ڪتابَ همسفر منهنجا (مهاڳ)
گارشيامارڪيز ڪٿي لکيو آهي ته، ”لِکڻ هڪ لَذت به آهي ته اَذيت به. وقت گُذرڻ سان گڏ لِکڻ جو عمل تڪليف ڏيندڙ ٿي پوندو آهي. اصل ۾ ٿئي ايئن ٿو ته، اوهان کي جڏهن ذميواريءَ جو احساس ٿيندو ته پوءِ توهان محسوس ڪندو ته، توهان جي هر لفظ ۾ اڳ کان وڌيڪ وزن آهي. “يا ٻئي هنڌ لکي ٿو: ”مان سمجهان ٿو ته، ٻين اديبن لاءِ ڪتاب جو جنم ڪنهن خيال يا تصور سان ٿيندو هوندو، پر منهنجي هر تحرير ڪنهن نظر يا ڏيک مان جنم وٺندي آهي.“
سچ اِهو به آهي ته آئون بُنيادي طور تي شاعر آهيان. نه ئي ڪو تنقيد نگار. ناول، ڪهاڻي يا ٻين موضوعن تي نثر ۾ لکڻ منهنجي بي ساخته هڪ ڪيفيت رهي آهي. جنهن منهنجو شعوري طور تي لکڻ ڏانهن ڌيان ڇِڪايو ۽ مون مَن جي اُڇل کي لفظن جو روپ ڏئي پنهنجي ذهني سطع مُطابق پئي لکيو آهي. پر سچ اِهو به آهي ته ان ۾ پنهنجي شعور جي مُنصفي کي ڪٿي به زخمي نه ڪرڻ ڏنو اٿم. ڪهاڻي، ناول يا ٻئي ڪنهن موضوع تي لکندي مون شعوري ڪوشش ڪري پنهنجن اصل ۽ حقيقي خيالن کي لفظن ۾ ڍاليو ته اُهي شاعراڻي نثر ۾ مُختلف ڪيفيتن ۽ احساسن سان اڀياسن جي صورت ۾ نِروار ٿي پيا.
ماريو ورگاس يوسا، ڪٿي لکيو آهي ته، ”ادب، زندگيءَ جي اُها خيالي تصوير آهي جيڪا حقيقي زندگي کي سمجهڻ ۾ مدد ڪري ٿي۔“
دراصل هڪ شاعر هُئڻ جي ناتي مون ڏيهي توڙي پرڏيهي، پاڙيسري، لوڪ ادب، اَساسي، ڪلاسيڪل شاعريءَ توڙي نثر جو مُطالعو ته ڪيو پر اُهو سڀ ڪجهه نثر جي ڀيٽ ۾ گهٽ ئي رهيو. الائي ڇو ناول، ناوليٽ، ڪهاڻيون، آتم ڪٿائون، ادبي، تاريخي توڙي سياسي ۽ فلاسافيڪل مضمون نثر جي صورت ۾ مون ڪجهه سَوايا ئي پڙهيا. ايئن شاعريءَ جي خُمارن سان گڏ نثر جي نرالين راهن جو به سفر ڪندو رهيس.
نثر ۾ فڪشن مون کي وڌيڪ ڇِڪَ ڪندو رهيو آهي. ۽ آئون مُطالعي جي عجيب ۽ پُرڪيف ڪيفيتن جي ڪائناتن جا سير ڪندو رهيس. ۽ پوءِ اُنهن تي لکڻ جي ڪوشش ڪندي ڪندي ڪُجهه نه ڪُجهه لِکت ۾ ڪا راءِ به لِکڻ لڳس.
هيمنگوي ڪٿي لکيو آهي ته، ”ڪنهن به موضوع تي لکڻ لاءِ نه گهڻي تَڪڙ ڪرڻ کپي نه گهڻي دير.“
سو پنهنجي ذهني سَطع مُطابق جيڪو ڪُجهه سمجهندو يا محسوس ڪندو هُئس اُن کي ڪنهن مضمون جي صورت ۾ تحرير به ڪندو رهيس. پر پَڙهڻ ۽ ڪَڙهڻ جو عمل زنده رهڻ لاءِ ضروري محسوس پئي ٿيندو رهيو آهي. ائين شاعريءَ جي اُڏار سان گڏ نثر جو پنڌ پڻ منهنجي خيالن جو حصو بڻجي مون کي مُطالعي، مُشاهدي ۽ مَشق جي مئڪشي جي کيپن ۾ جُهومائيندو رهيو. نثر ۾ لفظن جو استعمال، اُنهن جو پنهنجي معنائن سميت تقدس بحال رکڻ ۽ ٻوليءَ جي نفاست جو خيال رکندي مون نيٺ هي”ڪتاب پڙھڻ کانپوءِ“ڪجهه نه ڪجهه پئي تحرير ڪيو.
