ناول

پيغامبر

هي ناولٽ هڪ طويل انٽرويو جيان آهي، جيڪو هڪ اهڙي ماهر کان ورتو ويو هجي جيڪو زندگيءَ جي هر شعبي تي مهارت رکندو هجي. هو هر ماڻهوءَ جي اهنجن، ايذائن، ڏکن ڏوجهرن، خوشين ، پيار ۽ چاهت، ويندي کاڌ خوراڪ، پهرڻ ۽ محبتن ۽ محنتن مان واقف هجي. جبران هن ناولٽ ۾ محنت جي باري ۾ ٻڌائيندي چوي ٿو: ”محنت جي وسيلي زندگيءَ سان محبت ڪرڻ، ٻين لفظن ۾ زندگيءَ جي سڀ کان اونهن رازن تائين پهچڻ آهي. جيئن توهين پنهنجي دل جي تار ڪڍي ان مان ڪوئي ڪپڙو ٺاهيو ته اهو توهان جو محبوب پائي.“
  • 4.5/5.0
  • 2786
  • 1744
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • خليل جبران
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book پيغامبر

وِداع

سج الھندي ڏانهن جھڪي ويو. المترا چيو: ”مبارڪ آهي هي ڏينهن، مبارڪ آهي هيءَ جڳھه، مبارڪ آهي اوهان جو روح جيڪو اسان سان هم ڪلام ٿيو.“
مصطفيٰ چيو: ”ڇا مان صرف چوڻ وارو ئي هوس؟ ٻڌڻ وارو نه هوس؟“
مصطفيٰ عبادتگاھه جي ڏاڪڻين تان لٿو ۽ ماڻهو سندس پويان پويان هلڻ لڳا. هو پنهنجي جهاز تي سوار ٿي ويو ۽ ان جي آڳل تي بيهي، هن مجموعي تي ٻيهر نظر وڌي ۽ وڏي آواز ۾ چوڻ لڳو:
”اي فاليس جا رهواسيو! هوا مون کي توهان کان جدا ٿيڻ تي مجبور ڪري رهي آهي، جيتوڻيڪ وڃڻ جي مون کي ايتري تڪڙ ڪانهي، جيتري هوا کي آهي. ان هوندي به مون کي وڃڻو ئي پوندو.
اسان جھڙا آواره گرد، جيڪي هميشه بلڪل سنسان رستي جي ڳولا ۾ رهندا آهن، ڪٿي به پنهنجو ڏينهن شروع نه ڪندا آهن، جتي ٻيو ڏينهن پورو ڪرڻ جي نوبت اچي.
سج جو اپار اسان کي ان جڳھه نه لهندو آهي، جتي سندس الهڻ اسان کي ڇڏيو هو. اسان ان ويل به هلندا رهندا آهيون، جڏهن زمين خواب ۾ غلطان هوندي آهي.
اسان عور جا مظبوط ٻج آهيون، جيڪي هيڏي هوڏي وکيرڻ جي لاء پنهنجو پاڻ کي ان وقت تائين حوالي نه ڪندا آهيون، جيسين اسان جي پيدائش مڪمل ۽ اسان جون دليون پر نه ٿي وڃن.
تمام مختصر هئا اهي ڏينهن، جيڪي مون اوهان ۾ گذاريا، ۽ ان کان به مختصر هئا اهي لفظ جيڪي مون اوهان سان ڳالهايا.
جڏهن منهنجو آواز اوهان جي ڪنن ۽ منهنجي محبت اوهان جي حافظي ۾ گھر ڪري ويندي ته مان وري توهان وٽ ايندس. توهان سان ڳالهيون ڪندس ، اهڙيءَ دل سان، جيڪا جذبي سان مالا مال هوندي ۽ اهڙن چپن سان، جن جي آواز تي روح جي اختيار جيءُ جيءُ چوندو.
ها! مان پاڻيءَ جي چاڙھه سان واپس ايندس ۽ ڀل ته موت مون کي لڪائي ۽ عظيم خاموشي مون کي پنهنجي هنج ۾ ويڙهي ڇڏي، پوءِ به توهان جي عقلن سان خطاب ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس، ۽ پڪ ئي پڪ منهنجي ڪوشش رائگان نه ويندي.
