ناول

پيغامبر

هي ناولٽ هڪ طويل انٽرويو جيان آهي، جيڪو هڪ اهڙي ماهر کان ورتو ويو هجي جيڪو زندگيءَ جي هر شعبي تي مهارت رکندو هجي. هو هر ماڻهوءَ جي اهنجن، ايذائن، ڏکن ڏوجهرن، خوشين ، پيار ۽ چاهت، ويندي کاڌ خوراڪ، پهرڻ ۽ محبتن ۽ محنتن مان واقف هجي. جبران هن ناولٽ ۾ محنت جي باري ۾ ٻڌائيندي چوي ٿو: ”محنت جي وسيلي زندگيءَ سان محبت ڪرڻ، ٻين لفظن ۾ زندگيءَ جي سڀ کان اونهن رازن تائين پهچڻ آهي. جيئن توهين پنهنجي دل جي تار ڪڍي ان مان ڪوئي ڪپڙو ٺاهيو ته اهو توهان جو محبوب پائي.“
  • 4.5/5.0
  • 2786
  • 1744
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • خليل جبران
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book پيغامبر

دعا

وري هڪ راهبه پڇيو: ”اسان کي ٻڌايو ته دعا ڇا آهي؟“
مصطفيٰ چيو ته: اوهين ان مهل دعا گھرندا آهيو، جڏهن توهان تي ڪا مصيبت ايندي آهي يا جڏهن توهان کي ڪا ضرورت تنگ ڪندي آهي.
ڪاش! توهان جا هٿ ان ويل به دعا لاءِ اٿن ها، جڏهن توهان جون دليون خوشيءَ سان ٽمٽار هونديون آهن ۽ توهان جي زندگي راحت ۽ اطمينان سان گذرندي آهي.
دعا ان کانسواءِ ڇاهي ته توهان پنهنجو پاڻ کي جيئري ايٿر ۾ وکيري ڇڏيندا آهيو؟
جڏهن اواهان پنهنجي اونداهين کي فضا ۾ وکيري پنهنجي دلين ۾ راحت محسوس ڪندا آهيو، ته توهان کي ان روشنيءَ کي ڦهلائي به خوشي محسوس ڪرڻ گھرجي جنهن سان اوهان جون دليون روشن آهن.
توهان ان مهل، جڏهن توهان جو روح توهان کي سڏيندو آهي، پنهنجن ڳوڙهن کي جھلي نه سگھندا آهيو، ته ان روح کي گھرجي ته، رئندي ئي سهي، توهان کي هر هر ڪتڪاڙيون ڏئي، جيسين توهان کلڻ لڳو.
جڏهن توهان دعا ڪندا آهيو ته فضا ۾ وڏي آواز، انهن ماڻهن جي روحن سان ملندا آهيو، جيڪي عين ان مهل دعا لاءِ هٿ کڻندا آهن. ۽ انهن روحن سان توهان جا روح دعا کانسواءِ ڪنهن مهل به ملي نه سگھندا.
بس دعا گھرڻ جي جاءِ ۾ توهان کي لڪي لڪي وڃڻ گھرجي.
جتي سرور ۽ وجد ۽ مٺڙي رفاقت کان سواءِ توهان جو ڪوبه مطلوب ۽ مقصود نه هجي. انڪري ته جيڪڏهن دعا جي جاءِ ۾ توهان صرف سائل بڻجي ويئو ته توهان جي حاجت هرگز پوري نه ٿيندي. جيڪڏهن توهان اتي عجز جي اظهار لاءِ پهتو ته توهان جا روح اوچاين تي پهچي نه سگھندا.
۽ جيڪڏهن توهان ڪنهن ٻئي جي ڀلائيءَ لاءِ دعا ڪرڻ ويا آهيو ته توهان جي هڪ نه ٻڌي ويندي.
بس توهان لاءِ اهوئي ڪافي آهي ته توهان دعا جي جاءِ ۾ لڪي لڪي وڃو!“
افسوس آهي! مان توهان کي اهو ٻڌائي نه ٿو سگھان ته دعا ڪهڙن لفظن ۾ گھري وڃي! انڪري ته الله صرف اهي لفظ ٻڌندو آهي، جيڪي هو پاڻ توهان جي زبان مان ادا ڪرائيندو آهي.
افسوس! جو مان توهان کي اها دعا به سيکاري نه ٿو سگهان جيڪا سمنڊن جھنگلن ۽ پهاڙن جي زبان جي ورد ڪيل آهي.
پر توهان سمنڊن، جھنگلن ۽ پهاڙن جي جگر جا ٽڪرا آهيو. انهن جي دعائن کي پنهنجي دلين ۾ ڳولي ٿا سگھو. جيڪڏهن رات جي خاموشيءَ تي ڌيان ڏئي سگھو ته انهن سمنڊن، جھنگلن ۽ پهاڙن کي گونگي زبان ۾ چوندي ٻڌندؤ: ”اي! اسان جا پروردگار! اي اسان جا روح! جيڪي پنهنجي آسمانن تان اسان جي مٿان اڏامندا آهن. توهان جي ئي رضا اسان جي اندر ڪارفرما آهي.
توهان جي رغبت آهي، جيڪا اسان جي اندر پنهنجائيءَ جو ٻج ٿي پوکي، اسان جي اندر اها تنهنجي ئي تقاضا آهي، جيڪا اسان جي راتين کي، جيڪي دراصل تنهنجون راتيون آهن، ڏينهن ۾ تبديل ڪندو آهي، جيڪي دراصل تنهنجا ئي ٻڌايل آهن.
اي اسان جا پروردگار! اسان تو کان ڪجھ گھري نه ٿا سگھون، انڪري ته تون اسان جي ضرورتن کي ڄاڻندو آهين، ان کان پهرين ته اهي اسان جي دلين ۾ پيدا ٿين.
تون ئي اسان جي ضرورت آهين.
۽ جڏهن تون پنهنجي ذات جو هڪڙو وڏو حصو اسان کي عطا ڪري ڇڏيندو آهين، ته ڄڻ سڀ ڪجھ اسان کي بخشي ڇڏيندو آهين.“