ڇو ته سارتر چواڻي ته، ”مان بنا ڪنهن طرف داريءَ جي چوان ٿو ته هڪ طويل ۽ باقاعده اهم لکڻي۔سُٺي صحت جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ بهتر آهي.“
۽ مون کي مُختلف ڪتابن جي پيچرن تي مُطالعي جو سفر ڪندي ڀاسجڻ لڳو ته منهنجي مَن ۾ جيڪا ڳولا پُختي ٿيندي ۽ وَڌندي پئي وڃي اُها ته دراصل ڪو ناول يا ڪهاڻي آهي. جنهن جي ڪردارن ۾ مان پاڻ کي بار بار ڏسي هڪ نئين پيڙا جا پهاڙ جهاڳڻ لڳو آهيان.
شايد گاشيا مارڪيز اِها ڳالهه منهنجي لاءِ ئي لکي آهي ته، ”منهنجي خيال ۾ ته ناول حقيقيت جي هڪ شاعراڻي ڦير گهير آهي. اُن مان مُراد هي آهي ته ناول خُفيه ڪوڊ ۾ بيان ڪيل حقيقت آهي. ناول ۾ توهان حقيقت سان مُنهان مُنهن هوندا آهيو. اُها اصل زندگيءَ جي حقيقت کان مُختلف هوندي آهي. جيتوڻيڪ اُن جون پاڙون اُن ۾ ئي هونديون آهن. اِهائي ڳالهه خوابن بابت به چئي سگهجي ٿو.“
سچ اِهو به آهي ته شاعريءَ مون کي نثر جي جهان جو ڏس ڏنو ۽ نثر وري شاعريءَ جي شعور جي شمع تي منهنجن خيالن، احساسن ۽ ڪيفيتن جي پروانن کي لَھسائي، جَلائي ڀَسم ڪري هڪ لافاني جلا بخشي ڇڏي آهي.
”ڪتاب پڙھڻ کانپوءِ“ اصل ۾ ڪتابن جون نه پر محبوبن جون ڳالهيون، پَچارون آهن. فن، فڪر، آرٽ، علم ۽ ادب جون ڳالهيون آهن. ڇاڪاڻ ته ڪتابن سان عشق مون کي هِن دنيا جي بي رحم حالتن ۾ آسيس ڏئي زندگي کي جيئڻ جا نوان نوان زاويا، ذائقا توڙي ڍنگ سيکاريا آهن. پيار، مُحبت، دوستي، رشتن ناتن جو احترام، پنهنجائپ ۽ رت جي رشتن جي وچ ۾ موجود فرق، پئسي جي اَنڌي هَٻڇ کان پَري رهڻ جو اِدراڪ، احساس جي روشنين سان سَرشاري، سڄڻ، ساڻيھ ۽ فطرت جي گوناگون رنگينين کي ڏسڻ جي ٽين اک دريافت ڪري ڏني آهي. جيڪا ظاهري ٻِن اکين کان ڏاڍي گهري ۽ تيز ٿئي ٿي. ڪتابن سان ڪچهريون ڪندي ڪندي مون پنهنجي شعوري زندگيءَ جو وقت وڏي سُجاڳيءَ سان گُذاريو آهي. ڪتابن مون کي دنيا جي حقيقي ڪردارن، ڏُکن، وڇوڙن، لُڙڪن، اَلمين، حادثن، خودڪشين وغيره جا اهڙا اهڙا ته سبق سيکاريا آهن جو هُوند آئون ڪتابن کان سواءِ ڪئي جنم وٺي به اُنهن کي نه ماڻي سگهان هان.
