ناول

پيغامبر

هي ناولٽ هڪ طويل انٽرويو جيان آهي، جيڪو هڪ اهڙي ماهر کان ورتو ويو هجي جيڪو زندگيءَ جي هر شعبي تي مهارت رکندو هجي. هو هر ماڻهوءَ جي اهنجن، ايذائن، ڏکن ڏوجهرن، خوشين ، پيار ۽ چاهت، ويندي کاڌ خوراڪ، پهرڻ ۽ محبتن ۽ محنتن مان واقف هجي. جبران هن ناولٽ ۾ محنت جي باري ۾ ٻڌائيندي چوي ٿو: ”محنت جي وسيلي زندگيءَ سان محبت ڪرڻ، ٻين لفظن ۾ زندگيءَ جي سڀ کان اونهن رازن تائين پهچڻ آهي. جيئن توهين پنهنجي دل جي تار ڪڍي ان مان ڪوئي ڪپڙو ٺاهيو ته اهو توهان جو محبوب پائي.“
  • 4.5/5.0
  • 2786
  • 1744
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • خليل جبران
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book پيغامبر

غم

وري هڪ عورت چيو: ”اسان سان غم جي باري ۾ به ڳالهايو !“
مصطفيٰ چيو: توهان جو غم ان خول جي ڀڄڻ جي اذيت آهي جنهن ۾ توهان جو عقل بند رهندو آهي.
جيئن ميوي جي سخت کل ڀڄندي آهي ته ان جو مغز سج جي روشني ۽ تپش کان سڌو سنئون فيض حاصل ڪري. اهو ئي حال غم جو آهي، جنهن کان توهان کي واقف ضرور ٿيڻ گھرجي.
جيڪڏهن توهان جي دل زندگيءَ جي روز پيش نه اچڻ وارن معجزن کي ڏسڻ جي قابل ٿئي ته توهان ڏسندؤ ته توهان جا غم توهان جي خوشين کان ڪجھ گھٽ خوبصورت ۽ دل نواز ناهن.
توهان پنهنجي دل جي موسمن جي بدلجڻ کي ائين قبول ڪري وٺندؤ جيئن توهان پنهنجي فصلن جي لاءِ موسمن جي بدلجڻ کي قبول ڪندا آهيو.
۽ جڏهن ڏک درد سان ڀريل موسم توهان تان گذرندي ته ان جو ڀرپور مطالعو ڪندؤ، انڪري جو توهان جا ڪيترائي ڏک آهن، جن کي توهان پاڻ پنهنجي لاءِ انهن کي پسند ڪيو آهي.
توهان جو ڏک حقيقت ۾ هڪ ڪوڙي دوا آهي، جيڪا توهان جي روحاني ڏک سور جي علاج جي لاءِ توهان جو طبيب توهان کي پياريندو آهي.
بس پنهنجي طبيب تي ڀروسو ڪريو ۽ ان جي تجويز ڪيل دوا کي سڪون ۽ اطمينان سان پيءُ ڇڏيو.
انڪري جو جراح جو هٿ ڪيترو به ڳورو يا سخت هجي پر هو ڪم ڪندو آهي قدرت جي هٿ جي اشارن سان ۽ دوا جو جيڪو پيالو طبيب اوهان لاءِ آڻي ٿو، ڀل ته توهان جا چپ ئي ساڙي وجھي، پر اهو بڻيل ان ئي مٽيءَ جو آهي، جنهن کي ڪنڀر پنهنجي پوتر ڳوڙهن سان ڳوهيندو آهي.