ناول

پيغامبر

هي ناولٽ هڪ طويل انٽرويو جيان آهي، جيڪو هڪ اهڙي ماهر کان ورتو ويو هجي جيڪو زندگيءَ جي هر شعبي تي مهارت رکندو هجي. هو هر ماڻهوءَ جي اهنجن، ايذائن، ڏکن ڏوجهرن، خوشين ، پيار ۽ چاهت، ويندي کاڌ خوراڪ، پهرڻ ۽ محبتن ۽ محنتن مان واقف هجي. جبران هن ناولٽ ۾ محنت جي باري ۾ ٻڌائيندي چوي ٿو: ”محنت جي وسيلي زندگيءَ سان محبت ڪرڻ، ٻين لفظن ۾ زندگيءَ جي سڀ کان اونهن رازن تائين پهچڻ آهي. جيئن توهين پنهنجي دل جي تار ڪڍي ان مان ڪوئي ڪپڙو ٺاهيو ته اهو توهان جو محبوب پائي.“
  • 4.5/5.0
  • 2786
  • 1744
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • خليل جبران
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book پيغامبر

عطا ۽ بخشش

وري هڪ دولتمند چيس: “ اسان کي عطا ۽ بخشش جي باري ۾ ڪجھ سمجهاءِ!“
مصطفيٰ وراڻيو: ”جڏهن توهان پنهنجي ئي ملڪيت ورهائيندا آهيو، ته اهڙو ڪوبه غلط ڪم نه ڪندا آهيو.
ها، جڏهن اوهان پنهنجي ذات مان ڪجھ ڏيندا آهيو تڏهن صحيح معنيٰ ۾ عطا ۽ بخشش ڪندا آهيو.
توهان جون ملڪيتون آهن ڇا؟ سواءِ انهن شين جي جيڪي توهان پاڻ وٽ رکندا آهيو، ۽ انهن جي حفاظت ڪندا آهيو، انهيءَ خوف کان ته توهان کي سڀاڻي انهيءَ جي ضرورت نه پئجي وڃي.
”۽ سڀاڻي؟“ سڀاڻي ان حرص جي ماريل ڪتي جي لاءِ ڪهڙو تحفو آڻيندو، جيڪو هڏن کي توريت ۾ لڪائي ڇڏيندو آهي. ۽ پاڻ مقدس شهرن جي زيارتن جي پويان پويان هليو ويندو آهي.“
”وري.... ڇا تنگيءَ جو خوف ئي پاڻ تنگي ناهي؟“
”اڃ جو خطرو... جڏهن کوھه پاڻيءَ سان ڀريل هجي، بجاءِ خود هڪ نه لهڻ واري اڃ آهي.“
ڪجھ اهڙا ماڻهو به آهن جيڪي گھٽ ڏيندا آهن.... جيتوڻيڪ انهيءَ وَٽ ڪافي هوندو آهي. اهڙا ماڻهو پنهنجي بخشش جو ڍنڍورو ڪرڻ لاءِ ڏيندا آهن ۽ سندن نفس جولڪل خواهشون، سندن عطين جي پاڪائيءَ کي داغدار ڪري ڇڏينديون آهن.
ٻيا وري اهڙا اهن جن وٽ ٿورو هوندو آهي ۽ اهي سڀ جو سڀ بخشش ۾ ڏئي ڇڏيندا آهن. هي اهي ماڻهو آهن جيڪي زندگي ۽ ان جي نيڪيءَ ۾ ايمان رکندا آهن ۽ انهن جا خزانا ڪڏهن خالي نه ٿيندا آهن.
ڪجھ اهڙا آهن جيڪي کل خوشيءَ سان ڏيندا آهن ۽ اها خوشي ئي سندن انعام آهي، ڪجھ اهڙا آهن جيڪي ڪجھ ڏيندا آهن ۽ ڏئي رنج ٿيندا آهن ۽ رنج سان سندن نفس جي تطهير ٿيندي آهي.
وري ڪي اهڙا آهن جيڪي ڏيندا آهن ۽ ڏيڻ ۾ نه ڏک محسوس ڪندا آهن نه ڪنهن خوشيءَ جو اظهارڪندا آهن ۽ نه ڪڏهن هي خيال سندن ذهن ۾ ايندو آهي ته سندن بخشش ڪو نيڪيءَ جو ڪم آهي.
