شاعري

جلاوطن لُڙڪ

هي ڪتاب هڪ اهڙي نوجوان جي نثري احساسن جو مجموعو آهي، جنهن ٿوري وقت ۾ گهڻو ڀوڳيو آهي. سندس ڀوڳنا، کيس لکڻ تي هر وقت اُتساهيندي رهندي آهي ۽ ھُو قلم توڙي ڪاغذ سان هر وقت ائين جُڙيل رهي ٿو، جيئن موت زندگي سان جُڙيل آهي. اسان جو هي نوجوان ساٿي سردار ٻرڙو پنهنجي اندر جي آند مانڌ کي ڪڏهن نثر ۾ اظهاري ٿو تہ وري ڪڏهن کيس نظم جو سهارو بہ وٺڻو پوندو آهي. هن جي هنن ننڍڙن توڙي طويل نثري احساسن ۾ انيڪ ڪهاڻيون، درد، وڇوڙا ۽ ھِجر توڙي فراق جون گهڙيون پساھ کڻي رهيون آهن. هن جيڪو ڪجھ به لکيو آهي، اُهو ڀوڳنا جي بدولت ئي لکيو آهي. هي نثري احساس ان ڳالھ جو ثبوت آهن ته ليکڪ جي دل پنهنجي ڌرتي ڌڻين جي دلين سان گڏ ڌڙڪي ٿي ۽ سندس لفظ، جملا توڙي سهڻيون تشبيهون سندس مشاهدي جا ساکي آهن. جلاوطن ٿيندڙ لڙڪ جڏهن اکين مان جاري ٿيڻ شروع ٿيندا آهن ته اُهي پنهنجي پاڻ سان گڏ کوڙ سارا ڏوراپا بہ گڏ کڻي ايندا آهن
Title Cover of book جلاوطن لُڙڪ

اندر جو ڏُک

ڪالھ کان سوچيان پيو
پنھنجي اندر جو ڏک
ھڪ ڍڪ ۾ پي
تنھنجي وشال ٽھڪن
الھڙ جواني
آزاداڻي سوچ
کي نپوڙي
ھڪ نثري نظم تخليق ڪيان..
پر!
توسان جي ڳجھ جون ڳالھيون سلڻيون ھيون.
اھي تون ٻڌڻ لاء تيار ناھين...
شايد....!
آء تنھنجي سوچ کي سمجھڻ کان قاصر آھيان.
ڇوته..!
تون ڪوھستان پرڳڻي جي نادان ناري آھين
مان ساھتي پرڳڻي جو ڀٽڪيل ڇوڪرو..
ڇا تو ڪڏھن سوچيو آھي؟
مون کي سانورا ماڻھو ڇو وڻندا آھن؟
ڇو ته اھي وفادار ھوندا آھن.
پر مان چوان ٿو
وفا جو ليبل رنگن تي ناھي ھوندو..
جيڪڏھن ڪير توکي چوي تہ؛
ڏک پيئڻ جو فن ٻڌا!
تون ان کي مون ڏانھن رفر ڪجان!
آء ڪچي ڪڙي مڌ جيان
ان کي ڏک پيئڻ جو فن سيکاريندم
۽ ھو
مون جيان ڏک پيئڻ جو
آرٽ سکي وٺندو..
۽ ھو پنھنجي گرل فرينڊ
جي مک تي
وشال ٽھڪ بيواھ نه ٿيڻ ڏيندو.
جيئن آء تنھنجي
ڪنوارن ٽھڪن کي
پنھنجي خواھش کي ماري.
زنده رکڻ ٿو چاھيان..