ڪانجي سانوريا رام جي نانءُ
جنھن جون لکڻيون،
ڏکڻ واءُ ۾ لھرائينديون،
سڄي سنڌ ۾ پھچن ٿيون ،
جنھن جا اڏول لفظ،
محبوب جي لبن تان،
گگ چوسڻ کان وڌيڪ لذيذ آھن،
ھن جا خيال ايڏا ڇيڳرا آھن،
جيترو ٿر جو ٻار،
ھو جو مذھبن کان اُتم آھي،
انسان ,حق، حسن ،پيار ،پاٻوھ
جنھن جي لکڻين جو محور آھي،
خليل جبران شايد ھن لاء چيو :
“حساس دل
رکڻ وارن لاء پيار
قدرت طرفان
عطا ڪيل اڻ ملهه
تحفو آھي،،
ھو حساس آھي،
ھن جي لفظن جي گھرائي ۾
سنڌ جو درد ڇوليون ڏئي ٿو،
المنظر جي مٿان لامارا ڏيندڙ،
سفيد ڪانگ جھڙا،
اُجرا پرين،
تون نثر جو بادشاه آھين،
تون اياز جي ان وڃايل لکڻين جو روپ آھين،
جيڪي ھن جيل مان لکڻ ٿي چاھيون،
تون حسن درس جو اھو خيال آھين،
جيڪو سگريٽ جي دونھين سان اڏامي ويو ھو،
تون ھر ان ڇيڳري ڇوري جو نمائندو آھين،
جا محبوب جي ڇاتي ۾،
خدا ڳولَڻ چاھي ٿي،
ان سڀاڳي تاريخ ،
جنھن تي تون ھن نظام مٿان ،
سعادت حُسين منٽو جو ٻيون جنم ٿي،
ڪڙڪيو آھين ،
تنھن ڏينھن کي جس ھجي؛
دل چوي ٿي؛
وڏن ڀاڪرن ،
۽ بد نصيب چپن ،
جنھن کي ڪڏھن ،
محبوب جي چپن مان ،
آب ڪوثر نصيب نه ٿيو ،
سگريٽي ڪاراٽيل چپن سان ،
اڻ ڳڻين چمين جي برسات ،
لاڙ اچي توسان ملي وڃان.