خودڪشيءَ جي نوٽ تي دستخط
سارتر، ڪافڪا، ڪاميو، گورڪي، ٽالسٽاءِ، هيمنگوي، گارشيا مارڪيز، چارلس ڊڪنز، ايوان ترگنيف، آسڪر وائلڊ، لرمنتوف، موپسان، وڪٽر هيوگو، بورخيس، اوهينري، چيخوف، هرمن هيس، ارنستو سباتو، ميلان ڪنڊيرا، پائلو ڪولهو، نجيب محفوظ، اَرون ڌَتي راءِ ۽ ٻيا ڪجهه ليکڪ پنهنجين ناولن ۽ ڪهاڻين ذريعي پڙهندڙن جي دلين ۽ دماغن کي سيراب ڪندا رهيا آهن. اهڙن ليکڪن ۾ فڪشن جو هڪ اهم نانءُالبرٽ ڪاميو پڻ فڪشن جي دنيا ۾ وڏي حيثيت رکي ٿو.
”البرٽ ڪاميو فرانسيسي ادب ۾ موجوديت ۽ نامعقوليت جي نظرياتي تشريح ۾ هڪ اهم نالو آهي. جنهن انساني فطرت جون ڪيتريون ئي ڳُجهيون ڪيفيتون وڏي مهارت سان ظاهر ڪيون آهي. “هُن جا دلچسپ موضوع، اخلاقيات، انسانيت، انصاف، سياست ۽خودڪشي رهيا آهن. جن جو اثر سندس لکڻين تي پڻ ملي ٿو.
البرٽ ڪاميو جو ناول”خوشگوار موت“ جيڪو اَبابيل سٿ جي دوستن احمد شاڪر ۽ رحمت سومري جي گڏيل ادبي پورهيي”ابابيل“4 جي روپ ۾ شاعر دوست عرفان لُنڊ جي سنڌي ترجمي سان پڙهڻ لاءِ مليو آهي. هونءَ ته هِن جڳ مشهور ويڳاڻپ ۽ وجوديت جي ليکڪ جا اڳ به ٽي ناول”زوال“، ”پليگ“ ۽ ”ڌاريو“ پڙهي چُڪو آهيان۔جن جو تخليقي، فني۽ فلسفياڻو اثر ذهن تي اڄ به موجود آهي۔
”البرٽ ڪاميو(البرٽ ڪيمس) الجيريا جي منڊووي شهر ۾ 7 نومبر1913ع تي پنهنجي پيءُ لوسين جي گهر ۾ جنم ورتو۔جيڪو هڪ هاري هُئڻ سان گڏ فرينچ نَسُل مان هو۔ڪاميو جا وڏڙا 1879ع واري فرانس جي هار پُڄاڻان، لَڏي اچي الجيريا ۾ رهڻ لڳا هئا. ڪاميو جي امڙ ڪئٿرائين سنتيس اسپيني نسل مان هئي. ڪاميو ميٽرو پوليٽن فرانس ۾ پُهچي اخبار نويسيءَ جو ڌنڌو اپنائڻ کان اڳ، پنهنجو ٻاروتڻ اُتر آفريڪا ۾ گُذاريو هو. جتي ڪاميو فوٽ بال راند کيڏڻ ۽ تَرڻ جي شوق سان گڏوگڏ کوڙ ساريون نوڪريون پڻ ڪيون.
هُن1934ع ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ ۾ شموليت اختيار ڪئي. پر پوءِ جڏهن 1940ع ۾ جرمنيءَ، فرانس تي قابض ٿيو ته ڪاميو ڪميونسٽ پارٽيءَ کي ڇڏي1941ع ۾ مَزاحمتي تحريڪ ۾ شامل ٿي ويو ۽ 1944ع ۾ مُخفي اخبار ”ڪومبيٽ“، (مقابلو ڪرڻ يا وڙھڻ)جو ايڊيٽر ٿيو. جنگ شروع ٿيڻ کان پَهرين 1939ع ۾ هڪ ناٽڪ”ڪيلي گولا“ ۽ جنگ هلندي ٻَه ٻيا ڪتابَ جنهن ۾ هڪ ناول”اسٽرينجر“يا”آئوٽ سائيڊر“، (ڌاريو يااجنبي) ۽ 1942ع ۾”لي مِٿ ڊي سسيفز“(دي مِٿ آف سسيفز)”نظرياتي مضمون“لکيائين. جن جي ڪري ڪاميو کي وڏي مَڃتا ملي. 1954ع ڌاري جڏهن الجيريا ۾ ويڙھ شروع ٿي ته ڪاميو ڪنهن به ڌُر جي حمايت ۾ ڪو به بيان نه ڏنو. پر 1956ع ۾ ويڙھ کي ختم ڪرڻ جي اپيل ڪيائين، جيڪا 1958ع۾”الجيرين-ڪرونائيگيس- الجرينيس“(الجيرين ڪرونائيڪلس)۾ ورجايائين.
”ڪاميو يورپي-الجيريائي هُئڻ جي حيثيت سان، جنهن جي ماءُ ۽ ڀاءُ اڃان الجيريا ۾ رهيل هئا، فرانس جي کاٻي ڌُر جي انهن ميمبرن جي حمايت نه ڪئي، جن عرب باغين جي مُڪمل طور تي حمايت ٿي ڪئي. پر کاٻي ڌُر جي حمايتي هئڻ جي ڪري، جيئن1930ع ۽ وري 1945ع دوران الجيريائي عربن جي مُخالفت ۾ فرينچ رويي جي خلاف احتجاج ڪيو هئائين، تيئن الجيريائي فرانس جي انتها پسند حمايتن جي حمايت ڪرڻ کان پاسو ڪيائين. پَڇاڙيءَ ۾ صحافت ۽ سياست کان پاسيرو ٿي، ڪاميو پنهنجو سمورو وقت ڪتابن لکڻ ۾ گذارڻ لڳو، ”دَي پليگ“(لا پيسٽ)(طاعون-1947ع)(اسٽيج آف سِيج)”لي اسٽاٽ ڊي سِيج“(آقا جي درٻار-ناٽڪ 1949ع)، ”ليس جسٽيس“(مُناسب)، ”دي ربيل“، ”لي هوميرِوولٽ“، (بغاوت) سياسي فلسفو:1952ع)، (دي فال)”لا چيُوٽ“، (زوال) ناول 1956ع“، 1957ع ۾ ڪهاڻيون (ايگزائيل اينڊ ڪنگڊم)”لي ايگزائل ايٽ لي روئيوم“(جلاوطني ۽ بادشاهي)، (ريزسٽنس، ربيلن اينڊ ڊيٿ)، (رُڪاوٽ، بغاوت ۽ موت)نظرياتي مضمون، ”42-1935ع(ڪارنيٽس) (نظرياتي مضمون)، جيڪي دوستو وسڪيءَ جي ناول تان کنيل(پزيزڊ) ”قبضي ۾ يا قابض“(ناٽڪ:1959ع)۽ ٻين ڪيترن ئي تحريرن جي ڪري ڪاميو کي ايڏي وڏي مَڃتا حاصل ٿي.
