دوستي
مصطفيٰ جواب ڏنو: توهان جو دوست توهان جي اها ضرورت آهي، جيڪا پوري ٿي وئي هجي.
اهي توهان جو فصل آهن. جنهن ۾ توهان محبت جا ٻج ڇٽيندا آهيو ۽ شڪر ۽ تحمل سان ان جا گوشا پٽيندا آهيو. اهي ئي توهان جو دسترخوان ۽ اهي ئي توهان جو چلهو آهن. انڪري جو توهان پنهنجي بک کڻي انهن ڏانهن ويندا آهيو ۽ انهن جي ڀر ۾ امن ۽ اطمينان تلاش ڪندا آهيو.
جڏهن توهان جو دوست پنهنجي دل جي ڳالھه اوهان سان سليندو آهي ته توهان پنهنجي دل جي ’نه‘ جي اظهار کان نه لهرائيندا آهيو، نه ئي پنهنجي ’ها‘ کي پنهنجي نڙيءَ ۾ ئي جھلي رکندا آهيو. ۽ جڏهن هن جي چپن تي خاموشي ڇانيل هوندي آهي، ان مهل به توهان جي دل هُن جي دل جي ڳالھه ٻڌڻ کان مرحوم نه ٿيندي آهي.
انڪري جو هر دوستيءَ ۾ سڀ خواهشون، سڀ توقع ۽ سڀ خيال لفظن جي بنا پيدا ٿيندا آهن. ۽ نفس ان ۾ شامل ٿي خوشي حآصل ڪندو آهي. بي طلب! جڏهن توهان پنهنجي دوست کان ڌار ٿيڻ لڳو ته توهان کي ڏکارو ٿيڻ نه گھرجي، انڪري جو هن جي وجود ۾ جيڪا شيءِ سڀ کان وڌيڪ پياري آهي، ممڪن آهي هن جي جدائيءَ ۾ وڌيڪ روشن ٿي وڃي.
جيئن پهاڙ، پهاڙ ماپڻ واري کي واديءَ کان صاف نظر ايندو آهي، توهان جي دوستي هر تمنا ۽ هر غرض کان پاڪ هئڻ گھرجي. سواءِ روح جي گھراين ۾ پيهي وڃڻ جي.
انڪري جيڪا محبت پنهنجي رازن تان پردو کڻڻ چاهيندي آهي، محبت ناهي، هڪ وکريل ڄار آهي، جنهن مان لاحاصليءَ کان سواءِ ڪجھ به حاصل نه ٿيندو آهي.
توهان ۾ جيڪا سڀ کان بهتر شيءِ هجي اها دوست کي ڏيو. جيڪڏهن هو توهان جي بحر حيات جو جذبو ڏسڻ ٿو گھري ته ان جي دوستيءَ جي تقاضا اها آهي ته توهان ان جو سيلاب به ڏيکاريو.
ڀلا اهو به ڪو دوست هوندو جنهن کي واندڪائيءَ جون گھڙيون گذارڻ لاءِ تلاش ڪريو. دوست کي ته هميشه ان وقت تلاش ڪرڻ گھرجي، جڏهن توهان ان سان زندگيءَ جون گھڙيون گذاريو.
انڪري ته دوست جو ڪم توهان جي خالي وقت جو پورو ڪرڻ ناهي پر توهان جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ آهي.
دوستيءَ جي راحت ۾ ٽهڪن ۽ گڏيل خوشين کي سمائي ڇڏيو. انڪري جو ماڪ انهن ڦڙن ۾ جيڪي ننڍين ننڍين شين تي ڪرندا آهن، دل کي پنهنجو صبح ملندو آهي ۽ اهو تر و تازو ٿي ويندو آهي.