اونداهي کان اڳتي
ڪلهي ۾ يادن جي؛
ڀريل ڳوٿري لڙڪائي،
ڪاراٽيل چپن تي بانسري سان محبت جو پيغام ڏيندي,
اکين ۾ پنڌ جي منزل,
جوڳي جي درشن
جو اوسيئڙو سهيڙي,
هوءَ رات
گرجا گهر ۾ پهتي،
صديون پراڻي محبت جي
ٽياس تي ٽنگيل
امن ۽ اهنسا واري مورتي
کي التجا ڪري رهي هئي
هن جا گرمايل ڳل
لڙڪن کي پي ٿي ويا,
سڏڪن جو سمنڊ
برپا ٿي ٿہ ويو،
سنياسڻ جا ڳنڊيدار وار
هن جي منهن تي لهي ٿي آيا,
هوءَ بار بار
پيس گاڊ کي
پڪاري رهي هئي,
مان امن ۽ اهنسا جي پوڄارڻ آھيان
مون تي ٻاجھ ٻيلاٽي ڪر
شال تنهنجي گرجا گهر
من مورتين اڳيان
مٽي جا ماڻھو ٻاڏائيندا رهن،
هي پکيئڙا شال محبت جو پيغام ڏيندا رهن ,
شال تنهنجي باغيچن ۾
سرخ گلاب جهڙا
پادري طالب ڪڏندا رهن,
شال تنهنجا کيت سدا ساوا رهن,
ايتري ۾ مذهب جو پيشوا
فادر اچي ٿو ,
هِن ڏانهن ڏسي مسڪرائي ٿو,
هوءَ پيس گاڊ کي پڪاريندي
ڊوڙ پائي گرجا گهر مان
ٻاهر نڪري وڃي ٿي ,
هُن جي پيرن جو آواز اونداهي ۾
گم ٿي وڃي ٿو.