ڪاميو پنهنجي لکڻين ۾”ايبسرڊٽي اينڊ ايگزسٽينشلزم“(تِڇ پِڻو ۽ وجوديت) جي نظريئي کي پيش ڪرڻ جي ڪري اهميت حاصل ڪئي. جنهن ۾ هُو اڄوڪي انسان جي اندر جي پيڙا ۽ ذهني ڇڪتاڻ کي سليندو نظر اچي ٿو. ڪاميو کي ادبي مهانتا جي مڃتا طور 1957ع ۾ ادب جي نوبل انعام سان نوازيو ويو. اُهو انعام فرانس ۾ جن به حاصل ڪيو آهي ڪاميو، اُنهن سڀني کان عمر ۾ ننڍو هو. 1930ع کان ڪاميو سِلهه جي بيماريءَ ۾ ورتل هو ۽ مَٿس مختلف وقتن تي اُن جو حملو ٿيندو رهيس. پر نيٺ ڪاميو 4 جنوري 1960ع تي ڪار جي هڪ حادثي ۾ گُذاري ويو. سندس وفات کان پوءِ 1970ع ۾ ڪاميو جو هڪ ناول”دي هيپي ڊيٿ“(خوشگوار موت)شايع ٿيو جيڪو هُن، مَرڻ کان اڳ ۾ ئي مُڪمل ڪري ورتو هو. “، اُن ناول جو سنڌي ۾ ترجمو عرفان لُنڊ ڪيو آهي۔
”دي پليگ/طاعون“ڪاميو جو اهم ترين ناول آهي. هي ناول فلاسافيڪل انداز ۾ علامت نگاريءَ جو هڪ اعليٰ مثال آهي. جنهن فڪشن جي ليکڪ جي حيثيت سان ڪاميو کي شهرت جي بُلندين تي پهچائي ڇڏيو. ناول جي وسيع تَر دنيا اُن جا ڪيئي ڪردار، طاعون جي انڌا ڌُنڌ موت ڦھلائيندڙ بيماري جو هانءُ ڏهڪائي ڇڏيندڙ خوف، ڊاڪٽر، نرسون ۽ مرندڙ ماڻهن جي وچ ۾ هوندي به هڪ اُميد ۽ حوصلي سان ناول جو اهم ڪردار جيڪو ايمبولنس هلائي ٿو، ۽ مريضن کي اسپتال ڀيڙو ڪري ٿو. سو ڀرپور نموني سان اُن سڄي صورتحال ۾ مُتحرڪ رهي ٿو. ڪاميو ٻين عالمي جنگ ۽ طاعون کي علامت نگاريءَ جي اعليٰ اسلوب ۾ تخليق ڪري هڪ ادبي شاهڪار تخليق ڪيو آهي۔جنهن ناول مان ڪيترائي سوال ڪَرَ موڙي جاڳي پَون ٿا. ڪاميو جي هڪ ليکڪ هئڻ جي ناتي اِها وڏي خوبي آهي جو طاعون توڙي عالمي مهاڀاري لڙاين جي ڪري پيدا ٿيل خطرناڪ حالتن ۾ به ڀرپور سگهه ۽ اميد سان مُنهن مُقابل ٿيڻ جو جيڪو درس يا نظريو ڏئي ٿو اهو سندس تخليقي انداز کي آرٽسٽڪ عروج بخشي ٿو۔
”ڪاميو جي ناول”خوشگوار موت“جي پهرين باب ۾ ناول جو اهم ڪردار پيٽرس مرسان هڪ ٻي ڪردار منڊڙي زيگريولا ڏانهن ويندي ڏيکاريو وڃي ٿو.
اپريل جي خوشگوار صبح جو ڏور پهاڙي تي صنوبر جي وڻن مان سج جي روشني ٽُڪرن ۾ جِهلملائيندي رهي ٿي۔
بنگلي جي ڀر سان سَڙڪ تي هڪ خوبصورت ننڍڙو چوراهو، جنهن جي چوڌاري ڦلواڙيون، ويهڻ لاءِ ڪاٺ جون بينچون. رنگبرنگي ٽڙيل گل، کليل آسمان هيٺ هڪ خوشگوار منظر جوڙين ٿا. مرسان بنگلي ڀرسان پهچي ڪجهه پل بيهي، پنهنجن هٿن تي دستانا پائي ٻيڪڙيل دروازو کولي اندر داخل ٿي وڃي ٿو۔جيڪو در منڊڙو زيگريولا ڪڏهن به بند نه ڪندو آهي. زيگريولا بلڪل ساڳيءَ طرح آتش دان جي ويجهو ڪرسيءَ تي ويٺل آهي، جهڙيءَ طرح ٻه ڏينهن اڳ پيٽرس مرسان زيگريولا کي ڇڏي ويو هو۔مرسان جي دل تيز ڌڙڪڻ لڳي ٿي، کيس پنهنجون ٽنگون پڻ ڏڪندي محسوس ٿينس ٿيون، مرسان ميز جو خانو کولي ٿو، جنهن ۾ هڪ پستول، اَڇي لفافي مٿان پيل آهي، لفافي ۾ ڪاغذ جي پَني تي زيگريولا جي هٿ اکرن ۾ لکيل آهي، ”آئون رڳو اُنهن ماڻهن کي ڏيڻ لاءِ ڪجهه ڪري رهيو آهيان جن هيل تائين منهنجو خيال رکيو آهي، جيڪڏهن ڪجهه بچي وڃي ته مهرباني ڪري اُنهن ماڻهن لاءِ استعمال ڪيو وڃي جيڪي قيد ۾ آهن، پر مون کي لڳي ٿو ته آئون ڪجهه وڌيڪ ئي اُميد ڪري ويٺو آهيان. “نيٺ پيٽرس مرسان پنهنجون اکيون بند ڪري هڪ وک پوئتي ٿي پستول جي لبلبي کي دٻائي ڇڏي ٿو. “
پهرين باب ۾ پيش آيل واقعو سڄي ناول ۾ هيرو جو سموري زندگي پاڇي وانگر پيڇو ڪري ٿو ۽ کيس نفسياتي طور تي منتشر ڪندو رهي ٿو.
”ٻين باب ۾ پيٽر مرسان خاموشيءَ سان بي حس ۽ حرڪت رت ڏسي رهيو آهي، مرسان جي آفيس جو هڪ ڪلارڪ ايمائنول هُن کي ٻانهن کان وٺي لوڏي ٿو ۽ تيز ايندڙ ٽرڪ کان کيس بچائيندي زوردار ڌڪو ڏئي ٿو. ٽرڪ جي رفتار گهٽجڻ سان هُو ٻئي ڄڻا ٽرڪ ۾ چڙهي پَون ٿا۔۽ پنهنجي مخصوص هنڌ تي پهچندي ئي لهي وڃن ٿا، هُو ڊي يارنهن روڊ تي هڪ ٻئي پٺيان هلندا رهن ٿا، پيٽرس مرسان، ايمائنول جي ڀيٽ ۾ ڊگهي قد ۽ ڀريل بت سان آهي. هُو گُهمندي گُهمندي پنهنجي پسند جي ريسٽورنٽ ۾ داخل ٿين ٿا، جنهن جو مالڪ سليسٽي، وڏن مُڇن سان هڪ قدآور شخص آهي. جيڪو ايمائنول کي ”پوڙها ماڻهو“چئي مُخاطب ٿيندي چئي ٿو ته”صحيح معنيٰ ۾ ماڻهو ٿيڻ لاءِ پنجاھ سالن جو هُجڻ ضروري آهي. “
ايئن پيٽرس مرسان ريسٽورنٽ مان نڪري پنهنجي فليٽ تي اچي ٿو، هُو جنهن ڪمري ۾ اچي سُمهي ٿو اُهو ڪڏهن سندس ماءُ جو هوندو هو، ٽن ڪمرن واري فليٽ ۾ هُو هڪ ڪمري ۾ اڪليو رهي ٿو، جڏهن ته ٻَه ڪمرا هُن پنهنجي سُڃاڻ کي مسواڙ تي ڏئي ڇڏيا آهن، جيڪو اسلحه ساز آهي ۽ پنهنجي ڀيڻ سان گڏ رهي ٿو، مرسان جي ماءُ جي وفات وقت، مرسان جي عمر لڳ ڀڳ سورنهن سال هئي، هُن جي ماءُ ڏاڍي خوبصورت هئي، ۽ زندگيءَ جو مَزو ماڻيندي جڏهن هوءَ چاليهن سالن جي ٿي ته هُن کي شگر جي بيماري ٿي پئي جنهن هن جي چهري جي تازگي ختم ڪري ڇڏي، پر هاڻي غربت ۽ اڪيلائي مرسان کي ڏنگڻ لڳا آهن، جڏهن هُو پنهنجي ماءُ بابت سوچيندو آهي ته هُن کي پاڻ تي رحم اچي ويندو آهي، هُو سُٺي ۽ شاندار زندگي گُذاري سگهيو پئي پر مرسان پنهنجي ننڍڙي فليٽ ۾ غربت هاڻي زندگيءَسان لاڳاپيل آهي. “
