شاعري

جلاوطن لُڙڪ

هي ڪتاب هڪ اهڙي نوجوان جي نثري احساسن جو مجموعو آهي، جنهن ٿوري وقت ۾ گهڻو ڀوڳيو آهي. سندس ڀوڳنا، کيس لکڻ تي هر وقت اُتساهيندي رهندي آهي ۽ ھُو قلم توڙي ڪاغذ سان هر وقت ائين جُڙيل رهي ٿو، جيئن موت زندگي سان جُڙيل آهي. اسان جو هي نوجوان ساٿي سردار ٻرڙو پنهنجي اندر جي آند مانڌ کي ڪڏهن نثر ۾ اظهاري ٿو تہ وري ڪڏهن کيس نظم جو سهارو بہ وٺڻو پوندو آهي. هن جي هنن ننڍڙن توڙي طويل نثري احساسن ۾ انيڪ ڪهاڻيون، درد، وڇوڙا ۽ ھِجر توڙي فراق جون گهڙيون پساھ کڻي رهيون آهن. هن جيڪو ڪجھ به لکيو آهي، اُهو ڀوڳنا جي بدولت ئي لکيو آهي. هي نثري احساس ان ڳالھ جو ثبوت آهن ته ليکڪ جي دل پنهنجي ڌرتي ڌڻين جي دلين سان گڏ ڌڙڪي ٿي ۽ سندس لفظ، جملا توڙي سهڻيون تشبيهون سندس مشاهدي جا ساکي آهن. جلاوطن ٿيندڙ لڙڪ جڏهن اکين مان جاري ٿيڻ شروع ٿيندا آهن ته اُهي پنهنجي پاڻ سان گڏ کوڙ سارا ڏوراپا بہ گڏ کڻي ايندا آهن
Title Cover of book جلاوطن لُڙڪ

مُھاڳ : احساسن جي ڪائنات.. .

