ناول

پيغامبر

هي ناولٽ هڪ طويل انٽرويو جيان آهي، جيڪو هڪ اهڙي ماهر کان ورتو ويو هجي جيڪو زندگيءَ جي هر شعبي تي مهارت رکندو هجي. هو هر ماڻهوءَ جي اهنجن، ايذائن، ڏکن ڏوجهرن، خوشين ، پيار ۽ چاهت، ويندي کاڌ خوراڪ، پهرڻ ۽ محبتن ۽ محنتن مان واقف هجي. جبران هن ناولٽ ۾ محنت جي باري ۾ ٻڌائيندي چوي ٿو: ”محنت جي وسيلي زندگيءَ سان محبت ڪرڻ، ٻين لفظن ۾ زندگيءَ جي سڀ کان اونهن رازن تائين پهچڻ آهي. جيئن توهين پنهنجي دل جي تار ڪڍي ان مان ڪوئي ڪپڙو ٺاهيو ته اهو توهان جو محبوب پائي.“
  • 4.5/5.0
  • 2786
  • 1744
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • خليل جبران
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book پيغامبر

عيش

هاڻ هڪ راهب اڳتي وڌيو، جيڪو سالؤن سال شهر ايندو آهي هو ۽ چيائين: ”اسان کي عيش جي باري ۾ ڪجھ
ٻڌايو!“
جواب ۾ مصطفيٰ وراڻيس عيش، آزاديءَ جي گيتن مان هڪ گيت آهي. پر اهو آزادي ناهي. اهو توهان جي خواهش جو هڪ گوشو آهي. پر اهو انهن جو ميوو ناهي.
اها هڪ گھرائي آهي، جيڪا اوچاين کي سڏيندي آهي، پر اها نه گھرائي آهي نه اونچائي.
اهو پنڃري ۾ بند هڪ پکيئڙي جي اڏامڻ جي ڪوشش آهي، پر اهو فضائي پرواز ناهي.
بيشڪ! عيش، آزاديءَ جو هڪ گيت آهي، ۽ منهنجي تمنا آهي ته ڪاش! توهان ان گيت کي پنهنجي دل جي سمورين ڪيفيتن سان ڳائي سگھو.
پر مان اهو نه ٿو چاهيان ته اهو گيت توهان جي دلين کي ضايع ڪري ڇڏي.
توهان جا ڪجھ نوجوان عيش طرف ائين ڊوڙندا آهن، ڄڻ اهو سڀ ڪجھ آهي.
انڪري سندن خلاف فيصلا صادر ڪيا ويندا آهن، کين گھٽ وڌ ڳالهايو ويندو آهي.
جيڪڏهن مان توهان مان هجان ها، ته انهن جي خلاف ڪي فيصلا صادر ڪريان ها، نه ئي کين گھٽ وڌ ڳالهايان ها. پر عيش جي راھه ۾ سندن حوصلا وڌايان هان، انڪري جڏهن هو عيش حآصل ڪندا ته اڪيلا حاصل نه ڪندا.
هن جون ست ڀينر آهن ۽ انهن مان جيڪا سڀني کان گھٽ خوبصورت آهي، اها به عيش کان وڌيڪ حسين آهي.
ڇا اوهان ان شخص جو قصو نه ٻڌو آهي، جيڪو پاڙون پٽڻ لاءِ زمين کوٽي رهيو هو، پر اتي کيس خزانو ميل ويو. توهان مان ڪجھ وڏي عمر وارا ماڻهو عيش جو اهڙيءَ طرح ذڪر ڪندا آهن، ڄڻ اهو هڪ گناھه هو جيڪو اڻ ڄاڻائيءَ جي حالت ۾ کائن سرزد ٿي ويو.