”باب ٽيئن ۾ هُو ڪلاڪن جا ڪلاڪ پنهنجي اڪيلائي ۽ جذباتي چيڙاڪ طبيعت ۾ ٻُڏل رهي ٿو، هُو تڪڙ ۾ وارن کي ڦڻي ڏئي، جلدي ۾ هيٺ لهي هڪ ٽرام ۾ چڙهي ٿو، منجهند جو دفتر ۾ هُو هڪ وڏي ڪمري ۾ ڪم ڪري رهيو آهي، جتي چوطرف ڀتين ۾ چار سئو کان وڌيڪ خانا ٺهيل آهن، جن ۾ جهازن جي آمد ۽ روانگي واري سامان وغيره جو حساب ڪتاب ۽ جهاز جي آمد ۽ رفت جا ضروري ڪاغذ رکيا وڃن ٿا، اُن ريڪارڊ واري دفتر ۾ هُن سان گڏ ٽي عورتون به ڪم ڪن ٿيون، هڪڙي وڻندڙ چهري واري، جنهن جي تازو ئي شادي ٿي آهي، ٻي اڃان ڪنواري آهي ۽ پنهنجي ماءُ سان گڏ رهي ٿي ۽ ٽين پَڪي عمر ۽ مَضبوط خيالن واري مائي آهي، اڳتي هلي هڪ هنڌ هي ڏيک اُڀري ٿو ته جڏهن به مرسان، مارٿا جي هٿ ۾ هٿ ڏئي بازار ۾ گُهمي ٿو ته مارٿا جي چهري تي پوندڙ ۽جِهلملائيندڙ روشني هُن کي ڏاڍي حسين لڳي ٿي، مارٿا کان پهرين مرسان جڏهن به ڪنهن عورت سان گڏ وقت گُذاريو ۽ هُن کي خوش ڀانيو ته مرسان جي ذهن ۾ اها ڳالهه واضع ٿي وئي ته”محبت ۽ جسماني ميلاپ جو اظهار گڏ ٿيڻ گُهرجي“، پر مارٿا سان هُن جي مُلاقات اُن وقت ٿي جڏهن هُوءَ هر شيءِ مان ايستائين جو هُو پنهنجو پاڻ مان به بيزار ٿي چُڪو هو، آزادي ۽ خود مُختياري جي خواهش اُن شخص ۾ پيدا ٿيندي آهي جيڪو پنهنجي زندگيءَ مان پُراُميد هوندو آهي، آخر ڪار مرسان، مارٿا کان سندس چاهيندڙن مُتعلق پُڇي ٿو، ۽ مارٿا پنهنجن چاهيندڙن جو انگ ڏھ ٻُڌائي ٿي، هُو سگريٽ دُکائيندي مارٿا کان پُڇي ٿو ته ڇا مان اُنهن کي سُڃاڻان ٿو؟۽ مارٿا وراڻي ٿي ته ڪِن کي تون سُڃاڻين ٿو جيڪي هِتان ويجهو ئي رهندڙ آهن، مرسان، مارٿا کان واعدو ٿو وٺي ته تون اُنهن سڀنيءَ جا نالا مون کي ٻُڌائيندينءَ ۽ جيڪڏهن اُهي ڪٿي رستي ۾ ملي به وڃن ته اُهي مون کي ڏيکاريندينءَ، جن کي مان نالي سان نه سڃاڻيندو آهيان، هوءَ سمجهي رهي هئي ۽ تعجب جي ڳالهه هئي ته هُن، اُنهن جا نالا به ٻُڌايا، ۽ اُنهن نالن ۾ رڳو هڪڙو نالو هو جنهن کي مرسان نه سُڃاڻيندو هو، هُن جيڪو آخري نالو ورتو مرسان اُن کي سُڃاڻيندو هو ۽ اُن بابت هُن پهريان ئي سوچي رکيو هو، ڇاڪاڻ ته اُن ۾ مرداڻي ڇِڪ هئي، ۽ عشاق عورتون هُن تي مرنديون هيون، مرسان سوچي ٿو ته شايد جذبات جي مدهوشي ۾ پاڻ کي ڪنهن جي حوالي ڪري ڇڏڻ ئي محبت جي جذبي جو صحيح اظهار آهي. ايئن مرسان ۽ مارٿا جون اُن موضوع تي کوڙ ڳالهيون ٿين ٿيون۔۽ مُختلف ڪيفيتون ۽ خيال پڻ اُن گفتگوءَ ۾ سلهاڙجي وڃن ٿا. هُو مارٿا ڏانهن واپس اچي ٿو ۽ هُن جي ڪَن جي گرم پاپڙين کي پنهنجي آڱرين سان مَھٽيندي چوي ٿو، ”۽ اهو زيگريو ڪير آهي“، اُهو ڪير آهي، رڳو اُن کي مان نٿو سُڃاڻان، هان اُهو، مارٿا شرارتي ٽهڪ ڏيندي چوي ٿي، مان ته هاڻي به ڪڏهن ڪڏهن اُن سان ملندي آهيان، هُو منهنجي زندگيءَ ۾ پهريون ماڻهو هُيو، تون سمجهڻ جي ڪوشش ڪر، مان اُن وقت نابالغ هُيس ۽ هُو عمر ۾ مون کان وڏو هو، هاڻي هُو مَعذور آهي، هُن جون ٻئي ٽنگون وڍجي ويون آهن، اڪيلو ئي رهندو آهي، هُو سُٺو پڙهيل لکيل شخص آهي، مون کي ڪڏهن ڪڏهن اُن جي خدمت چاڪري ڪرڻي پوندي آهي، هاڻي سڄو ڏينهن هُو رڳو پڙهندو رهندو آهي، تڏهن هُو به کل ڀوڳ ڪندڙ شاگرد هو، پوءِ وري جڏهن مارٿا، مرسان سان ملي ته هُن زيگريو بابت ڳالهايو ۽ مرسان کي چوڻ لڳي ته، مون تو بابت زيگريو کي ٻُڌايو هو، مون کيس ٻڌايو ته منهنجو محبوب مرسان وڏي مرداڻي سُونهن جو مالڪ آهي، زيگريو توسان ملڻ چاهي ٿو، خبر ناهي ڇو؟هن چيو پئي ته، سُٺن ماڻهن سان ملي مون کي خوشي ٿيندي آهي، زيگريو زور زور سان کلندي ڳالهائيندو آهي ۽ پوءِ اوچتو خاموش ٿي ويندو آهي، هُن جو وڏو ڪمرو جنهن ۾ چوطرف ڪتاب ئي رکيل آهن، آتش دان مٿان رکيل گوتم ٻُڌ جي مجسمي تي باھ جي چَمڪ پَوڻ سان روشني ۽ پاڇو ٿئي ٿو، مرسان کي اندازو ٿي وڃي ٿو ته زيگريو سوچڻ کان پوءِ ئي ڳالهائيندو آهي، مرسان اُن ڪري مُحتاط رهي ٿو ته ڪٿي ايئن نه ٿئي جو زيگريو جون ڳالهيون اُنهن جي تعلق کي دوستيءَ ۾ نه بدلائي ڇڏين، مرسان کي لڳي ٿو ته اُهو ڪمرو هميشه کان ائين ئي آهي، ڪنهن ڌنڌلائجي ويل ڏُکاري ماضيءَ جي احساس وانگر، هڪ انسان پنهنجو پاڻ کي پنهنجي جسماني ضرورت ۽ ذهني سوچ جي توازن جي وچ ۾ پرکيندو آهي، زيگريو!تون مون کي کِلڻ لاءِ مجبور نه ڪر، ٿورو ويچار ڪر ته روزانو اٺ ڪلاڪ جي نوڪري، آھ!، پوءِ توکي ڪجهه ڪرڻ کپي، زيگريو مُسڪرائيندي چوي ٿو، مرسان وراڻي ٿو ته مون کي پنهنجي زندگيءَ ۾ پيسو ڪمائڻ لاءِ ڪجهه به ڪرڻو ئي پوندو، زيگريو چئيس ٿو ته، پئسي بنا توهان خوش نٿا رهي سگهو، مان ڏيکاءُ ۽ بناوٽ کي پسند نه ڪندو آهيان نه ئي رومانويت ۾ بي هوش ٿيڻ چاهيان ٿو، مون محسوس ڪيو آهي ته ڪيترائي ماڻهو خام خياليءَ ۾ پاڻ کي ٻين کان بهتر سمجهندا آهن، ڪير آهي جيڪو نه ٿو سمجهي ته خوشيءَ لاءِ پيسي جي ضرورت پوندي آهي، ڪڏهن ڪڏهن خوشي وڏي عرصي جو صبر آزمائيندڙ عمل به هوندي آهي، اسان پنهنجي زندگي پيسو ڪمائڻ ۾ وڃائي ڇڏيندا آهيون، جڏهن ته اسان کي پنهنجو وقت خوشگوار ۽ سُٺو گُذارڻ ۾ وڃائڻ کپي، وقت، خوشي ۽ پيسو اُهي ئي اهم مسئلا آهن جن ۾ مان هميشه دلچسپي وٺندو رهيس، سمجهندي ۽ بنا ڪنهن خوشفهمي جي، زيگريو پنهنجون اکيون بند ڪري خاموش ٿي ويو، مرسان ٻاهر اونداهي آسمان کي ڏسڻ لڳو، زيگريو چوي ٿو ته، جڏهن مان پنجويهن سالن جو هُئس تڏهن ئي مون کي اِن ڳالهه جو اندازو ٿي ويو هو ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو هوش ۽ حواس ۾ هوندي خوشيءَ جو ڳولائو هُجي ته اُن کي امير بڻجڻ جو حق آهي، خوشي حاصل ڪرڻ جي بُک ۽ لگن ڪنهن جي دل ۾ پيدا ٿيندڙ سڀ کان مُعتبر ۽ اعليٰ جذبو آهي، منهنجي نظر ۾ اُهو جذبو هر شيءِ جو حقدار بڻائي ڇڏيندو آهي، بس رڳو سچي لگن هُجڻ گُهرجي، مرسان، منهنجي ڳالهه توجهه سان ٻُڌ!