ون يونٽ کان اڳ ۽ پوءِ سنڌ ۾ ٻه ڌارائون رهيون آهن. هڪ ترقي پسند ۽ ٻي جمعيت الشعراءِ... پاڻ کي انهن ڌارائن تي بحث ناهي ڪرڻو رڳو راءِ ڏيڻي آهي ۽ اها راءِ اِها آهي ته انهن ڌارائن کان اڳ ۽ پوءِ سنڌ اندر جڏهن پهريون ڀيرو نثري نظم لکيو ويو ته ان جي پهرين پهرين مخالفت جمعيت الشعراءِ وارن ڪئي.
هو ايئن چوندا هئا ته ”اها وري ڪهڙي صنف آهي، جيڪا نثر به آهي ۽ نظم به آهي.“ هنن وٽ اهو دليل هيو ته نظم الڳ آهي ۽ نثر الڳ آهي. نه رڳو اهي پر هر ڪو ايئن ئي چوندو ته نظم الڳ آهي ۽ نثر الڳ آهي. اصل ۾ اهو سُٽ الجهيل ڪونه آهي، جيترو ان کي سمجهيو ويو هو يا اڃا به ٿورو سمجهيو وڃي ٿو.
جڏهن جڏهن به ڪو نئون نظريو يا نئون تجربو جنم وٺندو آهي ته ان کي ضرور مخالفت کي به منهن ڏيڻو پوندو آهي ته پنهنجي جاءِ جوڙڻ لاءِ وقت جو انتظار به ڪرڻو پوندو آهي ۽ ان دوران ان جي حق ۾ ضرور ڪي دليل اڳيان آڻڻا پوندا آهن.
مان ان ڳالهه کي اتان کان ئي کڻي هلڻ ٿو چاهيان:
نثر سڪڙجي سوڙهو ٿي ”مائڪرو ڪهاڻي“ تائين پهتو آهي ۽ نظم سڪڙجي سوڙهو ٿي ”نثري نظم“ تائين پهتو آهي. ان سڄي عمل دوران نه نثر جو ڏوهه آهي ۽ نه ئي وري نظم جو ڏوهه آهي. ڏوهه ڪنهن جو آهي اهو سوال آهي؟ ۽ ان سوال جو جواب سڀني وٽ پنهنجو ۔ پنهنجو آهي.
جيئن جيئن دنيا ترقيءَ طرف تڪڙيون وکون کڻندي اڳتي وڌندي پئي وڃي تيئن تيئن شيون تڪڙيون شڪليون مٽائينديون ٿيون وڃن.
ظاهري ڳالهه آهي جيڪا به شيءِ وقت سان گڏ نه ٿي هلي ته اها فنا ٿي وڃي ٿي. ان سڄي ڳالهه کي پاڻ ايئن ٿا سهيڙيون ته شاعري به شڪل ٿي مٽائيندي وڃي. ان جو وڏو مثال هيءُ ڪتاب آهي.
هن ڪتاب تي اچڻ کان اڳ ۾ پاڻ ڪجهه ٻيون ڳالهيون ونڊيون ٿا ۽ اهي ڳالهيون اسان کي هن ڪتاب جي روح تائين آڱر پڪڙي وٺي هلنديون!
ڳالهه نثري نظم کان شروع ٿي هئي ۽ نثري ٽُڪرن تي ختم ڪرڻي آهي... سو سنڌ اندر سدا بهار شاعر شيخ اياز جي ڪتابن کي جڏهن پڙهجي ٿو ته هن جي ڪتابن مان جڏهن نثر جي ڪتابن کي پڙهجي ٿو ته انهن جي هڪ هڪ صفحي تي هڪ کان وڌيڪ اسان کي سندس نثر ۾ ”نثري ٽُڪرا“ ملندا ۽ ساڳيءَ ئي طرح سان ايئن وري عبدالواحد آريسر جي نثر ۾ به اسان کي سندس نثر ۾ ”نثري ٽُڪرا“ ملندا.
شيخ اياز ۽ عبدالواحد آريسر جي نثر کان پوءِ اعجاز منگي ۽ ايوب کوسو اهڙا نثر نويس آهن، جن جو نثر به نظم جو واس ڏيندو آهي. ان کان علاوه اسان وٽ ڪيئي اهڙا ليکڪ آهن، جن جو نثر به نظم جو چولو پاتل لڳندو آهي.
انهن ئي ليکڪ جو نثر باڪمال ۽ نظم جي ويجهو هوندو آهي، جيڪي بنياد طور ”شاعر“ هوندا آهن، پوءِ ڀلي اڳتي هلي اهي شاعريءِ سان شناسائي نه رکندا هجن پر انهن جي نثر ۾ ضرور نظم ساهه کڻندو رهندو آهي. مثال طور نصير مرزا جو نثر پڙهو ۽ وري نواز خان زئور جو نثر پڙهو. اوهان کي انهن ٻنهين ۾ مٿين ڳالهه جو سُٽ سُلجهيل ملندو.
نواز خان زئور ته نثري ٽُڪرن جو هڪ مڪمل ڪتاب به لکيو آهي. ”رنگ رتو آڪاس“ نالي سان... نئين پيڙهيءَ ۾ جديد سنڌي شاعري جي سهڻي نالي سعيد سومري جا به ٻه ڪتاب نثري ٽُڪرن جا ڇپجي پڌرا ٿيا آهن.
نوجوان ليکاري به ان ميدان ۾ پاڻ ملهائي رهيا آهن. جهڙوڪ رشيد احمد خاصخيلي ۽ سردار ٻرڙو آهن. ان کان علاوه به ڪيترائي نوان نالا ڳڻائي سگهجن ٿا پر پاڻ هن وقت سردار ٻرڙو جي هن ڪتاب تي مختصر راءِ لکنداسين!
جنهن جي من ۾ مِٽي ۽ محبت جي خوشبوءِ جو جنم ٿيندو آهي. اهو ئي شاعر ۽ عاشق ٿيندو آهي... ڇاڪاڻ ته ان کان پوءِ اهڙي نگاهه جو جنم ٿئي ٿو، جنهن سان جهان جي جماليات طرف توجهه ڇڪجي وڃي ٿو ۽ ان کان پوءِ ئي اظهار جو جنم ٿئي ٿو ۽ ان جو وڏو مثال هيءُ نوجوان آهي، جنهن مسلسل محنت سان اهي سڀئي منزلون پار ڪيون آهن.
هو نہ رڳو نالي جو سردار ناهي پر ڪڏهن ڪڏهن اهڙا خيال پيش ڪندو آهي، ايئن لڳندو آهي ته خيالن جو به سردار آهي!
سردار ٻرڙو نه رڳو ليکاري آهي پر هو مسلسل مطالعي جي ملڪ ۾ رهندڙ پڻ آهي. مان هن جيان جذبي کي ڏسي ڪري اهو چئي سگهان ٿو ته: ”جيڪڏهن هو مسلسل مطالعي جي ملڪ جو سيلاني رهندو ته هڪ ڏينهن ضرور خوبورت خيالن جي خزانن جا درَ هن طرف کُلندا!“
هو نه رڳو مطالعي سان محبت ٿو ڪري پر هو ڪڏهن ڪهاڻي ٿو لکي اظهار ڪري ته ڪڏهن وري شاعريءَ جي شهر ۾ ڏات جا ڏيئا ٿو ٻاري ته ڪڏهن وري ترجمي جي تلاءُ ۾ ترندو رهي ٿو.
گهڻ طرفو ڪم ڪرڻ سان هو هينئر تائين ڪنهن به هڪ شعبي ۾ پاڻ مڃائي ناهي سگهيو پر هن جو جذبو ئي هن جي سڃاڻپ آهي، جنهن هن کان هيءُ ڪتاب لکرائي ۽ پڙهندڙن جي هٿن تائين پهچايو آهي.
هن ڪتاب ۾ شامل نثري ٽُڪرا ڪٿي ڪٿي شعريت سان پُر آهن ۽ اها ئي وڏي خوبصورتي هن ڪتاب ۾ شامل نثري ٽُڪرن جي آهي ته اهي پنهنجي اندر ۾ شاعري سمائن ٿا.
هنن ڪتابن جي اهميت ان ڪري به ٿئي ٿي جو نثر ۽ نظم هڪ ڪتاب ۾ ساهه کڻڻ ٿا.
آخر ۾ مان سردار ٻرڙو کي جس ٿو ڏيان جنهن سنڌي ٻوليءَ جي جهوليءَ ۾ هڪ خوبصورت ڪتاب جو تحفو (گُل) ڏنو آهي.


احمد شاڪر
اشڪا جو گهر، ميهڙ
١ جُون ٢٠٢١ع