اهي ماڻهو ڏيندا آهن ۽ سندن بخشش ايمان جي ان گل مثل هوندي آهي جنهن جي خوشبوءِ سان فضا مهڪي پوندي آهي.
اهڙن جي هٿ جي سخاوت مان الله جو ڪلمو جهلڪندو آهي ۽ انهن جي اکين جي پردن مان سندن مرڪون زمين تي ليئا پائينديون آهن.
گھرڻ وارن کي ڏيڻ بهتر آهي. پر ان کان بهتر اهو آهي ته ضرورتمندن کي سڃاڻي بنا گھر ئي سندن ضرورت پوري ڪري ڇڏجي.
سخاوت ڪرڻ واري کي سخاوت کان وڌيڪ لطف ضرورتمند کي ڳولڻ ۾ ملندوآهي.
ڇا اوهين سچ پچ ڪجھ بچائي رکي سگھو ٿا ؟
ضرور هڪ ڏينهن ايندو ته جيڪو ڪجھ توهان وٽ آهي اهو سڀ خرچ ٿي ويندو. ته پوءِ اڄ ئي ڇونه ڏئي ڇڏيو! بخشش ۽ عطا جي فرصت کي غنيمت ڄاڻو. ۽ ان کي پاڻ کانسواءِ ڪنهن جي ميراث نه بڻايو.
توهان اڪثر چوندا آهيو مان ضرور ڏيندس، پر صرف ان کي، جيڪو مستحق هوندو. پر اها ڳالھ نه تنهنجي باغ جا وڻ چوندا آهن ۽ نه ئي تنهنجي چراگاھه جا جانور . هو ڏيندا آهن ته زنده رهي سگھن. اهي جيڪڏهن نه ڏين ته فنا ٿي وڃن.
پڪ ئي پڪ جيڪو به رات ڏينهن کان پنهنجو حصو حاصل ٿو ڪري، اهو توهان کان به هر شيءِ حاصل ڪرڻ جو مستحق آهي.
وري جيڪو سمنڊ مان اڃ ٻجهائڻ جو حق ٿو رکي اهو توهان جي آبياريءَ مان به پنهنجو پيالو ڀرڻ جو حقدار آهي.
انهيءَ بدلي کان ڪهڙو وڏو بدلو ٿي ٿو سگھي، جنهن جو بنياد همت، يقين اڃان به احسان تي هجي؟
توهان ٽين اڪير آهيو جو ماڻهو توهان جي آڏو پنهنجو سينو کولي ڇڏين ۽ پنهنجي نفس جي عزت جي چهري تان پردو کڻن ته توهان سندن اقرار کي اگھاڙو ۽ هنن جي خودداريءَ کي بي نقاب ڏسو.
پهرين هي ڏسو، توهان ان جي لائق به آهيو ته توهان کي ڪنهن جو حاجت روا بڻايو وڃي. توهان ۾ اها صلاحيت به آهي ته توهان عطا ۽ بخشش جو وسيلو ٿي سگھو؟
واقعو آهي ته زندگي پاڻ ئي زندگي عطا ڪندي آهي،۽ توهان جو پاڻ کي سخي ۽ داتا چوائيندو آهيو، توهان جي حيثيت هڪ شاهد کان وڌيڪ ڪجھ به ناهي.
۽ توهان، اي پائڻ وارؤ ! ۽ توهان سڀ پائڻ وارؤ_ شڪر ۽ احسان ڪرڻ ۾ حد کان وڌيڪ ڪم نه وٺو، ورنه توهان پنهنجي ۽ پنهنجي ڏيڻ وارن جي ڳچيءَ ۾ هڪ ڦندو وجهي ڇڏيندؤ .
ڏيڻ واري جي بخشش کي ته اها ٻانهن ٿيڻ گھرجي جيڪا کيس به اونچو ڪري ۽ توهان کي به.
جيڪڏهن توهان پاڻ کي قرض جي احسان جي هيٺان پوري ڇڏيو ته اها ان سخاوت پيشه جي فياضيءَ ۾ شڪ ٿيندو جنهن کي وڏي دل واري زمين پيدا ڪيو هجي ۽ جنهن جي پالنا ۽ رکوالي الله ڪئي آهي.