ناول

پيغامبر

هي ناولٽ هڪ طويل انٽرويو جيان آهي، جيڪو هڪ اهڙي ماهر کان ورتو ويو هجي جيڪو زندگيءَ جي هر شعبي تي مهارت رکندو هجي. هو هر ماڻهوءَ جي اهنجن، ايذائن، ڏکن ڏوجهرن، خوشين ، پيار ۽ چاهت، ويندي کاڌ خوراڪ، پهرڻ ۽ محبتن ۽ محنتن مان واقف هجي. جبران هن ناولٽ ۾ محنت جي باري ۾ ٻڌائيندي چوي ٿو: ”محنت جي وسيلي زندگيءَ سان محبت ڪرڻ، ٻين لفظن ۾ زندگيءَ جي سڀ کان اونهن رازن تائين پهچڻ آهي. جيئن توهين پنهنجي دل جي تار ڪڍي ان مان ڪوئي ڪپڙو ٺاهيو ته اهو توهان جو محبوب پائي.“
  • 4.5/5.0
  • 2786
  • 1744
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • خليل جبران
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book پيغامبر

لِباس

وري هڪ غريب چيو: ”اسان کي لباس جي باري ۾ ڪجھ ٻڌايو؟“
مصطفيٰ جواب ڏنو: توهان جو لباس توهان جون ڪافي خوبيون لڪائي ٿو ڇڏي، پر توهان جي عيبن جي پرده پوشي نه ٿو ڪري. جيتوڻيڪ توهان پنهنجي لباس ۾ اڪيلائيءَ جي آزادي ڳوليندا آهيو. پر اهو الٽو توهان جي لاءِ هڪ ٻيڙي ۽ هڪ زنجير بڻجي ويندو آهي.
ڪاش! توهان سج جي ڪرڻن ۽ هوائن جو استقبال پنهنجي ڪپڙن جي وسيلي گھٽ ۽ پنهنجي کل جي وسيلي وڌيڪ ڪريو ها. انڪري جو زندگيءَ جا پساھ سج جي ڪرڻن ۾ هوندا آهن ۽ زندگيءَ جا هٿ هوائن سان گڏ چر پر ڪندا آهن.
توهان مان ڪجھ چوندا آهن: جيڪي ڪپڙا اسين پهريندا آهيون، اهي اتر جي هير مان اڻيل آهن.
مان چوان ٿو: ها، اهي اتر جي هير مان ئي اڻيل آهن پر شرم ان جو ڪرنگھو هو ۽ نرم ۽ ويڪرا عضوا ان جو تاڃي پيٽو. ۽ جڏهن هوءَ ڪپڙا اڻي چڪي ته جهنگل ۾ وڃي هن خوب ٽهڪ ڏنا.
اهو نه وسار ته اها هڪ ڍال آهي، جيڪا توهان کي بدڪارن جي نظرن کان بچائيندي آهي ۽ جڏهن بدڪاري ئي نه رهي ته شرم ڪهڙو رهندو، سواءِ هڪ زنجير جي جيڪو عقل کي ٻڌي بيڪار بڻائي ڇڏيندو آهي؟
وري اهو به نه وساريو جڏهن توهان جا اگھاڙا پير زمين کي ڇهندا آهن ته اها خوش ٿيندي آهي.
هوا جڏهن توهان جي کليل وارن سان کيڏندي آهي، ته شوق ۽ شغل جا پساھه هن جي وات مان گيت وکيريندا نڪرڻ لڳندا آهن.