شاعري

جلاوطن لُڙڪ

هي ڪتاب هڪ اهڙي نوجوان جي نثري احساسن جو مجموعو آهي، جنهن ٿوري وقت ۾ گهڻو ڀوڳيو آهي. سندس ڀوڳنا، کيس لکڻ تي هر وقت اُتساهيندي رهندي آهي ۽ ھُو قلم توڙي ڪاغذ سان هر وقت ائين جُڙيل رهي ٿو، جيئن موت زندگي سان جُڙيل آهي. اسان جو هي نوجوان ساٿي سردار ٻرڙو پنهنجي اندر جي آند مانڌ کي ڪڏهن نثر ۾ اظهاري ٿو تہ وري ڪڏهن کيس نظم جو سهارو بہ وٺڻو پوندو آهي. هن جي هنن ننڍڙن توڙي طويل نثري احساسن ۾ انيڪ ڪهاڻيون، درد، وڇوڙا ۽ ھِجر توڙي فراق جون گهڙيون پساھ کڻي رهيون آهن. هن جيڪو ڪجھ به لکيو آهي، اُهو ڀوڳنا جي بدولت ئي لکيو آهي. هي نثري احساس ان ڳالھ جو ثبوت آهن ته ليکڪ جي دل پنهنجي ڌرتي ڌڻين جي دلين سان گڏ ڌڙڪي ٿي ۽ سندس لفظ، جملا توڙي سهڻيون تشبيهون سندس مشاهدي جا ساکي آهن. جلاوطن ٿيندڙ لڙڪ جڏهن اکين مان جاري ٿيڻ شروع ٿيندا آهن ته اُهي پنهنجي پاڻ سان گڏ کوڙ سارا ڏوراپا بہ گڏ کڻي ايندا آهن
Title Cover of book جلاوطن لُڙڪ

پوسٽر

خوشيون ڪيئن خريد ڪيان؟
منھنجي کيسي کان وڏيون آھن.
نئون جوڙو ڪيئن پائيندس؟
اھو ته پراڻي قرض ۾ گروي رکيل آھي.
ڇڳل جتي نٿو پائي سگھان،
ماڻھو ڇا چوندا....!؟
خوشيون سڃاڻپ ۾ نٿيون اچن.
ڇو ته؛
انھن کي ماسڪ پاتل آھي.
شايد پنھنجو شناختي ڪارڊ بہ،
ڪيفيت کان لڪائڻ چاھين ٿيون.
ڪٿي ملنديون؟
شھر تہ لاڪڊائون آھي.
آءُ توکي مبارڪ جي مٺي ڪيئن ڏيندس؟
چپن کان رَسُ رُسي وئي آھي.
منھنجو تو تائين پھچڻ مشڪل آھي،
ڇو تہ؛
خوشيون ايڪسپائير ٿيڻ ۾ ٿورو وقت بچيو آھي،
جيڪڏھن تون منھنجي خيالن کي آواز ڏئي سگھين تہ؛
مبارڪون به وصول ڪجان!
منھنجي آواز کي اٽيڪ پئجي ويو آھي.
ھجر ڪٽيندڙ ماڻھو تنھنجي گھر ڪيئن اچي؟
ان لاء
گلوبل وليج جي ڀت تي؛
خوشين جو پوسٽر چنبڙائي واپس وڃي رھيو آھيان