ڏک ۽ خوشي
مصطفيٰ وراڻيس: توهان جي خوشي ئي توهان جو ڏک آهي.جنهن جي چهري تان پردو کنيو ويو آهي.
اهوئي کوھه، جنهن مان توهان جا ٽهڪ اڀرندا آهن، ڪنهن وقت توهان جي ڳوڙهن سان ڀربو آهي. ۽ ان کان سواءِ ٿي به ڇا ٿو سگھي!
ڏک جا نشان توهان جي اندر جيترا چٽا ٿيندا آهن، اوتري ئي خوشيءَ جي جاءِ توهان ۾ پيدا ٿيندي آهي. ڇا جنهن پيالي ۾ توهان جو شراب ڀريل آهي، اهو پيالو ناهي جيڪو ڪنڀر جي آويءَ ۾ پچايو ويو آهي؟ ۽ ڇا اها بانسري، جيڪا توهان جي روح کي تسڪين ڏيندي آهي. اهو بانس جو ٽڪرو ناهي، جنهن جو سينو چاقونءَ سان وڍيو ويو هو!
خوشي جي گھڙين ۾ پنهنجي دل جي گھراين ۾ لهي ڏسو. توهان ڏسندؤ ته جنهن شيءِ اوهان کي ڏکويو هو. اهائي شيءِ اوهان کي خوشي بخشي رهي آهي. ۽ ڏکن گھڙين ۾ ، وري پنهنجي دل جو جائزو وٺو! توهان ڏسندؤ ته درحقيقت توهان، ان شيءِ جي لاءِ روئي رهيا آهيو، جنهن توهان کي خوشي بخشي آهي.”توهان مان ڪجھ چوندا آهن. ”خوشي ڏک کان بهتر آهي !“
۽ ڪجھ چوندا آهن: ”نه! ڏک بهتر آهي“
پر مان توهان کي چوان ٿو: ”اهي هڪ ٻئي کان ڌار ڪري نه ٿا سگھجن، اهي گڏجي ايندا آهن.انهن مان هڪ توهان جي دسترخوان تي آيو ته ياد رکو! ٻيو توهان جي بستري ۾ هوندو.“
پڪ ڄاڻو! تارازيءَ جي پڙن جيان توهان پنهنجي خوشيءَ ۽ پنهنجي ڏک جي وچ ۾ ڳنڍيل آهيو. توهان ۾ جمود ۽ توازن صرف ان مهل نظر ايندو آهي جڏهن توهان خالي هجو ۽ زندگيءَ جي خزاني وارو_ خدا_ پنهنجو سون ۽ چاندي تورڻ جي لاءِ توهان کي اتاريندو آهي، ته لازمي طور تي توهان جي خوشي يا توهان جي غم جا پڙ جهڪي ويندا آهن يا اٿي ويندا آهن.