شاعري

جلاوطن لُڙڪ

هي ڪتاب هڪ اهڙي نوجوان جي نثري احساسن جو مجموعو آهي، جنهن ٿوري وقت ۾ گهڻو ڀوڳيو آهي. سندس ڀوڳنا، کيس لکڻ تي هر وقت اُتساهيندي رهندي آهي ۽ ھُو قلم توڙي ڪاغذ سان هر وقت ائين جُڙيل رهي ٿو، جيئن موت زندگي سان جُڙيل آهي. اسان جو هي نوجوان ساٿي سردار ٻرڙو پنهنجي اندر جي آند مانڌ کي ڪڏهن نثر ۾ اظهاري ٿو تہ وري ڪڏهن کيس نظم جو سهارو بہ وٺڻو پوندو آهي. هن جي هنن ننڍڙن توڙي طويل نثري احساسن ۾ انيڪ ڪهاڻيون، درد، وڇوڙا ۽ ھِجر توڙي فراق جون گهڙيون پساھ کڻي رهيون آهن. هن جيڪو ڪجھ به لکيو آهي، اُهو ڀوڳنا جي بدولت ئي لکيو آهي. هي نثري احساس ان ڳالھ جو ثبوت آهن ته ليکڪ جي دل پنهنجي ڌرتي ڌڻين جي دلين سان گڏ ڌڙڪي ٿي ۽ سندس لفظ، جملا توڙي سهڻيون تشبيهون سندس مشاهدي جا ساکي آهن. جلاوطن ٿيندڙ لڙڪ جڏهن اکين مان جاري ٿيڻ شروع ٿيندا آهن ته اُهي پنهنجي پاڻ سان گڏ کوڙ سارا ڏوراپا بہ گڏ کڻي ايندا آهن
Title Cover of book جلاوطن لُڙڪ

جلاوطني

ھن بھار جي رت ۾؛
منهنجي ذھن منجھ؛
وطن جا نظارا لھي ٿا اچن،
منهنجي ذھن ۾ زرخيز ٻنيون؛
لھي ٿيون اچن
منهنجي ڪنن ۾ پپل جي پنن مان؛
آزادي جو ورد ورجائيندي،
آواز ٻڌجي ٿو...
مون کي ياد ٿيون اچن ؛
وطن جون ڪنواريون سانوريون؛
جن جا مڱيتر لاپتا آھن!
منهنجي خوابن ۾؛
بانسري وارو خيالي آواز؛
لھي ٿو اچي.
مون کي ڏاندن جي ڳچي ۾؛
وڄندڙ گھنڊ ياد ٿا اچن.
مان دڳن جي ڌوڙ؛
جي سڳند شرير ۾ لھندي!
محسوس ڪريان ٿو،
مون کي ڳوٺن جي مٿان؛
اڏرندڙ لغڙ ۽ ڪبوتر يــاد ٿـا اچن
مون کي ڪارونجھر جي مورن جا رقص،
ڏاڍو ياد ايندا آھن،
منھنجي بند اکين جي پويان؛
سج ڪني ڪڍندي نظر اچي ٿو،
جو نظارو ڏسڻ لاء؛
آء روز سنڌو ڪناري ويندو ھيس،
مون کي خانه بدوش زندگي؛
ياد ٿي اچي.
مون کي وطن جون دلڪش
۽ ڳاڙھسريون شامون؛
ياد ٿيون اچن،
روپوشي وارا پنڌ ياد ٿا اچن
ڇرڪ ڀري اٿان ٿو...
مون کي جلا وطن ڪرڻ وارا ڏينهن؛
ياد ٿا پون..
پوء ٻه سڏڪا ڀري چوان ٿو؛
منھنجي وطن جا جوانو!
شال توھان جي اکين ۾؛
آزادي جو خواب جاڳندو رھي،
سوچن سوچن ۾ ڏسان ٿو؛
امان منھنجي اچڻ جو؛
انتظار ڪري رھي آھي.