ناول

پيغامبر

هي ناولٽ هڪ طويل انٽرويو جيان آهي، جيڪو هڪ اهڙي ماهر کان ورتو ويو هجي جيڪو زندگيءَ جي هر شعبي تي مهارت رکندو هجي. هو هر ماڻهوءَ جي اهنجن، ايذائن، ڏکن ڏوجهرن، خوشين ، پيار ۽ چاهت، ويندي کاڌ خوراڪ، پهرڻ ۽ محبتن ۽ محنتن مان واقف هجي. جبران هن ناولٽ ۾ محنت جي باري ۾ ٻڌائيندي چوي ٿو: ”محنت جي وسيلي زندگيءَ سان محبت ڪرڻ، ٻين لفظن ۾ زندگيءَ جي سڀ کان اونهن رازن تائين پهچڻ آهي. جيئن توهين پنهنجي دل جي تار ڪڍي ان مان ڪوئي ڪپڙو ٺاهيو ته اهو توهان جو محبوب پائي.“
  • 4.5/5.0
  • 2786
  • 1744
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • خليل جبران
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book پيغامبر

خريد ۽ وڪرو

هڪ سوداگر چيو: ”اسان کي وڪري ۽ خريداريءَ جي باري ۾ ڪو مشورو ڏيو.“
مصطفيٰ جواب ۾ چيو: زمين پنهنجا سمورا ميوا توهان کي بخشيندي آهي. ۽ جيڪڏهن توهان اهوڄاڻي وٺو ته ان جي بخشش سان پنهنجيون جهوليون ڪيئن ٿا ڀري سگھو، ته توهان ڪڏهن محتاج ٿي نه سگھندؤ.
جيڪڏهن توهان زمين جي نعمتن جي پاڻ ۾ مٽا سٽا ڪري سگھو ته خير ۽ برڪت جي گھڻائي توهان جو نصيب هوندي. ۽ ان سان توهان جي دل آسودگي حاصل ڪندي.
پر جيسين اها مٽا سٽا محبت ۽ شفقت گاڏر انصاف جي تحت آهي، ڪجھ ماڻهن ۾ حرص وطمع جا ٻج ڇٽيا ۽ باقي سڀ سڪندا رهندا.
۽ توهان، اي سمنڊن، کيتن ۽ ڦلواڙين جي پگھر وهائڻ وارؤ ! جڏهن بازار ۾ ڪپڙن اڻڻ، ٺاٺارن ۽ پسارين سان ملو ته ان روح زمين ساڻ، جيڪو عطا ۽ بخشش جو سرچشمو آهي . درخواست ڪريو ته اهو توهان جي وچ ۾ اچي ۽ انهن تارازين کي برڪت ڏئي جيڪي قيمت کي قيمت سان تورينديون آهن .
انهن خالي هٿن کي منهنجن معاملن ۾ شريڪ ٿيڻ نه ڏيو. جيڪي توهان جي محنت کي خالي لفظن سان خريد ڪرڻ گھرن ٿا.
اهڙن ماڻهن کي صاف صاف چئو: ” ان جي بجاءِ اسان جي فصلن ۾ هلو، يا اسان جي ڀائرن سان سمنڊ تي وڃو اتي ڄار پکيڙيو، انڪري ته زمين ۽ سمنڊ توهان تي به پنهنجي فيض جا دروازا به ائين کوليندا جيئن اهي اسان تي کوليندا آهن . وري اتي جيڪڏهن توهان جي ملاقات موسيقارن، رقاصائن ۽ بين وڄائيندڙن سان ٿئي ته انهن جو مال به خريد ڪريو. انڪري جوتوهان جيان اهي به ميوا ۽ خوشبوءِ گڏ ڪندا آهن ۽ اهي شيون جيڪي توهان جي لاءِ آڻيندا آهن. اهي جيڪڏهن خيال ۽ تصور جي دنيا ۾ تيار ٿينديون آهن. پر توهان جي روحن لاءِ لباس ۽ کاڌي جو ڪم ڏينديون آهن. ان کان اڳ جو توهان بازار مان واپس ورو، چڱي طرح ڏسي وٺو ته اتان ڪوئي هٿين خالي ته گھر واپس نه وريو. انڪري جو اهو عطا جو سرچشمو، اهو زمين جو روح، ان مهل تائين هوا جي جھوٽن ۾ سمهي نه سگھندو، جيسين توهان مان حقير ترين فرد جي ضرورت پوري نه ٿئي .