وڃايل دڳ
جھرمر جھنگ ۾،
تنھنجي پويان
ائين ڊوڙيو آھيان,
جيئن ٻالڪپڻ ۾،
لغڙ پويان ڊوڙندو ،
جھنگ ۾ پھتو ھيس.
جتي نٽھڻ اس ۽ گرمي منجھ
ڪارڙو تتر پنھنجي ڪٻي کي
پاڻ ڏانھن پڪاري رھيو ھو،
زندگي خيال آھي؛
اھو اڻ وسرندڙ خيال
جنھن جا سڀ سپنا
ماضي بڻجي وڃن ٿا،
ھن خيال ۾
تون مون کان ڪٽيل لغڙ جيان
ڏور نڪري وئي آھين،
ھِجر جي رُت ۾
ساٿ ڏيندڙ پڪ رنگي
دوست جو ميسيج آيو،
کيس مٿان ڪشف ٿيو آھي،
چيائين؛
آءُ ھاڻ ڊگھا ڪش نٿو ڇڪي سَگھان.
ھا...!
مون کي خبر ھُئي،
ھڪ ڏينھن تون بہ
چَند گھڙين واري سُڪون
کان تنگ ٿي ڇڏي ويندين،
تنھنجو ميسيج آيل ھو،
ڪنا..! پاڻ کي سڃاڻ،
شايد تو تصوير جي
ڳالھ ڪئي آھي،
آء ته تنھنجي ياد ۾ پاڻ وساري ويٺو آھيان،
فرق اھو آھي
تنھنجي زندگي تصويرن تائين محدود آھي،
ائين کڻين چئجي؛
تون احساس جي حقيقي
معنيٰ کان واقف ناھين.!
تووٽ شايد اظھار ناھي..!
آء اظھار جون سرحدون اورانگھي،
خيالن جي جھنگ ۾ وڃائجي ويو آھيان،
جتي تنھنجي مکڙي واري
ڊمپل جي ڪُن ۾؛
منھنجو احساس ڦيراٽيون کائي رھيو آھي،
احساس جنھن جي عمر
حضرت انسان کان وڏي ٿئي ٿي،
احساس ۽ آدرش
شايد سڳا ڀائر آھن،
جنھن کي سموري ڄمار
ھمدردي جو ھڪ پل بہ؛
وڏي مشڪل سان ملي ٿو،
تو اھو به چيو ھو،
ان رات کان پوء منھنجا لفظ
جواب ڏئي ويٺا آھن،
۽...!
ان رات کان پوءِ ..
مقصد جا ھڙئي دڳ،
منھنجي اڳيان،
سائيبريا جي ڌنڌ جھڙا بڻجي ويا آھن.