انڪري جو جيڪو ڪجھ مون اوهان کي چيو آهي، جيڪڏهن ”حق“ آهي، ته اهو ”حق“ واضع تر آواز ۽ توهان جي فڪرن مان قريب تر لفظن پاڻهئي ظاهر ٿيندو.
اي فاليس جا رهواسيو! مان هوا سان گڏ ضرور وڃِي رهيو آهيان، پر عدم جي غارن ۾ وڃي رهيو آهيان. بس، جيڪڏهن اڄوڪو ڏينهن اوهان جي ضرورتن کي پورو ڪري نه ٿو سگھي ۽ منهنجي محبت جو پيٽ نه ٿو ڀرجي ته ان کي هڪ ٻئي ڏينهن اچڻ جو واعدو ڄاڻو.
انڪري ته انسان جون ضرورتون بدلبيون آهن، پر ان جي محبت ۽ ان جي خواهش ته محبت ان جي خواهشن کي پورو ڪري، نه ٿي بدلجي.
بس، ياد رکو! مان عظيم خاموشيءَ مان نڪري وري به ايندس.
اهو ڪوهيرو، جيڪو صبح جي ويل، پوکن تي ماڪ جا چند ڦڙا ڇڏي ختم ٿي ويندو آهي، آسمان ڏانهن وڃي بادل بڻجي ويندو آهي، ۽ وري برکا بڻجي زمين تي وسندو آهي. مان اوهان جي وچ ۾ ڪوهيري جي مثال آهيان.
مان رات جي خاموشيءَ ۾ اوهان جي رستن تي گھمندو ڦرندو آهيان ۽ منهنجو روح اوهان جي گھرن ۾ وارد ٿيو آهي.
توهان جون دليون منهنجي دل ۾ ڌڙڪيون آهن، توهان جي ساهن جي ٻاڦ منهنجي چهري تي پکڙي آهي ۽ مان اوهان مڙني کي ڄاڻان ٿو.
مان توهان جي خوشين ۽ رنجن کان واقف آهيان. ننڊ ۾ جيڪي خواب اوهان ڏٺا آهن، اهي منهنجا خواب هئا ۽ گھڻو ڪري مان اوهان جي وچ ۾ ان ريت رهيو آهيان، جيئن پهاڙن جي وچ ۾ ندي.
اوهان جي نفس جون اونچايون ۽ انهن جي وچ ۾ وروڪڙ هيٺايون اڃان به اوهان جا فڪر ۽ توهان جي تمنائن جي روان دوان قافلن جو عڪس، آئيني جيان، مون پنهنجي هنج ۾ ورتو آهي.
منهنجي خاموشين ۾ اوهان جي ٻارڙن جا نرم ۽ نازڪ ٽهڪ نهرن جيان ايندا هئا ۽ توهان جي نوجوانن جا ارمان دريائن جيان، ۽ منهنجي گھراين ۾ پهچڻ کان پوءِ به انهن ندين دريائن جو ڳائڻ ختم نه ٿيو.
پر هي هڪ ٻي شيءِ به مون ۾ داخل ٿي، جيڪا انهن ٽهڪڙن کان وڌيڪ مٺي ۽ انهن ارمانن کان وڌيڪ وڏي شان واري هئي.
هي اهو لامحدود هو، جيڪو اوهان جي اندر آهي.
اهو انسان مطلق، جنهن جي اندر توهان سڀ جا سڀ جيو گھرڙن جي صورت ۾ نظر ايندا آهيو. اهو وجود جيڪو اوهان جي سنگيت جي سُر تار تي پنهنجي گيت ۾ ائين گم ڪري ڇڏيندو آهي جو ان جو آواز به ٻڌڻ ۾ نه ايندو آهي. انهيءَ انسان مطلق جي ڪري توهان جي حد ۽ بي انتها ٿي ٿا وڃو، ۽ ان کي ڏسي مون اوهان کي ڏٺو ۽ اوهان سان محبت ڪئي.