پنجويهن سالن جي عمر ۾ مون پنهنجي خوش بَختي بڻائڻ شروع ڪئي، اصول ۽ قانون جي پرواھ ڪرڻ بنا ئي رستي جون سڀ رُڪاوٽون هٽائيندو ويس ۽ ٿورن سالن ۾ ئي مون سڀ ڪجهه حاصل ڪري ورتو، تون سمجهين پيو، مان ڇا چوڻ پيو چاهيان؟مون اٽڪل ويھ لک ڪمايا، زيگريو ٻُڌائيس ٿو ته، وٽس دنيا ۾ سڀ ڪجهه هُيو ۽ هُو اُها زندگي گُذاري سگهيو پئي جنهن جا هُن خواب ڏٺا هئا، پر هڪ سرد آھ ڀريندي هُو آهستي چوي ٿو ته، جيڪڏهن سندس هڪ حادثي ۾ ٻئي ڄنگهون ضايع نه ٿين ها، گذريل ويهن سالن کان اُها ڪمايل دولت وٽس بيڪار پئي آهي، مون عام زندگي گذاري آهي ۽ منهجو سرمايو جيئن جو تيئن مون وٽ پيل آهي، زيگريو، لاچاريءَ جي ڪيفيت مان هٿن سان پنهنجون ٻئي اکيون بند ڪري ڇڏيون ۽ نهايت ئي ٿڌي لهجي ۾ چيو ته، زندگي ڪنهن مجبور ۽ لاچار شخص جي محبت سان داغ دار نه هئڻ گهرجي، اُن موقعي تي آتش دان ڀرسان رکيل ميز جو خانو کولي اُن ۾ پيل لوهي ٽجوڙي هُو مرسان کي ڏيکاري ٿو، اُن جي تالي جي چاٻي اُتي ئي ٽُنبيل آهي، ٽجوڙي جي مٿان اڇو لفافو پيل هو، ۽ اُن جي مٿان هڪ وڏو پستول. سِڌي ڳالهه آهي ته جڏهن اوچتي حادثي زيگريو کي ٻنهي ڄنگهن کان محروم ڪري ڇڏيو هو ۽ زندگي هُن لاءِ عذاب بڻجي وئي هئي ته مايوسي جي حالت ۾ هُن اُهو خط لکيو هو، جنهن ۾ هُن زندگيءَ کي ختم ڪرڻ وارا جواز تفصيل سان درج ڪري پنهنجي بي وسي جو اظهار ڪيو هو، خط تي هُن تاريخ نه لکي هئي، هُن موت جي ٿڌاڻ کي پستول جي نالِيءَ ۾ محسوس ڪيو، ۽ اِهو محسوس ڪندي ته هاڻي هُن لاءِ اِهوئي بهتر آهي ته هُو ”خودڪشي جي نوٽ تي دستخط“ ڪري ۽ اُن تي تاريخ لکِي پستول جي لبلبي کي دٻائي ڇڏي، پر موت جي ڀيانڪ حقيقت به اُن جي سامهون هئي ته زندگي جي خاتمي جو مطلب به، پوءِ اوچتو زنده رهڻ جي لِڪل خواهش اُڇل ڏئي سندس اندر مان ٻاهر اچي وئي، اِهو ٻُڌي مرسان جي ذهن ۾ ڪا هلچل پيدا ٿئي ٿي، جڏهن کان زيگريو پنهنجي ڪهاڻي فلسفياڻي انداز ۾ بيان ڪئي هئي، مرسان پهريون دفعو اکيون کڻي ڏسي ۽ چوڻ لڳي ٿو، مان سمجهان ٿو ته تون صحيح سوچيندو آهين، زيگريو سرگوشي ڪندي چيو ته، ها اِهو بهتر آهي ته انسان پنهنجي هِن زندگي ۾ شرط لڳائي، نه ئي اڳيئن زندگي جو سوچي، زندگي مون کي ڳيهي وئي، مان زندگي کي پوري طرح سمجهي نه سگهيس، ۽ جيڪا شيءِ مون کي موت کان ڊيڄاريندي آهي سا اِها آهي ته، موت منهنجي احساسِ محرومي کي مُڪمل ڪري ڇڏيندو. پر مون ۾ زندگي جي تند اڃان وڄي پئي ۽ اُميد قائم آهي، “
هن باب ۾ زندگيءَ جا ٻَه متضاد رويا يا خيال پاڻ ۾ ٽڪرائجن ٿا، هڪڙي پاسي مُڪمل ماڻهو آهي ته ٻئي طرف هڪ اڌورو معذور شخص. ٻنهي کي ڀرپور زندگي گذارڻ جي شديد خواهش آهي پر هڪ وٽ غربت جي معذوري آهي ته ٻئي وٽ وقت جي ستم ظريفيءَ جي ڏنل معذوريءَ جي غربت. غربت رڳو پئسي جي اَڻ هوند جو نالو ناهي پر غربت ته پيسي جي هوندي به ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ هر انسان وٽ موجود رهي ٿي، بک رڳو پيٽ جي ناهي ٿيندي پر اها ته دنيا جي هرشيءِ مان پنهنجون نابين اکيون کڻي نهاريندي پئي نظر ايندي آهي. ڪاميو انساني زندگيءَ جي المناڪين ۽ ٽُٽل خوابن ۽ اڌورين خواهشن جو تخليقيڪار آهي.
”چوٿين باب ۾ رات گهر واپس ايندي مرسان، زيگريو بابت سوچيندي پنهنجي فليٽ تي پهچي ٿو ته تڪليف مان ڪنهن جي آهُن ڀَرڻ جو آواز ٻُڌي ٿو، جيڪو سندس ڪرائيدار، اسلحي ساز ڪارڊونا جو آهي، جيڪو پنهنجي گذاري ويل ڪراڙي ماءُ کي ياد ڪري روئي ٿو، ننڍي قد، سُٺن مُھانڊن ۽ ٽيهن سالن جو ڪارڊونا پنهنجي ماءُ سان گڏ رهندو هو۽ ساڻس محبت ڪندو هو، جيڪڏهن هُو ايترو عرصو پنهنجي ماءُ سان گڏ رهيو هو ته اُن جو سبب اِهو هو ته هُو ڪنهن به ٻي عورت جي دل ۾ پنهنجي لاءِ محبت نه پيدا نه ڪري سگهيو هو، ماءُ جي مرڻ کان پوءِ هُو پنهنجي ڀيڻ سان گڏ رهڻ لڳو هو، مرسان جي ڏنل ڪرائي واري ڪمري ۾، ڪارڊونا جي خراب عادتن، آڪڙ، ۽ چيڙاڪ طبيعت سبب سڄي ڪمري ۾ شيون وکريل پيون آهن، ڪارڊونا کي پنهنجي ڀيڻ جو اُن شخص سان ملڻ جلڻ بلڪل به پسند نه آهي، جنهن سان هوءَ محبت ڪري ٿي. اِن ئي باب ۾ اڳتي هلي هڪ صبح جو مرسان، زيگريو کي قتل ڪري ڇڏي ٿو. ۽ گهر پُهچي سموري منجهند ننڊ ڪندو رهي ٿو. جڏهن اُٿي ٿو ته هُن کي بُخار هُجي ٿو. آفيس مان هڪ ماڻهو وَٽس معلوم ڪرڻ اچي ٿو ته، هُن پنهنجي آفيسر موسيو لنگالوسن کي ڪهڙي سبب جي ڪري نوڪري ڇڏڻ جي درخواست ڏني آهي.
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ اخبار ۾ خبر ڇپجي ٿي ته، ”تحقيقات مان ثابت ٿيو آهي ته زيگريو خودڪشي ڪئي آهي. “
اُن کان پوءِ مارٿا، مرسان سان ملڻ اچي ٿي ۽ ٿڌو ساھ ڀريندي افسوس جو اظهار ڪندي چوي ٿي ته، ڪڏهن اُهو وقت به هو جو تو هُن جي جڳهه وٺڻ پئي چاهي، ”پر زنده رهڻ لاءِ پاڻ کي گولي هڻي ماري ڇڏڻ کان وڌيڪ همت جي ضرورت هوندي آهي. “
ايندڙ هفتي مرسان پاڻيءَ واري جهاز تي مارسلز وڃي ٿو ۽ ماڻهن کي ٻُڌائي ٿو ته، هُو ڪجهه ڏينهن آرام ڪرڻ لاءِ فرانس وڃي رهيو آهي.
