کائڻ پيئڻ
مصطفيٰ وراڻيو: ” توهان زمين جي خوشبوءِ تي زنده رهي سگھو. جيئن وڻ فقط سج جي روشنيءَ مان زندگي حاصل ڪندو آهي.
پر جيڪڏهن توهان مجبور آهيو ته پنهنجي کائڻ لاءِ ٻين کي ذبح ڪريو ۽ پنهنجي اڃ اجهائڻ لاءِ ماءُ کان هن جي ٻار جي ٿڃ کسيو ! ته پوءِ ان عمل کي پنهنجي هڪ عبادت بڻايو.
توهان جي دسترخوان کي هڪ قربان گاھه هئڻ گھرجي، جنهن تي ميدانن ۽ جهنگلن جا پاڪ ۽ معصوم جانور، ان پاڪ ترين ۽ معصوم ترين شين جي ڀيٽ نه ٿي وڃن جيڪي انسانن ۾ آهن.
جڏهن توهان ڪنهن جانور جي ڳچيءَ تي ڇري ڦيرايو، ته دل ئي دل ۾ ان بي زبان کي چئو: اها ئي طاقت جيڪا توکي ذبح ٿي ڪري، مون کي به ذبح ڪندي آهي ۽ تو جيان مان به فنا جي راھه هلڻ وارو آهيان. ڇاڪاڻ ته جنهن قانون توکي منهنجي قبضي ۾ پهچايو آهي، اهو ئي مون کي مون کان وڌيڪ طاقتور جي حوالي ڪندو. تنهنجو ۽ منهنجو رت پاڻياٺ کان سواءِ ڪجھ به ناهي، جيڪو وجود جي وڻ کي سائو رکندو آهي.
جڏهن توهان صرف پنهنجن ڏندن سان چٻاڙيو، ته پنهنجي دل ۾ ان کي چئو: ”تنهنجو ٻج منهنجي جسم ۾ رهندو، تنهنجا سڀاڻي ڦٽڻ وارا گؤنچ منهنجي دل ۾ ڦٽندا، تنهنجي خوشبوءِ منهنجو ساھه بڻبي ۽ اسان هر موسم ۽ هر رات ۾ گڏجي خوشيون ملهائينداسون.“
۽ خزان جي موسم ۾ جڏهن توهان ڪلال خانن ۾ انهن جي نپوڙڻ جي لاءِ، پنهنجن باغن جا انگور گڏ ڪريو ته پنهنجي دل ۾ کين چئو: ”ته مان به انگورن جو باغيچو آهيان، جنهن جو ميوو به ڪلال خاني جي لاءِ گڏ ڪيو ويندو. ۽ تازي شراب جيان مون کي هڪ صراحيءَ ۾ رکيو ويندو.“
۽ سردين ۾، جڏهن توهان گڏ ڪيل شراب ڪڍو ته هر پيالي جي لاءِ توهان جي دل ۾ هڪ گيت هئڻ گھرجي، ۽ هر گيت ۾، خزان جي ڏينهن جي ياد هجي، انگورن جي باغ جي ياد هجي، ڪلال خاني جي ياد هئڻ گھرجي.“