ٻار
مصطفيٰ چيو: ”توهان جا ٻار، توهان جا ناهن.اهي زندگيءَ جا پٽ ۽ ڌيئرون آهن. جڏهن زندگي پاڻ پنهنجي عشق ۾ بيقرار ٿيندي آهي، اهي توهان جي ذريعي زندگيءَ ڏانهن ايندا آهن. توهان مان ناهن ايندا. ۽ جيتوڻيڪ هو توهان جي هنج ۾ پلبا آهن پر اهي توهان جي ملڪيت نه هوندا آهن.
توهان کين پنهنجي محبت ڏيو، پر پنهنجا فڪر انهن تي نه مڙهيو. انڪري جو انهن جا پنهنجا فڪر آهن.
توهان هنن جي جسم کي گھر جون آسائشون پهچائي ٿا سگھو، سندن روح کي نه. انڪري جو انهن جا روح مستقبل جي گھرن ۾ رهندا آهن.
انهيءَ گھر ۾ اوهان وڃي نه ٿا سگھو. پنهنجي خواب ۾ به ان کي ڏسي نه ٿا سگھو.
توهان انهن جو مثال ٿيڻ جي ڪوشش ڪري ٿا سگھو. پر انهن کي پنهنجو مثال بڻائي جي ڪوشش نه ڪجو. انڪري جو زندگي پوئين پير هلي نه سگھندي. نه ئي بتن سان گڏ رهي سگھندي آهي.
توهان سڀ ڪمانون آهيو، جن مان توهان جا ٻار زنده تيرن جيان نڪرندا آهن. ۽ الله ان نشانيءَ کي ڏسندو آهي جيڪو ابديت جي رستي تي هليو آهي. الله پنهنجي طاقت سان انهن ڪمانن کي ڇڪيندو آهي. جيئن ان جا تير تيز ۽ تمام پري وڃن.
بس توهان کل خوشيءَ سان ان آڏو جهڪي وڃو. انڪري ته جهڙي طرح هو اڏامندڙ تير سان محبت ڪندو آهي، اهڙي طرح هو مظبوط ڪمان سان به چاھه رکندو آهي.