ناول

پيغامبر

هي ناولٽ هڪ طويل انٽرويو جيان آهي، جيڪو هڪ اهڙي ماهر کان ورتو ويو هجي جيڪو زندگيءَ جي هر شعبي تي مهارت رکندو هجي. هو هر ماڻهوءَ جي اهنجن، ايذائن، ڏکن ڏوجهرن، خوشين ، پيار ۽ چاهت، ويندي کاڌ خوراڪ، پهرڻ ۽ محبتن ۽ محنتن مان واقف هجي. جبران هن ناولٽ ۾ محنت جي باري ۾ ٻڌائيندي چوي ٿو: ”محنت جي وسيلي زندگيءَ سان محبت ڪرڻ، ٻين لفظن ۾ زندگيءَ جي سڀ کان اونهن رازن تائين پهچڻ آهي. جيئن توهين پنهنجي دل جي تار ڪڍي ان مان ڪوئي ڪپڙو ٺاهيو ته اهو توهان جو محبوب پائي.“
  • 4.5/5.0
  • 2786
  • 1744
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • خليل جبران
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book پيغامبر

مذهب

هڪ پوڙهي پادريءَ ڳالهايو: ”اسان کي مذهب جي باري ۾ ڪجھ ٻڌايو!“
مصطفيٰ جواب ۾ وراڻيو: ”ڇا جو ڪجھ مون اڄ توهان کي ٻڌايو آهي، مذهب کانسواءِ ٻيو ڪجھ آهي؟ ڇا سڀئي عمل ۽ سڀ فڪر مذهب ناهن؟
۽ اھا شيءِ به، جيڪا نه عمل آهي نه فڪر، پر ها حيرت ۽ تعجب به مذهب جي دائري مان خارج آهي، جيڪو هر پل روح ۾ اظهار ڪندو آهي. ان مهل به انسان جو هٿ ڪٽيندو آهي، ۽ ان مهل به جنهن مهل هو چرخو هلائيندو آهي؟
ڪير آهي جيڪو پنهنجي ايمان کي پنهنجي عمل کان جدا ڪري سگھي؟
يا پنهنجي عقيدي کي پنهنجي مشغلن کان جدا رکي سگھي؟ ۽ ڪير آهي جو پنهنجي زندگيءَ جا لمحات ۽ ساعتن کي پنهنجي اڳيان وکيري چوي: ”هي الله جي لاءِ آهن ۽ هي منهنجي جسم جي لاءِ؟
توهان جا سڀ حالات، توهان جو سڀئي گھڙيون اهي کنڀ ۽ پر آهن، جيڪي فضا ۾ اوهان جي چرپر سان گڏ چنبڙيل رهندا آهن.
جيڪو خوش اخلاقيءَ جو لباس محض ان لاءِ پهريندو آهي ته اها سندس بهترين پوشاڪ آهي، ته بهتر آهي ته اهو اگھاڙو رهي.
هوا جون لهرون ۽ سج جا ڪرڻا سندس کل کي نه ڪپينديون. ۽ ڪوبه پنهنجي عمل جي طرز جي تحديد اخلاقي پابندين مطابق ڪندو آهي، ڄڻ پنهنجي ڳائيندڙ پکيءَ کي پڃري ۾ بند ٿو ڪري.
انڪري ته آزاد ترين گيت، بانس جي ٽڪرن ۽ تارن مان نه نڪرندو آهي.
اهو شخص جنهن لاءِ عبادت هڪ دري آهي، جنهن کي جڏهن وڻيس کولي ڇڏي جڏهن وڻيس کولي ڇڏي، ان شخص اڃان تائين پنهنجي روح جو ٺڪاڻو ڏٺو ئي ناهي، جنهن جون دريون هر وقت کليون رهنديون آهن.
اها زندگي جيڪا اوهان روزانه گذاريندا آهيو، توهان جو معبد ۽ توهان جو مذهب آهي.
جڏهن به اوهان ان عبادت ڪدي ۾ داخل ٿيو، ته پنهنجي پونجي پاڻ سان ساڻ کڻي وڃو! هر، بٺي، هٿوڙو ۽ بربط ۽ اهي سڀئي شيون به، جيڪي توهان پنهنجي ضرورت يا پنهنجي عيش ۽ آرام جي لاءِ ٺاهيون آهن. انڪري ته جڏهن توهان پنهنجي خوابن جي آسمان تي اڏامندو آهيو، ته پنهنجي ڪاميابين کان بلند تر وڃي سگھندا آهيو، نه ئي پنهنجي ناڪامين کان پست تر ڪري سگھندا آهيو.
سڀني انسانن کي پاڻ سان گڏ وٺي وڃو! انڪري ته توهان پنهنجي عبادت ۾، نه ته انهن سڀني اميدن ۽ تمنائن کان مٿاهان اڏامي سگھندا آهيو ۽ نه انهن مڙني جي مايوسين ۽ نامرادين کان هيٺ ڪري ٿا سگھو.
جيڪڏهن اوهان الله کي سڃاڻڻ چاهيو ٿا ته پنهنجو پاڻ کي الجھائن ۾ نه ڦاسايو. پر پنهنجي چوڌاري ڏسو! توهان کيس پنهنجي ٻارن سان کيڏندو ڏسندؤ!
فضا ۾ ڏسو! توهان کيس ڪڪرن ۾ گھمندو ڦرندو، کنوڻ ۾ ٻانهون ڊگھيري ۽ بارش سان گڏ زمين تي لهندي ڏسندؤ.
ها، توهان کيس گلن ۾ مرڪندي ۽ وڻن مان اشارا ڪندي ڏسندؤ!“