ناول

پيغامبر

هي ناولٽ هڪ طويل انٽرويو جيان آهي، جيڪو هڪ اهڙي ماهر کان ورتو ويو هجي جيڪو زندگيءَ جي هر شعبي تي مهارت رکندو هجي. هو هر ماڻهوءَ جي اهنجن، ايذائن، ڏکن ڏوجهرن، خوشين ، پيار ۽ چاهت، ويندي کاڌ خوراڪ، پهرڻ ۽ محبتن ۽ محنتن مان واقف هجي. جبران هن ناولٽ ۾ محنت جي باري ۾ ٻڌائيندي چوي ٿو: ”محنت جي وسيلي زندگيءَ سان محبت ڪرڻ، ٻين لفظن ۾ زندگيءَ جي سڀ کان اونهن رازن تائين پهچڻ آهي. جيئن توهين پنهنجي دل جي تار ڪڍي ان مان ڪوئي ڪپڙو ٺاهيو ته اهو توهان جو محبوب پائي.“
  • 4.5/5.0
  • 2786
  • 1744
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • خليل جبران
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book پيغامبر

محنت

وري هڪ هاريءَ پڇيس: ”اسان سان محنت جي باري ۾ ڪجھ ڳالهاءِ !“
مصطفيٰ چيو: ”توهان انڪري محنت ڪندا آهيو ته زمين سان، وک سان وک کڻي هلي سگھو ۽ ان جا راز پروڙي سگھو. ڇو ته جڏهن توهان سستيءَ ۽ ڪاهليءَ کان ڪم وٺندا آهيو ته مندن کان اڻ واقف ٿي ويندا آهيو.
زندگيءَ جي ان جلوس کان پوئتي رهجي ويندا آهيو جيڪو شڪايت ۽ جلال ۽ وڏي نيازمنديءَ سان، ابديت ڏانهن روان دوان آهي.
جڏهن توهان ڪم ڪندا آهيو ته هڪ بانسري هوندا آهيو، جنهن جي چيريل سيني مان لنگھي زماني جون سرگوشيون گيتن ۾ بدلجي وينديون آهن. توهان مان ڪير آهي جيڪو گونگو ٻوڙو ٿيڻ ٿو گھري. جڏهن ته سندس چوڌاري سر کنڊ هڪ ئي ڌن ۽ هڪ آواز ۾ گڏ گيت ڳائي رهيا هجن؟
توهان گھڻو ڪري ٻڌندا آهيو ته محنت هڪ لعنت آهي ۽ مزدوري هڪ بدبختي. پر منهنجي خيال ۾ ته توهان جڏهن محنت ڪندا آهيو ته ڌرتيءَ جي پراڻي خواب کي شرمنده تعبير بڻائڻ ۾ حصو وٺندا آهيو. جنهن جي لاءِ توهان ان ڏينهن چونڊيا ويا هئا، جنهن ڏينهن ان خواب جنم ورتو هو ۽ جڏهن توهان مزدوري ڪندا آهيو، ته در حقيقت زندگيءَ جي محبت ۾ وک وڌائيندا آهيو.
محنت جي وسيلي زندگيءَ سان محبت ڪرڻ، ٻين لفظن ۾ زندگيءَ جي سڀ کان اونهن رازن تائين پهچڻ آهي. پر جڏهن توهان پنهنجي ڏکن ڏوجهرن جي ميڙ ۾ اهو چوندا آهيو ته توهان جو ڄمڻ هڪ ڏک آهي.
وري جسم جي تقاضئن جي پيروي هڪ لعنت آهي جيڪا چهري تي لکي وئي آهي. ان ڪري مان توهان کي چوان ٿو ته چهري تي لکيل ان لعنت کي پگھر جا ڦڙا ئي ڌوئي سگھندا آهن.
توهان کي هي به ٻڌايو ويو آهي ته زندگي هڪ ظلمت آهي. ۽ توهان پنهنجي ٿڪاوٽ جي شدت ۾ ٿڪل ماڻهن جي ڳالھ ورجائي ڇڏيندا آهيو.
