زمانو
مصطفيٰ وراڻيو: ”توهان وقت کي ماپڻ ٿا گھرو. جيتوڻيڪ وقت ماپي ٿو سگھجي نه ئي توري ٿو سگھجي.
توهان پنهنجو رستو پنهنجي روح جا طور طريقا به وقت مطابق ٺاهڻ ٿا چاهيو. توهان وقت کي هڪ درياءُ بنائڻ ٿا گھرو، جنهن جي ڪنڌيءَ تي ويهي توهان ان جي وهڪري جو تماشو ڏسي سگھو.
پر هو جا هڪ مجذوبي شيءِ اوهان جي اندر آهي. اها ڄاڻي ٿي ته زندگي وقت جي ماپ تور کان آزاد آهي. اها ڄاڻي ٿي ته ’ڪالھه‘ ’اڄ‘ جي لاءِ محض هڪ ياد آھي ۽ ’سڀاڻو‘ اڄ جي لاءِ ھڪ خواب! هوءَ ان کان به باخبر آهي ته جيڪا شيءِ توهان ۾ گيت ڳائيندي آهي ۽ غور و فڪر ڪندي آهي، اها ان ئي هڪ گھڙيءَ ۾ آهي، جنهن گھڙيءَ ۾ فضا ۾ تارا وکيريا ويا هئا.
توهان مان ڪير آهي جيڪو اهو محسوس نه ٿو ڪري ته ان ۾ محبت ڪرڻ جي جيڪا قدرت ۽ صلاحيت آهي، ان جي ڪا حد يا پڇاڙي ناهي؟
پر توهان ۾ اهو ڪير آهي جيڪو اهو محسوس نه ٿو ڪري ته اها محبت، جيڪا پاڻ انهن حدن کان ناواقف آهي، توهان جي دل جي گھرائيءَ ۾ رهندي آهي.
اها نه فڪري طور تي هڪ محبت مان ٻي محبت ۾ منتقل ٿيندي آهي ۽ نه عملي طور تي هڪ محبت کي ڇڏي ٻي محبت ڏانهن ڀڄندي آهي.
ته ڇا زمانو به محبت جيان ناهي؟ جيڪو نه ورهائجي ٿو ۽ نه وکن سان ماپي ٿو سگھجي.
جيڪڏهن توهان جو عقل توهان کي زماني کي موسمن ۾ ورهائڻ تي مجبور ڪري ته هر موسم کي ٻين موسمن ۾ وڪوڙي ڇڏيو.
پنهنجي حال کي پنهنجي يادن جي وسيلي ماضيءَ سان ۽ اميدن ۽ آرزوئن کي مستقبل سان سجائي ڇڏيو! “