شاعري

جلاوطن لُڙڪ

هي ڪتاب هڪ اهڙي نوجوان جي نثري احساسن جو مجموعو آهي، جنهن ٿوري وقت ۾ گهڻو ڀوڳيو آهي. سندس ڀوڳنا، کيس لکڻ تي هر وقت اُتساهيندي رهندي آهي ۽ ھُو قلم توڙي ڪاغذ سان هر وقت ائين جُڙيل رهي ٿو، جيئن موت زندگي سان جُڙيل آهي. اسان جو هي نوجوان ساٿي سردار ٻرڙو پنهنجي اندر جي آند مانڌ کي ڪڏهن نثر ۾ اظهاري ٿو تہ وري ڪڏهن کيس نظم جو سهارو بہ وٺڻو پوندو آهي. هن جي هنن ننڍڙن توڙي طويل نثري احساسن ۾ انيڪ ڪهاڻيون، درد، وڇوڙا ۽ ھِجر توڙي فراق جون گهڙيون پساھ کڻي رهيون آهن. هن جيڪو ڪجھ به لکيو آهي، اُهو ڀوڳنا جي بدولت ئي لکيو آهي. هي نثري احساس ان ڳالھ جو ثبوت آهن ته ليکڪ جي دل پنهنجي ڌرتي ڌڻين جي دلين سان گڏ ڌڙڪي ٿي ۽ سندس لفظ، جملا توڙي سهڻيون تشبيهون سندس مشاهدي جا ساکي آهن. جلاوطن ٿيندڙ لڙڪ جڏهن اکين مان جاري ٿيڻ شروع ٿيندا آهن ته اُهي پنهنجي پاڻ سان گڏ کوڙ سارا ڏوراپا بہ گڏ کڻي ايندا آهن
Title Cover of book جلاوطن لُڙڪ

ڪاش تون ڄاڻين ھان

او پرين !
ڇا تُون ڄاڻين ٿي ؟
مان تنھنجون راھون ائين تڪيندو آھيان،
جيئن !
ڳوٺاڻا جھاز کي.....
ڇا تون ڄاڻين ٿي؟
مون کي تنھنجي ايتري ضرورت آھي
جيتري!
ھڪ جھوني کي سياري ۾ سوَڙ جي،
۽
گرمي ۾ ھوا جي...
ڇا تون ڄاڻين ٿي؟
الماري ۾ ڪتابن تي راڄ ڪندڙ ..
تنھنجي لاء آندل گفٽ،
دز جي ھولي کيڏي رھيا آھن..
او پرين !
توکي خبر آھي؟
تنھنجون يادون منھنجي ،
دل جي آڳند تي،
ائين ڪُڏنديون آھن،
جيئن!
چوڏس چانڊوڪي رات ۾
سکئي گھر جا ٻار گھرَ جي ,
آڳند تي نچندا آھن...
او پرين!
آء ته ان ڏينھن روحاني طور ,
مري ويو ھيس...
جنھن ڏينھن تون ٻئي ڪنھن جي زندگي ٿي ھئين...
۽
ان ڏينھن کانپوءِ...
ھرروز تنھنجون يادون،
منھنجي خوشين جي تَڏي تي،
تعزيت ڪنديون آھن.
او پرين !
توکي خبر آھي ؟
جڏھن تون ڇڏي وئينءَ..
مون ڪنھن کي ائين نه چيو
Leave me alone
پر پوء به مون کي سڀ ڇڏي ويا،
تون منھنجي ملڪيت ھئينءَ،
ڪاش!
تون سڀ ڄاڻين ھان،
ته شايد!
مون تي ھِجر جا پھاڙ نه ڪِرن ھا،