ڏور ڏَئي ويا ڏُک جي
گارشيا مارڪيز چواڻي ته”لکڻ هڪ لذت به آهي ته اذيت به. وقت گذرڻ سان گڏ لکڻ جو عمل تڪليف ڏيندڙ ٿي پيو آهي. اصل ۾ اوهان کي ذميواريءَ جي احساس جي شدت ٿيندي رهي ٿي. خالي صفحو، ساھ مُنجهڻ کان پوءِ، منهنجي لاءِ سڀ کان ڍيڄاريندڙ شيءِ آهي. مان سمجهان ٿو ته ٻين اديبن لاءِ ڪتاب جو جنم ڪنهن خيال يا تصور سان ٿيندو هوندو، پر منهنجي لاءِ هر تحرير ڪنهن نظر ايندڙ منظر يا ڏيک مان جنم وٺندي آهي. مون کي ”فينٽسي“ کان نفرت آهي. ڇوته مان تخيل کي حقيقت جو ذريعو سمجهندو آهيان. ۽ تخليق جو سرچشمو آخري لفظن ۾ حقيقت ئي آهي. “اڳتي گارشيا مارڪيز لکي ٿو ته”منهنجي خيال ۾ ته هر ناول حقيقت جي هڪ شاعراڻي ڦير گهير آهي. ان مان هي مراد آهي ته ناول خفيه ڪوڊ ۾ بيان ڪيل حقيقت آهي. دنيا جي متعلق هڪڙي ڳجهارت آهي. ناول ۾ توهان حقيقت سان مُنهان مُنهن هوندا آهيو. اها اصل ۾ زندگيءَ جي حقيقيت کان مختلف هوندي آهي. “اهڙين دل آويز ڳالهين جي سفر ۾ منهنجي ذهن تي نوي وارو ڏهاڪو تري اچي ٿو ته هڪ نانءُ ڪهاڻيڪارہ طور بانو محبوب جوکيو جو پنهنجي ادبي حيثيت سان نمودار ٿيڻ لڳي ٿو۔۽ مون کي چڱي طرح ياد اچي ٿو ته ان دور ۾ ادبي رسالن ۾ سندس جيڪي به ڪهاڻيون اُن وقت مُختلف عُنوان سان ڇپيون هُيون۔اهي هاڻ ٻهَ هزار ويهه ۾ وقت ۽ حالتن جو تخليقي سفر ڪندي اچي هڪ ناول جي شڪل ۾ ظاهر ٿي وينديون۔جنهن ناول جي ناوَ دل جي ڪناري کان ڪنهن وڇوڙي جي جزيري تائين اُڻجڻ ۾ ليکڪا جي روح کي اهڙو ته جهنجهوڙي ڇڏيندي جو جڏهن اُن ناول جي لفظن جي دنيا ۾ داخل ٿبو ته پوءِ هڪ حساس پڙهندڙ لاءِ اُتان واپسي محال بڻجي پوندي۔
بانو محبوب جوکيو جو پهريون ناول”اَڏ ڏُکوئي آهيان“هڪ مڊل ڪلاس گهراڻي جي ڪهاڻي آهي۔جنهن ۾ زمان ۽ مڪان توڙي ڪردارن جي بيھڪ يا انهن جي هڪ ٻئي سان ڳالهه ٻولهه کي وڏي ترتيب سان سهيڙيو ويو آهي۔جيئن ڪو موسيقار شاعريءَ جي لفظن کي سُرن جي رنگن سان تصوراتي تصوير ۾ تبديل ڪري هڪ پُرسوز سَمفني کي ڪمپوز ڪندو آهي۔جيڪا سماعتن ۾ پُهچي پٿر دلين کي به مُتحرڪ ڪري ڇڏيندي آهي۔بلڪل ايئن ئي هي ناول به ڪا وڇوڙي جي درد جي اهڙي رڙ آهي جيڪا رڳ رڳ ۾ هڪ روڳ کي جنمي وجهي ٿي۔
