نفس جي سڃاڻپ
مصطفيٰ جواب ڏنو: اوهان جو دليون سڪون ۽ سڪوت جي عالم ۾ ڏينهن رات جي اسرارن کي معلوم ڪنديون آهن. پر توهان جا ڪن توهان جي قلب جي وجدان جي آواز خاطر اڃارا رهندا آهن.
جيڪا شيءِ اوهان جي فڪر ۾ سدائين واضع رهندي آهي توهان ان کي لفظن ۾ ڄاڻڻ لاءِ بي چين رهندا آهيو. توهان چاهيندا آهيو ته پنهنجي خوابن جي اگھاڙي بدن کي پنهنجي آنڱرين سان ڇهي سگھو.
توهان جو ڪجھ چاهيو ٿا، هئڻ به ائين ئي گھرجي.
ضروري آهي ته توهان جي روحن ۾ جيڪو چشمو لڪل آهي، جلد ئي ڦٽي پوي ۽ جھونگاريندو سمنڊ ڏانهن روان دوان ٿي وڃي. ۽ اهي خزانه جيڪي توهان جي نفس جي سرمدي گھراين ۾ پوشيده آهن، توهان جي اکين اڳيان روشن ٿي پون. پر پنهنجي لڪل خزانن کي تارازين ۾ تورڻ جي ڪوشش نه ڪريو. نه ئي پنهنجي ڄاڻ اونهاين کي ڪاٺ يا رسيءَ جي ماپي سان ڪڇڻ جي لاحاصل ڪوشش نه ڪريو. ڇاڪاڻ ته توهان جو نفس هڪ اڻ کٽ سمنڊ جو ڪنارو آهي جنهن کي ماپي نه ٿو سگھجي نه توري.
ائين نه ڄاڻو ته ”مون حقيقت پرجھي ورتي.“
اڃان به هيئن چئو ته: ”مون ڪيترن ئي حقيقتن مان فقط هڪ ئي حقيقت جو علم حاصل ڪري ورتو.“
نه ئي هيئن چئو: ”مون روح جو گس ڏسي ورتو.“
پر هيئن چئو: ”پنهنجي واٽ هلندي هلندي، مان روح سان گڏيو آهيان.“
انڪري جو روح توهان جي رستن تي هلندو آهي.
اهو ڪنهن مقرر رستي جو پائبند ناهي، نه ئي ڪنهن ٻوٽي جيان ڦٽندو آهي. اهو جڏهن ٽڙندو آهي، ڪنول جي گل جيان ٽڙندو آهي، جنهن جي پنکڙين کي ڳڻي نه سگھبو آهي.