مان چوان ٿو: زندگي واقعتاً هڪ ظلمت آهي. جيڪڏهن ان ۾ طلب نه هجي. وري طلب انڌي هوندي آهي. جيڪڏهن ان سان گڏ علم نه هجي.
۽ علم بي معنيٰ آهي_ جيڪڏهن عمل سان گڏ نه هجي. ۽ عمل کوکلو آهي_ جيڪڏهن ان ۾ محبت شامل نه هجي. ۽جڏهن توهانجي عمل ۾ محبت شامل هوندي آهي ته توهان پنهنجي ذات سان، ۽ الله سان ڳنڍجي ويندا آهيو.
وري محبت سان ڪم ڪرڻ ڇا آهي؟
اهو ائين آهي، جيئن توهان پنهنجي دل جي تار ڪڍي ان مان ڪوئي ڪپڙو ٺاهيو ته ان کي توهان جو محبوب پائي.
جيئن توهان پنهنجي جذبات مان هڪ گھر جوڙيو ته توهان جو محبوب ان ۾ رهي.
جيئن توهان نازڪ هٿن سان ٻج ڇٽيو ۽ خوش ٿي فصل لڻو ته توهان جو محبوب ان جو ميوو کائي.
جيئن توهان پنهنجي هر عمل ۾ پنهنجي روح جي هر هڪ توانائي ڦوڪي ڇڏيو ۽ پوءِ ڏسو ته توهان جا هڙئي مري ويل قريب توهان جي ويجهو بيهي نظارو ڪري رهيا هجن.
مون توهان کي اڪٿر چوندي ٻڌو آهي_ ڄڻ توهان ننڊ ۾ وڦلي رهيا آهيو ته “هو شخص جيڪو سنگ مرمر جون دل فريب مورتيون ٺاهيندو آهي ۽ پٿر ۾ پاڻ پنهنجي تصوير جهلڪندي ڏسندو آهي، ان شخص کان مٿاهون مان رکندو آهي جيڪو محض زمين ۾ ملي ويندو آهي.
۽ اهو مصور جيڪو انڊلٺ کان رنگ وٺي انهن کي ڪپڙي جي هڪ ٽڪڙي کي انساني شڪل ۾ تبديل ڪندو آهي ان شخص کان اونچو آهي، جيڪو صرف ان جي لاءِ بوٽ جوڙيندو آهي.
پر مان ٿو چوان: ننڊ ۾ نه، منجهند جو بنھ سجاڳيءَ ۾ ته: ”هوا، ديو قامت شاھه بلوط سان به ايتريون ئي مٺڙيون سرگوشيون ڪندي آهي جيتريون گاھه جي هڪ بي حقيقت سلي ساڻ. وڏو اهوآهي جيڪو هوا جي سر سراهٽن مان گيت پيدا ڪندو آهي ۽ پنهنجي محبت سان انهن گيتن ۾ ميٺاج وڌائيندو آهي عمل اها محبت آهي جنهن جي چهري تان پردو کنيو ويو آهي. انڪري جيڪڏهن توهان پنهنجي ڪم سان محبت نه ٿا ڪريو ۽ ان کي بي دلي ۽ ناگواريءَ سان ڪندؤ ته بهتر آهي ته توهان ڪم ڇڏي ڏيو.
۽ ڪليسيا جي دروازي تي ويهي انهن ماڻهن کان خيرات گھرو ۽ جيڪي کل خوشيءَ سان ڪم ڪندا آهن. انڪري جيڪڏهن توهان بي دليءَ سان ماني ٿا پچايو ته ڪوڙي ماني پچائيندا آهيو، جيڪا صرف انهن ماڻهن جو پيٽ ڀري سگھندي آهي. جن جي انسانيت اڌوري آهي جيڪي اڌ انسان آهن.
۽ وري جڏهن توهين انگورن جي رس، ناگواريءَ سان ڪڍندا آهيو، ته ڄڻ پنهنجي شراب ۾ زهر ٿا ملايو.
توهان جي ناگواري شراب ۾ زهر بڻجي ملي ويندي آهي. وري جڏهن توهان ڳائيندا آهيو، اهو فرشتن جي ئي ڌن ۾ سهي، جيڪڏهن پنهنجي گيت سان محبت نه ٿا ڪريو ته ڄڻ ٻڌڻ وارن جي ڪنن ۾، ڪپھ ڀري ٿا ڇڏيو. اهي نه ڏينهن جو آواز ٻڌي سگھندا آھن نه رات جو.