هي ناول وڏي سادگيءَ ۽ مهارت سان ائين ته تخليق ڪيو ويو آهي جو اُن جي رواني ۾ ڪٿي به جهول يا رُڪاوٽ ڪونه ٿي محسوس ٿئي۔ناول پنهنجي فطري انداز ۾ شروع ٿي پڄاڻيءَ تي پُهچي هڪ زلزلي ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو ته پڙهندڙ جو اندر به ڌُڏي وڃي ٿو۔هن ناول جي هڪڙي خصوصيت اِها به آهي ته هي ناول پنهنجي پاڻ ۾ هڪ ننڍڙي دنيا رکندي به لامحدود محسوس ٿئي ٿو۔سون تي سُھاڳو اِهو به آهي جو هن ناول ۾ لوڪ ڏاهپ سان گڏ لطيفي گيڙو رنگت جو رچاءُ اهڙيءَ طرح ته رچايو ويو آهي جو هي ناول هڪ معصوم محبت جو حَسين پورٽريٽ بڻجي پوي ٿو۔
اصل ۾ هي ناول ڪُجهه اُن انداز سان اُجاڳر ٿئي ٿو ته ڄڻ ليکڪا ديوانگيءَ جي حالت ۾ پاڻ سان بي ساخته خود ڪلامي ڪندي هي ناول تخليق ڪري وڌو آهي۔ٻن گهرن جي مُختصر مُفاصلي کي وڏي فنائتي نموني آسمانن جيڏي وسعت بخشڻ هر ليکڪ جي وس ۾ نه هوندي آهي۔سچ ته هي ناول پڙهندي تمام گهڻو وقت اڳ ۾ ڪلا پرڪاش جو بهترين ناول ”وقت، وٿيون، وڇوٽيون“
مون کي ياد اچي وڃي ٿو۔جنهن ۾ هڪ ڪردار فليٽ ۾ گهر جي دريءَ مان بمبيءَ جي آسمان تي بادلن مان وسندڙ بوندن کي ڏسندي پنهنجين يادن ۾ کوئجي هڪ اَڇوتي ڪيفيت پڙهندڙ تي طاري ڪري اُداس ڪري ڇڏي ٿو۔۔بلڪل ايئن بانو محبوب جي هن ناول جي حياء ۽ ملھار جي معصوم محبت به دل کي هڪ عجيب ڪشمڪش ۾ مُبتلا ڪري ڇڏي ٿي۔۽ ٻين ڪردارن جي ڪردار نگاري خيال جي خاڪ مان نڪري حقيقت جو روپ ڌاريندي ڀاسجي ٿي۔ناول جي ماضيءَ سان شروعات ٿي ڳالهين ئي ڳالهين ۾ آرٽسٽڪ انداز سان فليش بيئڪ ۾ هلي وڃي ٿي ۽ وري وڏي هُنر مَنديءَ سان ماضيءَ مان حال ۾ تحليل ٿي پڙهندڙ کي پڙھڻ جي سحر مان ڇرڪائي حقيقت جي تلخيءَ کي ڪيفيتن ۾ ملائي ڇڏي ٿي ته اکيون نمڪين بڻجي درد جي بيابان ۾ ڀٽڪي وڃن ٿيون ۽ دل ديوانگيءَ جي دانهن بڻجي وڃي ٿي۔
ڇو ته”ڌرتي پير تپائيندي آهي، ڌرتي پيرن مان کسڪي ويندي آهي. ڌرتي ڦاٽڻ تي به ڪڏهن ڪڏهن دل چوندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن ڌرتي سوڙهي به ٿي پوندي آهي۔۽ پري به ڌرتي ڪڏهن ڌڪيندي آهي۔۔۔۔اهو ٻُڌو به آهي ۽ کوڙ دفعا اُهو محسوس به ڪيو آهي۔۔۔پر ڇا ڌرتي پير به پَڪڙيندي آهي؟اها خبر مون کي هاڻي پئي آهي!“
اردوءَ جي نامياري شاعره سارا شگفته به امرتا پريتم ڏانهن لکيل خطن”ايڪ ٿي سارا“۾ ڪٿي لکيو آهي ته”يي زمين دوڙني ڪي ليئي ڪتني بڙي هي۔پر رهني ڪي ليئي ڪتني ڇوٽي“
ڪڏهن ڪڏهن ڌرتيءَ جي وسعت ننڍڙي ڀاسندي آهي ته ڪڏهن وري ان جو ڦھلاءُ ننڍڙو لڳندو آهي۔اهي عشق جي انتهائن جو ٻهَ ڪيفيتون آهن۔جيڪي هڪ تخليقڪار کي هر پهلوءَ ڏانهن گهرائيءَ ۾ ڏسڻ جي سگهه عطا ڪنديون آهن۔
