شاعري

جلاوطن لُڙڪ

هي ڪتاب هڪ اهڙي نوجوان جي نثري احساسن جو مجموعو آهي، جنهن ٿوري وقت ۾ گهڻو ڀوڳيو آهي. سندس ڀوڳنا، کيس لکڻ تي هر وقت اُتساهيندي رهندي آهي ۽ ھُو قلم توڙي ڪاغذ سان هر وقت ائين جُڙيل رهي ٿو، جيئن موت زندگي سان جُڙيل آهي. اسان جو هي نوجوان ساٿي سردار ٻرڙو پنهنجي اندر جي آند مانڌ کي ڪڏهن نثر ۾ اظهاري ٿو تہ وري ڪڏهن کيس نظم جو سهارو بہ وٺڻو پوندو آهي. هن جي هنن ننڍڙن توڙي طويل نثري احساسن ۾ انيڪ ڪهاڻيون، درد، وڇوڙا ۽ ھِجر توڙي فراق جون گهڙيون پساھ کڻي رهيون آهن. هن جيڪو ڪجھ به لکيو آهي، اُهو ڀوڳنا جي بدولت ئي لکيو آهي. هي نثري احساس ان ڳالھ جو ثبوت آهن ته ليکڪ جي دل پنهنجي ڌرتي ڌڻين جي دلين سان گڏ ڌڙڪي ٿي ۽ سندس لفظ، جملا توڙي سهڻيون تشبيهون سندس مشاهدي جا ساکي آهن. جلاوطن ٿيندڙ لڙڪ جڏهن اکين مان جاري ٿيڻ شروع ٿيندا آهن ته اُهي پنهنجي پاڻ سان گڏ کوڙ سارا ڏوراپا بہ گڏ کڻي ايندا آهن
Title Cover of book جلاوطن لُڙڪ

پيش لفظ: جڏهن لڙڪ جلاوطن ٿيندا آهن ته ڇا ٿيندو آهي!

سموري دنيا جا ماڻهوءَ مايا جي موھ تي فدا ٿيڻ لاءِ تيار آهن. اهڙو ته دور اچي ويو آهي جو جنهن کي ڏس، اهو لالچ جي دٻڻ ۾ ڦاٿل نظر اچي ٿو. اهڙي دور ۾ ذهني تسڪين ۽ روح جي راحت لاءِ ماڻهوءَ ادب جو سهارو وٺندا آهن. ڪتاب هٿ ۾ کڻي صفحن کي اٿلائڻ سان گڏ پنهنجي پاڻ کي سُلجهائڻ توڙي پنهنجي ڏکن ۽ تڪليفن کي دفنائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. اهڙي گهٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ ادب ئي اهڙو واحد گلستان آهي، جنهن ۾ ٻه گهڙيون ويهي ڪري سڪون حاصل ڪري سگهجي ٿو. ٿڪل جسم، صحتمند ذهن کي ٿڪائي وجهندو آهي. شاعري جڏهن ڀڳل، ٽٽل جذبن کي سميٽڻ جو ڪم ڪندي آهي ته اُن مهل ماڻهوءَ ٻه اڌ ٿيڻ کان بچي پوندو آهي. اهڙي بچاءُ کي مستقل بنيادن تي قائم رکڻ لاءِ لکڻ ۽ پڙهڻ واري ڪرت سان واسطو جوڙڻڻ لازم ٿي پوندو آهي.
هي ڪتاب:”جلاوطن لڙڪ“ هڪ اهڙي نوجوان جي نثري احساسن جو مجموعو آهي، جنهن ٿوري وقت ۾ گهڻو ڀوڳيو آهي. سندس ڀوڳنا، کيس لکڻ تي هر وقت اُتساهيندي رهندي آهي ۽ ھُو قلم توڙي ڪاغذ سان هر وقت ائين جُڙيل رهي ٿو، جيئن موت زندگي سان جُڙيل آهي. اسان جو هي نوجوان ساٿي سردار ٻرڙو پنهنجي اندر جي آند مانڌ کي ڪڏهن نثر ۾ اظهاري ٿو ته وري ڪڏهن کيس نظم جو سهارو به وٺڻو پوندو آهي. هن جي هنن ننڍڙن توڙي طويل نثري احساسن ۾ انيڪ ڪهاڻيون، درد، وڇوڙا ۽ ھِجر توڙي فراق جون گهڙيون پساھ کڻي رهيون آهن. هن جيڪو ڪجھ به لکيو آهي، اُهو ڀوڳنا جي بدولت ئي لکيو آهي. هي نثري احساس ان ڳالھ جو ثبوت آهن ته ليکڪ جي دل پنهنجي ڌرتي ڌڻين جي دلين سان گڏ ڌڙڪي ٿي ۽ سندس لفظ، جملا توڙي سهڻيون تشبيهون سندس مشاهدي جا ساکي آهن. جلاوطن ٿيندڙ لڙڪ جڏهن اکين مان جاري ٿيڻ شروع ٿيندا آهن ته اُهي پنهنجي پاڻ سان گڏ کوڙ سارا ڏوراپا به گڏ کڻي ايندا آهن.
اسان جلاوطن ٿيندڙ لڙڪن جي ڪٿا کي اڄ تائين سمجهي ئي نه سگهيا آهيون. اکيون لڙڪن کان جڏهن موڪلائينديون آهن ته اُنهن کي ڏاڍي تڪليف ٿيندي آهي ۽ اِها تڪليف ڪڏهن ڪڏهن اکين کان انهن جو نور به کسي وٺندي آهي. هڪڙو تخليقڪار جڏهن اکين جي ڳالھ ڪري ٿو، اکين مان وهندڙ لڙڪن جي ڳالھ ڪري ٿو ۽ اتي ئي وري جلاوطن ٿيندڙ لڙڪن جو تذڪرو ڪري ٿو ته پڪ سمجهو اُن جي اکين رات جو جاڳي ڪري محبوب جي ديدار لاءِ سنهرا خواب اُڻيا هوندا، اُنهن خوابن ۾ پاڻ کي بطور شهزادو ڏٺو هوندو، ان سان گڏوگڏ نه ڄاڻ ٻيا به الائي ڪيترا خواب پنهنجي پاند ۾ مضبوط ڪري ٻَڌي ڇڏيا هوندا. خوابن جڏهن کان حقيقتن جو روپ ڌارڻ کان انڪار ڪيو هوندو تڏهن سندس اکين مان لڙڪ جلاوطن ٿي ڪري جاري ٿيا هوندا ۽ تڏهن هي سڀ ڪجھ اُن هٿان لکجي ويو هوندو، جيڪو اڄ اوهان اسان جي مطالعي ۾ آهي. اکين مان جلاوطن ٿيندڙ لڙڪن جي هن ڪٿا کي پڙهي ڪري اوهان پنهنجي اکين جا بند مضبوط ڪجو، ڪٿي ائين نه ٿئي جو اُهي بند به ٽٽي پون ۽ دلين ۾ صدين کان مدفون ٿيل وڇوڙي جا وڍ توهان کي وڍڻ شروع ڪن ۽ اوهان هڪ نئين توڙي اڻ ڄاتل پيڙاھ جي اونهي غار ۾ هليا وڃو جتان اڄ ڏينهن تائين ڪوبه واپس ڪونه وريو آهي!


يوسف جميل لغاري