مارٿا کي”ليئون“مان مرسان جو الوداعي خط ملي ٿو. جيڪو مارٿا جي دل کي ٽُڪرا ٽُڪرا ڪري ڇڏي ٿو. خط ۾“مرسان اِهو به لکي ٿو ته هُن کي وچ يورپ ۾ ڪا وڏي نوڪري ملي رهي آهي. جواب ۾ مارٿا پنهنجي اڪيلائي جو ذڪر ڪري ٿي. پر اُهو خط مرسان کي ڪڏهن به نٿو ملي. ڇاڪاڻ ته ”ليئون“پُهچندي ئي هُن کي وري تيز بُخار ٿي پوي ٿو. ۽ هُو دل شڪستو ٿي پهرين ئي ٽرين ۾ پراگ هليو وڃي ٿو. “ ”باب پنجين ۾ هُو پراگ جي ڪنهن هوٽل ۾ ڪرائي تي ڪمرو وٺي ٿو۔ڪمري نمبر چوٽيھ ۾ اچي ڪوٽ لاهي ٿو ۽ ٽائي جي ڳنڍ کي ڍرو ڪري، ٻانهون کُنجهي”واش بيسن“وٽ لڳل آئيني ڏانهن وڃي ٿو. پنهنجي چهري جو جائزو وٺي ٿو، سندس رنگ ٿورڙو سانورائجي ويل لڳيس ٿو، وار وکريل، جيڪي نرڙ ۽ ڪنن مٿان لڙڪي رهيا اٿس، هُن کي آئيني ۾ پنهنجا مُهانڊا سُٺا نه ٿا لڳن، هُو جلديءَ ۾ ڪپڙا مٽائي ۽ سگريٽ دکائي ٻاهر هليو وڃي ٿو، هوٽل کان ٻاهر جنهن ڳليءَ ۾ هُو آيو آهي اُتي ننڍا ننڍا ريسٽورنٽ ۽ ڪيفي آهن. سوڙهي رستي تان گذري جڏهن هُو مُک شاهراھ تي پهچي ٿو ته هُن کي پراگ شھر جو ٽائون هال ڏسڻ ۾ اچي ٿو. شام ٿيندي ئي ٽائون هال ۽ پراڻي چرچ جي عمارت ٻئي پُرسڪون لڳي رهيون آهن. ٿورو ئي اڳتي، سامهون لوھ جو دروازو لڳل آهي جنهن کي پري تائين چاديواري ڏنل آهي ۽ اُن تي قديم دور جا نقش چٽيل آهن. جتي ڪي بي گهر ماڻهو رهن ٿا. چار ديواري جي احاطي ۾ يهودين جو هڪ پراڻو قبرستان آهي. هُن کي اُتي بيهڻ سان گهٻراهٽ محسوس ٿيڻ لڳي ٿي. هُو مُسلسل تيزيءَ سان هلندو هوٽل تائين پُهچي ٿو. هُن کي اُلٽي ايندي محسوس ٿيڻ لڳي ٿي. جيئن تيئن ڪري هُو ڪمري تائين پهچي بستري تي پاڻ کي اُڇلي ٿو ۽ گهري ننڊ ۾ هليو وڃي ٿو. “
”ٻي صبح جو اخبار وڪڻندڙ جي هوڪي تي هُن کي جاڳ ٿئي ٿي، آسمان تي بادل آهن، پر رکي رکي سج بادلن مان جهاتي پائي ٿو. هونءَ مرسان ڪمزور ٿي ويو آهي پر هُو پهرين جي ڀيٽ ۾ بهتر پيو محسوس ڪري. مرسان کي لڳي رهيو آهي ته، هُو ڪيسين خاموش ۽ اڪيلي زندگي گذاريندو، هاڻي هر لمحو کيس سال برابر لڳي ٿو. پراگ جي يَڪسانيت کان هُن جي دل هاڻ کَٽي ٿي پئي آهي، اُهوئي بهتر وقت هو جنهن ۾ هُن کي هي شهر ڇڏي وڃڻ گُهربو هو. “
ڪاميو انساني نفسيات ۽ فطرت جي جنهن باريڪ بينيءَ سان اوک ڊوک ڪري ٿو اُها هڪ اعليٰ فنڪار جو اعليٰ فن ئي ٿي سگهي ٿو. ماڻهوءَ جي ڪيفيتن توڙي سوچن جي اهڙي تُز ۽ ذهن وسيلي روح ۾ لهي ويندڙ ڪردار جي ڪردار نگاري، جو پڙهندڙ اُن جي هيئت ۾ پاڻ کي تبديل ٿيندي محسوس ڪرڻ لڳي. هُونءَ به هڪ ليکڪ کي رڳو ظاهري نه بلڪ داخليت ۾ رسائي ڪرڻ جو ڀرپور هُنر پڻ اچڻ بِنھ ضروري آهي۔
”باب ڇهين ۾ تيز رفتار ريل گاڏي مرسان کي اُتر طرف کڻي وڃي رهي آهي، هُو پنهنجو جائزو وٺي ٿو ۽ ڏسي ٿو ته گاڏي جي هڪ حصي ۾ هُو اڪيلو ئي آهي. آسمان تي ڇانيل بادلن سان گڏ ريل گاڏي به ڀَڄي رهي آهي. هُن اوچتو اڌ رات جو ئي پراگ مان هِن ريل گاڏيءَ ۾ سفر ڪرڻ جو سوچي ورتو هو. باک ڦٽڻ جا آثار ظاهر ٿي رهيا هئا، بوهيما جو ميداني علائقو تيزي سان گذري ويو هو، هُن ٻَه ڏينهن اُهو سفر ڪيو پر اُهو سفر هُن لاءِ فرار جي راھ نه هو، سفر جي يڪسانيت هُن کي هڪ قسم جو سُڪون بخشي رهي هئي، اُها ريل گاڏي جيڪا هُن کي اٽڪل اڌ يورپ پار ڪرائي آئي هئي، ۽ هُن کي هاڻ ٻي دنيا جا جُهوٽا کارائي رهي هئي، هُن ڄاڻي واڻي پنهنجو سفر برسلو تائين وڌائي ڇڏيو هو، رات جي پُراسرار خاموشي ۽ اُونداهي ۾ ريل ڊوڙي رهي هئي، روشني ۽ اُونداهي جي اِن لِڪ ڇُپ ۾ ريل ڊرسڊن، بوٽزن، گورٽز، لڪنڊز کان گذري آئي هئي، ٻئي ڏينهن صبح جو ريل ميداني علائقي ۾ آهستي ٿي وئي، برسلو اڃان به گهڻو ڏور هو، هُن جي لاشعور ۾ چرچ ۾ ٻُڌل اُها ڳالهه اڃان تائين موجود هئي ته”انسان مٽي مان ٺهيو آهي، واپس مٽيءَ ۾ ويندو ۽ پوءِ وري اتان ئي اٿاريو ويندو. “هُو زندگي، ڏک، خوشي، موت ۽ پريشاني جي حل نه ٿيندڙ مسئلن بابت سوچن ۾ گُم آهي. ڪُجهه ڪلاڪن جي سفر کان پوءِ هُو برسلو پهچي ٿو. مرسان اڃان وري ڏکڻ ڏانهن سفر جاري رکڻ جو سوچي ٿو. ايئن ٻِئي ڏينهن هُو ويانا ۾ پهچي ٿو. ويانا جو صبح دلڪش ۽ خوبصورت آهي. ويانا تازو ڪري ڇڏيندڙ شهر آهي. ميٽ اسٽيشن جو چرچ تمام وڏو آهي ۽ هي ٿڪجي پيو آهي، نه ڄاڻ ڇو اُن وقت هُن کي پنهنجا دوست روز ۽ ڪليبر ياد اچي وڃن ٿا. ليون ڇڏڻ کان پوءِ هُن پهريون خط لکيو هو، جيڪو سندس طويل خاموشي ۽ مسئلن جو اظهار هو، خط لکڻ کان پوءِ هُو شام جو ناچ گهر ۾ ويو، جتي هُن هيلن سان وقت گذارڻ جو پروگرام ٺاهيو، جيڪا اُتي رقاصا هئي. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ مرسان کي الجير کان پنهنجي خط جو جواب پُهچي ٿو. جنهن ۾ کيس الجير واپس موٽي اچڻ جي پيار ڀري التجا ڪئي وئي آهي.