ڇا محبت ڪنهن اهڙي منزل تائين پهچي ٿي سگهِي، جيڪا ان افق بعيد کان پري هجي؟
ڪهڙي بصيرت، ڪهڙي گھرج، ۽ ڪهڙو قياس آهي، جيڪو ان کان به مٿاهون اڏامي سگھي؟
توهان جي اندر اهو انسان مطلق اهڙو آهي، جيئن شاھه بلوط جو طاقتور وڻ، جنهن تي صوف جا گل ويڙهيل هجن. ان جي طاقت اوهان کي زمين سان جڪڙي رکندي آهي، ان جي خوشبوءِ اوهان کي فضا ۾ بلند ڪندي آهي، ان جو دوام توهان کي موت جي چنبي کان محفوظ رکندو آهي.
توهان کي چيو ويو آهي ته زنجير هوندي به ان جي ڪمزور ترين ڪڙيءَ جيان رهو. پر اهو قول صرف اڌ حقيقت کي ظاهر ڪندو آهي. باقي اڌ حقيقت اها آهي ته توهان ان جي مظبوط ترين ڪڙيءَ جيان مظبوط به رهو.
جيڪو به توهان کي، توهان جي معمولي ڪمن جي تارازيءَ ۾ توري ٿو، اهو ان شخص جي برابر آهي، جيڪو سمنڊ جي طاقت جو اندازو ان جي ٻي حقيقت گج ۽ بوڙين مان لڳائيندو آهي.
ها توهان سمنڊ جي مثال آهيو. ۽ جيئن وڏا وڏا جهاز توهان جي ڪنارن تي پاڻيءَ جي چاڙھه جو انتظار ڪندا آهن. پر توهان هڪ سمنڊ جيان پاڻيءَ جي چاڙھه جي رفتار تکي ڪري نه ٿا سگهو.
توهان مندن جي مثال به آهيو.
جيتوڻيڪ توهان پنهنجي سردين ۾ پنهنجي بهار کان انڪار ڪندا آهيو.
پر بهار توهان جي گھراين ۾ پيهي، مرڪندي رهندي آهي ۽ توهان جي انڪار کي لنوائيندي رهندي آهي.
ڪٿي ائين نه سمجھي ويهجو ته مان هي ڳالهيون انڪري ڪري رهيو آهيان ته توهان پوءِ هڪ ٻئي کي چئو.
ڏسو! هن اسان جي ڪهڙي تعريف ڪئي، هن صرف اسان جي خوبين کي ئي ڏٺو. مان ته صرف هنن ئي لفظن ۾ توهان سان ڳالهايو آهي.
جن جي معنيٰ توهان جي ذهنن ۾ هوندي آهي.
لفظن جو علم ڇاهي؟ اهڙي علم جو پاڇو آهي، جيئن ڪو غير عارفاڻو ڪلام.
توهان جا افڪار ۽ منهنجا لفظ، قافلي جي بيٺل پاڻيءَ جون لهرون آهن، جن جو وجود ماضيءَ جي وسعتن جو احسان مند آهي.
جيڪو اسان جي انهن شروعاتي ڏينهن جي ياد سان جڙيو آهي، جڏهن زمين نه اسان کي ڄاڻندي هئي ۽ نه پنهنجو پاڻ کي سڃاڻيندي هئي. ۽ جن ۾ انهن راتين جون يادون شامل آهن، جڏهن زمين تي اناع جي حڪومت هئي ۽ وڳوڙ ۽ بيچينيءَ کيس چئني پاسي کان وڪوڙي ڇڏيو هو.
عقل وارا توهان کي پنهنجي حڪمت سان مالا مال ڪرڻ آيا هئا ۽ مان توهان جي حڪمت مان ڪجھ وٺڻ آيو آهيان.
ڏسو! مون جو ڪجھ حاصل ڪيو آهي، اهو حڪمت ۽ دانش کان ڪيتروئي اتم آهي.
اهو اوهان جي روح ۾ ڀڙڪندڙ شعلو آهي، جيڪو روز روز روشن کان روشن ٿيندو ٿو وڃي. ۽ توهان ان جي وڌڻ ويجھڻ کان بي خبر، ۽ پنهنجي عمر جي ڪوتاهين جو روئڻو روئندا وتندا آهيو.
