شاعري

جلاوطن لُڙڪ

هي ڪتاب هڪ اهڙي نوجوان جي نثري احساسن جو مجموعو آهي، جنهن ٿوري وقت ۾ گهڻو ڀوڳيو آهي. سندس ڀوڳنا، کيس لکڻ تي هر وقت اُتساهيندي رهندي آهي ۽ ھُو قلم توڙي ڪاغذ سان هر وقت ائين جُڙيل رهي ٿو، جيئن موت زندگي سان جُڙيل آهي. اسان جو هي نوجوان ساٿي سردار ٻرڙو پنهنجي اندر جي آند مانڌ کي ڪڏهن نثر ۾ اظهاري ٿو تہ وري ڪڏهن کيس نظم جو سهارو بہ وٺڻو پوندو آهي. هن جي هنن ننڍڙن توڙي طويل نثري احساسن ۾ انيڪ ڪهاڻيون، درد، وڇوڙا ۽ ھِجر توڙي فراق جون گهڙيون پساھ کڻي رهيون آهن. هن جيڪو ڪجھ به لکيو آهي، اُهو ڀوڳنا جي بدولت ئي لکيو آهي. هي نثري احساس ان ڳالھ جو ثبوت آهن ته ليکڪ جي دل پنهنجي ڌرتي ڌڻين جي دلين سان گڏ ڌڙڪي ٿي ۽ سندس لفظ، جملا توڙي سهڻيون تشبيهون سندس مشاهدي جا ساکي آهن. جلاوطن ٿيندڙ لڙڪ جڏهن اکين مان جاري ٿيڻ شروع ٿيندا آهن ته اُهي پنهنجي پاڻ سان گڏ کوڙ سارا ڏوراپا بہ گڏ کڻي ايندا آهن
Title Cover of book جلاوطن لُڙڪ

سوچون

آءُ اھو سوچڻ کان قاصر آھيان.
ته ماڻھو منھنجي باري م ڇا ٿا سوچين،
دنيا ۾ ڇا پيو وھي واپرائجي،
توھان ڇا پيا سوچيو؛
منھنجون سوچون محدود ٿي چڪيون آھن،
ھونئن ته سوچن جي سرحد ناھي ھوندي.
پر! اڄ ڪلھ آءُ،
ھُن جي ديس ته نظم تخليق ڪري رھيو آھيان،
ھُن جي ديس جون سانوريون،
ڪاڇي جي توڏَن جيان،
ڳاٽ اوچو ڪري ھلن ٿيون،
ھنن جي چھري تي،
کير ٿر جي سونھن جھڙي،
مسڪراھٽ پکڙيل آھي،
منھنجي سوچ ھن جي،
ڪُڏ ڏئي ھلڻ کان،
وشال ٽھڪن تائين،
محدود ٿي چڪي آھي،
آءُ ھن جي چھري تي رقص ڪندڙ،
وارن جي چڳي ته پورو ڪتاب لکي سگھان ٿو.