مرسان الجير واپس وڃڻ جو فيصلو ڪري ٿو، ريل گاڏي اُتر اٽلي کان ٿيندي جنيوا کان ٿيندي جڏهن پئرس پهچي ٿي ته اُتي بهار جي موسم آهي، ۽ هُو وري هلڪو بخار محسوس ڪري ٿو، پر ڪا خوشگوار سوچ هُن جي همت وڌائي ڇڏي ٿي۔ٻَه ڏينهن هُو جنيوا ۾ رهي ٿو ۽ گُهمي ڦِري ٿو، ٽئين ڏينهن هُو جنيوا کي ڇڏي لاجير وڃي ٿو، سامونڊي سفر سبب هُو صبح، منجهند ۽ شام جو سمنڊ جي ڇولين مٿان اُس، ڇانءُ، روشني ۽ اُونداهي جي رقص کي پَسي مزو ماڻيندو رهي ٿو. هُن کي لڳي ٿو ته سمنڊ جي صاف شفاف پاڻيءَ وانگر هُن جي روح ۾ به پاڪيزگي پيدا ٿي چُڪي آهي، هُن کي احساس آهي ته هُو ڪيئن نه مُخالف جِنس جي پيار لاءِ بُکيو آهي، هي رڳو شھوت لاءِ پيدا نه ٿيو آهي. هُن جي زندگي هاڻي تائين رڳو بندرگاھ ۾ پنهنجي آفيس ۽ ڪمري ۾ سُمهندي گُذري هئي، پوءِ هوٽل، ريسٽورنٽ ۽ سُريت. هُو انهيءَ خوشيءَ لاءِ سرگردان رهيو آهي جنهن بابت کيس يقين ئي نه هو، هُن جي زندگي ۾ جيتريون چڱايون هُيون اُنهن مٿان براين جي دز چڙهي وئي آهي، ڪيلري ۽ هُن جي دوست زيگريو ۽ هُن جي خوش رهڻ جي خواهش تي مارٿا ڇائنجي وئي آهي. ٻئي ڏينهن صبح جو جهاز خاموشيءَ سان الجير جي بندرگاھ تي لنگر انداز ٿي چُڪو آهي. هتي پُهچي مرسان کي خيال اچي ٿو ته ويانا کان پوءِ هُن هڪ دفعو به زيگريو بابت ڪين سوچيو، اُهوئي زيگريو جنهن کي هُن پنهنجي هٿن سان قتل ڪيو هو. “
ماڻهوءَ جي من جي بيچيني، نه مُطئمين ٿيڻ واري فطرت، دربدري، ڏک کان ڀَڄندي خوشيءَ جي ڳولا، پل اَپل مَٽجندڙ ڪيفيتن جي ڪشمڪش جي ڀوڳنا، پيار، پَڇتاءُ، جنسي خواهشون، دراصل ماڻهوءَ جي تجربن ۽ مُشاهدن جي کوٽ جي ڪري اَڻ جَهل ڪنهن گهوڙي جيان سندس ذهن ۾ جڏهن ڊوڙنديون آهن ته ماڻهوءَ جي روح جي ڌرتي تيز پوندڙ سُنبن جي سَٽجڻ سان ڇيهون ڇيهون ٿي ويندي آهي۔ڪاميو اهڙين لِڪل ۽ اوجهل رهجي ويندڙ حالتن جو منظر نگار آهي. هُو مُئل لفظن کي پَساھ کڻائي مُتحرڪ ڪري ڇڏيندڙ اهڙو ناول نگار آهي جيڪو سماجي بي راھ روين، گمراھ ٿي ويل معصوم انسان جو نوحا خوان آهي. اهڙو نوحاخوان جيڪو انساني حالتن تي ماتم ڪرڻ بجاءِ هڪ اھڙو مسيحا به آهي جيڪو سندن زخمن تي پنهنجي احساسن جا، پنهنجن لُڙڪن سان آلا ٿيل پَھا به رکي ٿو.
”ستين باب ۾ پيٽرس ۽ ڪيٿرين کُليل آسمان هيٺ سج جي روشنيءَ ۾ ناشتو ڪري رهيا آهن، ڪيٿرين وهنجڻ وارو مخصوص لباس پائي ويٺل آهي ۽ ڇوڪرو(مرسان جا دوست هُن کي ايئن سڏيندا آهن) نيڪر پائي ويٺل آهي ۽ ڳچيءَ ۾ رومال ويڙهيل اٿس. اُنهن جو اِهو گهر هڪڙي پهاڙي چوٽي تي ٺهيل آهي. سمنڊ سامهون، علائقي ۾ هي”ٽن طالب علمن جو گهر“جي نالي سان مشهور آهي. زيتون جي وڻن سان گهيريل هڪڙو پهاڙي پيچرو گهر ڏانهن اچي ٿو، چار ديواري تي ملنگن، بيهوده تصويرون ٺاهي ۽ سياسي نعرا لکي ڇڏيا آهن. “
هن ئي باب ۾ مُختلف وقتن تي ۽ جاين تي مرسان سان گڏڪيٿرين، ڪليري، روز، موزيل پيرس، عرب ڇوڪري مينا، ايلن، نويل سنگتراش، لوسي رينل، ڊاڪٽر برناٶ يا ڪجهه ٻيا ڪردار پڻ ساڻس ملن ٿا. هي باب ڪُجهه طويل هُجڻ ڪري هِن ۾ زندگيءَ جا مختلف رنگ، ڪيفيتون، ڳالهيون، حالتون، منظر ۽ پس منظر اچي وڃن ٿا، جن جو لُطف مُڪمل ناول پڙهڻ سان ئي پڙهندڙ ماڻي سگهي ٿو، مان ته هڪ پڙهندڙ توڙي لکندڙ جي حيثيت سان هِن ناول جي دنيا يا ڪهاڻين ۽ ليکڪ ڪاميو جي نظريي جي پس منظر ۾ سُڃاڻپ ۽ اُن بابت پنهنجا احساس اوهان سان ونڊي رهيو آهيان. اُن ڪري مان ناول جي مُڪمل ڪهاڻي کي پنهنجي انداز سان مُختصر ڪري هِن مضمون ۾ پڙهندڙن لاءِ ڏئي رهيو آهيان. ڇاڪاڻ ته ناول جي مختلف رنگن ۽ بي رنگينن جون ڪجهه تصويرون هنن لفظن وسيلي اوهان کي ڏيکارڻ ضروري ٿو سمجهان۔جيڪي ڪيفيتون يا تصويرون، حالتون هن دنيا ۾ ماڻهوءَ جي ڀوڳنائن ۽ سندس نفسيات جو تاثر ڀيانڪ منظر توڙي پس منظر پيش ڪن ٿيون۔پيار، نفرت، ملڻ، جدائي، روئڻ، کلڻ، جيئڻ، مرڻ، ماڻهوءَ جي اڪيلائي، اندروني کوکلائپ، تِڇ پِڻو گُناھ، ثواب، سُڪون جي ڳولا ۾ ڀٽڪنا، مُفلسي، پيسو، لاچارگي وغيره جهڙيون ڪَڙيون حقيقتون هِن دنيا جي ماڻهوءَ لاءِ صرف ۽ صرف ماڻهپي کان خالي ڪجهه ماڻهن ئي پيدا ڪري ڇڏيو آهن۔جن کي شعور وند تخليقڪار ڪڏهن به نظر انداز نٿو ڪري سگهي۔جيڪو اُنهن سڀني شين جي گهرائي ۾ لهي اُنهن جو ڳوڙهو مُشاهدو ماڻي ڪنهن تخليق جي صورت ۾ وري هِن ئي دنيا کي واپس ڪري ٿو. کيس آئينو ڏيکاري ٿو. ۽ سندس زنگجي ويل احساس کي اجارڻ جي ڪوشش ڪري ٿو۔
”ستين باب ۾ مرسان کي پنهنجي اندر جي بيقراري ۽ ڀٽڪنا ڪٿي به سُڪون سان رهڻ نٿي ڏئي ۽ هُو وري هڪ ڀيرو رولاڪيءَ جي راھ جو پانڌيئڙو بڻجي وڃي ٿو. صبح جو سوير ڌُنڌ ڇانيل آهي، مرسان جي گاڏي جي لائٽن جي تيز روشني ڌُنڌ کي چيريندي سمنڊ ڪناري سان گڏ واري شاهراھ تي تيز رفتاري سان ڀڄي رهي آهي، هُو الجير ڇڏي رهيو آهي،
هڪ مهينو پهريان هُن دنيا کان مَٿانهين گهر ۾ اچڻ جو اعلان ڪيو هو، مرسان هاڻي پنهنجي قسمت جو فيصلو لوسي جي قسمت سان واڳي ڇڏيو آهي، مرسان پنهنجي پيش ڪش ۾ واڌارو ڪري ٿو ته جيڪڏهن لوسي چاهي ته مرسان، ساڻس شادي ڪري سگهي ٿو.