هو هڪ زندگي آهي، جيڪا قبرن جي ڊپ کا ڊڄندي جسماني زندگيءَ جي ڳولا ۾ آهي.
پر هتي قبرون ناهن. هتي پهاڙ ۽ ميدان کاهيون آهن ۽ ڏاڪڻيون.
جڏهن توهان انهن ميدانن مان گذرو، جتي توهان پنهنجي گذريل زماني جي ماڻهن کي دفن ڪيو هو، ته غور سان ڏسو، اتي توهان پنهنجو پاڻ کي ۽ پنهنجي ٻارن کي هٿن هٿ وجھي نچندي ڏسندؤ.
سچ ته اهو آهي ته توهان اڪثر خوش وخرم ٿيندا آهيو ۽ اهو نه ڄاڻندا آهيو ته توهان خوش آهيو.
مون کان سواءِ ڪيترائي توهان وٽ آئيا، جن پنهنجي سونهري واعدن سان توهان جو ايمان خريد ڪري ورتو توهان پنهنجي ذات، پنهنجي قوت ۽ پنهنجو شرف سندن نظر ڪري ڇڏيو. ۽ مون جيڪا شيءِ اوهان کي ڏني، اها وعدي کان به گھٽ هئي. پر ان جي بدلي ۾ توهان مون سان اهڙي فياضي ڪئي جيڪا ان کان اڳ ڪنهن سان به نه ڪئي هئي.
توهان مون کي زندگيءَ جي نه اجھامڻ واري اڃ ڏني.
پڪ ئي پڪ انسان جي لاءِ تحفي کان وڌيڪ ڪوبه تحفو ڏئي نه ٿو سگھي.
جيڪو هن جي سڀني مقصدن کي خشڪ ۽ اڃارن چپن ۾ تبديل ڪري ڇڏي ۽ سندس زندگيءَ کي پورو چشمو بڻائي ڇڏي. ۽ ان ۾ منهنجو پورو فخر ۽ منهنجو سڄو انعام آهي. جڏهن به مان هن چشمي تي پنهنجي اڃ اجھائڻ ايندو آهيان ته ان چشمي جي بڙڪندڙ پاڻيءَ کي پاڻ اڃارو ڏسندو آهيان.
انڪري مان هن کي پيئندو آهيان ۽ هو مون کي پيئندو آهي. توهان مان ڪجھ ماڻهن اهو ڄاتو ته مان مغرور ۽ شرميلو آهيان، انڪري توهان جي تحفن کي قبول نه ڪندس.
ها! مان يقيناً مغرور آهيان، پر اجرت وٺڻ جي باري ۾ تحفو قبول ڪرڻ جي باري ۾ نه.
اهو سچ آهي ته توهان مون کي پنهنجي دسترخاني تي ويهارڻ چاهيو، مون جھنگلي توت کائي پنهنجو پيٽ ڀريو. ۽ اهو به سچ آهي ته جڏهن توهان مون کي پنهنجي سمهڻ وارن نرم ۽ گداز بسترن تي سمهارڻ چاهيو ته مان عبادتگاھه جي دروازي تي سمهي رهيو هوس.
ان جي باوجود، ڇا منهنجن ڏينهن ۽ راتين جي باري ۾ توهان جي محبت وارو توجھ ئي اها شيءِ ناهي، جنهن هر غذا کي منهنجي ڪم ۽ ڪاج لاءِ مٺو ۽ منهنجي ننڊن کي خوشگوار خوابن سان رنگين بڻائي ڇڏيو.
خاص طور تي توهان جي ان سلوڪ تي، منهنجي دل مان دعائون نڪرنديون آهن.
توهان مون کي گھڻو ڪجھ ڏنو ۽ ڪڏهن محسوس نه ڪرايو ته توهان مون کي ڇا ڪجھ ڏئي رهيا آهيو.
مان پنهنجي جان جو قسم کڻي چوان ٿو جيڪو ڪر آئيني ۾ پنهنجو چهرو ڏسندو آهي اهو پٿر بڻجي ويندو آهي، ۽ جيتوڻيڪ عمل پنهنجو پاڻ کي شاندار نالن سان ڪوٺيندو آهي اهو لعنت کي جنم ڏيندو آهي.
