پنھنجي پاران! : ھي منھنجي جيون ڪٿا آھي!
عبدالواحد آريسر چيو ھو ته وڇڙڻ فطرت آھي ۽ وسارڻ ڪميڻائپ آھي، جڏھن ھوءَ وڇڙي ھئي (ھوند به وڇوڙي جھڙو آھي)، آء رنو ھيس، تڙپيو ھيس، پيڙاء، درد مان گذريو ھيس......!!
ھجر و وصل ڪنھن عذاب کان گھٽ نہ ھيو، ۽ پوء پاڻ مٿان نازل ٿيندڙ ھر ڪيفيت ڪاغذ تي لکيم ٿي، لکندي لکندي خبر ئي نه پئي منجي(منھنجي ) وجود منجھ ھڪ لکاري جو ڪردار لھي آيو ۽ آء ادب سان سلهاڙجي ويس.
ھڪ ليکڪ جڏھن لکندو آھي ته، اھو وڏي عذاب مان گذرندو آھي، ڌرتي ۽ ماڻھن جا درد ان جي تحرير ۾ سمايل ھوندا آھن، دقيانوسي سماج جي مدي خارج ريتن رسمن سبب سمبارا جي وڇوڙي خلاف احتجاج ۽ ڌرتي کان وڇڙندڙ سونا پٿر، سنڌوءَ جو جرڪندڙ پاڻي ۽ قوم کان کسيل اظھار جي آزادي تي ڳاڙيل لڙڪن کي منھنجي قلم لفظن جو ويس پارائي ڇڏيو آھي.
منھنجي احساسن ۾ خيال ھڪٻئي سان ملندڙ جلندڙ آھن، ان جو اھو ئي سبب آھي جو منھنجي محرومي، مفلسي، ۽ احساس ڪمتري ھڪ سائيڪل ۾ گھمي ٿي.
امرتا پريتم لکيو آھي ته:
ھر ڪوتا، گيت، ڪھاڻي، چتر، ڪلاڪار جو ھڪ خاموش خط ھوندو آھي جيڪو ھو پنھنجي پريمي ڏي لکندو آھي، پر اھو پڙھندڙ ئي آھي جيڪو ان ۾ پنھنجي ارٿ موجب لفظ ۽ سپنا ڀريندو آھي. جڏھن کان سانڀر آئي آھي، مسلسل ڀٽڪندو رھيو آھيان، انھن پنڌن ۽ پيرن ۾ لڳل ڪنڊن جي نشانن ۽ چھري تي ڇانيل صدين جي ٿَڪ، ھجر جي ولوڙ جو جواب منھنجا ھي احساس آھن،
بنيادي طور آء نثر جو ماڻھو آھيان، پر ھي نثري احساس جيڪي نظماڻو رڌم رکن ٿا تن کي مان پنھنجي "جيون ڪٿا" "پنھنجو ماضي" "سمبارا جو وڇوڙو" "سانوري جون نادانيون" "زماني جون لاھيون چاڙھيون" "مفلسي ۽ محرومي" "اڻ ڄاتل منزل ڏانھن پنڌ" "آزادي سان عشق، انسانيت جو اونو ڪوٺيان ٿو.
جڏھن لڙڪ اکين جي ملڪ مان وڇوڙي جي ڪيفيت سبب تڙي جلاوطن ڪيا ويندا آھن، ته اھي ڳلن جي صحرا تي ڀٽڪندي وسامي ويندا آھن، ائين جيئن رات کان پوء اڀ جي چولي جا سڀ تارا وسامي ويندا آھن.
جڏھن آءُ اداس ٿيندو آھيان ته پوءِ اُداسي کي ڳوٺَ جي دَڳَن تي وَلَرَ جي کُرن مان اُٿندڙ ڌُوڙ سان گڏ اُڏاري اُفق تي سَجيل شَفق جَھڙي شَام ڪنھن ڪِتاب ۾ گھاري موٽي ايندو آھيان، اھو منھنجو غير معمولي مشغلو آھي،
ھي جيڪو ڪتاب (احساساتي مجموعو )اوھان جي مطالعي ھيٺ آھي، اھو منھنجي ڪتابي ترتيب مان چوٿون ڪتاب آھي، پر اھا خوشنصيبي چئبي جو ھن جو وارو اڳ اچي ويو، آس اٿم ته ٻيا ڪتاب به اوھان جي ڊجيٽل ٽيبل تائين ۽ نازڪ ھٿڙن تائين جلد کان جلد پھچايان.
يقيناً ھن ڪتاب ۾ ڪيتريون غلطيون ھونديون، پڙھندڙن کي گذارش آھي ته منھنجي ھن ننڍڙي محبت ۽ محنت کي پڙھي غلطين جي نشاندھي ڪن ۽ پنھنجو رايو پڻ ڏين، جنھن کي آء قبول ڪندس ۽ اڳتي سڌارا آڻيندس.
آخر ۾ ھن ڪتاب جي ڪمپوزنگ لاء پياري ڀيڻ جويريا پھنور جنھن کي آء پيار منجھان (جيا آپي سڏيندو آھيان) جو ٿورائتو آھيان، ان کان علاوه مھاڳ لکڻ لاء امڙ اقبال جي لاڏلي، ڪونڌر پٽ احمد شاڪر ۽ پيش لفظ لاء ٺري ميرواھ سان تعلق رکندڙ سڃاڻ نثر نويس يوسف جميل لغاري جو ٿورائتو آھيان، جن پنھنجي طويل مصروفيتن مان وقت ڪڍي چند لفظ لکي عزت بخشي، ۽ جن جن ھن ڪتاب ۾ پنھنجو ھٿ ونڊايو، جن مفلسي سبب بيزاري جا طعنا ڏنا ۽ پنھنجي انھن سمورين سماجي ناقص حالتن جو پڻ ٿورائتو آھيان، جيڪي ٿورڙي عرصي تائين مون کان دور رھيون، جن جو قرض آءُ سود سميت ادا ڪندس.
سردار ٻرڙو
ڳوٺ مبارڪ ٻرڙو
مورو_سنڌ
وقت: 1:22 رات
03052356233