مان ليکڪ آھيان
ھڪ حالت ۾ رھڻ،
منھنجي لاء ممڪن ناھي،
ڏس!
مون کي ھڪ ڪھاڻي،
تحرير ڪرڻي آھي.
جنھن لاء مون کي؛
بيچيني گھرجي،
سرد ھوا جيتري،
سستو سگريٽ،
ھلي ويندو.
پنھنجا ساز سموئي ڇڏ!
مون کي رات گذارڻي آھي،
مان پنن تي،
لکيل لفظن مان،
فطري ساز..
ٻڌي سگھان ٿو،
چڏا چير جھڙي تڪليف زده تحرير،
ٽارچر سيل جي قيدين
جي نانٔ،
ھڪ رات جو قلمي پورھيو،
ڏس!
مون کي لکڻو آھي،
تنھنجا مٺڙا ٻول،
کنڀي گم ڪيل
سپوت جي مڱيندين
جي اشڪن جي تذليل ڪري رھيا آھن،
مون کي ھڪ ھڪ ڪنواري،
جي لڙڪن
جي بوندن جو،
قرض ادا ڪرڻو آھي،
ڇا!
تنھنجو رومانچڪ رويو،
رات جا چار پھر..
ڍڪو نٿو رھي سگھي؟
ايندڙ صبح،
تنھنجي خوش مزاجي
۽
منھنجي تحرير
نڪور خيال جنميندا
مان لکڻ گھران ٿو،
مون کي قلم ۽ سفيد پنو کپي،
سستو سگريٽ به ھلي ويندو،
چڏا چير= ٽارچر سيل ۾ سزا جو ھڪ قسم*
رھجي ويل خط
ھجر جي رُتُ ۾؛
لکيل سمورا خط،
جن جي تو تائين رسائي
ھن انڌي، گونگي ۽ ٻوڙي سماج:
اجازت نٿي ڏني.
اڄ منھنجي اڳيان
منھنجو ماضي بڻجي؛
مونسان ڳالھائين پيا,
پنن جون ڦاٽل ڪنڊون،
ھوا ۾ جھومي,
مون کي طنزياتي ٽھڪڙا اُرپي رھيون آھن!
لفظ جيڪي پنن جي ريگستان تي؛
پڳلي پوڙھا ٿي ويا آھن،
ڪي ورھيه اڳ,
جڏھن ڳوٺ جي ڪارين راتين ۾؛
آءُ فقط تولاء لکندو ھيس،
۽....
ڏينھن جو پاڻ لاء جيئندو ھيس.
۽...
ھاڻ قوم لاء جيئان ٿو!
اڄ اھي سموريون لکڻيون؛
منھنجي اڳيان وکريل آھن!
ھڪ سٽ........
جا اڄ مون پاڻ سان ڳالھائي چئي ته:
تو طرفان مليل دردن جي تحفن؛
مون کي مجبور ڪيو ته؛
آءُ توکي وساري ڇڏيان!
سا مون مٿان! وڄ بڻجي ڪڙڪي آھي!
آء توکي ته وساري ڇڏيان...
پر! اھي لکڻيون...
ڪنھن جي کاتي چاڙھيان!
جيڪي مون تو لاء سرجيون؟
ڪاش! ڪو اھڙو لائبريرين به ھجي؛
جيڪو ھي دستاويز سانڍي رکي!