توهان مان ڪجھ ماڻهن مون کي تنهائي پسند ڪري سڏيو، ڄڻ مان پنهنجي تنهائيءَ ۾ مست آهيان.
هن چيو: هي شخص جھنگل جي وڻن سان مانوس آهي ۽ انسانن کان لڪندو آهي. هي اڪيلن جبلن جي چوٽين تي ويهندو آهي ۽ اتان اسان جي شهرن کي نوڙِي ڏسندو آهي.
اهو سچ آهي ته مان پهاڙن تي چڙهندو هوس ۽ پري پري تائين نهاريندو هوس. پر مان توهان کي ڪيئن ٿي ڏسي سگھيس، جيڪڏهن بلنديءَ تي نه چڙهان ها ۽ پري پري کان توهان تي نظر نه رکان ها. ۽ انسان ڪنهن جي قرب مان ڪيئن خوش ٿي سگھندو، جيسين هو جدائيءَ جي ڪڙائيءَ کان واقف نه هجي.
توهان مان ڪن مان مون کي برائيءَ سان سڏيو. اي اجنبي! اي پرديسي! اي تڪليف ڏيندڙ جبلن جا چاهيندڙ! تو انهن چوٽين تي ڇو قبضو ڄمايو آهي، جتي عقاب پنهنجا آکيرا جوڙيندا آهن؟
تون نه حاصل ٿيندڙن جي ڳولا ۾ ڇو ٿو رلين؟
تون ڪهڙي طوفان کي پنهنجي ڄار ۾ ڦاسائڻ ٿو گھرين؟
اونچي فضا جو ڪهڙو پکي آهي، جنهن جو تون آسمان تي شڪار ڪندين؟
اچ، ۽ اسان ۾ شامل ٿي وڃ.
هيٺ لھه ۽ اسان جي مانيءَ مان پنهنجي بک ٻجھاءِ، ۽ اسان جي شراب مان پنهنجي اڃ کي تسڪين ڏي.
ها، پنهنجي روح جي هيکلائيءَ ۾ وڌيڪ گھرائي هجي ها ته هو ڄاڻي وٺن ها ته مان سندن ئي خوشي ۽ سندن ئي غم جو راز ڳوليندو ٿو رهان.
۽ مون توهان جي ئي وجود مطلق کي شڪار ڪيوهو جيڪو آسمان ۾ نازن نخرن ۾ هو. پر شڪاري شڪار به هو.
انڪري جو ڪيترائي تير منهنجو ئي سينو چيرڻ لاءِ منهنجي ڪمان مان نڪتا هئا. انڪري آسمان تي اڏمندڙ پکي ئي زمين تي لهندو آهي.
انڪري ته جڏهن منهنجيون ٻانهون، اس ۾ آسمان تي پکڙيون هيون ته انهن جي ڇانءَ، ڪڇونءَ جيان زمين تي رڙهندي هئي.
مان جيڪو صاحب ايمان به هوس، مشڪوڪ به هوس.
تنهنڪري مون اڪثر پنهنجي آڱر پنهنجي زخم تي رکي.
ته شايد توهان تي منهنجو ايمان اڃان به پختو ٿي وڃي، توهان جي باري ۾ منهنجو علم اڃان به وڌي وڃي.
ان ايمان ۽ علم جي آڌار تي هاڻ مان توهان کي چوان ٿو، توهان پنهنجي جسمن ۾ قيد آهيو نه پنهنجي گھرن ۽ پوکن ۾. انڪري جو توهان جي ذات پهاڙن تي رهندي آهي ۽ هوا سان گڏ هلندي آهي.
اها ڪا اهڙي شيءِ ناهي، جيڪا گرمي حاصل ڪرڻ لاءِ اس ۾ هلندي هجي، يا جيڪا پنهنجي حفاظت جي لاءِ اوندھه ۾ ٻر ٺاهيندي هجي.
هوءَ هڪ آزاد شيءِ آهي، اڃان به هڪ روح آهي، جيڪا زمين کي وڪوڙيل هوندي آهي ۽ آسمان ۾ اڏامندي آهي.