هي ناول بنا حصن ۾ ورهائڻ جي مُسلسل رواني سان لکيل هڪ دل آويز ناول آهي۔
هي ناول هوريان هوريان اکين ۾ دونهين جيان دُکندو آخر ۾ دل اندر هڪ اھڙي مَچ ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو جنهن ۾ جلڻ کان سواءِ پڙهندڙ لاءِ ٻيو ڪو چارو ئي نه ٿو رهي۔مون محسوس ڪيو آهي ته سنڌي ناول توڙي ڪهاڻيءَ جي دنيا يا اُن جي ٽريٽمينٽ ڪنهن طور تي به عالمي سطع کان گهٽ ناهي۔ڇو ته هاڻ دنيا ڳنڍجي هڪ نُقطي ۾ سَمائجي چُڪي آهي۔۽ سڄي دنيا جا ليکڪ ڄڻ هڪ ئي گهر جا ڀاتي بڻجي پيا آهن۔پنهنجن مُختلف رنگن ۽ روپن سان۔۽ سچ ته هن ناول جي گهريلو زندگيءَ جي هڪ سادي سودي ڪهاڻيءَ کي ليکڪا پنهنجي فني مهارت سان جيڪا اهميت ۽ افاديت بخشي آهي۔اها به سندس سالن جي تخليقي تپسيا جو ڪمال ئي چئي سگهجي ٿي۔
بانو محبوب جوکيو”اڌ ڏکوئي آهيان“۾ هروڀرو اجائي فينٽسي جي ڀرمار نه ڪئي آهي۔بلڪ بي ساخته انداز ۾ هن حقيقتن کي پنهنجي نموني سحر انگيزيءَ سان تخليق ڪيو آهي۔
اڄ جڏهن سنڌيءَ ۾ ناول لکجڻ جو دور شروع ٿيو آهي ته ان وقت اهڙي پُختي ناول جو سرجڻ سچ ته سنڌي ادب لاءِ هڪ سڀاويڪ ڳالهه آهي۔توڙي جو بانو محبوب جو هي ناول آتم ڪٿائي انداز ۾ تحرير ٿيل آهي پر پوءِ به هن ناول ۾ آرٽ ۽ ڪرافٽ، ٻولي توڙي مختلف وقتن تي ٺهڪندڙ چوڻيون، شاھ جا بيت ناول جي ڪردارن جي اظهار کي وڌيڪ پُختو، دلچسپ ۽ بامعنيٰ بڻائين ٿا۔مون پنهنجي زندگيءَ ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيترن جن به ناولن کي هڪ ئي ويهڪ ۾ پڙهي پورو ڪيو آهي اُنهن ۾ بانو محبوب جوکيو جو هي ناول به شامل آهي۔ڇو ته هن ناول ۾ پيار، محبت، سادگي، چالاڪي، ننڍپڻ کان ماءُ کان مليل نفرت، ڌاريائپ ۽ پنهنجائپ جي ڏک ۽ خوشي جا رنگ جن ۾ وڇوڙي جا وَرلاپ سڀني رنگينين کي سُرمئي رنگ ۾ تبديل ڪري ڇڏين ٿا، موجود آهن۔جن جي پينٽنگ ڪنهن مصور جيان دل جي بُرش سان ڪيل محسوس ٿئي ٿي۔پهاڙن جيڏي ڏُکي جياپي جي پنڌ هوندي به ويڙهچن سان ڪيل وَچن ڪڏهن به هيڻو نٿو ٿئي ۽ اَمر محبت خوابن جا پَنک ماڻي اُڏامي اچي پنهنجي پيار جي ڀَرم کي جيئاري ٿي۔ته ناول ڪنهن وڇوڙي جي سدا حيات گيت ۾ تحليل ٿي وڃي ٿو۔۔۔روح جي گهراين تائين، ڪيفيتن جي ڪهڪشائن تائين ڀٽائي پڙاڏا بڻجي گونجي وڃي ٿو ته،
ڪُنڍي ڪَلين وچ ۾، جڏهن هَنيائون،
موت نه ماريائون، ڏَور ڏَئي ويا ڏُک جي.