ناول

پيغامبر

هي ناولٽ هڪ طويل انٽرويو جيان آهي، جيڪو هڪ اهڙي ماهر کان ورتو ويو هجي جيڪو زندگيءَ جي هر شعبي تي مهارت رکندو هجي. هو هر ماڻهوءَ جي اهنجن، ايذائن، ڏکن ڏوجهرن، خوشين ، پيار ۽ چاهت، ويندي کاڌ خوراڪ، پهرڻ ۽ محبتن ۽ محنتن مان واقف هجي. جبران هن ناولٽ ۾ محنت جي باري ۾ ٻڌائيندي چوي ٿو: ”محنت جي وسيلي زندگيءَ سان محبت ڪرڻ، ٻين لفظن ۾ زندگيءَ جي سڀ کان اونهن رازن تائين پهچڻ آهي. جيئن توهين پنهنجي دل جي تار ڪڍي ان مان ڪوئي ڪپڙو ٺاهيو ته اهو توهان جو محبوب پائي.“
  • 4.5/5.0
  • 2786
  • 1744
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • خليل جبران
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book پيغامبر

شادي

المترا جا چپ چرپر ۾ آيا ۽ هن پڇيو : ”شاديءَ جي باري ۾ توهان جي ڪهڙي راءِ آهي؟ منهنجا آقا ؟“
هن جواب ڏنو: “توهان مرد ۽ عورت، گڏ پيدا ٿيا آهيو ۽ ابد تائين زندگي گڏجي گذاريندؤ. ۽ جڏهن موت جون سفيد ٻانهون توهان جي حياتيءَ جي خاڪ کي اڏائي ڇڏينديون، ان ويل به توهان گڏ رهندوء.
ها! توهان گڏ رهندؤ، ايستائين جو الله جي گنڀير حافظي ۾ به ! پر توهان کي پنهنجي وصل ۾ ڪجهه فعل به رکڻ گھرجي. جيئن آسمان جون هوائون توهان ٻنهي جي وچ ۾ ناچ ڪري سگھن.
توهان هڪٻئي سان ضرور محبت ڪريو، پر محبت کي زنجير نه بڻايو! توهان جي محبت ته هڪ سمنڊ هئڻ گھرجي. جيڪو توهان جي روحن جي ڪنارن جي وچ ۾ لهرون هڻندو رهي.
هڪٻئي جا پيالا ڀريو پر ٻَئي هڪ ئي پيالي ۾ نه پيو. هڪ ٻئي کي پنهنجوگرھه ڏيو پر ٻئي هڪ ئي ماني ملي نه کائو.
هڪٻئي سان گڏجي ڳايو، نچو ۽ خوشيون ماڻيو. پر هڪٻئي کان آزاد به نه رهو. جيئن سارنگيءَ جون تارون هڪ ئي گيت سان لڏنديون آهن پر هڪٻئي کان ڌار رهنديون آهن.
پنهنجي دل هڪٻئي کي ڏيو، پر ان کي مالڪ نه بڻايو! ان لاءِ ته فقط حياتيءَ جو هٿ ئي توهان جي دلين کي پنهنجي قبضي ۾ رکي سگھندو.
هڪٻئي سان گڏجي بيهو. پر هڪٻئي کان وڇڙي نه وڃو! انڪري ته ڪليسيا جا ٿنڀا هڪٻئي کان ڌار ڌار قائم رهندا آهن.
شاه بلوط ۽ ٻيا وڻ هڪٻئي جي ڇانءَ ۾ وڌندا ناهن.

****************