منهنجي انهن لفظن ۾ توهان کي واضع بياني يا غير واضع تقرير تي نظر اچي ته ان کي واضع ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪريو.
انڪري ته واضع ۽ ڌنڌ، ٻئي هر شيءِ جي شرورعات آهي. ان جي انتها نه آهن.
مان چاهيان ٿو: توهان مون کي هڪ آغاز جي حيثيت سان ياد رکو!
انڪري ته زندگي- ۽ هر زندھه شيءِ جي تخليق جي شروعات ڌنڌلڪي ۾ ئي ٿيندي آهي. روشني ۽ چمڪ ۾ نه هوندو آهي.
۽ ڪنهن کي پرو آهي ته زوال ۽ فنا جون منزلون طئي ڪندي، چمڪ ۾ ڌنڌلو بڻبي آهي.
جڏهن توهان ياد ڪريو، ته توهان کي منهنجي هيءَ ڳالھه به ياد رهي ته جيڪا شيءِ توهان ۾ سڀ کان نٻل ۽ ناپائدار نظر اچي، اهائي دراصل سڀ کان ڏاڍي ۽ سڀ کان وڌيڪ پائدار هوندي آهي.
ڇا توهان جا ساھه ئي ناهن، جن تي توهان جي هڏن جا پڃرا جوڙيا ويا آهن؟
ڇا ان خواب، جيڪو توهان سڀني جي خوابن ۾ محو ٿي چڪو آهي، توهان جي شهر جو بنياد نه رکيو ۽ ان شهر جي هر شيءِ نه سجايو؟
بس جيڪڏهن توهان پنهنجي ساهن کي ڏسي سگھو، ته ان جي سوا هر شيءِ جا نظارا وساري ويهو ها.
جيڪڏهن توهان جي پنهنجي انهن خوابن جون سرگوشيون ٻڌي سگھو، ته ٻين سڀني آرزوئن جي طرفان پنهنجا ڪن بند ڪري ڇڏيو ها!
پر توهان نه ٿا ڏسو، نه ٻڌو ٿا ۽ اهوئي توهان لاءِ بهتر آهي. انڪري جيڪو پردو اوهان جي اکين تي پيل آهي، ان کي اهي ئي هٿ کڻي سگھندا آهن، جن اهو پردو اڻيو آهي. ۽ اها مٽي جيڪا اوهان جي ڪنن ۾ ڀريل آهي، اها انهن آڱرين سان ڪڍي ٿي سگھجي، جن ان مٽيءَ کي ڳوهيو آهي.
هڪ ڏينهن ايندو، جڏهن توهان ڏسندؤ ۽ ٻڌندؤ! پر ان مهل نه توهان کي پنهنجي انڌي هجڻ تي افسوس ٿيندو نه پنهنجي ٻوڙي هجڻ تي.
ان ڏينهن توهان شين جي لڪل عادتن کي سمجھڻ لڳندؤ. ۽ ظلمت کي به ايتروئي مبارڪ سمجھندؤ، جيترو مبارڪ توهان نور کي سمجھندا آهيو.
پنهنجي خطاب مان واندو ٿي هن هيڏي هوڏي نظر ڊوڙائي ۽ ڏٺائين ته سندس جهاز جا ملاح، پنهنجن ونجھن جي ڀرسان بيٺا آهن. هو ڪڏهن هوا ۾ ڦڙڪندڙ سڙهن کي ڏسي رهيا آهن ۽ ڪڏهن پري افق ڏانهن نهاري رهيا آهن.
منهنجي جهاز جو ملاح ڪيترو صابر آهي.
هوا گھلي رهي آهي ۽ سڙھه ڦڙڪي رهيا آهن. ونجھ به اشاري جا منتظر آهن. ان جي باوجود به هو خاموشيءَ سان منهنجو انتظار ڪري رهيو آهي. ۽ انهن ملاحن، جيڪي منهنجا ساٿي آهن، جن سمنڊ جا گيت ٻڌا آهن، ڪيتري سڪون سان منهنجيون ڳالهيون ٻڌيون آهن.
هاڻ کين منهنجو وڌيڪ انتظار ڪرڻو نه پوندو، مان تيار آهيان.
