آزادي
مصطفيٰ جواب ڏنو ”مون توهان کي شهر جي دروازن ۽ پنهنجن گھرن جي باھه ٻرڻ وارن هنڌن جي آڏو سجدي ۾ ڪريل، آزاديءَ جي پوڄا ڪندي ڏٺو آهي. جيئن ڪوئي غلام ڪنهن ظالم ۽ سرڪش جي آڏو ڪنڌ نوائيندو آهي ۽ ان جي تعريف ۾ قصيدا چوندا آهي. جيتوڻيڪ هو کين قتل ڪندو آهي.
ها مون عبادتگاھه جي اڱڻ ۾ ۽ قلعي جي ڇانءَ ۾ انهن ماڻهن کي، جيڪي توهان مان آزاديءَ جا سڀ کان وڏا پرستار آهن، آزاديءَ جي پاڃاري پنهنجن ڳچين ۾ وجھي ۽ آزاديءَ جون ٻيڙيون پنهنجي پيرن ۾ وجھي گھمندي ڏٺو آهي.
مون پنهنجي دل کي اندر ئي اندر رتوڇاڻ ٿيندي محسوس ڪيو آهي.
جڏهن اهو ڏسندو آهيان ته توهان آزاديءَ کي تيسين نٿا حاصل ڪري سگھو، جيسين ان جي حصول جي خواهش کي ڪڏهن به پنهنجي لاءِ زنجير نه سمجھو ۽ جيسين توهان ان جو ذڪر ان طرح ڪرڻ ڇڏي ڏيو ته اهائي توهان جي منزل مقصود ۽ اهائي توهان جي تمنائن جو ازالو آهي.
پنهنجي جان جو سنهن ! توهان حقيقي معنيٰ ۾ آزادي ان وقت حاصل ڪري سگھندؤ، جڏهن توهان جي زندگيءَ ۾ اهڙو ڪوبه ڏينهن نه اچي جيڪو فڪر ۽ جدوجهد کان خالي هجي ۽ توهان تي ڪابه رات نه گذري جنهن ۾ توهان ڪنهن ضرورت ۽ غم جو احساس نه ڪندؤ.
پر ان کان به وڌيڪ توهان کي آزادي تڏهن ملندي، جڏهن اهي شيون توهان جي زندگيءَ سان چهٽيل هجن ، ۽ توهان انهن سڀني کان پلوَ ڇڏائي گذري وڃو.
خالي ۽ آزاد!
انهن رات ڏينهن کان توهان پاڻ کي ڪيئن مٿاهون رکندؤ، جيسين انهن زنجيرن کي نه ڇنو، جن مان توهان شعور جي ئي وقت پنهنجي ڏينهن جي گھڙين کي ٻڌي ڇڏيو هو؟
سچ ته اهو آهي ته اوهان جنهن کي آزادي چئو ٿا، اها انهن زنجيرن ۾ سڀ کان مظبوط زنجير آهي. اها ٻي ڳالھ آهي ته ان زنجير جو ڪڙيون سج جي روشنيءَ ۾ چمڪنديون آهن ۽ انهن جي چمڪ توهان جي اکين کي چنجھو ڪري ڇڏيندي آهي.
اها ڳوري پاڃاري ڇاهي؟ توهان جي ذات جي چند ٽڪرن جي، جنهن کي توهان پنهنجي ڪلهن تان لاهي، آزاديءَ جي ڪنوار سان ملڻ ٿا چاهيو.
جيڪڏهن هي قانون غير منصفاڻو آهي ۽ توهان انهيءَ کي ختم ڪرڻ ٿا گھرو! ته اهو نه وساريو ته اهوئي قانون آهي، جنهن کي توهان پاڻ پنهنجن هٿن سان پنهنجي چهري تي لکيو آهي.
توهان پنهنجي قانون جي لکيل ڪتابن کي باھه لڳائي قانون کي ختم ڪري نٿا سگھو ۽ نه ئي پنهنجن حاڪمن جي چهرن کي ڌوئي، جيڪو ڪجھ انهن تي لکيل آهي انهيءَ کي ڊاهي سگھو ٿا. ڀل ته توهان انهيءَ ڪم لاءِ سڀني سمنڊن جو پاڻي وهائي ڇڏيو.
جيڪڏهن توهان ظالم ۽ جابر فرمانروا کي سندس تخت تان لاهڻ ٿا گھرو، ته اول تخت کي تباھه ڪريو، جيڪو ان جي لاءِ توهان پنهنجي اندر سجائي رکيو آهي.
انڪري ته ڪوئي به ظالم ۽ جابر فرمانروا ان راڄ تي حڪومت ڪري نه سگھندو جنهن ۾ آزاديءَ جي لوڇ هجي ۽ جيڪو آزاديءَ جي لاءِ پنهنجي لاءِ فخر جو سرمايو سمجھندو هجي، جيسين خود راڄ جي آزاديءَ ۾ ظلم ۽ تشدد ڪندڙن جي ملاوت هجي ۽ جيسين خود رعايا جي وقار ۽ عزت ۽ فخر و غرور ۾ ذلت ۽ بي شرميءَ جا داغ نه هجن.
جيڪڏهن ڪوبه کٽڪو يا ڪائي سوچ هجي، جنهن کان توهان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ گھرندا هجو ته ياد رکو ته ان کي توهان پاڻ پنهنجي لاءِ پسند ڪيو آهي. ڪنهن ٻئي توهان جي مٿي ۾ نه هنيو آهي.
جيڪڏهن ڪوئي خوف اٿو، جنهن کي توهان ختم ڪرڻ ٿا گھرو ته ان جي جاءِ توهان جي پنهنجي ئي دل ۾ آهي نه ئي ان شخص جي وجود ۾ جنهن کان توهان بد زن آهيو.
قسم آهي پنهنجي ذات جو! سڀئي شعبا ۽ مسئلا پسنديده يا نا پسنديد، مڪروھه يا محبوب، مطلوب يا مردود توهان جي وجود جي ئي گھراين ۾ متحرڪ آهن، توهان سان ئي ڳنڍيل هوندا آهن.
ها، توهان جي ئي نفس جي پاتال ۾ چرپر ڪندا آهن. جيئن روشني ۽ ان جو پاڇو، هڪجهڙن جيان پاڻ سان چر پر ڪندا آهن، ۽ جڏهن پاڇو ڌنڌلو ٿي ختم ٿي ويندو آهي، ته مڌھم روشني هڪ روشنيءَ جو پاڇولو ٿي پوندي آهي.
اهو ئي حال توهان جي آزاديءَ جو آهي. جڏهن اها پنهنجي زنجيرن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪندي آهي ته پاڻ هڪ عظيم آزاديءَ جو زنجير بڻجي ويندو آهي.