو تـڻو سزا پائڻ وارو ڏوهي، بيگناهن ۽ بي خطائن جو ٻوجھه به کڻندوآهي. اهائي ڳالھه آهي جو توهان عادل ۽ ظالم، نيڪ ۽ بري ۾ ڪوبه تفاوت ڪري نه سگھندا آهيو. انڪري ته هو سج جي آڏو گڏ بيٺا آهن. جيئن ڪارا ۽ اڇا سڳا گڏ اڻيا ويندا آهن .
جڏهن ڪارو ڌاڳو ڇڄي پوي ته اُڻندڙ پوري ٿانَ کي ڏسندو آهي ان سان گڏ چرخي جي چڪاس به ڪندو آهي. جيڪڏهن توهان مان ڪوئي خيانت دار عورت کي انصاف جي گھر ۾ آڻي ته کيس گھرجي ته ان جي مڙس جي دل کي به تارازيءَ ۾ رکي ۽ ان جي روح کي به پئماني سان ماپي ۽ جڏهن توهان مان ڪوئي ڏوهيءَ کي ڪوڙا هڻڻ جو ارادو ڪري ته ان شخص جي روح کي به جاچي، جنهن تي ظلم ڪيو ويو آهي .
۽ جڏهن توهان مان ڪوبه فضيلت جي نانءَ تي ڪنهن کي سزا ڏيڻ ۽ گناھه جي وڻ تي انصاف جي ڇري وهائڻ گھري، ته پهرين کيس ان وڻ جي پاڙن کي ڏسڻ گھرجي. هو نيڪي ۽ بدي، ثمر ۽ بي ثمر جي پاڙن کي زمين جي خاموش دل ۾ هڪٻئي سان چيپيل ڏسندو.
۽ توهين انصاف وارؤ ! اي عدالت جا گيت ڳائڻ وارؤ ! توهان ان شخص جي خلاف فيصلو ڪيئن ٻڌائيندؤ ، جنهن جو جسم بي خطا ۽ جنهن جو روح خطادار آهي؟ ۽ ان شخص تي ڪهڙي سزا جاري ڪندؤ جيڪو ٻئي جي جسم کي قتل ڪندو آهي پر سندس روح پاڻ مقتول آهي؟ ان شخص تي توهان ڪيئن ڪيس هلائيندؤ، جيڪو پنهنجي افعال ۾ فريب ۽ زيادتي ڪندڙ هوندو آهي، پر اهو پاڻ به ٻين جي فريب ۽ زيادتين جو شڪار اهي؟
توهان اهڙن ماڻهن کي ڪيئن سزا ڏيندؤ، جن جي پشيماني سندن گناهن ۽ خطائن کان به وڌيڪ آهي؟
ڇا پشيمانيءَ کي به اهو قانون انصاف قرار نه ڏيندو، جنهن تي عمل ڪري توهان خوش ٿيندا آهيو؟
پر پشيماني اها شيءِ آهي، جنهن کي توهان ڪنهن بيگناھه تي مڙهي نه سگھندؤ؟
نه ان کي ڪنهن گنهگار جي دل کان جدا ڪري سگھندؤ. پشيماني، بناڪوٺ جي، رات جو ايندي آهي ته ستل جاڳن ۽ پنهنجي نفس جو جائزو وٺن. ۽ توهان جيڪي انصاف کي سمجھڻ جا حامي آهيو اهي ڪيئن انصاف جي حقيقت کي سمجھي سگھندؤ، جيستائين ڏينهن جي ڀرپور روشنيءَ ۾ فعلن تي نظر نه وجھي سگھو.
ان وقت توهان کي خبر پوندي ته مٿاهين ۽ هيٺاهين دراصل هڪ ئي آهن، ڄڻ هڪ ئي شخص آهي جيڪو پنهنجي نپوڙيل ذات کي رات ۽ پنهنجي نوراني وجود جي، ڏينهن جي وچ ۾ انڌيري ۾ بيٺو آهي. ۽ اهو ته عبادتگاھه جي محراب جو سڀ کان اونچو پٿر ان جي بنياد جي هيٺاهين پٿر کان ٿورو به مٿاهون نه آهي .“