صديءَ جو سفرڪندڙ ڪهاڻيڪار
چيخوف، شايد طارق قُريشيءَ جهڙن ڪهاڻيڪارن جي ڪهاڻين لاءِ ئي چيو هو ته“ڪهاڻي ايئن آهي جيئن اُوندھ ۾ تيلي ٻاري روشني ڪجي. ”
۽ اهو به سچ آهي ته طارق قُريشيءَ جون ڪهاڻيون روشنيءَ جي حسين علامت آهن. گهري اُونداهي رات ۾ کير ڌارا جي روشني جيئن مُسافر کي منزل جو ڏس پتو ڏيندڙ، رهنمائي ڪندڙ اهڙيون ته سنگِ ميل آهن جيڪي ڏيئا ڏيئا لاٽ بڻجي هاريل هانءُ لاءِ اُتساھ بڻجي پون ٿيون. هي اُها علامت آهي جيڪا روايت کان بغاوت ۽ جدت جي حفاظت جو اعلان ڪري ٿي.
طارق قُريشي، جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جو اُهو ڪهاڻيڪار آهي جيڪو حال ۾ ويهي، مُستقبل ۾“صديءَ جو سفر”ڪري پنهنجي فنڪارانه تصور جي سگهه سان هڪ نئين سنڌ اَڏڻ جوساهس رکي ٿو. نه رڳو ايترو پر هُو دُور ماضيءَ ۾ وڃي“آسمان ڇا ٿو چئي” جهڙي شاهڪار ڪهاڻي لکي پنهنجي ديس سان محبت جو اعليٰ ثبوت پڻ ڏئي ٿو. جيڪا قصاگوئيءَ جي انداز ۾جديد ڪهاڻيءَ جو بهترين حوالو آهي. جنهن ۾ مُستقبل جي خطرن کان آگاهيءَ جو انداز پڙهندڙ جي روح کي پنهنجي تخليقي قوت سان پاڻ ۾ جڪڙي ڇڏي ٿو. ۽ ٻن تهذيبن جي عظيم تاريخ سان روشناس ڪرائيندي، حيران ڪري ڇڏي ٿو.
“آسمان ڇا ٿو چئي”جي بيهڪ، سِٽاءُ ۽ تسلسل فن جا مُنفرد نمونا آهن. جن ڪهاڻيءَ جو معيار عالمي سطح جو بڻائي ڇڏيو آهي. هِن ڪهاڻيءَ جي ڪردارن جون فڪر انگيزڳالهيون، منظر توڙي ماحول دل ۾ پيهي ويندڙ آهن. منهنجي خيال ۾ هن ڪهاڻيءَ تان اگر طارق قُريشيءَ جو نالو هٽائي، اُن جي جاءِ تي گارشيا مارڪيز، هيمنگوي، پائلو ڪولهو يا نجيب محفوظ جا نالا لکجن ته هي ڪهاڻي اُنهن جي ڀاسندي. ۽ ايئن لڳندو ته طارق هي ڪهاڻي ڄڻ ترجمو ڪئي آهي. هُونءَ به طارق قُريشي سينيئر ٽهيءَ جو هڪ مُنفرد ۽ نرالو ڪهاڻيڪار آهي. جنهن جي ڪهاڻين جا موضوع يگانه ۽ اَڇوتا هوندا آهن. اُنهن جي ٽريٽمينٽ جو انداز، اعليٰ ڪرفٽ جو ڪرشمو، سندس ڪهاڻين جي ڪردارن ۾ هڪ ڀرپور زندگي اُڀاري وجهندو آهي.
طارق قُريشيءَ جي ڪهاڻيڪار اک، ڪا عام اک ناهي پر اها ظاهري ٻِن اکين کان وڌيڪ گهري، سُچيت، سُجاڳ ۽ روشن روشن “ٽين اک” آهي. جيڪا سماجي روڳن جي وڍ ٽُڪ، ڪنهن ماهر سرجن جيان بنهه باريڪ بينيءَ ۽ نفاست سان ڪري، مَنجهس موجود اُوڻاين کان آگاھ ڪري اُنهن کان بچاءُ لاءِ حل پڻ مُهيا ڪندي آهي. هُونءَ به هڪ ڪهاڻيڪار جو سماج لاءِ نبض شناس هُجڻ تمام ضروري آهي. جيڪو اُن جي هر چُر پُر تي پنهنجي نگاھ هر وقت رکندو هجي.
طارق قُريشي به هڪ مسيحا ڪهاڻيڪار آهي. جنهن جون ڪهاڻيون خلائن ۾ لٽڪڻ بجاءِ پنهنجي ڌرتيءَ جي جيوت سان همڪنار ٿي پنهنجا مضبوط قدم کڻندي ماضي، حال ۽ مُستقبل جو سُهانو سفر ڪن ٿيون.
مان اڪثر طارق قُريشيءَ جون ڪهاڻيون پڙهي ڪري سوچيندو آهيان ته هي ڪهاڻيڪار پنهنجي من ۾ مُختلف موضوعن جي دنيا سجائي، اُنهن جي اعليٰ اُڻت ڪري، لفظن کي پُرمعنيٰ منظر توڙي پس منظر ڏئي هڪ اهڙي ته ڪائنات تخليق ڪري وجهندو آهي جواُنهن کي پڙهندي، لفظ لفظ جي ڏاڪي تي چڙهندي“اپريزل”جي دنيا ۾ پهچيو وڃي. جتي ليکڪ معاشرتي مسئلن کي سُلجهائيندي سُلجهائيندي، خود به اُنهن وارتائن جي ور چڙهي وڃي ٿو. ۽ پنهنجي ذات تي به آڱر کڻندي يا پاڻ کي به سچ چوڻ کان ڪين ٿو ڪيٻائي. ۽ پوءِ اهڙي ڪلائميڪس جي ڇرڪائيندڙ ڪلا حيرتن جي جهانن ۾ تحليل ڪري ڇڏي ٿي. طارق قُريشي رڳو تصور جي دنيا جو ڪهاڻيڪار ناهي پر هُن جي ڪهاڻين ۾ تجربن جي ڀٽڪنا ڀرپور نموني سان محسوس ٿئي ٿي. مطالعي ۽ مُشاهدي جي گهرائي، فڪر ۽ فهم جي فراست هُن جي ڪهاڻين ۾ جابجا نظر اچي ٿي
30/11/2018