هفتي کان پوءِ هُو شادي ڪري ڇڏين ٿا، تقريبن ٻن ڪلاڪن جي سفر کان پوءِ مرسان جنيوا جي ويجهو آهي، رات جا آخري نيرا پاڇا پهاڙ جي لاهي تان سمنڊ ۾ وڃي چُڪا آهن، ۽ پهاڙ جي چوٽي سج جي تيز ڳاڙهي ۽ هيڊي روشني سان روشن ٿي رهي آهي، هاڻي هُو اتي هو جتي هُن کي رهڻو هو. ڇاڪاڻ ته اِها جڳهه ئي من موهيندڙ آهي.
پر جيڪو سُڪون ۽ تسڪين هُو چاهي ٿو اُها هُن کي نٿي ملي ۽ هُن کي مايوسي ٿئي ٿي. اڪيلائي هُن کي ڏنگ هڻڻ لڳي ٿي، ڪُجهه مُفاصلي تي هڪڙو ڳوٺ موجود آهي، گهر کان ٻاهر اچي هُو لاهي لهڻ لڳي ٿو، سمنڊ ڏانهن ويندڙ سَڙڪ تان هلي هُو پاريٽپاٽا جي کنڊرن جا آثار ڏسي ٿو.
هاڻي هي پاسي واري ڳوٺ جي ماڻهن کي سُڃاڻڻ لڳي ٿو، آچر جي ڏينهن ڪُجهه نوجوان هُن جي گهر اچن ٿا، ڳوٺ جي ڊاڪٽر برناٶ سان به هُن جي ملاقات ٿئي ٿي، مرسان لوسي ڏانهن ڪا به توجهه نه ٿو ڏئي، ڪُجهه وقفي کان پوءِ لوسي مايوس ڪندڙ لهجي ۾ کيس چوڻ لڳي ٿي ته، ”تون مون سان محبت نه ڪندو آهين؟“مرسان، لوسي وٽ اچي سندس ڪُلهي تي هٿ رکي چويس ٿو ته، يقين ڪر لوسي! دنيا ۾ وڏي مان وڏو ڏُک، پَڇتاءُ ۽ حسين يادن سميت گهڻو ڪجهه وساري سگهجي ٿو، ايستائين جو عشق جي حد تائين محبت کي به. اهوئي زندگيءَ جو ڏک ۽ ڪمال آهي. حيرت انگيز ڳالهه آهي، اهوئي زندگي گذارڻ جو طريقو آهي، لوسي خاموش آهي، وري هُن ڏانهن ڏسندي چوي ٿي، ته گهٽ ۾ گهٽ تون مون سان دوستي جو احساس رکندو آهين، ايئن نه؟مرسان جُهڪي هُن جي ڳچي کي چُمي ٿو، دوستي!ها، بلڪل جيئن منهنجي رات گذارڻ سان دوستي آهي، “
”ٻئي ڏينهن لوسي هلي وڃي ٿي. هُن جي وڃڻ کان پوءِ مرسان به پنهنجي سوچ تي قائم نه ٿو رهي سگهي ۽ هُو الجير جو رُخ ڪري ٿو، هُو سڀ کان پهريان پنهنجي”دنيا کان مَٿاهين“گهر پهچي ٿو، ۽ پوءِ پنهنجي ڏيهه اچي ٿو، پنهنجن پراڻن پاڙيسرين ڏانهن وڃي ٿو، هُن جو فليٽ هڪڙي ڪيفي جي مالڪ ڪرائي تي وٺي ڇڏيو آهي.
مرسان اُن ريسٽورنٽ ۾ وڃي ٿو جتي هُو اڳ ۾ ماني کائڻ ويندو هو. هُو ريسٽورنٽ مان جيئن ئي نڪري ٿو ته هُن جي نظر مارٿا تي پئي ٿي. پوءِ کيس خيال اچيس ٿو ته مارٿا هُن تي هميشه مهربان رهي آهي، هُن، هِن کي سندس سڀني کامين ۽ خوبين سان قبول ڪيو هو، ۽ هوءَ هِن جي اڪيلائيءَ جي ساٿي بڻجي وئي پر مرسان، مارٿا سان پُرخُلوص نه هو، اُن دوران مارٿا ۽ مرسان جي وسندڙ مينهن ۾ پيار، محبت تي گفتگو ٿئي ٿي
مرسان، مارٿا کي يقين ڏيارڻ چاهي ٿو ته هُو ساڻس اڳ جيان اڄ به ساڳي محبت ڪري ٿو، ۽ سندس لاءِ ڪجهه ڪرڻ جو پُڇي ٿو، پر مارٿا سندس اهڙين ڳالهين تي سندس مهرباني مڃندي گهر جي دروازي وٽ پُهچي ڇٽي بند ڪري ڇڏي ٿي، وري ملڻ جو چئي مارٿا اوچتو مرسان جي ٻنهي ڳٽن کي چُمي ۽ ڏاڪڻيون چڙهي هلي وڃي ٿي. مرسان وسندڙ مينهن ۾ بيٺو مارٿا جي نَڪ جي ٿڌ ۽ چُمين جي گرمي پنهنجي ڳٽن تي محسوس ڪرڻ لڳي ٿو. اُتان موٽي هُو الجير اچي ٿو، ۽ لوسي کي تلاش ڪرڻ لڳي ٿو، هُو کيس ملي وڃي ٿي، ۽ هُن سان رات سندس فليٽ ۾ گذاري ٿي، لوسي مُسافرن بابت پنهنجي خيالن جو اظهار ڪري ٿي، ”اَڻڄاتل رستن تي هلندي اَڻ ڄاتل احساس ته ٿيندو آهي پر رڳو اُنهن ماڻهن کي جن کي منزل جي خبر ناهي هوندي. سفر هڪڙو سوچيل، سَمجهيل منصوبو هُجڻ گُهرجي. “مرسان جي ڪنن ۾ زيگريو جا چيل لفظ گونجڻ لڳن ٿا، ”خواهش کي تَرڪ ڪرڻ جي خواهش نه پر، خوشيءَ جي خواهش ئي زندگي جو مقصد هُجڻ گهرجي. “
شام جو هُو جڏهن جنيوا واپس وڃي ٿو ته، سمنڊ ۽ پهاڙن جي وچ ۾ سفر ڪندي هُن کي گهري خاموشيءَ جو احساس ٿئي ٿو، جيڪا سندس اندر جي خاموشي ڀاسي ٿي. پنهنجي نئين زندگي جي شروعات تي هُن کي پنهنجو ماضي ياد اچي ٿو، هاڻي هُن کي ڇا ڪرڻو آهي ۽ ڇا نه ڪرڻو آهي، اُن بابت هُن فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. هُو سوچيندو رهي ٿو ته وقت جو عمل به ڪهڙو عمل آهي جيڪو بي عمل هوندي به عمل ۾ آهي. يعنيٰ زندگيءَ جو ساز به ڪهڙو ساز آهي جو وڄي ته رهيو آهي پر بي آواز آهي، ”زندگي هڪڙو ڪينواس آهي جيڪو اسان جي نقش ۽ نگار جو مُنتظر آهي، “موت خوشيءَ جو هڪ حادثو آهي. “
ناول جي مُسلسل ڪهاڻي، پاڻ ۾ مُنتشر ڪردار کڻي هلي ٿي، جنهن ۾ احساسن ۽ خيالن جا انيڪ رنگ ۽ روپ وڏي آرٽ ۽ ڪرافٽ سان تخليق ڪيا ويا آهن، ڪاميو جي هِن ناول ۾ ماڻهوءَ جي من جي آزادي يا ڇُڙواڳي، جوڙ ٽوڙ، مُڪملتا ۽ اڌورائپ، عيش عشرت، سفر در سفر ڀٽڪنا، نفسياتي توڙي سماجي، فلسفيانا توڙي ادبي، سياسي توڙي معاشي ۽ ٻيا به کوڙ سارا مامرا ۽ مسئلا پنهنجي اظهار جا رستا ڳولين ٿا. جن جا اثر سماج جي هر فرد تي ڪنهن کُلي ماحول ۾ ڳڙي جيئن پوڻ لڳن ٿا ۽ ماڻهو پنهنجي اندر جي دنيا کي ٽُٽندو ڏسي بي حال ٿي پوي ٿو۔
