شاعري

جلاوطن لُڙڪ

هي ڪتاب هڪ اهڙي نوجوان جي نثري احساسن جو مجموعو آهي، جنهن ٿوري وقت ۾ گهڻو ڀوڳيو آهي. سندس ڀوڳنا، کيس لکڻ تي هر وقت اُتساهيندي رهندي آهي ۽ ھُو قلم توڙي ڪاغذ سان هر وقت ائين جُڙيل رهي ٿو، جيئن موت زندگي سان جُڙيل آهي. اسان جو هي نوجوان ساٿي سردار ٻرڙو پنهنجي اندر جي آند مانڌ کي ڪڏهن نثر ۾ اظهاري ٿو تہ وري ڪڏهن کيس نظم جو سهارو بہ وٺڻو پوندو آهي. هن جي هنن ننڍڙن توڙي طويل نثري احساسن ۾ انيڪ ڪهاڻيون، درد، وڇوڙا ۽ ھِجر توڙي فراق جون گهڙيون پساھ کڻي رهيون آهن. هن جيڪو ڪجھ به لکيو آهي، اُهو ڀوڳنا جي بدولت ئي لکيو آهي. هي نثري احساس ان ڳالھ جو ثبوت آهن ته ليکڪ جي دل پنهنجي ڌرتي ڌڻين جي دلين سان گڏ ڌڙڪي ٿي ۽ سندس لفظ، جملا توڙي سهڻيون تشبيهون سندس مشاهدي جا ساکي آهن. جلاوطن ٿيندڙ لڙڪ جڏهن اکين مان جاري ٿيڻ شروع ٿيندا آهن ته اُهي پنهنجي پاڻ سان گڏ کوڙ سارا ڏوراپا بہ گڏ کڻي ايندا آهن
Title Cover of book جلاوطن لُڙڪ

جڏهن رقص ڪندي آهين

جي سچ پڇين تہ؛
جڏهن رقص ڪندي آھين ....
موھن جي دَڙي واري سمبارا لڳندي آھين‚
اونداهي رات ۾ جي منھن ڏسيندي آھين....
آسمان جو مکڙو چنڊ لڳندي آھين,
چپڙن ۾ جي ڳائيندي آھين....
مائي ڀاڳـي لڳنــدي آھين,
نِوڙت سان جڏهن خط کڻندي آھين....
دريــاء تــي گھاگھر ڀريندڙ ملاحڻ لڳندي آھين,
داستان ڏکن جا جڏھن ٻڌائيندي آھين....
جمال ابڙي جي ڪھاڻي واري پيراڻي لڳندي آھين,
گھر اندر جي بغاوت ڪندي آھين ....
واقعي مون کي ھارياڻي لڳندي آھين,
رستي تان جي ڪڏ ڏئي ھلندي آھين ...
نو ٽينشن ٻار لڳندي آھين‚
بندوق کڻي جڏهن فوٽو ڪڍرائيندي آھين..
چي جي ڀيڻ سانتا لڳندي آھين,
حجاب ويڙھي جي نڪرندي آھين.....
پاڪ دامن يار لڳندي آھين,
اونداھين ۾ جڏھن سس پس ڪندي آھين...
ھڪ پڙاڏو آواز لڳندي آھين,
ٻپڙو اجرڪ جي اوڍيندي آھين....
سنڌ سموري جي سونهن لڳنــدي آھين‚
ٻار پڙھائيندي توکي ڏســندو آھيان...
تاريخ جي حقدار لڳندي آھين
ويجھو جڏھن ايندي آھين...
ساھ ساھ سان جڏھن ملائيندي آھين ...
گوڊليف جي ڪش لڳندي آھين,
چپ چپن سان جڏهن ڳنڍيندي آھين...
ٿَر جو اڃايل ٻار لڳندين آھين‚
جي سچ پڇين ته....
منھنجا ٺڳي جا ٺاھ به سھندي آھين
ڊاڙ ھڻندي جي پڪڙيو ويندو آھيان...
ڀاڪرن ۾ پوء به ڀريندي آھين,
ڳوٺ منهنجي جڏهن به ايندي آھيـن...
پوء به مون کي ڄاڻ نه ڪندي آھين.
امان‚ بابا کان حال پڇندي آھين...
پوء الائي ته ڇا سوچيندي آھين.
جي سچ پڇين ته..........
توم پاڻ ڳوليندو آھيان‚
حال سمورو روليندو آھيان.
پوئتي پئجي ويندو آھيان.
سوچن جا گھوڙا ڊوڙائيندو آھيان..
وري آخر موٽندو آھيان
آخر ڇا سوچيندي آھين؟
اھو ويچار ڪندو آھيان..
جي سچ پڇين ته...
وڏو اڀاڳو مان آھيان..
جو پنهنجو مستقبل نٿو ٺاھيان,
ماڻهن ۾ مڃوتي ناھي جڏهن اھو چوندي آھين....
پوء توتي سوال اٿاريندو آھيان ,
ماٺ ٿي ويندي آھين..