پر پڇتاءُ ته هڪ پردو آهي، جيڪو عقل تي وِڌو ويندو آهي. اهو ڪفارو ناهي، جيڪو گندگي ڌوئي ڇڏي.
هن کي ته اهو گھرجي ته عيش کي شڪر گذاريءَ سان ياد ڪن، ڄڻ اها سرسبز پوک آهي، جنهن کي هن گرمين ۾ لڻيو هو.
جيڪڏهن سندن دل کي پڇتاءَ ۾ ئي تسلي ملي ٿي ته کين ائين تسڪين حاصل ڪرڻ ڏيو.
توهان ۾ اهڙا ماڻهو به آهن، جيڪي نوجوانن جيان عيش جي پويان ڀڄندا آهن، نه پوڙهن جيان ان کي حسرت سان ياد ڪندا آهن. اهي تلاش ۽ يادن کان ڊڄندا آهن ۽ عيش کان ئي ڀڄڻ لڳندا آهن.
انهيءَ خوف کان ته ڪٿي هو پنهنجي روح کي وساري نه ويهن يا ان سان ڪا زيادتي نه ڪري ويهن. پر سندن اهو ذهن به عيش جي ئي هڪ صورت آهي، خزانو انهن کي به ملندو آهي، جيڪي ڏڪندڙ هٿن سان پاڙون کوٽيندا آهن. مون کي ٻڌايو! اهو ڪير آهي جيڪو پنهنجي روح سان زيادتي ڪري سگھي؟
ڇا بلبل رات جي خاموشيءَ جو پردو ڦاڙي ٿي سگھي؟
يا کر کٽڙو تارن جو ڪجھ بگاڙي ٿو سگھي؟
۽ اوهان جو شعلو يا اوهان جو دونهون هوا جي لاءِ ڳورو وزن ٿي سگھي ٿو؟
ڇا توهان روح کي هڪ تالاب ٿا سمجھو، جنهن جي پاڻيءَ کي توهان پنهنجي ڪاٺيءَ سان موج زن ڪري سگھندؤ؟ جيڪڏهن ائين ٿيندو آهي ته توهان عيش کان انڪار ڪندا آهيو ۽ اهڙيءَ طرح پنهنجي خواهش کي، پنهنجي ذات جي تهن ۾ لڪائي ڇڏيندا آهيو. ۽ ڪنهن کي، خبر آهي، جنهن کان اڄ توهان انڪار ٿا ڪريو صبحاڻي اهو اوهان جو منتظر هجي؟
توهان جو جسم پاڻ ڄاڻي ٿو، جيڪو کيس ورثي ۾ مليو آهي، اهو پنهنجي حقيقي ضرورت کان واقف آهي ۽ ڪنهن کان به ڌوڪو نٿو کائي سگھي.
توهان جو جسم توهان جي روح جو بربط آهي. هاڻ توهان جو اهو ڪم آهي ته توهان ان مان مٺڙا گيت پيدا ڪريو يا پريشان آواز!
هاڻ توهان پنهنجي دل کان پڇي رهيا هوندؤ ته: اسان اهو ڪيئن سمجھون ته عيش ۾ بهتري ڇاهي ۽ خرابي ڪهڙي آهي؟
پنهنجي پوکن ۽ پنهنجي باغن ۾ وڃو! توهان ڏسندؤ ته ماکيءَ جي مک گل جي رس چوسڻ ۾ پنهنجي عيش حاصل ڪندي آهي.
پر گل کي به ان طرح عيش ملندو آهي ته پنهنجي رس، ماکيءَ جي مک جي حوالي ڪري ڇڏي. ماکيءَ جي مک جي نظر ۾ گل زندگيءَ جو هڪ چشمو آهي. ۽ گل جي نظر ۾ ماکيءَ جي مک ۽ گل ٻنهي جي لاءِ اهو وٺڻ ۽ ڏيڻ، هڪ ضرورت آهي ۽ هڪ خوشي!
بس اي فاليس جا رهواسيو! پنهنجي عيش ۾ توهان ماکيءَ جي مک ۽ گل جو مثال بڻجي وڃو!“