ندي، سمنڊ جي هنج ۾ پهچي وئي آهي. ۽ فطرت جي ماءُ پنهنجي ٻار کي ٻيهر سيني سان لڳائي رهي آهي.
اي فاليس جا رهاڪو! الوداع! اڄوڪو ڏينهن پورو ٿيو.
ڏسو! هو اسان تي پنهنجي چادر ائين ويڙهي رهيو آهي، جيئن ڪنول پنهنجي اچڻ واري سڀاڻي تان پنهنجيون پنکڙيون پري ڪري ڇڏيندو آهي.
جو ڪجھ هاڻ اسان کي ڏنو ويو آهي، اسان ان کي محفوظ رکنداسون.
جيڪڏهن اسان جي ضرورت پوري نه ٿي ته اسان کي وري هيڪر ملڻو پوندو.
۽ هن جي وجود جي آڏو گڏجي هٿ ڊگھيرڻا پوندا، جنهن پنهنجي نعمتن جو حصو اسان جي حوالي ڪيو آهي.
اهو نه وساري ويهجو ته مان اوهان وٽ ٻيهر به ايندس.
گھڻي دير کانپوءِ نه پر چند ئي ڏينهن ۾. منهنجو شؤق هڪ نئين جسم جي جوڙن لاءِ نئين مٽي ۽ گج گڏ ڪندو.
ها چند ڏينهن کانپوءِ، جڏهن مان هوا جي ڪلهن تي ٿوري دير آرام ڪري وٺندس.
هڪ عورت مون کي پنهنجي گرڀ ۾ پاليندي.
اجازت! توهان کان ۽ ان جوانيءَ کان، جيڪا مون اوهان جي وچ ۾ گھاري آهي. اجازت!
ڪالھه اسان هڪ ٻئي سان خواب ۾ مليا هئاسون.
توهان منهنجي هيکلائيءَ ۾ گيت ڳائي رهيا هئا. ۽ مان توهان جي ذوق ۽ شوق سان آسمان تي هڪ مينار جوڙي رهيو هوس.
پر هاڻ منهنجي اک کلي وئي آهي ۽ اسان جو خواب ٽٽي پيو آهي.
هاڻ سج ڪني ڪڍڻ وارو آهي.
سج اسان جي مٿان اچي ويو آهي ۽ اسان ننڊاکڙي مان پوري سجاگيءَ ۾ تبديل ٿي چڪا آهيون. هاڻ اسان کي رخصت ٿيڻو پوندو.
جيڪڏهن اسان کي يادن جي ڌنڌلڪي ۾ ٻيهر ملڻو آهي، ته اسان ٻيهر هڪ ٻئي سان ڳالهيون ڪنداسون، ۽ توهان مون لاءِ گيت ڳائيندؤ جيڪي پهرين گيتن کان وڌيڪ گھرا هوندا. ۽ جيڪڏهن اسان جا هٿ هڪ ٻئي خواب ۾ ملندا ته اسان آسمان تي هڪ ٻيو مينار تعمير ڪنداسون.
اهو چئي هن ملاحن کي اشارو ڪيو ۽ ملا حن ان مهل سڙھه سنباهيا.
هنن جهاز جا پڳهه ڇوڙيا ۽ جهاز اوڀر طرف چرڻ لڳو.
ماڻهن جو چيخون اڀريون، ڄڻ اهي هڪ ئي دل مان نڪري رهيون هيون ۽ الفجر جي ظلمتن کي چيرينديون، سمنڊ ماٿان لنگھي ويون. هڪ المترا هئي، جيڪا ماٺ ميٺ ۾ بيٺي جهاز کي نهاري رهي هئي. ايستائين جو اهو ڌنڌ ۾ ملي ويو.
مجموعو ٽڙي پکڙجي ويو. پر هوءَ دير تائين بيٺي رهي. هن جي دل ۾ وڃڻ واري جا هي لفظ گونجي رهيا هئا:
”ها چند ڏينهن کانپوءِ، جڏهن مان هوا جي ڪلهن تي ٿوري دير تائين آرام ڪري چڪو هوندس، هڪ ٻي عورت مون کي پنھنجي گرڀ ۾ پاليندي!“

*******