شاعري

جلاوطن لُڙڪ

هي ڪتاب هڪ اهڙي نوجوان جي نثري احساسن جو مجموعو آهي، جنهن ٿوري وقت ۾ گهڻو ڀوڳيو آهي. سندس ڀوڳنا، کيس لکڻ تي هر وقت اُتساهيندي رهندي آهي ۽ ھُو قلم توڙي ڪاغذ سان هر وقت ائين جُڙيل رهي ٿو، جيئن موت زندگي سان جُڙيل آهي. اسان جو هي نوجوان ساٿي سردار ٻرڙو پنهنجي اندر جي آند مانڌ کي ڪڏهن نثر ۾ اظهاري ٿو تہ وري ڪڏهن کيس نظم جو سهارو بہ وٺڻو پوندو آهي. هن جي هنن ننڍڙن توڙي طويل نثري احساسن ۾ انيڪ ڪهاڻيون، درد، وڇوڙا ۽ ھِجر توڙي فراق جون گهڙيون پساھ کڻي رهيون آهن. هن جيڪو ڪجھ به لکيو آهي، اُهو ڀوڳنا جي بدولت ئي لکيو آهي. هي نثري احساس ان ڳالھ جو ثبوت آهن ته ليکڪ جي دل پنهنجي ڌرتي ڌڻين جي دلين سان گڏ ڌڙڪي ٿي ۽ سندس لفظ، جملا توڙي سهڻيون تشبيهون سندس مشاهدي جا ساکي آهن. جلاوطن ٿيندڙ لڙڪ جڏهن اکين مان جاري ٿيڻ شروع ٿيندا آهن ته اُهي پنهنجي پاڻ سان گڏ کوڙ سارا ڏوراپا بہ گڏ کڻي ايندا آهن
Title Cover of book جلاوطن لُڙڪ

روح جو وجود

سائنسي حساب سان،
روح جو ڪو وجود ناھي،
ھا ! پر.....
ھجر جي رُت ۾؛
ڪاڇي جي تتل،
رڻ ۾،
گاج جي پٿريلن جبلن منجھ،
جڏھن ڪو جسم تڙپندو ھجي،
فقط!
ان آس تي؛
ته ھڪ ڏينھن،
روشنين واري چرچ ۾،
تون اڇو ويس پھري،
ھٿن ۾ گلاب کڻي،
منھنجو انتظار ڪنديئن،
ھا!
جيڪڏھن اھو محض خيال آھي تہ؛
ڇا ؟
خيالن ۾ تنھنجو آواز ..؟
ڇا ھوائون ڳالھائين ٿيون؟
ھا پيغام جي رسائي ٿئي ٿي،
ھوائن ذريعي،
مون سامونڊي ھوائن ۾ ،
اڏرندڙ زلفن جي خوشبو ،
چٽر جي موسم ۾ ،
جڏھن گرم جھولا عروج تي ھوندا آھن،
جوئر جي سنگ مٿان بلبل ،
رقص ڪندو آھي،
مون انھن زلفن جو خوشبو ،
ھت محسوس ڪئي آھي،
ھا!
ھا جيڪڏھن آء ڪوڙ ڳالھايان..
ته ڇا ؟
ھوائون به ڪوڙيون آھن؟
ھوائون ڪوڙيون نٿيون ٿي سگھن
ڇو ته!
ھوائون انسانن جا رُخ بدلائي ڇڏينديون آھن،
ھا ! سپوت اھو آھي ،
جيڪو ھوائن کي چيري،
نئون رستو ٺاھي ، تاريخ اڏي،
ھا! جيڪڏھن سائنسي حساب،
سان روح جو ڪو وجود ناھي تہ؛
اچ شاعري مان احساس ،
ڪھاڻي مان تصور،
ناول مان خيال،
۽ پيار مان اڪير ،
ڪڍي ڇڏيون ،
پوء ڪھڙي سائنس ،
ترقي ڪندي؟