ناول

پيغامبر

هي ناولٽ هڪ طويل انٽرويو جيان آهي، جيڪو هڪ اهڙي ماهر کان ورتو ويو هجي جيڪو زندگيءَ جي هر شعبي تي مهارت رکندو هجي. هو هر ماڻهوءَ جي اهنجن، ايذائن، ڏکن ڏوجهرن، خوشين ، پيار ۽ چاهت، ويندي کاڌ خوراڪ، پهرڻ ۽ محبتن ۽ محنتن مان واقف هجي. جبران هن ناولٽ ۾ محنت جي باري ۾ ٻڌائيندي چوي ٿو: ”محنت جي وسيلي زندگيءَ سان محبت ڪرڻ، ٻين لفظن ۾ زندگيءَ جي سڀ کان اونهن رازن تائين پهچڻ آهي. جيئن توهين پنهنجي دل جي تار ڪڍي ان مان ڪوئي ڪپڙو ٺاهيو ته اهو توهان جو محبوب پائي.“
  • 4.5/5.0
  • 2786
  • 1744
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • خليل جبران
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book پيغامبر

محبت

”اسان کي محبت جي باري ۾ ڪجھ ٻڌاءِ؟ ”المترا چيو. هن پنهنجو ڪنڌ مٿي ڪيو ۽ ماڻهن ڏانهن ڏٺائين.
ميڙ تي ماٺ مڙهجي وئي ۽ هن ڳُوڙهي آواز ۾ چيو:
”جڏهن محبت توهان کي سڏي ته ان جي پويان وڃو. ڀل ته ان جون راهون ڪٺن ۽ دشوار ڇونه هجن.
۽ جڏهن هوءَ توهان کي پنهنجن پيرن ۾ ويڙهي، ته خوشيءَ سان ويڙهجي وڃو. توڙي ان جي پيرن ۾ لڪل تلوار توهان کي زخمي به ڪري وجهي.
۽ جڏهن توهان سان ڳالهائي ته تعظيم ۾ ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو! توڙي هن جو آواز توهان جي خوابن کي ڊاهي به وجهي. جيئن اتر جي هوا باغ اجاڙي ڇڏيندي آهي.
”محبت اوهان جي مٿي تي تاج رکندي آهي ۽ توهان کي سوليءَ تي به چاڙهي ڇڏيندي آهي.
هوءَ توهان جي حياتيءَ جي وڻ جي ٿُڙ کي مظبوط به ڪندي آهي ۽ ان جي ٽارين کي ڇانگهيندي به آهي.
۽ جيئن هوءَ ان جي چوٽيءَ تي پهچي ان جي انتهائي نازڪ ۽ نرم پنن سان کيڏندي آهي ۽ اها سج جي هنج ۾ چمڪندي آهي.
اهڙي طرح هو ان جي پاڙن ۾ لهندي آهي جيڪي زمين سان چهٽيل آهين ۽ انهن کي ڌوڏي ڇڏيندي آهي. هوءَ اوهان کي اناج جي سٿين جيان پنهنجي هنج ۾ ڀڪوڙي ڇڏيندي آهي، ۽ توهان کي ظاهر ڪرڻ لاءِ ڇنڊيندي ۽ ٽوڪيندي آهي. وري هوءَ اوهان کي ڇڄ ۾ ڇنڊيندي آهي، ۽ ڇاڻ توهان کان جدا ٿي ويندو آهي. وري توهان کي جنڊ ۾ پيهي سنهڙو اٽو ٺاهيندي آهي. وري ان اٽي کي ايترو ڳوهيندي آهي جيئن ان ۾ لوچ پيدا ٿي وڃي. جيئن توهان الوهيت جي مقدس دسترخوان جي مقدس ماني بڻجي وڃو. محبت اهي سڀئي عمل توهان تي ڪندي آهي ته توهان پنهنجي دل جا راز پروڙي سگھو. ان سڃاڻ سان توهان زندگيءَ جو هڪ حصو بڻجي وڃو.
پر جيڪڏهن توهان ڊڄي ويؤ ۽ توهان صرف محبت جو سڪون ۽ محبت جي لذت ئي ڳولي ته بهتر اهو آهي ته پنهنجي اگھاڙپ کي لڪائي توهان محبت جي ڍير مان نڪري وڃو.
اهڙي ڄميل دنيا ڏانهن جيڪا موسمن کان خالي هجي. جتي توهان کلندؤ پر دل کولي کلي نه سگھندؤ. محبت پاڻ کانسواءِ ڪجھ نه ڏيندي.
۽ محبت پاڻ کان سواءِ توهان کان ڪجھ نه وٺندي آهي.
محبت ڪنهن تي قبضو نه ڄمائيندي آهي. نه ئي محبت تي ڪو قبضو ڪري سگھندو آهي. ڇو ته محبت جي لاءِ اهو ئي ڪافي آهي ته اها محبت آهي.
جڏهن توهين محبت ڪريو ته توهان کي اهو نه چوڻ گھرجي ته: ”خدا منهنجي دل ۾ آهي.“ پر اهو چئو ته: ”مان خدا جي دل ۾ آهيان.“
اهو نه ڄاڻو ته توهان جيڪڏهن چاهيو محبت جو منهن ڦيرائي ٿا سگھو.
محبت پاڻ اوهان جي رهنمائي ڪندي آهي، پر توهان کي پنهنجي اطاعت جي قابل سمجهي.
محبت پنهنجو پاڻ کانسواءِ ٻي ڪابه خواهش نه رکندي آهي.
بس جيڪڏهن توهان محبت ڪريو ۽ خواهشن کانسواءِ ڪابه راھ نه هجي ته توهان جي انهن خواهشن کي گھرجي ته اهي رجي، وهندڙ چشمو بڻجي وڃن. جيڪو رات جي خاموشين کي پنهنجا گيت ٻڌائيندو آهي.
انهنيءَ درد کي محسوس ڪريو جيڪو مدهوشيءَ جي لهرن ۾ ويڙهيل هوندو آهي.پنهنجي طور تي محبت کي سڃاڻو ۽ ان جا تير پنهنجي سيني تي سَهو! ۽ کل خوشيءَ سان پنهنجو رت وهڻ ڏيو.
سج جو پهريون ڪرڻو نڪرڻ مهل اهڙيءَ طرح سجاڳ ٿيو ته توهان جي دل شوق ۽ عشق جي پرن سان اڏامي رهيو هجي. ۽ محبت جي هڪ نئين ڏينهن جو، شڪر ۽ احسان جي جذبن سان استقبال ڪريو.
منجهند جو جڏهن توهان ننڊ جي هنج ۾ ويڙهيل هجو ته محبت جي نشي کان سرور اندوز ٿيندا رهو.
۽ شام جو جڏهن توهان پنهنجي گھر موٽي اچو ته محبت جي لاءِ ننهن کا چوٽيءَ تائين سپاهي بڻجي اچو.
وري رات جو جڏهن اوهين سمهڻ لڳو، ته توهان جي دل ۾ محبوب جي ياد هجي ۽ توهان جي چپن تي ان جي مدح ۽ وڏائيءَ جو گيت هجي!“

**************