ڳالهائڻ
مصطفيٰ جوب ڏنو: ”توهان ان مهل ڳالهائيندا آهيو جڏهن توهان جي ۽ توهان جي فڪرن جي وچ ۾ جنگ ختم ٿي ويندي آهي. جڏهن توهان پنهنجي دل جي هيکلائين ۾ رهي نه سگھندا آهيو ته چپن تي اچي بيهندا آهيو.
آواز هڪ تفريحي مشغلو آهي ۽ وقت گذارن. ۽ جڏهن توهان زبان جون ڳنڍيون کولي ڇڏيندا آهيو ته پنهنجي فڪرن جو اڌ ساھه ڪڍي ڇڏيندا آهيو.
انڪري جو فڪر کليل هوا جو پکيئڙو آهي. جيڪو ڪلام جي پڃري ۾ پنهنجون کنڀڙاٽيون ته ڦڙڪائي سگھندو آهي، اڏامي نه سگھندو آهي.
توهان ۾ اڪثر اهڙا آهن، جيڪي گھڻو ڳالهائو ماڻهن ڏانهن انڪري ڀڄندا ويندا آهن جو اڪيلا رهڻ کان ڊڄندا آهن، انڪري جو هيڪلائي جي خاموشي، سندن اکين اڳيان سندن نفس تان پردو کڻي ڇڏيندي آهي. ۽ هو ڀڄي ويندا آهن.
توهان مان اهڙا به آهن، جيڪي ڳالهائيندا آهن بنا ڪنهن ڄاڻ جي، بنا ڪنهن پيش نظر جي، ان حقيقت کي ظاهر ڪري وجھندا آهن، جنهن جي کين به پروڙ نه هوندي آهي.
۽ اھڙا نفس به توهان ۾ آهن، جيڪي حقيقت کي پنهنجي ضمير جي گھراين ۾ لڪائي ڇڏيندا آهن. پر لفظن ۾ ان کي ظاهر نه ڪندا آهن.
اهڙن ماڻهن جي ئي سيني ۾ روح سڪون سان رهندو آهي اهڙو سڪون جنهن ۾ گيت شاهڪار ٿيندا آهن.
جڏهن توهان پنهنجي دوست سان راھه رستي ۾ ملو، ته پنهنجي اندر لڪل روح کي اجازت ڏيو ته هو توهان جي چپن کي چرپر ۾ آڻي ۽ توهان جي زبان جي رهنمائي ڪري. ۽ ان آواز کي جيڪو توهان جي اندر آهي، ان ڪن ۾ سرٻاٽ ڪرڻ ڏيو، جيڪو ان ڪن جي پويان ٻڌڻ لاءِ آتو آهي.
انڪري ته ان جو روح توهان جي دل جي حقيقت کي اندر محفوظ رکندو. جهڙي طرح زبان شراب جي ذائقي کي محفوظ رکندي آهي. ان مهل به جڏهن هن جي رنگ کي فراموشي ڳڙڪائي ويندي آهي. ۽ ان جي پيالي کي زمانو ڀڃي ڀورا ڪري ڇڏيندو آهي.