ناول

پيغامبر

هي ناولٽ هڪ طويل انٽرويو جيان آهي، جيڪو هڪ اهڙي ماهر کان ورتو ويو هجي جيڪو زندگيءَ جي هر شعبي تي مهارت رکندو هجي. هو هر ماڻهوءَ جي اهنجن، ايذائن، ڏکن ڏوجهرن، خوشين ، پيار ۽ چاهت، ويندي کاڌ خوراڪ، پهرڻ ۽ محبتن ۽ محنتن مان واقف هجي. جبران هن ناولٽ ۾ محنت جي باري ۾ ٻڌائيندي چوي ٿو: ”محنت جي وسيلي زندگيءَ سان محبت ڪرڻ، ٻين لفظن ۾ زندگيءَ جي سڀ کان اونهن رازن تائين پهچڻ آهي. جيئن توهين پنهنجي دل جي تار ڪڍي ان مان ڪوئي ڪپڙو ٺاهيو ته اهو توهان جو محبوب پائي.“
  • 4.5/5.0
  • 2786
  • 1744
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • خليل جبران
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book پيغامبر

چڱائي ۽ مَٺائي

شهر جي ھڪ معمر چيو: ”اسان کي چڱائيءَ ۽ مٺائيءَ جي باري ۾ ڪجھ ٻڌايو! “
مصطفيٰ وراڻيو: توهان جي اندر جا چڱائي آهي، ان جي باري ۾ ته مان ڳالهائي ٿو سگهان، پر مٺائيءَ جي باري ۾ ڪجھ چئي نه سگھندس.
ڇا مٺائي ان چڱائيءَ کانسواءِ ٻي ڪجھ آهي، جنهن کي ان جي اڃ ۽ بک عذاب ۾ وجھي ڇڏيو آهي؟
پنهنجي سر جو قسم! جڏهن چڱائيءَ جي بک ستائيندي آهي، ته اها اونداهن غارن مان غذا تلاش ڪندي آهي. ۽ جڏهن اڃ کيس بيحال ڪري ڇڏيندي آهي ته اها گندي پاڻيءَ مان به اڃ ٻجھائي ڇڏيندي آهي.
مون جيان ٿي وڃو! پڪا ۽ رس سان ڀريل! جيڪو هميشه پنهنجيون نعمتون ٻين ۾ ورهائيندو آهي، انڪري جو ٻين کي ڏيڻ ثمر جي ضرورت آهي ۽ ٻين کان وٺڻ ٻج جي ضرورت، توهان ٺيڪ آهيو، جڏهن پوري سجاڳيءَ جي حالت ۾ گفتگو ڪندا آهيو.
پر توهان کي برو نه چيو ويندو، جيڪڏهن توهان ننڊ ۾ گفتگو ڪندا آهيو.
انڪري جو بي ربط گفتگو به ڪمزور زبان کي طاقت عطا ڪري سگھي ٿي.
توهان ٺيڪ آهيو. جڏهن توهان پنهنجي نصب العين ڏانهن مردانگيءَ جي وک کڻندا آهيو. پر توهان بد نه ٿيندؤ جيڪڏهن منڊڪائي هلو. ان ڪري جو منڊڪائيندڙ پوئتي نه ويندا آهن.
پر توهان ته پختي قدم ۽ تيز رفتار آهيو.
منڊي تي شفقت ۽ مهرباني ڪندي ان جي آڏو منڊڪائي هلڻ نه لڳجو.
توهين تيسين ٺيڪ آهيو، جيسين پنهنجي ذات سان هيکلا آهيو. پر ائين نه ٿئي ته معنيٰ اها ناهي ته توهان ضرور بد ٿي وڃو. انڪري ته ورهايل گھر چورن جو اڏو ناهي، اهو صرف ورهيل گھر آهي.
۽ هڪ بنا ونجھن جي ٻيڙو، ٿي سگھي ٿو ته پرخطر جزيري جي وچ ۾ لوڏا کائيندو رهي. پر ضروري ناهي ته ٻڏي وڃي.
توهان ٺيڪ آهيو، جڏهن پنهنجي ذات مان ڪجھ حصو ٻين کي ڏئي سگھو.
پر توهان کي بد نه چيو ويندو جڏهن توهان پنهنجي لاءِ ڪجھ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو. توهان جو مثال انهن ٻاڙن جيان هوندو آهي، جيڪي ڌرتيءَ ۾ کتل هونديون آهن ۽ ان جي سيني مان پنهنجي خوراڪ حاصل ڪنديون آهن.
يقينن ميوو ٻجن کي اهو چئي ته سگھندو ته: توهان جي زندگيءَ جون بيشمار راهون آهن، جن ۾ توهان ٺيڪ آهيو.
۽ توهان جو نيڪ نه هئڻ، توهان جو بد هئڻ لاءِ لازم نه آهي. ان صورت ۾ توهان صرف هڪ آرام پسند ۽ سست رفتار چيا ويندؤ. ۽ افسوس آهي ته هرڻ، ڪڇونءَ کي تيز هلڻ، چستائيءَ سان هلڻ سيکاري نه ٿو سگھي.
توهان جي نيڪي توهان جي ان شوق ۾ لڪل آهي جيڪو توهان پنهنجي نفس عظيم جي لاءِ رکندا آهيو. ۽ اهو شوق توهان مان هر هڪ ۾ ملندو آهي. پر توهان مان ڪيترن وٽ اهو شوق ان وهندڙ نديءَ جي مثال آهي جيڪا پنهن جي پوري طاقت سان سمنڊ ڏانهن وڌندي ويندي آهي ۽ ان جي سيني ۾ پهاڙين جا سڀ راز ۽ جھنگلن جا سڀ گيت هوندا آهن.
ٻين ۾ هڪ اڻ لڀ چشمي جيان، جيڪو سمنڊ جي ڪنڌيءَ تي پهچڻ کان اڳ رستي جا ور وڪڙ، پاسن ۽ ڪنڊن ۽ ٻانڌن ۾ جذب ٿي ويندو آهي.
پر بي انتها شوق رکڻ واري کي ان شخص سان جنهن ۾ طلب جي باھه هلڪي آهي اهو نه چوڻ گھرجي: ته تو ۾ اها سست رفتاري ڇو آهي؟ تون وکون ڇو نه ٿو وڌائين؟ انڪري ته جيڪو سچ پچ نيڪ آهي، اهو ڪنهن اگھاڙي کي ائين نه چوندو ته : ”تنهنجا ڪپڙا ڪٿي آهن ۽ نه ڪنهن به گھر کان اهو پڇندو آهي ته: ”تنهنجي گھر تي ڇا وهيو واپرايو آهي؟“