ناول

پيغامبر

هي ناولٽ هڪ طويل انٽرويو جيان آهي، جيڪو هڪ اهڙي ماهر کان ورتو ويو هجي جيڪو زندگيءَ جي هر شعبي تي مهارت رکندو هجي. هو هر ماڻهوءَ جي اهنجن، ايذائن، ڏکن ڏوجهرن، خوشين ، پيار ۽ چاهت، ويندي کاڌ خوراڪ، پهرڻ ۽ محبتن ۽ محنتن مان واقف هجي. جبران هن ناولٽ ۾ محنت جي باري ۾ ٻڌائيندي چوي ٿو: ”محنت جي وسيلي زندگيءَ سان محبت ڪرڻ، ٻين لفظن ۾ زندگيءَ جي سڀ کان اونهن رازن تائين پهچڻ آهي. جيئن توهين پنهنجي دل جي تار ڪڍي ان مان ڪوئي ڪپڙو ٺاهيو ته اهو توهان جو محبوب پائي.“
  • 4.5/5.0
  • 2786
  • 1744
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • خليل جبران
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book پيغامبر

گھر

هاڻ هڪ عمارتساز اڳتي وڌيو. هن چيو: ”اسان کي گھرن جي باري ۾ ٻڌاءِ !“
مصطفيٰ چيو: شهر جي چوديواريءَ ۾ گھر بڻائڻ کان پهرين توهان کي پنهنجي خيال جي ويڪر ۾ هڪ گلستان جوڙڻ گھرجي. ڇو ته جيئن توهان روزانو شام جو گھر واپس ايندا آهيو، تيئن توهان جو مصبت ماريل روح پنهنجي اڪيلي ۽ پري پري افق ۾ پنهنجو ٺڪاڻو ڳوليندو آهي. توهان جو گھر توهان جو وڏو جسم آهي. جيڪو اس ۾ وڌندو آهي ۽ رات جي خاموشيءَ ۾ آرام جي خواهش ڪندو آهي. هن جي ننڊ خوابن جي هنج ۾ نه ويندي آهي.
ڇا توهان جو گھر خواب نه ڏسندو آهي؟ ۽ جڏهن هو خواب ڏسندو آهي ته شهر ڇڏي ساوڪ ۾ نه ويندو آهي يا پهاڙ جي چوٽيءَ تي چڙهندو ناهي؟
ڪاش مان توهان جي گھرن کي مٺ ۾ کڻي انهن کي ائين وکيري سگھان ها جيئن هاري پنهنجن ٻجن کي جهنگلن ۽ پوکن ۾ ڇٽيندو آهي. ڪاش! واديون توهان جون سڙڪون هجن ها ۽ سلوڪ توهان جا پيچرا. جيئن توهان ڦلواڙيءَ ۾ هڪ ٻئي کي ڳوليو ها ۽ جڏهن پنهنجي گھرن ڏانهن موٽو ها ته توهان جي ڪپڙن ۾ مٽيءَ جي خوشبوءءِ هجي ها، پر هاڻ انهن شين جو وقت ناهي آيو
توهان جي پيءُ ڏاڏن جي دلين تي خوفَ اهڙي طرح گھيرو ڪيو هو جو انهن توهان کي هڪٻئي جي ويجهو ويجهو ڪٺي ڪري ڇڏيو. اهو خوف اڃان ڪجھ ڏينهن رهندو ۽ توهان جي شهر جون ديوارون اڃان ڪجھ ڏينهن توهان جي گھرن ۽ پوکن جي وچ ۾ کڄيل رهنديون.
اي فاليس جا رهاڪو ! مون کي ٻڌايو: توهان جي انهن گھرن ۾ ڇاهي؟ ۽ ڪهڙي شيءِ آهي جنهن کي توهان پنهنجي دروازن ۾ مقفل ڪري حفاظت ڪندا آهيو.
ڇا اهو امن ۽ سڪون آهي؟ اها خاموش تحريڪ جيڪا توهان جي طاقت کي بي پردہ ڪندي آهي؟ يا اهي يادون آهن، جيڪي چمڪندڙ محرابن، جيڪي توهان جي ذهن جي اونچاين تي ڇانءَ ڪندا آهن؟ يا اهڙو حسن آهي. جيڪو توهان جي دلين کي سرن ۽ ڪاٺين جي شين کان مٿاهون ڪري مقدس جبل ڏانهن وٺي ويندو آهي؟ مون کي ٻڌايو ڪهڙيون شيون آهن توهانجي گھرن ۾؟
يا اوهان وٽ ڪجھ به ناهي، سواءِ آسائش ۽آسائش جي هوس جي! آسائش جي اها هوس، جيڪا چور بڻجي توهان جي گھرن ۾ داخل ٿيندي آهي. اها مهمان بڻجي ايندي آهي، وري ميزبان بڻجي ويندي آهي پوءِ مالڪ بڻجي ويهي رهندي آهي.
وري هوءَ هڪ سڌارڪ جو جو روپ ڌاري ويهي رهندي آهي، جيڪو پنهنجو هنٽر گھمائيندو آهي ۽ توهان جي وڏين خواهشن کي پنهنجا رانديڪا بڻائي ويهي رهندو آهي.
ان جا هٿ جيتوڻيڪ ريشم جيان نرم ۽ نازڪ هوندا آهن. پر ان جي دل فولاد جيان سخت هوندي آهي.
هو توهان کي لوليون ڏئي سمهاري ڇڏيندو آهي ۽ ان مان هن جو مقصد ان کان سواءِ ڪجھ به نه هوندو آهي ته توهان جي بستري جي ويجهو بيهي توهان جي جسمن جي عظمت تي ٺٺوليون ڪري.
وري هو توهان جي صحيح ۽ سالم حواسن تي ٺٺوليون ڪندو آهي ۽ ان کي شيشي جي ٿانئن جيان گاھه ۾ ويڙهيندو آهي.
منهنجي جان جو قسم! آسائش جي هوس روح کي اجهائي ڇڏيندي آهي ۽ کلندي ان جي جنازي سان هلندي آهي.
پر اي فضا جي دل جا ٽڪرؤ! توهان ته راحت ۾ به بي چين ٿيندا آهيو.
توهان نه ڦاهيءَ ۾ ڦاسندؤ نه توهان جا قدم بهڪندا. توهان جو گھر ڪڏهن به لنگر نه ٿيندو پر سڙھه هوندو.
اها چمڪندڙ ڪڙي نه هوندو، جيڪا زخم تي هوندي آهي. پر پلڪ هوندو، جيڪا اکين جي حفاظت ڪندي آهي. توهان لاءِ ضروري نه هوندو ته ان جي دروازن مان لنگھڻ جي لاءِ پنهنجون ٻانهون بند ڪريو يا پنهنجو ڪنڌ جهڪايو جيئن ان جي ڇت سان نه گسي. يا پنهنجو ساھه بند ڪريو، ان خوف کان ته ان جون ڀتيون ڏري زمين تي نه ڪري پون.
نه! توهان انهن قبرن ۾ نه رهندؤ، جيڪي مُردن جيئرن لاءِ بڻايون آهن. ۽ توهان جا گھر، ڀل اهي ڪيترائي عاليشان ڇو نه هجن، توهان جي راز جي حفاظت ۽ توهان جي شوقَ جو تحمل ڪري نه سگھندا.
انڪري جو اها لامحدود ذات، جيڪا توهان جي اندر آهي ان جي جاءِ آسماني ملڪيت آهي. ان جو دروازو صبح جي روشني آهي ۽ ان جون دريون رات جا گيت ۽ ان جون خاموشيون آهن.“