سوچان ٿو توتي ھڪ نظم لکان
وقت چار، پنجونجاھ ٿيو آھي،
اجھو ھيڏانھن يا ھوڏانھن،
ملان ٻانگ ڏيندا.
۽ چوندا
الصلواة خير من النّومُ
پر ! انھن کي ڪھڙي خبر
مان ساري رات ستو ناھيان
سوچي رھيو آھيان!
سانوري تي ھڪ نظم لکان.
واپس وڃي ميسينجر ۾
تنھنجا سڀ ميسيج پڙھان ٿو.
پڙھندي پڙھندي اوچتو تنھنجي تصوير سامھون اچي وڃي ٿي.
تصوير کولينم!
تنھنجي تصوير کي غور سان ڏسي رھيو آھيان.
محسوس ٿيو تنھنجي اکين ۾ موکي جي تڙ کان وڌيڪ سڪون بخشيندڙ مئہ خانو آھي.
۽ ائين لڳي ٿو منھنجا صدين جا ٿڪ لھي ويا..
زندگي جي سفر ۾
عمر ئي ڪانه ھئي پوء به الائي ڪھڙي طاقت ڏسي لوڪ
اذيتون ڏيندو رھيو،
ھا پر! مون کي يقين ھو .
ھڪ ڏينھن منھنجي طاقت
منھنجو سھارو مان
ڳولي لھندم...
۽ ھاڻ ڳولي لڌو اٿم..
تنھنجي اکين ۾ گھوريندي
ڏسان ٿو ته !
موکي جي مڌ کان وڌيڪ
ڪو بھشتي آب ڇوليون ھڻي رھيو آھي.
ٻڌ سانوري....
ڇا تو ڪڏھن اھو سوچيو آھي؟
تنھنجي لب مٿان اھو تر ڇو آھي؟
تنھنجي لب مٿان تر
خدا جو ڏنل آٽوگراف آھي.
توکي خبر آھي جڏھن آء ننڍڙو ھنيم،
ته مسڪرائڻ وقت، منھنجي مٽ تي
کڏ ٺھي ايندي ھئي.
ماڻھن چيو اھو ڊمپل آھي.
ڪيئي سال منھنجي ان ڊمپل تي
پاڙي واري ڇوڪري عاشق ھوندي ھئي.
جڏھن آء ھن وٽ ٽيوشن پڙھندو ھيس تہ چمي ڏيندي ڳِٽي جو رت چوسي ويندي ھئي.
پوء زندگي جي وھڪري ۾
آء جڏھن اڪيلو رھجي ويس..
منھنجي چھري جون سڀ ڪششون
سڀئي مسڪراھٽون سائيبريا جي ڪونجن جيان اڏامي ويون.
منھنجي زندگي ڀيانڪ بڻجي وئي..
ھاڻ اھو ڊمپل تنھنجي ڳٽي تي پسيو اٿم.
ھاڻ تنھنجون اکيون ۽ سدا سرھو چھرو
ڏسي جيئڻ جي خواھش ٿي آھي.
ڀائيان ٿو اڄ رات نئون ڄائو آھيان.
تنھن ڪري ته ننڊ نه ڪئي اٿنم..
سانوري....!
ملان فجر جي ٻانگ ڏئي رھيو آھي،
چوي ٿو:
"نماز ننڊ کان وڌيڪ آھي"
مان ته سڄي رات ستو ناھيان.
سوچيندو رھيو آھيان
تہ توتي ھڪ نظم لکان...
آء تنھنجي سادگي ۽ مئڪشي ۾ گم ٿي ويو آھيان.
سوچان ٿو توتي ھڪ نظم لکان.