ڪتابَ، پنن تي لکيل لفظن جا خالي مجموعا ناهن پر اُنهن ۾ ذهنن جي اعليٰ شعور جا عرق اوتيل هوندا آهن. لفظن ۾ ڪائناتن جا راز لِڪل هوندا آهن. ڏاهپ جا ڏيئا جهرمر ڪندي لفظن مان فڪر ۽ فهم جي سُهائي، دلين ۽ دماغن جي اُونداهين ۾ ڏياٽيون ٻاري روشني پکيڙي ڇڏيندي آهي. لفظن جي مورتين ۾ ساھ وَجهڻ جو فن وڏين تَپسيائن کان پوءِ ئي وڃي راس ٿيندو آهي. لفظ، پاڻ ۾ ايتري ته سگهه رکن ٿا جو اُنهن سان پٿر به پاڻي ٿيو وڃن. اُن ڪري ڪتابَ، علم ۽ شعور جون اُهي مَشعلون آهن جن سان جهالت جي گُهپ اونداهين ۾ ڏار وجهي شناسائيءَ جا شُعلا ڀَڙڪائي سگهجن ٿا.
”سارتر پنهنجي آتم ڪٿا ”لفظ“ ۾ ڪٿي لکيو آهي ته، ”دنيا جي هڏائين پِڃري مٿان لفظ ماس جو ڪارج سَڌ ڪن ٿا“
يا وري سارتر ٻئي هنڌ ڪٿ لکيو آهي ته، ”ڪو به شخص جيڪڏهن ٻوليءَ کي گهڻين معنائن ڏيڻ جو اَهل ناهي ته پوءِ سندس لکڻ ئي اَجايو آهي. ٻوليءَ کي فنڪار جنهن طرح لفظن جي ترتيب ڏيندو آهي اُهو آهي ڪنهن لفظ تي زور ڏيڻ. يا ڪنهن لفظ کي وزني بنائڻ. اُن ريت مختلف سطحن تي مختلف معنائون ظاهر ٿينديون. اُن ڪري اسلوبي ادب جو معاملو هڪ جُملي جي گَهڙاوٽ ناهي پر اُن پوري ڏيک کي ذهن ۾ رکندي مجموعي معنيٰ ڏيڻ جو مسئلو آهي. ادب جي تخليق رازداريءَ ۾ ٿيندي آهي. فڪشن جو مسئلو خارجي توڙي داخلي سچ کي مجموعي حيثيت سان پيش ڪرڻ جو هڪ اثرائتو طريقو آهي.“
ڪتابن، مون کي بهترين دوستن جيئن هر حالت ۾ سدائين سنڀاليو ۽ منهنجو تحفظ ڪيو آهي. جڏهن به چوطرف مايوسين جي گُهگه اُوندھ وڪوڙي ويندي اٿم ته اُن ويل ڪتابن يا قلم مان سِرجيل لفظَ، پنهنجي سُهائيءَ سان مون کي اُتساھ ۽ همت جون نِڪور واٽون دريافت ڪري ڏيندا آهن. ۽ آئون اُداسين ۽ اڪيلائين مان پيدا ٿيندڙ ڪيفيتن کي لفظن جي ڏئين جي حوالي ڪري نئين سِر، جِي پَوندو آهيان. مون کي محسوس ٿيندو آهي ته شاعري، نثر جي مياڻ ۾ پيل اُها تلوار آهي جنهن کي ڪڏهن به وقت جو زنگ نه ٿو لڳي سگهي. نثر جي مياڻ ازل کان شاعريءَ جي تلوار کي پاڻ ۾ سانڍيندي سندس تکين ڌارن جو تحفظ ڪيو آهي. نثر، لفظ لفظ، جُملا جُملا، سِٽون سِٽون سِرجي شعور جي سگهاري سفر کي نوان نوان پيچرا توڙي رستا ڏئي مقصدن ۽ معنائن جا ماڳ تخليق ڪري ڏيندو آهي.
ٽي. ايس. ايليٽ چواڻي ته، ”شاعري، نثر سان مُشابهت به رکندڙ هُجي ته اُن ۾ هلندڙ وقت جي ٻوليءَ جو عڪس به سدا جَرڪندو رهي. “
نثر جڏهن روايتي، وَرجهاءُ ۽ محدودپڻي مان نِڪرندو آهي ته اُن نثر جي نفيس چال نديءَ جي ور وڪڙ وهڪرن نُما روح جي روانيءَ جيان اظهار جون انوکيون لهرون پيدا ڪري دلين جي اُڃايل ڪنڌين کي پنهنجن ڀاڪرن ۾ ڀَري ڇڏيندي آهي. ته دل ۽ دماغ جي ڌرتي تي شعور جا تازا ۽ اُجرا سِلا ڦُٽي پوندا آهن. ۽ خيالن توڙي ڪيفيتن تي ساوڪ جي سونهن جو احساس ڇانئجي ويندو آهي.
بخشل باغي
نواب شاهه، سنڌ