تَلخ نظم
تُنھنجي دِل پشم جِيان نَرم آھي،
پر پنھنجو پاڻ کي قيد ڪري،
چوندي رھي آھين،
اھا منھنجي فطرت آھي،
بي رخي، ھڪ ھٺي، ڏکائڻ.
پر سائنس چوي ٿي؛
فطرت ھڪ ھنڌ بيھندي ناھي،
ھوءَ گول دائري ۾ گھمندي رھندي آھي،
انساني ارتقا تي پڻ انجا گھرا اثر پون ٿا.
مون کي يقين آھي تون ھڪ ڏينھن
مون کي سمجھنديئن،
جي ائين نه ٿيو ته؛
مان توکي ضرور سمجھي ويندس
دل چوي ٿي تہ؛
سانوري جي ديس،
جوھي جي مندر ۾؛
ھولي ملھائڻ کان اڳ
ڀڳت جي جاء تہ؛
شوو ماتا جي مورتي اڳيان؛
تاڙي ڇڻڪي تي؛
تنھنجي مور جھڙي ھلڻي؛
تي لکيل نظم پڙھي؛
پنڊت پوڄاري کان پوڄا ڪرائيندس
ته منھنجا تلخ لفظ
۽
سانوري جا تلخ لھجا ميسارجي وڃن.
توکي خبر آھي؟
جوھي جو مندر ڪاڇي جي نرڙ تي
تلڪ جيان آھي،
جيئن تو تي لکيل نظم منھنجي
ھڙني لکڻين جو نڪ آھن؛
سانوري تون منھنجي لکڻين جي؛
محور بڻجي چڪي آھين.
روز ھڪ نظم توتي تخليق نہ ڪريان؛
ته شايد بي چيني ھوندي،
تنھنجي لھجن تي ھونئن بہ؛
منھنجا اکين جي ڍنڍ مان؛
ننڊ جا پکي اڏاري ڇڏيا آھن.
منھنجن نظمن مان بي رخي جھڙا،
تلخ ۽ دل جھوريندڙ لفظ اڏامي ويندا،
منھنجي ڪلڪ جي چھنب
جڏھن ڪاڇي جي حسن تي لکندي،
تڏھن تنھنجا تلخ لھجا به نرم ٿيندا
۽ آء فخريه نظم لکندس.