تعليم
مصطفيٰ وراڻيو: ”ڪو به انسان توهان تي ڪابه اهڙي شيءِ عيان نه ٿو ڪري سگھي جيڪا توهان جي ڄاڻ جي سهائي جي ڌنڌلڪي ۾ اڻ لکي نه هجي.
اهو معلم جيڪو پنهنجي شاگردن جي وچ ۾ پنهنجي درسگاھه جي ڇانءَ ۾ خوش ٿيندو آهي، هو کين پنهنجو علم نه ڏيندو آهي، پر پنهنجو ايمان ۽ پنهنجي محبت کين عطا ڪندو آهي.
جيڪڏهن هو صحيح معنيٰ ۾ علم ۽ حڪمت جو امانتدار آهي ته اهو توهان کي پنهنجي عقل جي جاءِ ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه ڏيندو آهي، پر توهان جي پنهنجي ذهن جي چائنٺ ڏانهن توهان جي راھه نمائي ڪندو آهي. فلڪيات جو هڪ ماهر، فضا جي باري ۾ پنهنجي علم جو توهان سان ذڪر ته ڪري سگھندو پر هو توهان کي پنهنجي سمجھ ٻوجھ ڏئي نه سگھندو.
هڪ موسيقار، هو توهان کي وڄائي ٻڌائي سگھي ٿو، جيڪو پوري فضا ۾ جھومندڙ آهي. پر اهي ڪن توهان کي ڏيئي نه سگھندو، جيڪي ان گيت کي پنهنجي گرفت ۾ آڻيندا آهن. نه ئي اهو آواز توهان کي بخشي سگھي ٿو، جيڪو ان گيت کي شڪل عطا ڪندو آهي.
هو جيڪو علم رياضيءَ جو ڄاڻو آهي. وزن ۽ ماپ جا اصول ۽ حدون ته ٺاهي ٿو سگھي، پر هو اوهان کي ان جي گھراين ۾ وٺي وڃي نه ٿو سگھي.
ڇاڪاڻ ته هڪ انسان جي دانائي پنهنجون کنڀڙاٽيون ٻئي انسان کي ڏئي نه سگھندي.
هاڻي جيئن توهان مان هرهڪ علم خداونديءَ مان پنهنجو هڪ سڀ کان نرالو مقام رکندو آهي، ائين توهان مان، هر هڪ کي خدا جي باري ۾ پنهنجي علم ۽ ڌرتيءَ جي اسرارن جي باري ۾ پنهنجي ڄاڻ ۾ سڀني کان جدا هئڻ گھرجي.“