ناول

پيغامبر

هي ناولٽ هڪ طويل انٽرويو جيان آهي، جيڪو هڪ اهڙي ماهر کان ورتو ويو هجي جيڪو زندگيءَ جي هر شعبي تي مهارت رکندو هجي. هو هر ماڻهوءَ جي اهنجن، ايذائن، ڏکن ڏوجهرن، خوشين ، پيار ۽ چاهت، ويندي کاڌ خوراڪ، پهرڻ ۽ محبتن ۽ محنتن مان واقف هجي. جبران هن ناولٽ ۾ محنت جي باري ۾ ٻڌائيندي چوي ٿو: ”محنت جي وسيلي زندگيءَ سان محبت ڪرڻ، ٻين لفظن ۾ زندگيءَ جي سڀ کان اونهن رازن تائين پهچڻ آهي. جيئن توهين پنهنجي دل جي تار ڪڍي ان مان ڪوئي ڪپڙو ٺاهيو ته اهو توهان جو محبوب پائي.“
  • 4.5/5.0
  • 2786
  • 1744
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • خليل جبران
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book پيغامبر

قانون

وري هڪ وڪيل کانئس پڇيو: ”اسان جي قانون جي باري ۾ اوهان جي ڪهڙي راءِ آهي؟“
مصطفيٰ جواب ڏنو: ”توهان کي قانون ٺاهڻ ۽ ان جي نافذ ڪرڻ ۾ ڪيترو مزو ايندو آهي؟ پر ان کان به وڌيڪ خوشي توهان کي ان مهل ٿيندي آهي جڏهن توهان ان جي ڀڃڪڙي ڪندا آهيو.“
سمنڊ جي ڪناري کيڏندڙ ٻارن جيان جيڪي وڏي شوق ۽ وڏيءَ محبت سان واريءَ جا مينار بڻائيندا آهن ۽ وري کلندا ڪڏندا انهن کي ڊاهي ڇڏيندا آهن.
پر جڏهن توهان واريءَ جا منارا ٺاهيندا آهيو ته سمنڊ اڃا به وڌيڪ واري ڪناري ڏانهن آڻيندو آهي ۽ جڏهن توهان ڊاهيندا آهيو ته سمنڊ ٽهڪن ۾ توهان جو ساٿ ڏيندو آهي ۽ قسم آهي پنهنجي جان جو! سمنڊ هميشه بيگناھه جي ٽهڪن ۾ ساٿ ڏيندو آهي .
پر انهن ماڻهن جي باري ۾ ڪهڙو خيال اَٿوَ، جن جي ويجھو زندگي هڪ سمنڊ آهي، نه انسان جا بڻايل قانون، واريءَ جا گھرڙا! پر جيڪي زندگيءَ کي هڪ پهاڙ سمجھندا آهن ۽ قانون کي هڪ ڇيڻِي، جنهن سان هو پهاڙ کي پنهنجي صورت جيان ٽڪيندا آهن.
ڇا چوڻ آهي ان اپاهج جي باري ۾ جيڪو رقص ڪرڻ وارن کي نفرت جي نگاھه سان ڏسندو آهي.
ان ڏاند جي باري ۾ جيڪو گھاڻي سان محبت ڪندو آهي ۽ جھنگل جي هرڻ ۽ جانورن کي آواره گرد ۽ بيڪار سمجهندو آهي. ۽ ان پوڙهي نانگ جي باري ۾ جيڪو پنهنجي کل لاهي نه سگھندو آهي ٻين کل لاهڻ وارن کي اگھاڙو ۽ بي حيا هجڻ جا طعنه ڏيندو آهي .
ان شخص جي باري ۾ ڪهڙو خيال اٿو جيڪو دعوت ۾ سڀ کان پهرين پهچندو آهي ۽ ايترو کائي ويندو آهي جو کيس بد هاضمو ٿي پوندو آهي ۽ جڏهن هو کائيندي ڳائيندي ٿڪجي پوندو آهي ته ائين چوندو دعوت مان هليو ويندو آهي ته سڀ دعوتون ڏوھه آهن ۽ سڀ دعوت کائڻ وارا قانون شڪن؟
انهن ماڻهن جي متعلق ان کان سواءِ ڇا ٿو چئي سگھان ته اهي سڀ جا سڀ سج جي روشنيءَ ۾ بيٺا آهن پر سج ڏانهن پٺ ڏئي. انڪري کين صرف پنهنجا پاڇا نظر ايندا آهن ۽ انهن جا پاڇا ئي سندن قانون آهن .
افسوس! انهن ماڻهن جي اڳيان سج پڇاون کانسواءِ ڪجھه به ناهي .
وري هي ڇا، توهان قانون جو اعتراف ٿا ڪريو ته زمين ڏانهن توڙي ان جا پاڇا ڳوليندا ٿا رهو. پر اي ماڻهو! جيڪي سج ڏانهن منهن ڪري هلندا آهيو، ڌرتيءَ جا پاڇا توهان جا زنجير بڻجي نه سگھندا .
اي اهي انسانو! جيڪي هوا سان گڏوگڏسفر ڪندا آهيو، توهان کي ڪنهن قطب نما جي ضرورت ناهي.
توهان کي انسانن جو جوڙيل قانون پنهنجي گرفت ۾ آڻي نه سگھندو. جيڪڏهن توهان پنهنجي ڳچيءَ مان ڳٽ لاهي اڇلايو ۽ ڪنهن جي بڻايل قيد خاني جي دروازي تي نه وڃو ته توهان کي ڪهڙو قانون ڊيڄاري ٿو سگھي ۽ جيڪڏهن توهان آزاد ٿي رقص ڪريو ۽ ڪنهن جي ٺاهيل زنجيرن ۾ نه ڦاسو! ته توهان کي ڪير عدالتن ۾ وٺي وڃي ٿو سگھي. جيڪڏهن توهان پنهنجو ظاهري لباس پنهنجي جسم تان پٽي اڇلايو ۽ اهو ڪنهن ٻئي جي رستي ۾ نه اڇلايو!
۽ اي باقي فاليس جا رهاڪو! توهان دهل جي آواز کي ٻوساٽي ٿا سگھو، سارنگيءَ جي تارن کي ڍلو ڪري ٿا سگھو، پر توهان مان ڪير آهي جيڪو بلبل کي چهڪڻ کان جھلي سگھي ؟“