باب ستين جي پُڄاڻيءَ ۾ ناول جي ڪهاڻي کوڙ سارن لاهن ۽ چاڙهن کان پوءِ اُتي پهچي ٿي جتي، ”ڪيٿرين مرسان لاءِ ڊاڪٽر برنارڊ کي گُهرائي ٿي، مرسان پنهنجي ڪمري ۾ دريءَ کان ٻاهر صاف آسمان ۽ سمنڊ کي ڏسي رهيو آهي، هُو ڪمزوري محسوس ڪري رهيو آهي پر اُها پُراسرار ڪمزوري کيس خوش رکي پئي، هُن جو دماغ فڪر جو عادي آهي. ايتري ۾ برنارڊ اچي در کڙڪائي ٿو، مرسان سوچي ڇڏي ٿو ته هُو ڊاڪٽر کي سڀ ڪُجهه ٻُڌائي ڇڏيندو، اُن لاءِ نه ته ڪو راز هِن لاءِ بار آهي، مرسان ۽ ڊاڪٽر جي پاڻ ۾ ڳُجهه، صحت، بيماري وغيره تي ڳالهه ٻولهه ٿئي ٿي. جنهن ۾ مرسان، ڊاڪٽر کي چوي ٿو ته، اصل ۾ تون تصوراتي ماڻهو آهين، پر هِن جو پنهنجو خيال آهي ته هر شيءِ لمحن ۾ قيد آهي، جيڪا پيدائش کان موت تائين مُقرر آهي اِهو گهڻو ڪري اُن لاءِ آهي ته، سُٺا خيال رکندڙ ماڻهو کان اُهو ماڻهو مُتضاد هوندو آهي جيڪو اڪثر محبت کان محروم هوندو آهي. اڳتي هلي مرسان پنهنجي دل جي معصوميت سان حالاتن کي قبول ڪري ٿو، آسمان ۽ زمين کي بلڪل اُنهي جذبي سان قبولي ٿو، اهڙي ئي خواهش تحت، جنهن معصوم دل سان هُن زيگريو کي قتل ڪيو هو. “
”ناول جي آخري ۽ اٺين باب ۾ مرسان پهريون ڀيرو بيوس ٿي پوي ٿو. ۽ وڃي بستري ڀيڙو ٿئي ٿو، ڇاتيءَ جو مسئلو هُن کي پورو مهينو تڪليف ۾ رکي ٿو، اُنهن لمحن ۾ مرسان کي پنهنجي زندگيءَ کان دوري محسوس ٿئي ٿي، هُو ماحول کان ڪٽيل ۽ هرشيءِ کان لاتعلق لڳي ٿو. اِهوئي وقت آهي جنهن ۾ هُن کي احساس ٿئي ٿو ته هُن نِرواڻ پاتو آهي. پنهنجو پاڻ کي وڃائي هُن سڀ ڪجهه حاصل ڪري ورتو آهي، گهر واپس ايندي هُن کي چڪر اچن ٿا ۽ مَٿس بيهوشي طاري ٿيڻ لڳي ٿي، هُن کي هاڻي تڪليف ڪمزوريءَ ۾ مُبتلا ڪري ڇڏي ٿي، هُن کي لڳي ٿو ته سندس سينو ڄڻ ته زنجيرن ۾ جڪڙجي رهيو آهي، کنگهندي رت هاڻا کانگهارا اُڇليندو رهي ٿو، مرسان جا سمورا عضوا ڏُکي رهيا آهن ۽ ڪَن وڄي رهيا اٿس، اوچتو دريءَ ۾ هُن کي زيگريو جو چهرو نظر اچڻ لڳي ٿو، هُن تي کنگهه جو ٻيو حملو ٿئي ٿو، ساھ گُهٽجيس ٿو ۽ عضوا جڪڙجندي محسوس ٿيڻ لڳنس ٿا، مرسان سمورو ڏينهن کنگهندو ۽ گُهٽ محسوس ڪندو رهي ٿو، ٻَه دفعا هلڪو بيهوش ٿئي ٿو، هُو دوا پيئي ٿو، لوسي هُن جي ڪمري ۾ ايندي ويندي رهي ٿي، مرسان وهاڻي کي ٽيڪ ڏئي لوسيءَ کي ڏسي ٿو ۽ مُسڪرائيندي چوي ٿو ته، جڏهن مان ننڍو هوندو هوس ته مون کي امان ٻُڌائيندي هئي ته هي ڳاڙها بادل اصل ۾ مري ويل ماڻهن جا روح آهن جيڪي جنت ڏانهن وڃي رهيا آهن. مان حيران ٿيندو هئس ته روح ڳاڙها ٿيندا آهن، مرسان کي خوف ٿي رهيو آهي ته هاڻي هن جي اکين سامهون ڀيانڪ، خوفناڪ شڪلون اينديون ۽ اُنهن ۾ زيگريو جو چهرو به هوندو، ٻيا ڀيانڪ ۽ خوفناڪ چهرا هڪ هڪ ٿي ڪري گُم ٿي ويندا پر زيگريو جو چهرو بيٺو ئي رهندو. هُن کي احساس ٿئي ٿو ته هُو بستري تي ويٺل آهي. لوسي جو چهرو هُن کي ويجهو آهي، اوچتو پر آهستي هُن کي لڳي ٿو ته پٿر جهڙي ڪا وزني شيءِ هُن جي پيٽ مان نڪري هُن جي نڙيءَ ۾ اچي ڦاٿي آهي، هُو تيزيءَ سان ساھ کڻڻ شروع ڪري ٿو ۽ مسڪرائڻ جي ڪوشش ڪندي لوسي ڏانهن ڏسي ٿو، ۽ پوءِ اُهي اکيون پٿرائجي وڃن ٿيون. پيٽرس مرسان جي اُنهن پٿرائجي ويل اکين ۾”خوشگورا موت“جي خوشي چمڪي رهي آهي. “
دارصل هِن ناول جو مُک ڪردار پيٽرس مرسان جو اَنت اِن ڳالهه کي واضع ڪري ٿو ته هُن جي سڄي زندگي، خوشين، دلي سُڪون، ۽ پنهنجي مرضي واري جياپي جي حاصلات لاءِ هوندي به بيقراري، اڪيلائي، ايستائين جو اُن حاصلات لاءِ انساني قتل جو انتهائي قدم کڻندي به سندس من جي مُراد پوري نٿي ٿي سگهي۔پَڇاڙيءَ ۾ مرسان جي پٿرائجي ويل اکين ۾”خوشگوار موت“جي خوشيءَ جو چمڪڻ اصل ۾ زندگي جي اپنايل سڀني مَنفي لاڙن کان آزادگي جي هڪ ڀرپور علامت آهي۔ڇاڪاڻ ته ماڻهو پنهنجي ڏکن ۽خوشين جو ڪارڻ پنهنجي اندر ۾ ڳولڻ بجاءِ ٻاهرين دنيا جي جادوگريءَ ۾ ئي دريافت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهي ٿو۔ڪاميو جو هي ناول ادب ۾ انسان جي اندروني خاليپڻي جي جهان کي بيان ڪري ٿو. ڇو ته ڪاميو ادب ۾ انسان جي اندر وسندڙ کوکلائپ جي دنيا کي اظهارڻ جي نظريئي جو باني هو. اگر ڪاميو کي سندس لکڻين جي روشنيءَ ۾ پرکيو وڃي ته ڪاميو انسان جي اندر وسندڙ دنيا سان مڪالمو ڪندڙ ليکڪ هو. مختلف نقادن هِن جي نظريي کي مخلتف اندازن سان پرکيو آهي. جيئن ڪجهه نقادن هِن کي وجودي سڏيو آهي ته ڪِن وري هِن کي انسان جي اڪيلائپ کي اظهاريندڙ ليکڪ ڪوٺيو آهي.
آخر ۾ هن ناول جي سنڌي ترجمي بابت لکڻ پڻ انتهائي ضروري ٿو سمجهان ته هن ناول جو ترجمو ٻوليءَ جي اعتبار کان ٻوليءَ جي نج پڻي جو گهرجائو آهي۔کوڙ سارا لفظ اردو ترجمي وارا جيئن جو تيئن ڏنا ويا آهن۔جن سان ترجمي جو اصل روح متاثر ٿئي ٿو۔ٻيو ته جُملن جي رواني ۽ بيهڪ تي پڻ ترجميڪار کي هڪ نظر غور سان ڏسڻ جي تمام گهڻي ضرورت هئي، ترجمو ته ڪنهن به لکڻي جي جوهر کي انتهائي نفاست سان کڻي پنهنجي ٻوليءَ ۾ ايئن سمائجڻ مِثل آهي جيئن محسوس ٿئي ته ڄڻ ليکڪ لکيو ئي ويهي اُن ٻوليءَ ۾ آهي۔ٻيو ته”البرٽ ڪاميو جي لکڻين کي ترجمو ڪرڻ لاءِ ان جي ويڳاڻپ، وجوديت ۽ زندگيءَ جي بي معنيٰ هجڻ واري نظريئي جي باقاعدي ڄاڻ هجڻ پڻ ضروري آهي. “
26/4/20